محمد اسماعيل عرساڻي
سکر سيئي ڏينهن
يارهين وارو مهينو، ربيع الاخر کي چئبو آهي، تنهن ۾ هالن پراڻن
۾ ميلو لڳندو هو، مائٽ پنهنجي ٻارڙن کي اهي ميلا
گهمائڻ وٺي ويندا هئا..... ماڻهو جڏهن قبرستان وٽ
پهچندا هئا ته عقيدت وچان اُٺ توڙي ڪنهن سواريءَ
تان لهي پوندا هئا، ۽ ٿورو اُتي ترسي ختمو بخشيندا
هئا....... ماڻهو يارهين يا خاص مهيني محرم ۽
رمضان ۾ قبرستان ۾ به ويندا هئا ۽ پنهنجي بزرگن جي
قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيندا هئا. اگربتيون
ٻاريندا هئا. پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئا ۽ ڪڪريون
يا پٿريون کڻي رکندا هئا.
ٻيلن ڀرسان رهندڙ قبيلا توڙي ماڻو ٻيلي ۾ مال چاري ان تي گذران
ڪندا هئا........ سنڌي ماڻهو، سيد يا عرب جي
موجودگيءَ کي پنهنجي لاءِ برڪت جو باعث سمجهندا
هئا. عرب پار جي ڪانگل جي عزت ڪرڻ سعادت سمجهندا
هئا......... پڙهيل ماڻهن کي اڻ پڙهيل يا عام
ماڻهن وٽ سڪون محسوس ڪونه ٿيندو هو..... اڳي رواج
هوندو هو ته جيڪو پٽ يا اولاد ربيع الاول يعني عرس
جي مهيني ۾ ڄمندو هو، تنهنجو نالو عرس رکبو هو يا
کيس عرس سڏيو ويندو هو......... ماڻهو نياڻيءَ کي
ڏاج ۾ حال سارو ڏيج ڏيندا هئا ۽ ورلي ورثي ۾ ملڪيت
جايون به ڏيندا هئا. ڪارڙا ميمڻ جيڪي ميرن جي
زماني ۾ فوجي هوندا هئا، تن کي زمينون پڻ مليل
هيون........ تعليم ابتدائي طور قرآن شريف، سنڌي ۽
ٿورڙي فارسي ڏني ويندي هئي.
هالا نون جون، سُوسيون، گربيون ۽ ٻيو چيڪ جو هٿ جو اُڻيل ڪپڙو
جو عام طرح – حيدرآباد جا عامل، ديوان ۽ ٻيا
پائيندا هئا. هندو پتلون ۽ پاجامن لاءِ ڪم آڻيندا
هئا. گڏوگڏ ڇُريل چانديون، اجرڪ، بافتو، ۽ ململ
وغيره پائيندا هئا......... تڏهن هالن ۾ ريل ڪانه
هئي. حيدرآباد اچڻ لاءِ ٽي اسٽيشنون هونديون هيون.
شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ اڏيرو لعل....... هالن جا
واپاري حيدرآباد ۾ سُوسيون، گربيون ۽ چيڪ نيڪال
ڪري اُتان بافتو ململ وغيره خريد ڪندا
هئا......... تڏهن ڪميٽي امتحان ڏيڻو پوندو هو،
جنهن کي پوءِ فائنل چيو ويندو هو. جڏهن حيدرآباد ۾
تپيداري اسڪول نه هوندو هو، تڏهن سڌو سنئون سفارش
تي تپيداري نوڪري ملي ويندي هئي.
رواج موجب شاديون بدي تي ٿينديون هيون..... اسان جي چاچي جي
جيڪا ڄڃ هالن کان شهدادپور اسٽيشن تي آئي، تنهن ۾
پندرهن کان ويهه ڪجاوا ۽ ٻيا مهيري اٺ قطاريل هئا.
تنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر مان شاديءَ ڪرڻ وڏي
ڳالهه سمجهيو ويندو هو......... جڏهن پهريون پُٽ
ٿيندو هو ته شُڪراني جا شادمانا ڪيا ويندا هئا.
