سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :30

درٻار جو تڪلف ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي. هڪ ملاقات جي دوران مون سان چار- پنج ڀيرا ساڳين لفظن ۾ خوش خير عافيت ڪندا هئا. جنهن وقت آءٌ ڪرسي تان اٿندو هيس، ته سڀ اڀا ٿي بيهندا هئا، تيستائين بيٺا هوندا هئا، جيستائين آئون نه ويهندو هوس.

ولي محمد خان ۽ سيد اسماعيل شاهه جي سنڌ جي درٻار ۾ خاص اهميت آهي...... هنن ٻنهي کي سرڪار وٽان وڏيون پگهارون ملنديون آهن. ۽ هنن لاءِ پالڪيون ۽ حمال مقرر ٿيل آهن، جيڪا عزت ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن به رعيتي ماڻهو کي حاصل نه آهي.

مير، خود نواب ولي محمد لغاريءَ کي سنڌ جو وزير ڪري سڏيندا آهن. ميرن جي حڪومت ۾ ٽالپر گهراڻي جي ڀاتين کان پوءِ، ’نواب‘ کي هڪ اهم شخص ڪري سمجهڻ گهرجي. هو پاڻ هڪ بااثر قبيلي جو فرد آهي، جنهن هاڻوڪن حاڪمن جي سرفرازيءَ ۾ ميدانِ جنگ ۾ پاڻ موکيو هو. هو هميشه سندن وفادار ۽ ڪارائتو خادم ٿي رهيو آهي. هن ۾ نه رڳو سندس مالڪن جو پورو پورو ويساهه آهي، پر هن کي عام ماڻهن جي عزت ۽ محبت به حاصل آهي، جيڪا ڳالهه هڪ خودمختيار حڪومت ۾ غيرمعمولي آهي. هو حڪومت جي اندروني ڪاروبار ۾، ميرن جو صلاحڪار آهي. هن کي ايتري قوت آهي، جو هو پنهنجي تدبير ۽ نرمي سان درٻار جي ظلم ۽ زبردستي جي تشدد کي گهٽائي سگهي ۽ هو اهڙو موقعو هٿن مان ڪڏهن ڪين وڃائيندو آهي.

هن پوڙهي ۽ معتبر بزرگ کي پنهنجي مالڪن جي ڀلائي جي اوني سيکاريو آهي، ته انگريز سرڪار سان دوستاڻا ناتا رکڻ ضروري آهن. ميرن مون کي هن جي صلاح تي دعوت ڏيئي، پاڻ وٽ گهرايو ۽ رهايو هو. ولي محمد خان چڱو خاصو ستر ورهين جي ڄمار جو هوندو...... جيڪڏهن هو گذاري ويو ته مير هڪ وفادار خادم ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ مهربان محافظ وڃائيندا. هن جو پٽ ٽيهن ورهين جو عياش جوان آهي، جنهن ۾ پيءُ جي ڪابه وصف ڪانه آهي، نواب هڪ چڱي پايي جو شاعر آهي......... هو سنڌ ۾ هڪ وڏو فاضل سمجهيو ويندو آهي. هن ڪيترن مرضن جي علاج تي هڪ ننڍڙو رسالو پڻ لکيو آهي، جيڪو مير مراد عليءَ جي نالي پٺيان سڏبو آهي ۽ مير صاحب ان تي فخر ڪندو آهي.

