شري راس بهاري گهوش، جنهن ٻين سان گڏ دهليءَ ۾ چاندنيءَ چوڪ تي،
1911ع ۾، وائسراءِ تي بم گولو اڇليو هو، سو 1913ع
۾، هڪ ڏينهن لاءِ مهاراجا لوڪ شرما وٽ حيدرآباد
آيل هو. ڊاڪٽر چوئٿرام جي ان سان چڱي واقفيت
ٿي..... لالا لجپتراءِ جيڪو 1913ع ۾ ڪراچي ۾ آل
انڊيا نيشنل ڪانگريس جي موقعي تي ڪراچي آيل هو،
تنهن کي دعوت ڏيئي، حيدرآباد وٺي آيو، جتي تقريرون
ڪرائي، کيس سنڌ جي گشت تي وٺي ويو، ۽ ڏکڻ آفريڪا
جي هندستانين جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪرائي
ڏنائينس........ پوءِ پنڊت مدن موهن مالويه
ڪراچيءَ آيو هو، تنهن کي به دعوت ڏيئي، حيدرآباد
آڻي تقرير ڪرايائين...... جڏهن ته مهاتما گانڌي
1916ع ۾ سنڌ جي دوري تي آيو، ۽ تنهن کي ڊاڪٽر صاحب
حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ مانتپر ڏيڻ لاءِ گڏجاڻي
ڪوٺائي....... هوڏانهن جڏهن ڪانگريس جي اڳواڻ
مهاتما گانڌيءَ طرفان رولٽ بل خلاف 30 مارچ 1919ع
تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ته انهيءَ
تاريخ تي سڄي حيدرآباد ۾ هڙتال ڪرائي وئي ۽ شام جو
عام جلسو ڪيو ويو.
ڊاڪٽر چوئٿرام کي 1920ع ۾ سنڌ صوبي جو ڪانگريس صدر چونڊيو ويو،
جنهن عهدي تي ملڪ جي ورهاڱي بعد لڏي وڃڻ تائين
قائم رهندو آيو. سڄو وقت مسٽر جيرامداس، دولترام،
ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽر گهنشامداس جي ٽمورتي ڪانگريس
جو ڪاروبار هلائيندي آئي. ان وقت کانپوءِ حيدرآباد
۾ سرڪار طرفان سختي شروع ٿي، ۽ پوليس تلاشيون وٺڻ
شروع ڪيون. پروفيسر گهنشام جو گهر، مُکي ڄيٺانند
جو بنگلو ۽ ڪوٺي، مهاراج لوڪارام ۽ وشنو شرما جو
گهر، مسٽر ڄيٺمل پرسرام جي آفيس، رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙي جو بنگلو ۽ آفيس، شيخ عبدالمجيد جي رهڻ
جي جاءِ جون تلاشيون ورتيون ويون. شيخ عبدالمجيد ۽
ڄيٺمل پرسرام جون گرفتاريون پڻ ٿيون. ”هندواسيءَ“
۾ مسٽر ڄيٺمل سرڪار تي سخت نڪته چيني ڪئي هئي،
جنهن تي مٿس ڪيس هليو ۽ سزا ملي.
جولاءِ 1920ع تي، ڊاڪٽر چوئٿرام حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو
چونڊيل ميمبر هئڻ جي حيثيت سان رٿ آندي ته سرڪار
کان اسڪولن لاءِ گرانٽ نه وٺجي، پر اها رٿ پيسي جي
کوٽ هئڻ ڪري ميمبرن بحال نه ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ان تي
ميونسپالٽيءَ کان استعيفا ڏيئي ٻاهر نڪتو. پوءِ
لوڪمانيه تلڪ جي پويان تلڪ هاءِ اسڪول کولاريائين،
۽ ان جي وسيلي شاگردن ۾ قومي اُتساهه پيدا ڪري،
آزاديءَ لاءِ روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪيائين.
