سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :7

شيخ محمود معروف به شاهه سيستان قادري: حضرت پير دستگير عليه الرحمته جو حقيقي پوٽو مشهور آهي. آڳاٽي زماني ۾ سندس مزار درياهه جي پرينءَ ڀر هوندي هئي ۽ ڪوبه هن جي قبي ۾ اندر نه وڃي سگهندو هو. گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ انهي زمين کي پاڻي پائي ويو ۽ سندس لاش ٻي زمين ۾ جيڪا اڄ جو درياهه جو وچ آهي. کڻي آيا، اُتي پڻ خلق الله سندس زيات لاءِ ايندي هئي ۽ سڀ ماڻهو ڪٽهڙي کان ٻاهران زيارت ڪندا هئا. ٽيون ڀيرو، جڏهن پاڻي جي اٿل آئي؛ تڏهن نئين سر انهي جاءِ تي دفنايائون جتي اڄ آرامي آهن. انهي کانپوءِ سندس زيارت عام آهي ۽ ڪٽهڙي ۾ اندر وڃڻ پڻ مقرر ٿي ويو آهي. سندس ڪرامتون قديم الايام کان ارادتمندن جون ڏنل آهن ۽ قلم يا خيال انهن کي احاطي ڪرڻ کان عاجز آهي. هاڻي مير محمد زمان رضوي وڏن کان ورثي طور انهيءَ درگاهه خلائق پناهه جو گادي نشين مقرر آهي. نهايت بزرگ ۽ تمام ڪامل شخص آهي.

شاهه هاشم رضوي: اُتي پهريائين اهو آيو. هن وقت جي رضوي سيدن جو ڏاڏو بزرگوار آهي. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي. هن کان اٽڪل ٽيهه ۽ ڪي سال اڳ پاڻي جي اُٿل ڪري سندس لاش ٻين سيدن جي لاش سان گڏ، اصلوڪيءَ جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا، جيڪي معتبر ماڻهو انهي ڪامل جي لاش سان گڏ هئا، تن کان روايت آهي ته باوجود هن جي، جو مٿئين سيد جي وفات کي ٻه سئو ويهه سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو. هڪ انگورن جو ڇڳو تازو پڪل ۽ ڪي نباتن جا داڻا پڻ سندس ساڄي پاسي جي هيٺيان لڌائون، جيڪي مريدن پاڻ ۾ ورهائي کاڌا. ٻيون ڪرامتون انهيءَ مان سمجهڻ گهُرجن.

سيد عبدالله ۽ سيد عبدالرزاق: پيءُ ۽ پُٽ ٻئي شهيد آهن. چون ٿا ته شهيد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجا سر کڻي اچي دفن ٿيڻ واري جاءِ وٽ پهتا. ماڻهن ڏسي کين دفن ڪيو. ٻنهي بزرگن جي درگاهه عام مخلوق جي زيارتگاهه ۽ عرضدارن لاءِ مشڪل ڪُشا آهي.

بي بي نور ڀري: دبه گردن جي قبيلي مان هڪ مجذوبه سالڪ، وقت جي ڪامل ۽ ثاني رابعه هئي. سندس مزار نصرپور جي بازار جي وچ ۾ مريدن لاءِ جاءِ پناهه آهي. قاضي مسعود، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي وقت ۾ جيئري هئي. وڏيون وڏيون ڪرامتون ڏيکاريندي هئي.

قاضي مسعود قريشي عثماني: ظاهري توڙي باطني علم جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ولي ۽ ڀلي ۾ ڀلو پير ٿي گذريو آهي. علم سان گڏ فقيري به هوندي هيس. سندس پُٽ حافظ حبيب الله نالي ۾ انهيءَ جو پٽ ميان عزت الله هرهڪ ڪمال جو صاحب هو. هن وقت ميان عزت الله جو ڀائيٽو محمد يار نالي توفيق ڀريو انسان آهي.

جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ سيد نور الله، شاهه نجم الدين، غلام حيدر شاهه، شاهه غياث الدين ولد شاهه نورالله، شاهه وجه الدين، سيد بزرگ، سيد يار محمد رضوي، مير محمد شاڪر رضوي، سيد محمد ظهير ولد سيد سلطان رضوي، مير محمد صديق، شاهه عنايت الله، سيد احمد عرف شاهه غوري، ميان عبدالقدوس، شيخ تودهن دمياري، مخدوم سينهرو، سيد محمد غوث، سيد قادر شاهه بخاري، سيد عنايت الله، قاضي حاجي، قاضي عبدالوهاب، قاضي مير محمد، قاضي مخدوم عبدالرحمان، مخدوم محمد اڪرم، ميان مدني، قاضي عبدالرحمان ثاني، قاضي روح الله، مخدوم ميان ميدنه، ميان عبدالله، ميان نور محمد طالب علم، ميان احمد عطائي مخدوم حاجي هارون شاهه هاشم رضوي ثاني، پير ورو ۽ احمد شاهه شامل آهن.

ڀاڻوٺ

درويش حسن مقري: اصل واڍو هو. دل جي ڦرهيءَ کي صفائي  جي رَندي سان لسو ڪري، چٽي، سينگاريو هئائين. چون ٿا ته هڪ طهار تخانو هوندو هئس، ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهي ۾ ويندو هو، تڏهن بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن جو هڪ مائٽ ڊکڻ سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاقاً درويش طهارتخاني ۾ وضو لاءِ ويل هو. هن اندر وڃي ڏٺو ته درويش ٽُڪر ٽُڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪونئرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ٻئي ڏينهن جو ٻپهري تائين بيهوش ٿيو پيو هو. ڪنهن کي به هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين ته: شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟

هڪ ڏينهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوتي سندس زيارت لاءِ آيو، ۽ جيئن سواري جو ڍڳو ٻاهر ٻڌي هن جي حاضري ۾ آيو، ته خادمن ٻڌايس ته ستن ڏينهن کان درويش وضوءَ خاني ۾ ويل آهي. اُهو ٻڌي حيران ٿيو. ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس ته ست ڏينهن فرض الله جا وڃايا اٿيئي. فرمايائين ته: تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه، هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟ اتفاقاً مخدوم کي اچي ٻُڌايائون ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍي ڳولها کان پوءِ ڍڳو لهي، پنهنجيءَ جاءِ تي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين.

مٽياري

هڪ ناليرو شهر عالي نسب سيد جي رهڻ جو هنڌ آهي. هتي جا سيد سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن ۽ جدا جدا جاين تي رهن ٿا. انهن مان اڪثر معرفت جا صاحب بزرگ پيدا ٿيا آهن. جيئن اڳين بيانن ۽ ايندڙ بيانن مان واضح ٿئي ٿو.

سيد حيدر: پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ولي، کليل نشانين ۽ ظاهري ڪرامتن جو صاحب هو. کيس گهڻي اولاد هئي، جيڪا خانداني نجابت ۽ نسب جي پاڪائي ۾ مشهور آهي. انهن مان ڪيترا ته جدا جدا جاين جي مناسب تي بيان ٿي آيا آهن. هن شهر جي رهندڙن سيدن غيره مان ڪي ٿورا نالا تبرڪا رسم طور بيان ڪجن ٿا.

سيد رڪن الدين: ساڳئي سڳوري خاندان يعني مٿئين سيدن جي گهراڻي جي باغ جو پنهنجي وقت جو مشهور گل هو. انهيءَ کان ئي روايت آهي جو چيو هئائين: ته تيرن جي بٺي ڀريون ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان. ڪن جي ڪنن کان ۽ ڪن جي مُنهن کان نڪرندا ٿا وڃن، پر ڪنهن کي سڌو تير ڪونه ٿو لڳي جو ڪري پوي. هي تير جنهن کي به لڳندو ته اهڙو ڪرندو جو وري نه اُٿندو.

سيد لالڻ: سيد عاليءَ  جو پٽ سيد لالڻ ڪمال ۽ عمدي حال جو صاحب پيدا ٿيو. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن سندس معصوم ڀيڻ کي اچي خيال پيدا ٿيو ته اسان جي نسب جي صحت جي ڪهڙي ثابتي آهي؟ ۽ اها ڳالهه پنهنجي ڀاءُ سان ڪيائين. هن چيس ته مان توکي دلجاءِ ڏياريندس. رات جو حضرت پيغمبر عليه السلام  جي زيارت سان مشرق ٿي. ۽ اشارو ٿيس ته صبح جو توهان جي نسب  جي صحيح هجڻ جي نشاني توهان کي پاڻيهي اچي ملندي. اتفاقاً صبح جو ميان عبدالباقي واعظ ڏندڻ ۽ درود حاضري کڻي اچي دروازي تي سڏ ڪري چيو ته : توهان جي ڏاڏي مون کي هي توهان جي نسب جي صحيح هجڻ جي نشاني عطا فرمائي، توهان جي خدمت ۾ پهچائڻ جو حڪم ڪيو آهي.

چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد هن کي نهايت نيزاريءَ سان زيارت لاءِ گهرائي نادر شاهه جي آمد وغيره جهڙيون اڳڪٿيون کانئس معلوم ڪيون. مٿئين شاهه صاحب اُتان موٽي اچي فرمايو: مشهوري اسان جو مقصد نه هئي، هاڻي هن فسادخاني مان لڏڻ ڀلو آهي. ۽ جلد ئي گذاري ويو. جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ سيد للو، سيد عالي، سيد شهمير، ميان عبدالباقي واعظ ۽ ميان عبدالبقا شامل آهن.

ناياهو

نيرون ڪوٽ جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. هتي جي بزرگن ۾ درويش بادو مشهور آهي. هي مخدوم نوح جو مريد آهي. چون ٿا ته جڏهن پهريائين مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، تڏهن فرمايائينس ته چئو: لا اِلله اِلا الله مُحمّد رَسُول الله. ڪلمه طيب پڙهڻ سان، جيئن مڇي تَئي تي ڦٿڪندي آهي، تيئن ڦٿڪڻ لڳو. نيٺ ڏڪي ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ مُردي جيان زمين تي سڌو ٿي پئجي رهيو. مخدوم جي حُڪم تي کيس حُجري ۾ کڻي ويا، جتي ٽي ڏينهن بيخبر پيو هو- پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو.

جهيجا

شيخ طاهر: هن وليءَ جي ذات گرامي وقت جي عجائبات مان هئي ۽ هو عجيب نموني سان رهندو هو. هندو کيس لال اُڏيرو ۽ مسلمان شيخ طاهر سڏيندا آهن. بهرحال هڪ معتبر کان نقل آهي ته هي حقيقت جي شراب جو سرمست، پهريائين جهنگل ۾ گذاريندو هو هڪ ڏينهن کائڻ لاءِ ڪجهه پاٻيون هٿ ۾ هيس ته اوچتو هڪ اُٺ وڳ مان ٽهي اچي شيخ جي جهوپڙي وٽ پهتو جيئن ته الله پاڪ جي بيمثال ذات جو جلوو مخلوقات جي هر فرد ۾ موجود آهي، تنهنڪري شيخ به انهي اُٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي چيو ته : اي الله جنهن صورت  ۾ هن مسڪين تي احسان ڪيو اٿيئي تنهن صورت ۾ جيڪو حال حاضر آهي سو کائڻ گهرجي. اُٺ ٽٺل هو سو ڪونه بيٺو ۽ هي منٿون ڪندي سندس پويان ڊوڙڻ مان وڃي، انهيءَ مرتبي کي پهتو، جو سندس شهر دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هن جي رحلت کان پوءِ سندس درگاهه خلق الله جي زيارت گاهه آهي گهٽين ۽ سيرن ۾ گهُمنديون وتنديون آهن. لال اُڏيري جي نالي تي جيڪو به کين نچڻ لاءِ زور ڀريندو آهي، ته مڙسن يا ٻين عزيزن جي موجود هوندي به هو انهيءَ کان انڪار نه ڪنديون آهن. ڏسڻ شرط آهي نه ٻُڌڻ.

مير محمد منعم: اُتي جو رهاڪو سيدن مان مير محمد منعم زمينداري جي دولت جو مالڪ ۽ وڏي طاقت وارو مهمان نوازي، سخا ۽ بخشش جي ذريعي، سڀ ڪنهن آئي وئي جي خوشي جو گهورو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف انسان ٿي گذريو آهي. سندس فرزند سيد اسدالله پڻ پيءُ جو يادگار ٿي گذريو آهي. اباڻين خوبين ۾ هو پيءُ کان به وڌيڪ مشهور معروف هو.