مير اسماعيل شاهه سرڪار جو پرڏيهي مامرن جو صلاحڪار آهي. جيئن نواب ولي محمد خان گهرو مامرن جو صلاحڪار اٿن. مير اسماعيل شاهه کي نواب ولي محمد کان پوءِ ٻئي نمبر تي عزت ڏيندا آهن. مير، هن جو سيد هجڻ ڪري به احترام ڪندا آهن. گڏوگڏ هنن کي اهو خيال ويٺل آهي ته هو نهايت داناءُ ۽ آزمودگار آهي. هن جو پيءُ ايراني هو، جيڪو اٽڪل پنجاهه ورهيه اڳ سنڌ ۾ لڏي اچي ويٺو هو. هو آخري ڪلهوڙا حڪمرانن وٽ حڪيم جي حيثيت ۾ نوڪري ڪندو هو. تنهن کانپوءِ هو ميرن جو طرفدار ٿيو، جن کيس پنهنجي نوڪري ۾ رکيو. اسماعيل شاهه کي 1820ع ۾ بمبئيءَ سفير ڪري موڪليو ويو... هو وفادار دوست نه آهي ۽ انگريزن جي بلڪل فائدي ۾ نه آهي. اسماعيل شاهه شڪل شبيهه ۾ معتبر آهي ۽ اُٿڻ ويهڻ جو ڍنگ اٿس. هو اٽڪل پنجاهه ورهين جو ٿيندو. هو البت خودپسند آهي، ۽ ڏيکاريندو آهي ته عام ماڻهن جي زبان يعني سنڌي کان اڻڄاڻ آهي. هو فارسيءَ کان سواءِ ٻيءَ زبان ۾ نه ڳالهائيندو آهي، ۽ نه ٻُڌندو آهي. هن کي ورلي ڪابل جي درٻار ۾ موڪليو ويندو آهي..... هو منصوبي بازي ۽ بهاني سازيءَ جو آئين ۾ ڀڙ آهي.... هن کي ڪيترائي پٽ آهن، جن کي حڪومت ۾ وڏا وڏا عهدا مليل آهن. انهن مان هڪڙو تازو سفير ٿي بمبئيءَ ويوهو، ۽ ٻيو شڪارپور ۾ ميرن جو عيوضي آهي. هو پاڻ يارهن سئو رپيا ماهانو، حڪيم جي حيثيت ۾ کڻندو آهي. حيدرآباد ۾ اهو وڏي ۾ وڏي پگهار وارو عهدو آهي، پر مير هن جي نسخن تي گهڻو ڌيان ڪونه ڏيندا آهن.

اهي ٻئي وزير پاڻ کي حڪمت جا ماهر ۽ حاذق حڪيم ڪري سمجهندا آهن. ٻيئي مصنف آهن ۽ پنهنجن تصنيفن تي فخر اٿن... ميرن، اسماعيل شاهه کي وظيفو ڏنو آهي، ۽ نواب کي شهرت...... ميرن جو ولي محمد ۾ مڪمل ويساهه آهي، پر اُهي اسماعيل شاهه جي ايمانداري ۾ شڪ رکندا آهن.. نواب هڪ سنئون سڌو ۽ سخي مڙس آهي، ۽ اسماعيل شاهه هوڏي ۽ تنگ دل، رڳو پنهنجي نسب ۽ ماڻهن جي طرفداريءَ ڪري چڙهيو آهي، ۽ ولي محمد سڄي عمر جي وفاداريءَ ۽ مخلصي ڪري.

درٻار ۾ مقامي قبيلن جي سردارن کان سواءِ، درٻاري مرزا خسرو جو به درٻار ۾ خاص اثر آهي. هو اصل هڪ جرجي ٻانهو آهي، هن کي ارڙهن سال اڳ مير ڪرم علي خريد ڪيو هو. هاڻي کيس گود جو پٽ ڪري ليکيندو آهي. هو مراد علي جو لاڏلو نه آهي ۽ سياسي حيثيت ڪانه اٿس؛ جيتوڻيڪ 1823ع ۾ هو بمبئيءَ ۾ سفير هو. هو گوشي نشيني پسند ڪندو آهي. هن ڪيترا شعر لکيا آهن. جن لاءِ هو سنڌ ۾ مشهور آهي. پر اُهي شعر هن ڪرم علي ڏانهن مسنوب ڪيا آهن، جنهن کي شاعر سڏائڻ جو شوق آهي. مون هڪڙي ڏينهن مير صاحب کان سندس ڪو شعر تلوار تي لکڻ لاءِ گهريو، ته هن هڪدم مرزا خسروءَ کي گهُرايو، ۽ هن سان سُس پُس ڪري، هڪ شعر ڏنائين، جو چيائين ته سندس لکيل هو.

درٻاري مرزا باقر به هڪڙو جارجي جوان آهي، جنهن تي ڪرم عليءَ جي نظرِ عنايت آهي. محمد خان کوکر ۽ خير محمد ٺوڙهو به سردار آهن، جن تي مير صاحب جو راز آهي. مير صاحب هڪڙي موقعي تي مونکي چيو ته بهادر خان سندس پوئلڳن ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر ۽ ممتاز شخص آهي. اُهي ٻيئي بااثر قبيلن جا سردار آهن، ۽ هميشه درٻار ۾ رهن ٿا، جتي کين وڏين ذميوارين ۽ وڏين پگاهرن وارا عهدا آهن. خير محمد، مير مراد عليءَ جي خانگيءَ ڪاروباري جوعام مختيار آهي........ نواب ولي محمد جي ڀاءُ غلام الله لغاريءَ جو به درٻار ۾ چڱو اثر آهي.