1921ع ۾ ولايتي ڪپڙي جي بهشڪار لاءِ، مسٽر درگاداس آڏواڻيءَ جي
صدارت ۾، راڄنيتي ڪانفرنس گڏ ٿي، جنهن ۾ ساڌو
واسواڻيءَ چڱو اتساهه پيدا ڪيو. انهيءَ ڪانفرنس ۾
حڪومت سان قطع تعلقات ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺهيو.
ڊاڪٽر صاحب اُن ۾ مکيه حصو ورتو.
انهيءَ وقت ڌاري، مٽيارين ۾ خلافت ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي پوليس
فائرنگ ڪئي هئي. هڪ ماڻهو مارجي ويو هو، ۽ سيد
حاجي محمد نعيم الله شاهه ڦٽيو هو. انهيءَ سلسلي ۾
جانچ ڪميٽي مقرر ڪرائڻ لاءِ، ڊاڪٽر صاحب ٻين سان
گڏ ڪوشش ورتي، ۽ نيٺ بمبئي سرڪار ڪاميٽي مقرر ڪئي.
انهيءَ زماني ۾، حيدرآباد شهر ۾، چوريون ٿيڻ لڳيون هيون. ماڻهو
جڏهن پوليس ۾ رپورٽ ڏيڻ ويندا هئا، ته کين چيو
ويندو هو ته وڃي ڪانگريسين کي چئو. ان حال معلوم
ٿيڻ تي ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان، شهر جي چوڪيءَ
لاءِ ڪانگريس طرفان والنٽيئر مقرر ٿيا. ڪجهه وقت
کان پوءِ مسٽر ٽهلرام، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس، جي
ڪوشش سان، ڪانگريس سان ٺاهه ڪري، وري پوليس
نظرداري شروع ڪرڻ شروع ڪئي........ ان وقت جولاءِ
1921ع ڌاري، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ وشنو شرما تي
بغاوت جي ڏوهه ۾ ڪيس هليو، ۽ کين ٻه – ٻه سال سزا
ملي. هنن ڪيس ۾ ڪوبه بچاءُ نه ڏنو، صرف بيان ڏنا
هئائون.
1935ع ۾ حيدرآباد ۾ دادا ليکراج ”اوم منڊلي“ کولي، جنهن ۾ بيوهه
هندو عورتون شامل ڪيون وينديون هيون. هندو ڀائيبند
طبقي ۾ ان تان ناراضگيءَ پيدا ٿي، خاص طرح ساڌو
واسواڻي جي برخلافيءَ ڪري اها منڊلي ڪراچي ۾ آئي.
۽ اتي به ان جي مخالفت ٿي، ۽ ڊاڪٽر صاحب منڊليءَ
کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.
پير سيد ميان الهيار شاهه (ڄم: 8 سيپٽمبر 1886ع) سندس والد جي
وفات کانپوءِ، وڏي پٽ جي حيثيت سان، کيس سجاده
نشين جي دستار ٻڌائي ويئي...... وڏي ٿيڻ بعد، ان
وقت جي خاندان جي دستور مطابق شڪار، راڳ، ملاکڙي،
۽ خاندانن سان تعلقات نڀاهڻ ۽ دوستيون وڌائڻ طرف
توجهه ڏنو. سندس وقت تائين اڪثر درگاهن جا سجاده
نشين ملڪيت ۽ دنياوي اقتدار حاصل ڪري ويا هئا.
سلسله طريقت جو درس، ذڪر ۽ فڪر وٽانئن ختم ٿي چڪو
هو. مرشد ۽ مريد جا لاڳاپا ، دنياوي ڪم ڪار، باهمي
امداد ۽ رسمي تعلقات تي وڃي بيٺا هئا. مٽياري شهر
سارو سيدن سان ڀريو پيو هو، جن مان ڪيترا هن گهر
کان ملڪيت ۽ دنيوي طاقت ۾ وڌيڪ هئا. پر سخي صاحب
جي اولاد هئڻ ڪري، سڀيئي هن گهر جي عزت ڪندا هئا-
ايتريقدر جو جيڪڏهن هن گهر جو سجاده نشين مجلس ۾
مٿي ويٺو هوندو هو ته پاڻ هيٺ ويهڻ پسند ڪندا هئا.