مهمانن کي دعوت ڏيئي گهرائي ماني کارائي ويندي
هئي. ناچڻيون گهرائي مٿن گهور ڪئي ويندي هئي.
هاڻوڪي نورمحمد اسڪول، کي تنهن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيو
ويندو هو...... چوٿين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيڻ
تي سرڪاري اسڪالرشپ ملندي هئي. ايستائين جو بي. اي
تائين اسڪالرشپ پڻ ملندي هئي......... تنهن دور ۾
ڪمشنر جا درٻار به ٿيندا هئا، جيڪو هڪ وڏو اعزاز
سمجهيو ويندو هو...... فارسيءَ جو به گهڻو واهپو
هو ۽ ماڻهو ديوان حافظ گهڻو پڙهندا هئا........
وڏا جاگيردار، خاص ماڻهن کي زمين بنا ڍل به ڏيندا
هئا.
هالا شهر ويجهو علي گنج يا پاهڙ واهه هوندو هو، جتي گهاٽ تي غسل
لاءِ مرد توڙي عورتن لاءِ چاڙهيون ٺهيل هونديون
هيون. جتي عام ماڻهو وهنجندا به هئا ته ڪپڙا لٽا
به ڌوئيندا هئا. ننڍي وهي وارا ڇوڪرا ۽ جوان پاڻي
۾ ترندا ۽ ڏاهيءَ راند ڪندا هئا.
زمين تي نار چاڙهيا ويندا هئا، جن جا پڙوها پڪين سرن سان اوساري
ٿيل هوندا هئا، انهن نارن تي انبن جا ڪجهه وڻ ۽
گيدوڙيون بيٺل هونديون هيون.اسان وٽ اٺ، ڏاند،
ڳئون، مينهون ۽ هرڻين جهڙيون بريون ٻڪريون ۽ ٻيو
مال گهڻو هوندو هو. جن لاءِ مستقل طور ڪڙ ۽ منهن
ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ وڏا ڪونار پڪيءَ طرح بند ٿيل
هوندا هئا. گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه وڏا مٽ زمين ۾ کتل
هونداهئا. جن ۾ کڙ پسايو ويندو هو ۽ مٽرن جي ڏاري
ڪڪڙن پُسائڻ لاءِ وڏا ڀاري ٺڪر جا ڪونار هوندا
هئا. جن ۾ ڇاڻ ۽ چونو ۽ ڪڪڙن سان گڏ ڏارو پسايو
ويندو هو........... ٻه همراهه ته رڳو مال جي ڪُتر
لاءِ مقررهونداهئا. تنهن وقت اڃا ڪُتر جون هٿ
واريون مشينون رائج نه ٿيون هيون. تنهنڪري ڪُتر
جا، مڻين منهن لڳندي هئي.
ڏاندن لاءِ ٻاجهري جي اٽي جا ٿلها روٽ اڌ ڪچا اڌ پڪا پچايا
ويندا هئا. جن ۾ آڱرين سان سوراخ ڪري ڄانڀي جو تيل
وڌو ويندو هو. ٻئي پاسي ٻٻرن جا چيچڪا ۽ پَلڙا،
جيڪا پڻ مال لاءِ هڪ طاقتمند خوراڪ سمجهي ويندي
هئي، سا هميشه موجود رکي ويندي هئي. ڇنَن ۽ مَنهن
سان لڳ هڪ لانڍي ٺهيل هوندي هئي جيڪا اوطاق طور ڪم
آندي ويندي هئي ۽ ان کي هڪ ڏاڪائون درجو هو. اندر
هڪ طرف ٻه ٽي منجا ۽ پنج ڇهه منجيون پيل هونديون
هيون ته ٻئي پاسي مٽرن جي ڏاري بُوسي ۽ ڪڪڙن جون
ڳوڻيون حفاظت سان رکيل هونديون هيون ۽ کڙ جون
ناريون هڪ ٻئي مٿان مناري جيان اونڌيون رکيل ڏسڻ ۾
اينديون هيون. آئي وئي يار سنگتيءَ سان ڪچهري اتي
ٿيندي هئي ۽ مانيءَ ٽڪيءَ جي آڌرڀاءُ ۽ آرام لاءِ
اها ئي هوادار لانڍي هئي، جيڪا هاڻوڪي بنگلن کان
به وڌ رونق بخشيندي هئي.
