سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :34

 مهمان جيڪڏهن بوٽ لاهڻ لاءِ هٿ وڌائيندو هو ته ان جي بوٽ لاهڻ لاءِ ٻيا هٿ وڌي ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته مشرق ۾ پاتل بوٽن سان حڪمران کي ملڻ شاهي آدابن جي خلاف سمجهيو ويندو هو. ان کان پوءِ مهمان کي ان وڏي هال ڏانهن اڳواڻي ڪئي ويندي هئي، جيڪو ڪنهن ٺٺ ٺانگر واري سامان کان ماڳهين خالي هوندو هو. رڳو ترڪ نموني واري مسند ريشمي گاديلن سان ڍڪيل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. جنهن جي چوڌاري ايراني غاليچا وڇايل نظر ايندا هئا....... هتي جو حڪمران موقعي جي مناسبت سان لباس ڍڪي مسند تي ويٺل نظر ايندو هو. ٻيا مير درٻاري، امير، وزير، نواب پنهنجي پنهنجي مان ۽ مرتبي مطابق هال ۾ ويٺل هوندا هئا. جڏهن معزز مهمان ان ديوان ۾ داخل ٿيندو هو ته سندس عزت خاطر سڀ اُٿي بيهندا هئا. واري سان هرڪو مهمان کي ڀاڪر پائي ملندو هو. پوءِ ڀليڪار ۽ کيڪار جو ڊگهو دؤو شروع ٿي ويندو هو ۽ هرڪو واري وٽيءَ سان اهڙي ڏي وٺ ڪندو هو.

حڪمران پاڻ يا ٻيا سردار رينهن جوان ۽ پاڏا مڙس هئا، تن جي ڀاڪر جي ڀيڙ سهڻ به ڪن جو ڪم هوندو هو. مهمان لاءِ ڪرسيءَ جو بندوبست ضرور ڪيو ويندو هو. درٻار ۾ ڪرسي تي ويهڻ وڏي عزت جي علامت سمجهيو ويندو هو. مسند تي ويٺل حڪمران وات مان ٻُڙڪ ٻاهر مس ڪڍندا هئا ته ان جي تعميل ۾ دير ڪونه ڪندا هئا. جيڪڏهن سندن لباس ۾ ڪٿي گهنج پئجي ويندو هو ته يا ڪٿان پري هٽي ويندو هو ته ڏهه ٻارهن هٿ ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا. هر گهڙي ’بسم الله‘ جو لفظ پيو ٻڌبو هو. هر درٻاري حڪمران ڏانهن ڪن کڙا ڪيو پيو تڪيندو هو ته ڇا ٿو چوي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ دير اصل ڪونه ڪندا هئا. کيس ڪهڙو به لباس پاتل هوندو هو پر درٻاري پنهنجي ملڪ جو لباس ضرور پائيندا هئا.

ٽالپرن ۾ اهو روز جو معمول هوندو هو ته هر مير تلوار ۽ ڍال سان هٿياربند ڏسبو هو. جڏهن برطانيا سرڪار جا عملدار ساڻن ملڻ ويندا هئا ته اهي به ساڳي ريت هٿياربند ٿي ويندا هئا. مير بجار جي قتل ٿيڻ کانپوءِ انگريز سرڪار جي پهرينءَ مشن جا ماڻهو جڏهن ٽالپر سردارن سان ملڻ ويا هئا ته انهن کي ملاقات ڪرڻ کان اڳ بي هٿيار ڪيو ويو هو. ٽالپرن جي اها گذارش اهڙي هئي جيڪا مشن جي ماڻهن کي قبول ڪرڻي ئي ڪانه هئي. اوڀر وارن ماڻهن ۾ نمرتا ۽ نوڙت تمام گهڻي هوندي هئي. ان ۾ سنڌي ڪجهه اڳڀرو هئا. سنڌ جي درٻار به انهن ڳالهين کان وانجهيل ڪونه هئي. هلندي ڪچهريءَ ۾ جيڪڏهن چُپ ٿي ويندي هئي ته وڏو مير ٻانهون ٻَڌي ڏاڍي نياز ۽ نمرتا سان وري خوش خيرعافيت پُڇي ماٺ کي ختم ڪري ڇڏيندو هو. جيڪڏهن مهمان ميرن جي عملي ۽ اٽالي ڏانهن اک ڦيرائي ڏسندو ۽ جيڪڏهن اٽالي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي پتو پئجي ويندو ته مهمان واندو آهي ته هڪدم خوش خيرعافيت پڇڻ شروع ڪندو هو. مهمان کان هر هر صحت جو پُڇڻ ۽ ساهه کڻڻ جي وٿي ئي نه ڏيڻ کل جهڙي ڳالهه بڻجي پوي ٿي...... پر اُهي سوال پڇيا ڏاڍي هيٺاهينءَ، ٻاجهه، اُڪنڊ، اڪير، پيار ۽ پاٻوهه سان ويندا هئا، جو دل بهار بهار ٿي ويندي هئي.......... امير پاڻ ڪچهري ختم ڪرڻ جو اشارو ڪندو هو. اوڀر وارن ملڪن ۾ اهو رواج هو ۽ مهمان جي عزت افزائي لاءِ غاليچي جي وَٽ ڀرسان اچي کيس خدا حافظ چوندو هو.