مٽياريءَ جي پير صاحب ميان الهيار شاهه جي حيثيت انهيءَ دور جي
خانداني مشغلن ۾ برک ٿيڻ ڪري پيدا ٿي. هن جڏهن
شڪار طرف ڌيان ڪيو ته بهترين ڪُتن جون لوڌون
ڌاريائين. انهن سان آسپاس بلڪه مانجهندن تائين
ٻيلن ۾ شڪار ڪندو هو؛ جنهنڪري نه رڳو مڪاني شڪار
جا شوقين سندس ناماچار ٻُڌي وٽس شڪار لاءِ ايندا
هئا، بلڪ پري پري جا شڪار جا ڪوڏيا به سندس واقف
ٿي ويا. هن نه رڳو ڪُتن سان شڪار تي اڪتفا ڪئي، پر
مُهاڙيون ٻڌائي، کُڏڻا ٺهرائي، پها ڪڍائي، بندوق
سان شڪار به ڪندو هو. هڪڙي ڀيري سندس دعوت تي مون
کي به اهڙيءَ طرح شڪار ڪرڻ جو موقعو مليو هو. سندس
ٻيو مشغول راڳ هو. ان سان اهڙي دلچسپي ٿي ويس، جو
سنڌ توڙي هندستان جي مکيه گوين يا طوائفن جي راڳ
ٻُڌڻ جي خواهش هميشه هوندي هيس، جن مان ڪن کي ته
وڏن خرچن سان ڳوٺ گهرائي راڳ ٻڌندو هو، ته ڪن سان
دهلي وڃي ملاقات ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هن فن مان
کيس اهڙي واقفيت ٿي ويئي، جو سنڌ ۾ راءِ بهادر سيٺ
وشنداس، پير خدا ڏني شاهه نصرپوريءَ ۽ ٻين ڪجهه
مخصوص خاندانن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڇڊي هوندي
هئي. هرڪ راڳڻي، وڄت، تال وغيره جو کيس پورو پتو
پوندو هو.
جڏهن سئنيما نڪتي ۽ ٽاڪي (ڳالهائيندڙ) فلمون شروع ٿيون، ان وقت
”ليلا – مجنون“ فلم ڏاڍي مشهور ٿي، جنهن ۾ مس ڪجن
ليلا جو پارٽ ڪيو هو. انهيءَ جي ايڪٽنگ کان متاثر
ٿي، سندس تصوير بنگلي ۾ هڻائي ڇڏيائين.