ماهئي مال لاءِ هڪ سانُ، ڳائي مال لاءِ سانُ ڍڳو ۽ اوٺي مال
لاءِ چانگو ۽ گهوڙين لاءِ هڪ مَڪڙو گهوڙو به رکبو
هو. امير ماڻهن وٽ چڙهي لاءِ گهوڙا هوندا هئا،
تپيدارن وٽ به گهوڙا هوندا هئا......... جڏهن ته
مخدوم صاحبن کان هڪ گهوڙو خليفن کي مليل هوندو
هو........ هرهڪ جانور لاءِ جدا جدا ڪُڙهيون ٺهيل
هونديون هيون. گهوڙن ۽ گهوڙين لاءِ هڪ هاري سيس
طور مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پهريداري جو فرض به
بجا آڻيندو هو. گڏوگڏ بابا سائين، مخدوم صاحب جن
کان هميشه ٻه شڪاري ڪتا، جيڪي سندن لوڌ جا هوند
هئا، خاص عنايت طور وٺندو هو، نه ته لوڌ جو ڪتو
ڪوبه امير ماڻهو ڪنهن کي نه ڏيندو هو. جو اهڙا ڪتا
نهايت قيمتي هوندا هئا ۽ هرهڪ ڪتو ڏهن پهريدارن جي
برابر هوندو هو.
نارن تي مينهن جا پاڏا ۽ وڇون هڪ طرف، ته ڳئن جا گابا ۽ گابيون
ٻئي پاسي، ٻڪرين جا ڇيلا ۽ ڇيليون ٽئين طرف، اُٺن
جا گونرا ۽ گونريون چوٿين طرف، ته گھوڙن جا وڇيرا
۽ وڇيريون پنجين طرف، مينهون اهڙيون ته ڀليون
هونديون هيون، جو اهي ٻنهي مهلن تي اڌ اڌ مڻ کير
ڏينديون هيون، ڳئون ڏهه ٻارهن سير کير ۽ ٻڪريون
چار پنج سير. شام جو ڏهائي ٿيندي هئي ته ساڙهن جي
گوهن جي گھوگھو لڳي ويندي هئي. اميرن جو مڻين
مينهن جو کير ٿيندو هو. جو هاري ناري هڪ پاسي
پيئندا هئا، گھر ۾ روزانو ساڙها ڀرجي جدا ايندا
هئا. ته مارڪيٽ م وڪري لاءِ الڳ موڪليو ويندو هو.
کير ڀٽارو ڪافي انداز م ڄمايو ويندو هو ۽ صبح جو
مايون هارياڻيون اسان جي گھرن ۾ اچي اهي ولوڙنديون
هيون ۽ جنڊي چڙهيل منڌيون، جن ۾ ڪوڏين ڀريل ٽؤنر
پيا لٽڪندا هئا، تن جي ولوڙڻ جو آواز ڏاڍو ڪنن، دل
۽ دماغ کي پيو سيبائيندو هو. اوڙو پاڙو، غريب
غربو، اوکي سوکي ۾ ڏڌ گھرندو هو، ته کيس ڪشاده دلي
سان دکيون ڀري ڏنيون وينديون هيون. ٻارن وارين
غريب عورتن کي دُڪي لاءِ مکڻ مفت ڏنو ويندو هو.
جڏهن مکڻ جا ڀريل ڪنگر گڏ ٿيندا هئا، تڏهن اهو مکڻ
تپائي گيهه ڪيو ويندو هو.............. ۽ وسلڻ جي
کائڻ لاءِ سڀ پاڙي جا ٻار اچي گڏ ٿيندا هئا، جي
کائي چڙهه ڪندا هئا.