هرهڪ مير کي پنهنجو جدا بنگلو ۽ آئي ويل لاءِ پنهنجو الڳ ديوان هوندو هو. ريت رسم موجب آدابن جو سختيءَ سان خيال رکيو ويندو هو. ننڍا مير وڏن جو گهڻو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. جڏهن ملڪ سان لاڳاپيل ڪو ڳنڀير معاملو هوندو هو ته پوءِ هڪ جاءِ تي پاڻ ۾ گڏجي صلاح مشورو ڪري هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪندا هئا. قلعي ڇڏڻ مهل ماڻهن جو ساڳيو ٽولو ٻاهر تائين ڇڏڻ ايندو هو. ڪي ماڻهو مهمان کي رهائشگاهه تائين ڇڏي ايندا هئا، ڪي وري هدايتن مطابق مقرر جاءِ وٽان موٽي ايندا هئا. روايتي ملاقاتين دوران مهمان ۽ ميزبان جي وچ ۾ سوکڙين جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پر عام رواجي ملاقات ۾ مهمان ۽ ان سان گڏ سڄي اٽالي کي مٺائي کارائي ويندي هئي، جيڪا مهمان جي اعزاز ۾ وڌيڪ تڪلف سان کومچن (خونچن) ۾ کڄي ايندي هئي. ٻاهرين ملڪن جا سفير جيترو وقت رهندا هئا، تن کي سندن اٽالي سميت کاڌو خوراڪ ڏنو ويندو هو.

هڪ عام رواجي ملاقات لاءِ سنڌين جي پراڻي نموني واري مهمان نوازي ۽ دلي آجيان پنهنجي خاص انداز واري هوندي هئي.  هن درٻار ۾ مشرقي قسم جو شان ۽ شوڪت ڪٿي نظر ڪونه ايندو هو. جهنگلي ٻروچ ۽ پگهاردار فوجي هيڏانهن جو هوڏانهن ڦرندا گهرندا پيا نظر ايندا هئا. انهن کي ڏسي مهمان کي اهو سمجهه ۾ ايندو هو، ته قديم دور جي ڪن نيم وحشي ماڻهن  جي وچ ۾ بيٺو آهي. ٽالپر سردار به ان قديم دور جا جاگيردار ٿي ڏٺا، جن کي پنهنجي جاگيرن جي انتظام ۽ بندوبست رکڻ لاءِ نيم هٿياربند فوج رکڻي پوندي هئي. اميراڻا ٻار جن کي نه اُٿڻ ويهڻ جو ڍنگ نه گفتگو ۾ فضيلت- ڳالهائيندا وڏي وات، اصلي ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ- شاهي درٻار ۾ خيردلالي به ڳالهائيندا ته به جهيڙي جهڙو، جهنگلي ڦوش ته هئا، پر پنهنجي سردار لاءِ سر تريءَ تي کنيو وتندا هئا. هر حڪم تي ٻلهار- گهر ته به گهوري ڏين. باقي ڏسڻ ۾ ايندڙ ٻاهريون مُهت ميرن کي گهٽ ڏين.