سنڌ جي ’راندين‘ ۾ ملاکڙي کي خاص جڳهه آهي. قديم وقت کان ملاکڙا
سنڌي جريت آزمائي جا مکيه مرڪز پئي رهيا آهن. اصل
کان اڄ تائين، جتي به ملاکڙو لڳندو آهي، اُتي
هزارين تماشبين اچي ڪٺا ٿيندا آهن، جتي غريب ۽
شاهوڪار سندن همت افزائي لاءِ ملهن کي انعام ڏيندا
آهن... قديم خاندانن ۾ انهن جي همت افزائي لاءِ
چٽاڀيٽيون ٿينديون هيون. جيڪو انهن کي گهڻو پيسو
ڏيندو هو. تنهنجو نالو وڌيڪ ڳائبو هو، جيئن گهوڙن
ڊوڙائڻ جي ريس تي بازي لڳائڻ هڪ عام ڳالهه آهي، پر
گهوڙا ڌاري انهن کي ريس ۾ ڀڄارائڻ ٻي ڳالهه آهي،
تيئن ڪي ماڻهو رڳو ملاکڙن ۾ ملهن کي انعام ڏيندا
هئا، پر ڪي خاندان اهڙا به هئا، جيڪي مشهور ملهن
جي پرورش پڻ ڪندا هئا، جيڪي وٽن سدائين پيا پلبا
هئا. پوءِ هو، ميلن ملاکڙن ۾، انهيءَ خاندان جا
ملهه سڏجي مقابلو ڪندا هئا. پير ميان الهيار شاهه
به پاڻ وٽ ڪجهه ملهه رکيا هئا، جن ۾ پيرو شيديءَ ۽
بچل ٻيلائي مکيه هئا. انهيءَ طرح اتراڌي ۽ لاڙي
ملهن جي چٽاڀيٽين جو رواج پيو. پوءِ سخي هاشم شاهه
جو ميلو ابتدا ۾ رواجي نموني تي ٿيندو هو. عام
طرح، ان موقعي تي درگاهه جا مريد زيارت ڪري، ختمو
ڏيئي موٽي ويندا هئا. جئين ته هاڻ عام ماڻهو راڳ ۽
ملاکڙي جا شوقين ٿي پيا هئا. ۽ جڏهن انهيءَ موقعي
تي پير صاحب مشهور ملهن ۽ راڳيندڙن کي گهرائي،
عوام جي تفريح طبعي جو سامان ميسر ڪرڻ شروع ڪيو،
تڏهن لازمي طور ميلو به وڌي ويو. انهن موقعن تي
پير صاحب گهڻن ئي خاندانن ۽ واقف ماڻهن کي دعوتون
ڏيئي گهرائيندو هو، جنهنڪري سندس واقفن ۽ دوستن جو
دائرو به وڌندو ويو.
انهيءَ وقت ۾ هر خاندان، قبيلو يا گروهه، اقتدار پرستي جي هوس ۾
ايترو ته غلطان هو، جو انهيءَ جي سامهون ڪوبه
اخلاقي اصول يا قديم دوستانه لڳ لاڳاپن جو خيال نه
رهيو هو. هرهنڌ تي اهو مرض عام ٿي ويو هو. ان دور
۾ ميمبريون اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو شمار ڪيون
وينديون هيون. جنهن جو بنياد خودمطلبيءَ تي هو.
ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي نقطي نگاهه کان
اسيمبلين يا لوڪلبورڊن ۾ وڃڻ جو اڃا احساس پيدا
ڪونه ٿيو هو.
نورائي، ٽنڊي محمد خان جو پير ميان ڀلڻ شاهه قادري سلسله طريقت
جو پير هو، پر سنڌ جي اڪثر گادي نشينن جيان هن به
زهد ۽ تقويٰ، ورد وظائف ۽ ذڪر فڪر سان واسطو نه
رکيو. هي به، ٻين پيرن جيان، مريدن کان نذر وٺڻ ۽
سندن دنيوي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ جي ڳالهين ۾ مشغول رهيو.
مريدن جي ڪم اچڻ ۾ پير صاحب ڪارائتو ثابت ٿيو.
ڇاڪاڻ ته هن جا سنڌ جي مکيه سياستدانن سان سٺا
تعلقات هوندا هئا، جيڪي ووٽن جي لالچ ڪري سندس
مريدن جي مدد ڪندا رهندا هئا.
سندس زمين ميرن جي جاگير ۾ هئي. اڳئين وقت ۾ جڏهن ميرن طرفان
زميندارن جي مخاديمي حقن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪانه
هئي، ته معاملو ٺيڪ هلندو آيو. پر سردار بهادر مير
حسين بخش خان جي ڏينهن ۾ جڏهن زميندارن کان خوشيءَ
يا زور سان مخاديمي حق کسڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽
ٽنڊي جا مير حڪومت ۾ طاقتور بنجي ويا ۽ ڪامورا
سندن چوڻ تي مخاديمن کي ستائڻ لڳا، تڏهن هڪ گروه
مخاديمن جو، پير ڀلن شاهه جي اڳواڻيءَ هيٺ نڪري،
ميرن جي مخالفت ڪرڻ لڳو. هاري ڪميٽيءَ وارن انهيءَ
سان مدد ڪرڻ شروع ڪئي........ جڏهن ميرن جي طاقت
زور ٿي هئي ۽ ٻيا اڪثر مخاديم وڃي ميرن جي پيش پيا
هئا، تڏهن هي آخر وقت تائين سندن پيش نه پيو، ۽
مقابلو ڪندو آيو.