منشي خوشيرام کي مير منشيءَ جي حيثيت ۾ هڪ سئو رپيا مهينو ملندو آهي. هن کي ڪو اثر ڪونه آهي. سرڪاري خط سڀ هو لکندو آهي، ۽ چون ٿا ته خطن جي ترش زبانيءَ لاءِ هوئي جوابدار آهي، هن جي غير حاضري ۾، مون ڏي جيڪي ميرن طرفان خط آيا هئا، سي سڀ هن جي لکيل خطن کان وڌيڪ خوش اخلاقي وارا هئا.

سنڌ جو سرڪاري مذهب قرآن تان ورتل آهي، ايئن عدل ۽ انصاف جو طريقو به شرعي آهي. جيڪڏهن ڌريون مسلمان هونديون آهن ته قاضي کي حڪومت خلاف شڪايتن ٻڌڻ جي اجازت نه آهي. هو سرڪاري ملازم هوندو آهي، تنهنڪري هن جي نوڪري ميرن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندي آهي.

هتي جا رهاڪو هڪ سَٻر ۽ تندرست ماڻهن جي قوم آهن. اُهي گهڻو ڪري قدآور ۽ سانوري رنگ جا آهن. جيڪي ماڻهو آرام ۽ آسائش ۾ وقت گذاريندا آهن، سي غير معمولي طور ٿلها ٿين ٿا. اهي کير گهڻو پيئندا آهن، جنهن ڪري به ٿولهه ڏانهن مائل ٿين ٿا. شهزادا، اڪثر بدن جا ويڪرا ۽ ٿلها آهن. ڪيترائي قبيلائي سردار ۽ سرڪاري ڪامورا اهڙا ٿلها آهن جو يورپي ڪرسين ۾ ڪونه ماپي سگهندا. ٿولهه وڏ – ماڻهپائيءَ جي نشاني آهي، تنهنڪري ٿلها ماڻهو سهڻا سمجهيا ويندا آهن. ڪيترا ماڻهو ڪوشش ڪري ٿلها ٿيندا آهن. ٿولهه جي نسخن جو هتي گهڻو قدر آهي...... پراڻن مقبرن کي سينگاريندا آهن...... هنن جي مشغولي شڪار ۽ تلوار بازي هوندي آهي، جنهن وسيلي اهي تلوار جي پاڻي ۽ پنهنجن ٻانهن جي ٻل جي آزمائش وٺندا آهن. اُهي بندوق سان نشان وٺڻ ۾ ڀڙ آهن، ۽ تير ڪمان هلائڻ ۾ ڏاڍا هوشيار آهن. اهي شڪار لاءِ تيرڪمان ڪم آڻيندا آهن. اهي تير سڌو نه پر ڏنگو ڇوڙيندا آهن، جنهنڪري نشان کي بان جي چُهنب نه پر پاسو لڳندو آهي. هو انهن تيرن سان ساڄي کاٻي اڏامندڙ تتر ايئن ماريندا آهن، جيئن يورپي شڪاري دونالي بندوق سان، سڀني شهزادن شڪار جي گهڻي مشق ڪئي آهي، جنهنڪري اهي بندوق ۽ ڪمانن جي استعمال ۾ ماهر آهن.

هتي جا هندو پنهنجا فيصلا حڪومت جي اختياريءَ وارن بدران پنچائتن يا امينن کان ڪرائيندا آهن.......... مقامي مسلمان قبيلا به پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن. اُهي قصاص جي سولي اصولن ۾ ويساهه رکندا آهن، ۽ مير به گهڻو ڪري هنن سان هٿ چراند نه ڪندا آهن. پر جڏهن شخصي اختلافن جو سڄي قبيلي تي اثر پوندو آهي تڏهن اُهي جبراً فيصلو ڪندا آهن. يا ڌرين جو ٺاهه ڪرائيندا آهن. آئون جڏهن حيدرآٻاد ۾ هوس، تڏهن اهڙي قسم جو هڪ شديد جهڳڙو هڪ خسيس ڳالهه تان ٿيو هو. مير صاحبن کي ان جهڳڙي ۾ دخل ڏيڻو پيو. هنن مخالف ڌرين کي منهنجي روبر درٻار ۾ گهرايو، ۽ مٿن هٿ گهمائي، کانئن واعدو ورتو ته اُهي وري هڪٻئي سان نه وڙهندا.