درٻار ۾ سنڌي حڪمران جي ٻنهي پاسن کان سندس ڀائر ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا هئا. کين تلوار هٿن ۾ ڍال ڪلهن تي لڙڪيل هوندي هئي ۽ هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهوڙا ته اُڻيهي سنجيل ٺهيل نظر ايندا هئا. اهي چارئي ڀائر ماني به گڏجي کائيندا هئا. رات جو مختلف جاين تي وڃي سمهڻ بدران هڪ جاءِ تي گڏجي سمهندا هئا. سمهڻ مهل بتيءَ وسائي ڇڏيندا هئا. پر مکيه لنگهه وٽ ٻريل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هر ڳالهه جو ڪارڻ ۽ نتيجو ضرور پڇا ڪندا هئا. عام ماڻهو ميرن کي ڪونه چاهيندا هئا. مير، ڪلهوڙن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا.... حڪمران مير مختلف ذاتين يا سردار جي چرپر تي ڪرڙي اک رکندا هئا، ته جيئن سندن خلاف ٿيندڙ سازش نه ٿي سگهي. واءُ سواءُ لهڻ لاءِ هر مهيني ملڪ جي مختلف پاسن ڏانهن نڪري ويندا هئا. سندن اهڙي چرپر اڳواٽ ڪنهن کي به سُڻس ڪانه هوندي هئي. اهڙيءَ ريت سندن اوچتي نڪري وڃڻ ڪري ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ رهندو هو. ڪڏهن گهوڙن تي چڙهي ته ڪڏهن وري پيرين پنڌ شڪار تي هليا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت ماڻهن جو انگ ڪڏهن ٿورو ته ڪڏهن گهڻو ساڻن هوندو هو.

درٻار ۾ هر مير وٽ پنهنجي الڳ حڪومت هئي. مير ٻئي مير جا پير ڪيئن ڪڍي يا سندس مال مڏيءَ کي پنهنجو هوڙ هيٺان ڪيئن آڻي، هرهڪ مير کي اهو اُڊڪو لڳل هوندو هو، ته ڪير ساڻس ڊوهه ڪرڻ جو ڍونگ ته نه پيو ڪري. هر مير سان گڏ پنهنجو هٿياربند اڙد هوندو هو. جڏهن راڄڌاني شڪار سانگي مُهاڙين ڏي نڪري ويندا هئا ته هرهڪ ٽالپر کي پنهنجو الڳ هٿياربند عملو هوندو هو. توڙي جو منجهن هڪٻئي تي ڪو ويساهه ڪونه هو، پر تنهن هوندي به جڏهن سندس عزت تي ڪو حملو ٿيندو هو يا ڪنهن ٻاهرئين حملي جو انومان هوندو هو ته اُهي سردار گڏجي هڪ ٿي ويندا هئا.

پرهه ڦُٽي کان وٺي ڪچي منجهند تائين ملڪي معاملا نبيريا ويندا هئا، جن ۾ درخواستن جا جواب، پئسي ڏوڪڙ جي خرچ پکي تي راءِ جو اظهار يا سرڪاري لکپڙهه جو نيڪال وغيره شامل هئا. ڪاڙهه واري وقت مير اندر حويليءَ ۾ گذاريندا هئا. سج لٿي کان پوءِ اچي پنهنجي درٻار ۾ رهندا هئا. جنهن ۾ عام ماڻهوءَ کان وٺي سرڪاري عملدار تائين سڀ ماڻهو اچي هڪ جائتا ٿيندا هئا. عام ماڻهوءَ لاءِ مير سان ملڻ جو هيءُ سٺو موقعو هوندو هو، جتي مير کي گذارش به ڪبي هئي ۽ مير زباني يا لکت ۾ مناسب حڪم به جاري ڪندو هو. اهڙي درٻار گهڻو ڪري اٺين وڳي ختم ٿي ويندي هئي....... ڪڏهن مير صاحب اهو وقت داستان گوئي کان قصا ڪهاڻيون ٻڌي وقت گذاري ڇڏيندو هو يا ڪڏهن وري شاعر يا ناچڻيون عورتون اچي وينديون هيون ۽ ناچ رنگ شروع ٿي ويندو هو. پنهنجي جسم کي چُست ۽ ڦڙت رکڻ لاءِ ميرن ۾ ڊُڪڻ ڊوڙڻ يا ورزش ڪرڻ جو رواج ڪونه هو. رڳو شڪار ڪرڻ مهل ڊُڪ ڊوڙ ڪندا هئا. ڪڏهن بزرگن جي مزارن تي ته ڪڏهن وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي مقبرن تي ويندا هئا. قلعو ته گهڻو ڪري ڇڏيندا ڪونه هئا. جڏهن ڪو ماڻهو ساڻن ملاقات ڪرڻ چاهيندو هو ته کين ملي سگهندو هو. شڪايتن جي هڪدم جاچ پڙتال ٿيندي هئي ۽ دانهن کي هڪدم ورنائبو هو. حڪمران جي حيثيت ۾ ڪڏهن به پاڻ ڏُکايل وٽ وڃي ڏک سور ڪونه ٻڌندا هئا. ترقي ۽ تعمير جي نقطي نگاهه کان ملڪ جو دورو ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل نه هو.