زميندارن کي ڀلن وهٽن ڌارڻ جو نهايت گھڻو شوق هو. لاڏو اٺ،
ڦُٽيون ۽ ٻيلي مان ڪاٺيون ڍوئيندا هئا ۽ نارن م
وهندا هئا ته مهري اُٺ سواري لاءِ رکيا ويندا هئا.
جن لاءِ مير جت اوٺي خاص مقرر هوندا هئا. اُٺن جا
ساز؛ جهڙوڪ لاڏو اُٺن لاءِ پلڻ ۽ ڪجاوا ۽ مهري
اُٺن جا پاکڙا، جھلون، نتُون (نتون) ۽ ٻيو گاشي جو
سامان ۽ اُٺن جي ڳچي ۾ ٻڌڻ لاءِ چاندي جون ڳانيون
هونديون هيون. گھوڙائن وهٽن لاءِ نَل، ٿڙها، هَنا
۽ ٻيو ساز هوندا هئا. اهو سامان اڪثر ڪري پٿوري جي
ميلي تان خريد ڪيو ويندو هو. ڏاندن کي پيتلي
ٽليون، ٻڪرين کي لوهي چڙيون ۽ مينهن ڀٽارين کي ڳچي
۾ گھنڊلا ٻڌا ويندا هئا. گھوڙن جون هڻڪارون، مينهن
ڀٽارين جون ڍِڪون، ڳئن جون رنڀون، ٻڪرين جون
ٻيڪون ۽ ننڍڙي مال جا ننڍڙا ڪومل آواز!! برسات
کان پوءِ جڏهن مک ۽ مڇر ٿيندو هو ته پوءِ مال
ڀٽاري جا ڪن ۽ پڇ پيا لڏندا هئا ۽ ڄاري ڀڄائڻ لاءِ
واهو يا ڀتر ۽ ٻيو سائو ڪک پن ساڙي دونهيون دکايون
وينديو هيون ۽ گھوڙاين ۽ ماهئي مال جي پٺي تي
ٽپڙيون وڌيون وينديون هيون، ته مڇرن جي چڪن کان
بچيل رهن. جڏهن پٽَن ۽ پوٺن تي چراگاه اڀري ايندا
هئا تڏهن پنهنجو مال اڪثر وسن تي به موڪليو ويندو
هو. مال جي سک لاءِ زميندارن وٽ پنهنجي هڙي به
هوندي هئي....... ۽ اڪثر ڪري وقت سرڪاري پنچري ڏيڻ
سان مال ٻيلي ۾ به موڪليو ويندو هو.
انهي زماني ۾ سال ۾ عام واهن تي رڳو خريف جو هڪ فصل ٿيندو هو.
دريا ۾ جڏهن چاڙهه ٿيندو هو، تڏهن پاڻِي پاڻ مرادو
وهي اچي واهن ۾ پوندو هو ۽ واهه وهڻ لڳندا هئا.
واهن جي وهڻ کان ٿورو وقت اڳ واهن جي کوٽائي لاءِ
ڇيڙون نڪرنديون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي حد ۾ هرڪو
کامڙين کي کاڌو کارائيندو هو. ڳڙ جي تاهري جون
ديڳون لهرائيون وينديون هيون، ۽ ڏاڍي مزيدار ٿيندي
هئي. پاڻي وهي اچڻ کان اڳ نارن چاڙهڻ جي نوبت
ايندي هئي. واڍا ڪم ۾ لڳي ويندا هئا ۽ چڪريون،
ڳاڌيون، لٺيون ۽ ڍينگا سڀ درست ٿيڻ لڳندا هئا. کپ
۽ ڊڀن جا ڍير ڳڏ ٿي ويندا هئا ۽ مالهي مالهون وٽڻ
۾ مشغول ٿي ويندا هئا، جن کي ڳڙ جو ڳرهاڙيون يا
بسريون کارايون وينديون هيون. ڪنڀار، ڪنگرن جا
گڏهه ڀري اچي لاهيندا هئا، جن کي مالهه ۾ ٻنڌڻن
سان ٻڌو ويندو هو. هَرَنَ ٻڌڻ تي به ڇيڙون ملنديون
هيون. پهريان لاهه ڪڍي پوءِ ڪنڊا ڪڙڇ ڪري ڪُهڙ
ساڙيا ويندا هئا. اڏون درست ٿينديون هيون، ٻنا ٻڌا
ويندا هئا، ٻارا ٺهندا هئا. کڙ ڀڄندا هئا. تر يا
سانهر گھمائبو هو. چرکي پوک ۽ موڪي پوک ٿيندي هئي.