حيدرآباد جي قلعي جي حفاظت لاءِ سنڌي سپاهين جو هڪ ننڍڙو دستو رکيل آهي. گڏوگڏ ميرن وٽ هٿياربند سپاهي ٿورڙا آهن. ۽ اُهي به هيڻا بڇان جهڙا! پر ڪيترن قبيلن جا سردار مستقل طور درٻار ۾ رهندا آهن. اهي ڪنهن مخفي نموني ۾ ٿورن ڏينهن ۾ پنهنجي قبيلي جا ماڻهو گڏ ڪري سگهندا آهن. جيڪي هونئن پوکي راهي ۽ ٻيا رواجي ڌنڌا ڪندا آهن. چون ٿا ته انهيءَ طريقي سان سرڪار اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي. ڪيئپٽن سيٽن پنهنجي روبڪاري ۾ لکي ٿو ته. ”سنڌي سپاهيءَ کي هڪ پئسو روز ملندو آهي، جڏهن هو فوجي خدمت بجا آڻيندو آهي.“.......... پر مون ٻُڌو آهي ته گهوڙي سوارن کي ٽيهن رپين جي معقول رقم مهيني ۾ ملندي آهي.

هتي جڏهن فساد جي باهه ڀڙڪي اُٿندي آهي، تڏهن اهي جنگ جا نعرا هڻندا ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. مير صوبدار جي سازش ٻه ٽي ڏينهن مڪمل ٿيڻ ۾ ورتا هئا. جڏهن ويهه ٽيهه هزار سپاهي مخالف جهنڊن هيٺ ڀرتي ٿي ويا ۽ ٻيا ڪيترائي ايندا ٿي ويا، تڏهن مس ڌُرين ۾ ٺاهه ٿيو.......... ويڙهه جي ميدان ۾ سنڌي سپاهيءَ ۾ نظم ڪونه هوندو آهي. هن جي پگهار گهٽ آهي، ۽ ان جي ملڻ جي به پڪ ڪانه هوندي اٿس.......... اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته سنڌي سپاهي بهادر ۽ جانٺو آهي، پر هن جي ڌارين ملڪن ۾ ايڏي شهرت نه آهي، جيتري سنڌ ۾ اٿس.... ميرن جي لشڪر ۾ ملڪ جي هر ڀاڱي جا ڪرايي تي حاصل ڪيل ماڻهو هوندا آهن، ۽ کين هر قسم جون پوشاڪون پيل هونديون آهن. سنڌي فوج ۾ اڪثر بلوچستان جا سپاهي شامل هوندا آهن، انهن مان هڪڙو رندن جو قبيلو آهي، ٽالپر به پاڻ کي رند سڏائيندا آهن.

ميرن جي ڪُڙهه کان سواءِ ٻئي هنڌ ڀلا گهوڙا نظر ڪونه ٿا اچن. مير هر سال عاليشان گهوڙا خريد ڪندا آهن..... ميرن وٽ سُٺن گهوڙن کان سواءِ ڪيترا اعليٰ نسل جا ڪتا به هوندا آهن، جيڪي اهي اتر وارن ملڪن مان گهرائيندا آهن........... هتي ڪيترائي وڏا مضبوط خچر پڻ ڏٺا ويا.