ميرن ۾ اجاين خرچن ڪرڻ جي ڄڻ ته هير هئي. درٻار ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي ساراهه ڪرڻ لاءِ شاعر رکندا هئا، جيڪي فردوسيءَ جي شاهه نامي جيان لافاني ڪلام جي تخليق ڪرڻ ۾ رات ڏينهن لڳا پيا هوندا هئا. اهڙيءَ ريت ’فتح نامي‘ نالي هڪ فارسي ڪتاب جوڙايو هئائون، جنهن ۾ پهرين دور جي ٽالپرن جي بهادري جا سچا ڪوڙا قصا گڏ ڪري ڪاڳر ڪارا ڪيا ويا ۽ ڪلهوڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان ڪونه مُڙيا هئا. پر پوءِ هن قسم جي حرڪت کي غير معياري سمجهي ميراڻي درٻار ۾ ان کي اهميت گهٽ ڏني وئي يا ڪنهن ٻئي هنڌ به انهيءَ بجاءِ ساراهه کي گهڻو ڪونه ورجايو ويو.

هنن ٽالپر ميرن جا، سرڪاري لکپڙهه يا دستاويزن ۾ اهڙا لقب خطاب نظر ايندا هئا، جيڪي هندستان جي وڏن ۽ آزاد حڪمرانن جا هئا، پر کين عزت واري عام سنڌي لفظ ”سائين“ سان به سڏبو هو، جيڪو ”صاحب“ جي هم معنيٰ لفظ آهي. هونءَ به اهو لفظ عام هو ۽ هر ماڻهوءَ کي مخاطب ٿيڻ مهل چئبو هو......... حيدرآباد درٻار سان لاڳاپيل ميرن ۾ مير نصير خان (ٻه پُٽ)، ٻه ڀائيٽا مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان، مير نصير خان ۽ ان جا سئوٽ، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان (ٻه پٽ) خيرپور جا مير، مير رستم خان (اٺ پٽ ۽ اٺ پوٽا) سندس ڀائيٽو نصير خان سندس ڀاءُ مبارڪ خان (چار پٽ) علي مراد خان، ۽ چاڪر خان، ميرپور جو مير شير محمد خان شامل هئا.

وزيراعظم جو انگريزن سان ورتاءُ

ٽالپر گهراڻي ۾ ابراهيم شاهه جو ڪردار به اهميت رکي ٿو. هو ايراني هو ۽ پهرين چوياريءَ دوران هتان جي حڪمران جو وزيراعظم هو. ٽالپرن کي مٿي آڻڻ ۾ هن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي ۽ سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ اسماعيل کي ساڳي وزيراعظم جي عهدي تي رکيو ويو. جنهن 1839ع ۾ وفات ڪئي. هو انگريز دشمنيءَ ۾ به چوٽ چڙهيل هوندو هو. هو مرڻ تائين سچيت ۽ سڄاڻ ماڻهو نهايت سپتائي سان پنهنجو فرض نڀائيندو رهيو........ جڏهن به ميرن ۽ برطانيا سرڪار وچ ۾ دوستاڻو ٺاهه ٿيندو هو ته سندس پهرين ڪوشش اها هوندي هئي ته اهو ٺاهه ته ٿئي ئي نه ۽ جيڪڏهن امڪان ٿي پوندو هو ته رنڊڪون رڪاوٽون به گهڻيون وجهندو هو. هڪ ڀيرو جي ”نه“ ڪري ويهندو هو ته، ”نه“ کي نَوَ ڪوٽ وري ويندا هئا. ۽ پنهنجي ڳالهه کان تر به هيٺ ڪونه لهندو هو. کيس پنج پٽ زين العابدين شاهه، تقي شاهه، صادق شاهه، ابراهيم ۽ پنجين جو نالو الائي ڇا هو. سنڌ سرڪار ۾ کين ڪاردار ڪري رکيو ويو هو ۽ ٽالپرن جي مفادن جو گهڻو خيال رکندا هئا. سندن ڌن دولت مان لڳندو هو ته کين سندن منصب موجب معاوضو ڪونه ڏنو ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org