کيبر

درويش نوح کيبرائي: ڌنارپ تي گُذر ڪندو هو، ۽ ڪرامت ۽ حال جو صاحب هو. حديقة الاولياء ۾ لکيل آهي ته جڏهن شيخ حماد جماليءَ جي تصوف سان ڄام تماچي دهلي کان ٿي آيو جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن هن (درويش نوح) کيس کيبرن جي ڳو‎ٺ ۾ ٻڌايو هو ته ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچي نالي پڙهو گهمي رهيو آهي، حالانڪ اهو ڄام جوڻي جو وقت هو.

بڪيرا

نصرپور کان ٽي ڪوهه اورتي ٺٽي ڏانهن هڪ سڳورو ڳوٺ آهي.

شيخ فاضل شاهه قريشي: شيخ فاضل شاهه قريشي، بڪيرا جي رهاڪن مان، قطب الاقطاب شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي اولاد مان، هڪ هزار کان مٿي ڪي سال گذريا هوندا، جو سنڌ ۾ آيو هو ۽ اچي مٿئين ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. نهايت ڪامل بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو وڏيرو هو.

چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ مخدوم نوح رحمته الله عليه جي خادمن پراڻ جي ڪناري واري  آمري جي ڳو‎ٺ تي جا الله جي قدرت سان هڪ متبرڪ جاءِ آهي، جيئن ته اُتي جي هڪ وڻ جي پاڙ ۾ دري جهڙو هڪ سوراخ ٺهيل آهي، ۽ پاڪ دل انسان کان سواءِ ٻئي جو انهي مان لنگهڻ ناممڪن آهي. اهو شيخ بهاوالدين ملتاني جو يادگار آهي ۽ قديم الايام کان هن سلسلي جي فقيرن جو اُتي ميلو ٿيندو هو، پر پوءِ اُتي زبردستي قبضو ٿيو ۽ شيخ جي مريدن جي اُتي ڪابه دست اندازي نه رهي. جنهنڪري خادمن جي هڪ جماعت ملتان وڃي انهي قطب القطاب (شيخ بهاوالدين) جي روضي تي آمري جي دستوري ميلي جي قبضي لاءِ التجا ڪئي ۽ کين الهام ٿيو ته عنقريب اسان جي اولاد مان هڪ ماڻهو اُتي پهچي اها جاءِ توهان جي قبضي ۾ ڏياريندو. انهي موجب جلد ئي شيخ بهاوالدين ملتاني عليه الرحمته جي اولاد مان هڪ بزرگ شيخ شهرالله انهي جاءِ تي آيو.

شيخ شهر الله: شيخ فاضل الله کي نياڻي کان سواءِ ٻي اولاد ڪانه هئي تنهنڪري انهي بزرگوار شاندار ڪرامتون ۽ کليل نشانيون ڏيکاري، آمري واري جاءِ، اصلوڪي دستور موجب، پنهنجي پير جي سلسلي جي مريدن جي حوالي ۾ ڏياري. کين شاهه سراج الدين ۽ شاهه الدين نالي ٻه فرزند ڄاوا ، قائم الدين شاهه کي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.

شاهه سراج الدين: شاهه سراج الدين ڪافي پيري مريدي پيدا ڪري بادشاهه جي درٻار ۾ ڏاڍي عزت حاصل ڪئي. شاهه عنايت الله صوفيءَ سان جهوڪ ۾ جنگ جي شروعات هن ڪئي هئي. هو انهن  ڏينهن دهلي ۾ هو کيس ٻه فرزند پيدا ٿيا: فاضل شاهه ۽ مهر شاهه.

ڪاتيار

نصر پور جي سماواتي پرڳڻي جي جهونن ڳوٺن مان آهي. شيخ ڀرڪيو جکو ولد شاهو ڪاتيار: هي مخدوم اسحاق هالائي جي پٽن مخدوم احمد ۽ محمد همعصر هو. ابتدا ۾ سخت رياضتون ڪيون هئائين چون ٿا ته هڪ ڀيري سورهن سالن کان پوءِ روزو کوليو هئائين. سارو سيارو هڪ چادر پهري درياء جي ڪناري تي ويندو هو ۽ غصل ڪري آلي چادر ۾ نماز کي لڳي ويندو هو جڏهن چادر سڪندي هئي ته وري نئين سر غصل ڪري اها ئي آلي چادر ڍڪي نماز ۾ مشغول ٿيندو هو ساري رات وري وري غصل ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ ۾ جاڳي گذاريندو هو اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ سارو وقت سج جي هيٺيان رڻ پٽ ۾ گذاريندو هو جتي ڪابه هوا آخر رستي سندس بدن جي سڄي کل لهي ويئي هئي چون ٿا ته هڪ ماڻهو ساڻس گڏ چلي ۾ ويٺو هو شيخ لاءِ روزاني هڪ وڏي بُسري پچائيندا هئا، جا کائيندو هو ۽ هو ٻيو ماڻهو بک ڪڍندو رهندو هو گلا خور ماڻهن کڻي هن ڳالهه کي ورتو. چلي ختم ٿيڻ کانپوءِ چاليهه ئي مانيون جيڪي کاڌيون هئائين سي ڪنهن کوٽ بنا ڪڍي کڻي انهن ماڻهن جي اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته جيڪو کاڌو اٿم سو اجهو هي آهي مجلس ۾ موجود سڀني ماڻهن انهن مانين مان کاڌو.