حيدرآباد جو شهر ڪچين ڀونگين جو هڪ ردي ڍير آهي، جنهن کي نه پناهه آهي، ۽ نه نزاڪت ۽ نه آسائش واريون جايون آهن،  ميرن جو قلعو جنهن تي هو فخر ڪندا آهن، ۽ جيڪو ٽڪري جي چوٽي تي ٺهيل آهي، سو به پڪين سرن جي هڪ اڍنگي عمارت آهي. ان جون سرون آهستي آهستي ڳرنديون ٿيون وڃن. اهو قلعو هڪ منظم فوج جي عملي اڳيان هڪ ڪلاڪ به ڌڪ جهلي نه سگهندو......... پر انهي ڏس ۾ ناٿن ڪرو جو چوڻ آهي: قلعي جي ڪوٽ کي هڪ وڏي ڀت آهي، ۽ منجهس هڪ وڏو قلعو آهي، جنهن تي ڪجهه ڳريون توبون رکيل آهن. ڀت سنهي آهي، پر اندران مٽي جو اونهو ڀراءُ اٿس. ڪجهه مٽي اصلوڪي آهي ۽ ڪجهه هٿرادو پيل آهي. ان ڪري ديوار ۾ رخنو وجهڻ مشڪل آهي. قلعو سمورو سرن جو ٺهيل ۽ ٿلهو آهي. ان جي شڪل گول آهي، ۽ سو والن کان وڌيڪ ويڪر نه اٿس. ڪوٽ کي هڪڙي پاسي کان سڪل کاهي ۽ ٻئي پاسي کان هيٺاهين زمين آهي. ديوار جي ماپ اٽڪل مُنو ميل ٿيندي. ان ۾ توبن رکڻ لاءِ ڳٿا ٿورا آهن ۽ مورچا وغيره ڪونه اٿس. قلعي جي شڪل مستطيل نموني جي آهي، ۽ اهو هڪ ڊگهي ۽ سوڙهي ٽڪري جي هڪ ڪنڊ تي ٺهيل آهي، جيڪا سڀني پاسن کان اُڀي آهي. ٽڪري جي آسپاس واري ايراضي، سنڌو نديءَ جو هڪ ٻيٽ آهي، ان جي موڪر ڇهه يا اٺ ميل ۽ ڊيگهه ويهه يا ٽيهه ميل ٿيندي. اها ايراضي آباد ۽ زرخيز آهي، ۽ آبڪلاڻي ۾ پاڻي جي اُٿل هيٺ ايندي آهي.

جنوريءَ جي شروع ڌاري، مير مراد عليءَ جي صحت بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي هئي، پر مير مون کي حيدرآباد ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا........... مون کي کُڙڪ پئي ته کين مون کي هميشه لاءِ پاڻ وٽ رهائڻ جو ارادو هو.

 جنوري جي 21 تاريخ، آئون ميرن جي درٻار ۾ پويون ڀيرو ويس. موڪلاڻي ٻنهي طرفان ڏک ڀري هئي........ مون سندن مهمان نوازي ۽ عزت جا ٿورا مڃيا......... مون سان گڏ سندن ڪيترائي مکيه عملدار پنجن ميلن جي مفاصلي تائين درياءَ جي طرف هليا. انهن ۾ منهنجو پراڻو دوست ولي محمد به هو. هن موڪلائڻ وقت مون کي پنهنجو ديوان ڏنو. گڏوگڏ هن ڪيتريون ڪمائتيون شيون منهنجي مسافري لاءِ منهنجي سامان سان گڏ موڪليون هيون.(12)

 اليگزينڊر برنس

 حيدرآباد: سنڌ جي راڄڌاني

 

18- مئي 1831ع تي صبح جو اسان حيدرآباد سامهون وڃي لنگر هنيا. هيءُ شهر سنڌوءَ کان پنج ميل پري آهي. هتي ٺٽي جي طرف کان ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي. جنهن جي مدد سان درياهه جي اوڀارو ٽي ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اسان حيدرآباد پهتاسون. مٿان مٽي جو وسڪارو سهڻ کان ٻاهر هو. سنڌ جو هي ڀاڱو ڏاڍو مشهور آهي. سنڌ جي ميرن هن علائقي ۾ شڪار واسطي ٻيلا رکي ڀلي زمين کي غيرآباد ڪري ڇڏيو آهي. درياهه جون ڪنڌيون پاڻي جي سڌي سنئين آهن. شڪار لاءِ رکيل ٻيلن ۾ رتم ٻوٽو سنهون جهنگ ۽ ننڍي قد وارو ٻٻر جام ٿئي ٿو. ڀلي زمين هجڻ ڪري اهي سڀ چُهچ ساوا پيا ڏسبا آهن. اسان هڪ يا ٻن اُٺن وارا ڪيترا نار ڏٺا، جيڪي شڪار گاهن ۾ ٺاهيل تلائن کي پاڻي سان ڀري رهيا هئا. ڇو ته تن ڏينهن سنڌ جي اميرن ۽ سندس مائٽن شڪار ڪرڻ جو پروگرام رٿيوهو. اهي تلاءَ پاڻي سان انڪري ڀريا پئي ويا، جو جهنگ ۾ اڃايل هرڻ پاڻي پيئڻ واسطي انهن تلائن تي ايندا ۽ تلائن جي ڀرپاسي ۾ ٺاهيل کڏن ۾ ويهي هرڻن جو شڪار ڪيو ويندو. اهڙي ريت هرڻن سان گڏ غريب رعايا به ميرن جي هٿان شڪار ٿيندي آهي.