ربيع يا چيٽ جي فصل ۾، سيلابي زمين آباد ڪئي ويندي
هئي، جيڪا درياءِ جي چاڙهه سبب درياءِ ٻوڙيندو هو
۽ ان ۾ ڪافي سيلاب رهندو هو ۽ اتي ڪڻڪ، مٽر، مـڱ ۽
چڻا نهايت ڀلا ٿيندا هئا...... اهو فصل ناڙي تي
ڪيو ويندو هو، ۽ ناڙي هڪ ڏينهن ۾ ڪئي ويندي هئي،
جنهن تي پڻ ڇيڙ وهندي هئي ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون
هڪ طرف لاٿيون وينديون هيون ته ڳڙهاڙيون ٻئي پاسي
پچائي ڪم وارن همرائن کي کارائبيون هيون.
جن ماڻهن جون زمينون پاهڙ واهه جي پرينءَ ڀر هونديون هيون، تن
کي جڏهن واهه وهي ايندو هو، تڏهن کين يا ته هالن
جي سرڪاري آفيس واري موري کان ڦري وڃڻو پوندو هو،
جيڪو پنڌ سهنجو ٿيندو هو، يا ته نارن جي سامهون
واهه جي آرپار هڪ ڪاٺي رکائي ويندي هئي، جيڪا چڱي
طرح گهڙائي تختي جيان سڌي ڪئي ويندي هئي ۽ واهه جي
ٻنهي پاسن کان اُڀيون ڪاٺيون کوڙي تن ۾ هڪ نوڙ ٻڌو
ويندو هو، ته ڪاٺيءَ تان لنگهڻ مهل ان جو سهارو
وٺي لنگهجي. هاري ناري توڙي ٻار ٻڍا سڀ انهيءَ
ڪاٺيءَ جو استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته واهن جي پيٽ
جي ويڪر ۾ مهاڻا مڇيون پڻ ماريندا هئا، جتان رڇ ۽
ڄرڪا، گندڻ، ڇيلري مڇي ۽ کڳا يا رڙا ڦاسندا هئا.
مهاڻا لئيءَ جا لڪڻ سيخن جيان گهڙي ان ۾ رڙا چيري
سيخ تي چاڙهي پچائي زميندارن جي پٽن کي کارائيندا
به هئا. تازا رڙا پچڻ بعد نهايت لذيذ ٿيندا هئا.
زميندارن جا ٻار يا عام ٻار نارن تي ضررو گهمڻ ويندا هئا. جيڪي
گادي تي ويهندا هئا، کين ڏاڍو لُطف ايندو هو. نارن
جو رينگٽ هڪ عجيب سرور پيدا ڪندو هو. ٻار شرارتون
به ڪندا هئا. اهي ڪتر جي لانڍيءَ ۾ سائو گاهه مُٺ
۾ جهلي، اڏيءَ تي رکي، ڪُتر جي ڪهاڙي سان جيئن
ڪُتر ڪرڻ جو شوق پليندا هئا، ورلي پنهنجي آڱر يا
هٿ وڍائي ويهندا هئا. مون سان به هڪ ڀيري ايئن
ٿيو، جو آڱر وڍجڻ سان هڪ پاسي آڱر مان رت پيئي
ريلا ڪري وهيو، ته ٻئي پاسي چاچا سائين مون کي چڱي
خاص مار به ڪڍي هئي........ ٻار اڏن ۾ وهنجندا به
هئا.