هي ٻين سنڌ جي مکيه پيرن جيان شڪار جو شوقين هو. وٽس عمدا ڪُتا
۽ بندوقون هونديون هيون، جن سان شڪار ڪندو رهندو
هو. ملاکڙي کي زور وٺائڻ ۾ خاص دلچسپي هيس. پنهنجي
درگاهن جي ميلن تي، پري پري کان ملهه گهرائيندو
هو. خود پاڻ وٽ به ڪي ملهه رکي، انهن جي پرورش
ڪندو هو، جهڙوڪ مور شيدي ۽ ٻيا. راڳ جو به شوقين
هو. ڪيترائي گويا ۽ طوائفون وٽس ميلي جي موقعن تي
راڳ ڳائڻ ايندا هئا......
مٽياري جو سيد ميان جيئندل شاهه ان دور جي وڏ ماڻهپيءَ ۽ اقتدار
جي سڀني صفتن سان موصوف هو. سرڪاري عملدارن سان
رهوڻي ڪري، کيس اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو هو.
ميڙن ملاکڙن تي وڏي ٺٺ سان، عمدن ڪپڙن سان، نوڪرن
جي اٽالي سان ويندو هو. اُتي ملهن ۽ راڳيندڙن کي
فراخدليءَ سان انعام ڏيندو هو..... زميني پيدائش
جام ٿيندي هيس. مهمانوازيءَ، نالي ناموس، راڳيندڙن
۽ ملهن کي نوازڻ ۽ شڪار ڪرڻ تي خوب خرچ ڪيائين.
ايتريقدر جو سندس نالو زبان زد عام ٿي ويو.
مٽيارين جي شهر ۾ مُلن جو زور هو ۽ سيدن ۾ باهمي
حسد عام هو، ان ڪري سهڻي ۽ سُٺي لباس سان نوڪرن
رکڻ ڪري مٿس نڪته چيني پيدا ٿي پيئي هئي.......
هوڏانهن خانبهادر سيد ميان حسن علي شاهه (ڄم: 1849ع) جا سرڪاري
عملدارن سان سُٺا ناتا هئس، جنهنڪري کيس گزيٽ
پروانا، آفرين ناما، لونگيون، تلوارون، سيڪنڊ ڪلاس
آنرري ماجسٽريٽي ۽ خانبهادريءَ جا خطاب مليا.
1932ع ۾ ٽکڙ جي سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
ميلي جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ
جو بنياد وڌائين. 1950ع ۾ وزير ٿيڻ تي، شاهي رستي
کان ڀٽ شاهه تائين پڪو رستو ٺهريائين ۽ ادبي
ڪانفرنس کي خوب زور وٺايائين. ڪيترو وقت شاهه لطيف
ڪلچرل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو.
1951ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي، جيڪا حيدرآباد ۾ اولڊ
ڪئمپس ۾ قائم هئي، تنهن جي حيثيت رڳو امتحانن وٺڻ
جي بورڊ واري هئي، ۽ يونيورسٽي جو بمبئي
يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيل هو، پر پوءِ جڏهن اپريل
1951ع تي علامه آءِ. آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسلريءَ جي چارج ورتائين، ته هن محنت ڪري
ان کي تعليمي يونيورسٽي بنايائين. پر پوءِ هن
پاڪستان ۾ مارشل لا اچڻ بعد جلد ئي ٻئي سال 1959ع
جي مئي مهيني ۾ وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏني.
(37) |