هڪ ڏينهن شيخ وٽ هڪ ماڻهوءَ اچي چيو ته : زال وڃائي اٿم،  خبر ناهي مري ويئي يا گُم آهي. سندس ننڍا ٻار بيقرار آهن. شيخ هڪ نوڪر کي فرمايو ته: هن ماڻهو جي زال وٺي اچ. هو دروازي کان ٻاهر نڪري حيران ٿي بيهي رهيو. شيخ هڪل ڪري چيو ته :اڳتي وڃ .خادم اڳتي ويندو رهيو، نيٺ رات پئجي ويئي .جيڪا به وک ٿي رکيائين ته ايئن ٿي ڀانئس ڄڻ ڏاڪڻ تان هيٺ لهي رهيو هجي نيٺ هلندي هلندي زمين  پنهنجي مٿي جي مٿان ڏسڻ ۾ آيس.اوچتو سندس نظر هڪ اهڙي شاهاڻي درٻار تي وڃي پيئي جنهن ۾ قسمين قسمين تنبو ۽ فرش فروش هئا اُتي هڪ شخص ، شاهاڻي لباس پهريل، ويٺل ڏٺائين ۽ ڪيترا مرد ۽ زالون سندس اڳيان قيد ٿيا پيا هئا. مٿئين خادم پنهنجي پير جي پاران انهي عورت جي آزاد لاءِ عرض ڪيو. جواب مليس ته هن عورت نذر جي ادائي ۾ غفلت ڪئي آهي، سان ڪانه ڇٽندي. خادم واپس اچي شيخ جي خدمت ۾ احوال عرض ڪيو. شيخ هڪدم انهي عورت جي مڙس کي ساڻ وٺي، ساڳئي دستور اتي پهتو. ضائفان جي گهڻي ئي گهر ڪيائين پر جواب ڪونه مليس. تنهن تي انهي زال جي مڙس کي چيائين ته: تون پنهنجي زال کي وٺ. هو زال وٺي هليو ويو. اهو حال ڏسي مريد انهي بزرگ کي چيو ته هي ماڻهو عورت کي بنا اجازت ورتيو ٿا وڃن. فرمايائين: خدا جو مجذوب ۽ عشق جو مست آيو آهي. جيڪڏهن سڀني کي وٺي ويندو ته به ڪين ڪُڇندس.

هيءُ عجيب نقل عارف با الله سيد عبد الڪريم جي زبانان رسالي بيان العارفين ۽ تنبيہ الغافلين ۾ بيان ٿيل آهي ۽ ٻڌايل آهي ته اهو بزرگ جناب پير دستگير عليه الرحمة هو. کيس چيائون ته: سبب ماڻهو شيخ بهاوالدين ملتاني جا مريد آهن. پر تون نه آهين سو ڇو؟ اهو ٻڌي هڪدم کير جو پيالو هٿ ۾ کڻي زمين ۾ ٽٻي هنيائين ۽ گھڙي ۾ وڃي ملتان کان نڪتو سجاده نشين بزرگ پنهنجي گھر واري سان خلوت ۾ ويٺو هو ته هن وڃي کير جو پيالو اڳيان رکيو. فرمايائين ته: ادب ڌار ڪٿان آيو آهين؟ چيائين ته: اکيون ٻي پاسي اٿم. پوءِ هٿ ڏيئي بيعت ڪري زمين ۾ ٽٻي هڻي هڪدم اچي ان مجلس ۾ نڪتو جتان ويو هو. اچي چيائين ته هاڻي شيخ کي هٿ ۾ ڏيئي آيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org