هالا ۽ ڀرپاسي واري جُوءِ وچولي هئڻ ڪري اتي ڪوبه ساريال فصل
ڪونه پوکبو هو. چانور يا ته ڍوري ناري مان گهرائبا
هئا، جتي مخدوم صاحبن جا وڏا وڏا زميندار مريد
هوندا هئا، يا ته لاڙ مان کورواهي چانور ڪجهه
موتيا ۽ ڪجهه رتڙيا گهرائيندا هئا. البت گهوگهاري
جا سڳداسي چانور مقامي خريد ڪبا هئا. ربيع يا چيٽ
۾ ڪڻڪ ۽ خريف يا ڪتيءَ ۾ ٻاجهري، اڇي جوئر ۽ ڳاڙهي
جوئر پوکبي هئي، جنهن مان چڱي اُپت ٿيندي هئي. خاص
طور اُپت ڪجهه اڇي فصلن يعني ڦُٽين مان ٿيندي هئي،
جنهن جي پوک اناج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪبي هئي. مٺي ڳني
جي کائڻ لاءِ ڪجهه ٻارا ڪماندڙي جا پوکيا ويندا
هئا. باقي وونئڻن پوکڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو.
هڪ ته زمين ڀلي هوندي هئي، ٻيو چڱي طرح ڪمايل
هوندي هئي. تنهنڪري اناج توڙي ڦُٽين جا فصل بلڪل
ڀلا ٿيندا هئا ۽ ڪڻي مان ڪاسو ٿي پوندو هو. گُڏ
ڪرڻ جو ڪم اڪثر مايون ڪنديون هيون ۽ لاباري ۽
ڦُٽين جي چونڊي ۾ به اڪثريت ماين جي هوندي هئي.
جڏهن پوک نسرندي هئي ۽ سنگن ۾ داڻا ڀربا هئا، تڏهن
پيها اڏيا ويندا هئا ۽ مٽيءَ جا پنوڙا آڻي انهن
مان ڳوڙها ٺاهي سُڪائي کانڀاڻين وسيلي جهار هڪلڻ ۾
استعمال ڪبا هئا. ٻوڙي پکيءَ واري جهار البته
اهنجي هوندي هئي، جنهن کي ڊيڄاري ڀڄائڻ لاءِ کٽون
ٺهرايون وينديون هيون، جن ۾ سجادي جو پوڇڙو هوندو
هو، جنهن مان اهڙو ته ٺڪاءَ نڪرندو هو، جو سارو
جهنگل ٻُري ويندو هو.
جڏهن اناج جي پوک پچي راس ٿيندي هئي، تڏهن لابارن جا سعيا ٿيندا
هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا لاهيارا اچي مڙندا هئا. سنگن
ميڙڻ لاءِ پٽ اڇو ڪري ٻاريون ۽ کرا تيار ڪبا هئا،
جتي اوطاق لاءِ لانڍيون ٺاهبيون هيون. جن ۾ همراهه
حفاظت لاءِ رهائبا هئا. هلرون ٻڌڻ وقت عجيب نظارو
هوندو هو. هارين جي هلر تي ”هلي ملي“ جي هونگار
واقعي عجيب هوندي هئي. هلرن جو ڪم پورو ٿيندو هو،
ته ان اڇو ڪرڻ لاءِ وائرڻ جو دور شروع ٿيندو هو.