اسان جي رسڻ کان هڪدم پوءِ راڄڌاني وٽ خيريت سان پهچڻ ڪري، مير مراد علي ۽ سندس خاندان طرفان موڪليل چار وفد اسانکي واڌايون ڏيڻ آيا. انهن وفدن برطانيا سرڪار سان مضبوط دوستي ۽ عزت جو اظهارڪيو. سڀني کي مناسب جواب ڏيئي کين واپس روانو ڪيم.

شام جو اسان کي حيدرآباد ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ رهنمائي ڪئي وئي ۽ ٽنڊي ولي محمد ۾ سنڌ جي وزير نواب ولي محمد جي گهر ڀرسان اسان کي لاٿو ويو. نواب ولي محمد جي غير حاضري ۾ سندس پٽ کي اسان جو مهماندار مقرر ڪيو ويو هو. اسان جا تنبو وغيره به ان جاءِ تي هنيا ويا. اسان جي هر قسم جي کاڌي خوراڪ سان مهمانوازي ڪئي وئي. اهو اندازو لڳائڻ ڄڻ مشڪل ٿي پيو، ته اسان اهي ساڳيا ماڻهو آهيون، جن کي کائڻ پيئڻ لاءِ هر شئي جي اڻاٺ ۽ تنگي هئي ۽ سنڌ جي ڪناري سان گهڻي وقت کان پئي ڍومائون کاڌيونسين ۽ هاڻي انهن ساڳين ميرن جا معزز مهمان آهيون. ننڍا وڏا اسان جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهن. خان، سيد، چوبدرا، ۽ نوڪر بلڪ هر قسم جا ماڻهو اسان لاءِ قاصد جو ڪم ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت اسان جي تعظيم ۽ تڪريم ڪندي رات گذري چڪي هئي. ساڳي قسم جي نياپي واسطي، حجم، پاڻياري ويندي وزيراعظم تائين مختلف ماڻهو پئي آيا ۽ ويا.

درٻار ۾ به اسان جي آجياڻي واسطي به معقول بندوبست ڪيو ويو هو. پر ان ۾ به سنڌي خاصيت واري مهمانوازي شامل هئي. درٻار ۾ وڃڻ لاءِ ايندڙ شام مقرر ڪئي وئي هئي. اسان جو مهماندار باک ڦُٽي جو اچي پهتو ۽ اسان کي ان وقت شاهي محلات ڏانهن هلڻ لاءِ چيائين. مون کانئس سڄي ساري بندوبست جو پڇيو، پر هن منهنجي ڳالهه کي لاپرواهي سان ٽاري ڇڏيو. وڏي نوڙت ۽ نياز سان فصيح ۽ بليغ زبان ۾ پنهنجي مالڪ جي ان ڪري واکاڻ ڪرڻ لڳو، جو هن کين ملاقات جو ايڏو سوير شرف بخشي وڏو احسان ڪيو آهي. نه ته ٻين ملڪن جا وڪيل ۽ نمائندا هفتن جا هفتا پيا سڪندا آهن، مون خان کي ٻڌايو ته سندس مالڪ جي ايتري سويري ملاقات جي شرف بخشڻ کي مان ٻئي نموني سان ڏسان ٿو، ته اها اسان جي مٿان مير جي مهرباني ڪانه آهي، پر هو برطانوي حڪومت جي ڪنهن به گماشتي کي ڪنهن به وقت گهُرائڻ ۾ پنهن اڏ وڏائي سمجهي ٿو. منهنجي وراڻي ٻڌي خان ماٺ ٿي ويو. گهڙيءَ کن کان پوءِ هو اٿي هليو ويو. هُن ۽ درٻار ڏانهن هلڻ واسطي هر هر زور ڀرڻ لاءِ هڪ قاصد موڪلي معافي گهُري، جنهن سندس بيان مطابق غلط فهمي پيدا ڪري وڌي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org