خاص قسم جا وڏا ڇڄ جن کي گاگڙا چيو ويندو هو، تن
جي ذريعي وائر شروع ٿيندي هئي. ان هڪ پاسي ته تُهه
ٻئي طرف، انبار لڳي ويندا هئا. ان گولائي ۾
ساٿاري رکبو هو ۽ چوڌاري ٺپو لڳائبو هو، متان ٻار
مان ان چوري ٿي وڃي. پوءِ حجام، ڪنڀار، ڌوٻي، واڍو
۽ مڱڻهار، جيڪي اسان جا آهتي هوندا هئا، سي آهت
وٺڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. ان جي ماپ پاٽين ۽ ٽوين
سان ڪبي هئي ۽ هي سڀئي پنهنجو آهت وٺي کلي خوش ٿي
دعائون ڪندا هئا. فقير فقري ۽ پير مرشد جو حصو ڪڍي
۽ پنهنجي کاڌي ۽ ٻج لاءِ ان رکي، باقي اناج نيڪال
ڪيو ويندو هو، جيڪو واڻيا ڌڙوائي، ٻار تي اچي توري
تڪي ڳوڻيون ڀري سبي يا ٽُنبي کڻائي ويندا هئا.
ڦُٽين جي چونڊي وقت، مايون جيترون چونڊون ڪنديون هيون، ان جي
حصي رسد روڪڙن پئسن جي ڀيٽ ۾ ڦُٽيون وٺنديون هيون،
جي شام جو ڪانڀي ۾ وجهي پنهنجي ڪکن ڏانهن موٽنديون
هيون. ۽ روزانو ايئن ڪيو ويندو هو......... ڦُٽين
جا اڪثر ڪري ٽي چونڊا ٿيندا هئا. جڏهن چونڊا ختم
ٿي ڦُٽيون کري تي گڏ ڪبيون هيون، تڏهن انهن جا
گراهڪ، جيڪي اڪثر هندو هوندا هئا، سي ڌڙواين،
ڪانٽن، برڪين يا پنڊن سميت اچي منهن ڪڍندا هئا.
اگهه پار اڳيئي نبريل هوندا هئا. ڦُٽين جي تور ۽
برڪين جو ڀرجڻ شروع ٿي ويندو هو. ڌڙواين جا آواز
هي برڪت، هي ٻه، هي ٽي وغيره ڌڙي ڌڙي تي سُريلا
آواز هڪ عجيب غريب نماءُ پيدا ڪري ڇڏيندا هئا،
ڪَتل ورهائي ويندي هئي جيڪا سڀيئي چاهه چس سان
کائيندا هئا.
زميندار يا جاگيردار جڏهن پيدائش جي وڪري جا پئسا گهر ۾ آڻيندو
هئو، تڏهن چانديءَ جي رپين ۽ گينين جون ننڍڙيون
کاريون ڀرجي اينديون هيون. گنيءَ جي قيمت تڏهن،
شايد 1920ع ڌاري، تيرهن کان پندرهن رپيا تائين
هئي. هڪ هڪ خاندان کي سونيون ساهيون ۽ ٻيا چاندي
جا زيور ميسر هوندا هئا. روڪڙ ۽ زيورن جي بچاءُ
لاءِ ٽجوڙيون وٺبيون هيون. اسان ڳري ٽجوڙي ٽنڊي
آدم مان خريد ڪئي هئي. تڏهن ٽجوڙيون ڪن جزوي ماڻهن
وٽ هونديون هيون. جڏهن ڪو ماڻهو ٽجوڙي وٺندو هو،
ته شهر يا ڳوٺ ۾ چوٻول مچي ويندو هو. ته فلاڻي وٽ
خزانن جا کوهه آهن، جنهن وٽ ٽجوڙي هوندي هئي، سو
شاهوڪارن ۾ ليکبو هو.
نارن جا ڏهاڙا ايندا هئا ته منهن مٿان ڪدو ۽ سنڌي ساين تورين
جون وليون ڇانئجي وينديون هيون ۽ انهن جي سبز ساون
پتن ۽ پيلن گلن سان منهن معطر ٿي ويندا هئا. ڪدوءَ
جي هرهڪ قسم جو ٻج پوکبو هو. کائڻ جا ڪدو، ميربحرن
جي تنبن لاءِ ڪدو، ڳائيندڙن جي يڪتارن لاءِ ڪدو،
جوڳين جي مرلين لاءِ تنبون، ستنامين ۽ سوامين جي
لوٽين لاءِ تنبون، مطلب ته گول ۽ ڊگها ڪدو گهڻا
پوکيا ويندا هئا. تورين مان ڪي ٻيجارن لاءِ ڇڏيون
وينديون هيون، جن جي خش ٿي وڃڻ کان پوءِ منجهانئن
ٻج ڪڍي باقي ٺلهن کوکن مان گهوڙن جي صفائي لاءِ
کرکرا ٺاهيا ويندا هئا. سستائيءَ جو زمانو هو،
ڪنهن کي کائڻ کان جهل پل ڪانه هئي. هرڪو گهرُج آهر
توريون توڙي ڪدو پٽي هليو ويندو هو...... اڏن جي
ڪپرن سان ڀينڊيون لڳايون وينديون هيون ۽ وچ وچ ۾
چونئرن جون ڦريون جن کي رانها به چيو وڃي ٿو، تن
جا ٻوٽا لڳايا ويندا هئا، جن مان خوب ڍَوَ ڪندا
هئا. اوٺي گوار جا ته ڪجهه ٻارا وهٽن لاءِ خاص
رکايا ويندا هئا، باقي ڪاڇڻ گوار جيڪا کائڻ لاءِ
مخصوص هوندي هئي، تن جا ٻوڙا اڪثر اڏن جي ڪپن سان
لڳايا ويندا هئا.
اسان جي ٻني ڏکڻ طرف کان علي گنج واهه وٽان نارن کان شروع ٿي،
اُڀرندي ۾ ڊپٽيءَ جي باغ، جانورن جي اسپتال ۽ منزل
گاهه طرف هوندي هئي، ۽ اُلهندي طرف هُڙي هوندي
هئي.
جڏهن ڀربي هئي، تڏهن ان جي اُٿل سبب ڪنارن واري
زمين سيراب ٿيندي هئي، جنهن ۾ آرائين جي پوک ڪئي
ويندي هئي. آرائين ۾ گدرا، ڇاهيون، ونگا ۽ ميها
پوکيا ويندا هئا. ٻنيءَ جو ڪو ٽڪر خاص پتائي گجرن
۽ لاهوري گجرن لاءِ مخصوص ڪيو ويندو هو. ڪولهي،
ڀيل هاري خاص طرح ڀاڄين ۽ تماڪ پوکڻ ۾ ماهر سمجهيا
ويندا هئا، تنهنڪري انهن پوکن لاءِ سندن خدمتون
حاصل ڪيون وينديون هيون. ڀاڄين ۾ ساوا مرچ، واڱڻ،
ٿوم، بصر، ميٿي، پالڪ، چُوڪو ڌاڻا ۽ پن گوبيون ۽
ڦل گوبيون پوکبيون هيون. تماڪ جڏهن تيار ٿيندو هو
تڏهن اهي ساڳيا واڻيا هاري ايندا هئا، جي تماڪ
وڍي، پن خشڪ ڪري پنهنجي انداز ۾ اچي پنڊيون ڀريندا
هئا، جي آراضيءَ طرفان گهرايون وينديون هيون. تماڪ
مان اُپت به چڱي ٿيندي هئي ۽ ڪمين ڪارين کي به
چُلم ڇڪڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. ٻه ٽي پنڊيون ان مقصد
سان خاص گهر ۾ سال لاءِ رکائبيون هيون ۽ باقي تمام
نيڪال ڪبو هو. تڏهن ٻيڙي ڇڪڻ جو رواج گهٽ هو ۽ جتي
ڪٿي چلم نظر ايندي هئي. مهتن جي دڪانن تي، مسلمانن
جي اوطاقن ۾ ۽ گهرن ۾ چلم جو چرچو هوندو هو.....
گڏوگڏ سوالي موالي به تماڪ جي کوٽيءَ لاءِ سوال
ڪندو هو، جنهن کي خالي نه ڇڏيو ويندو هو. |