ٽنڊو
بهاول واقعو
وفاقي حڪومت طرفان 10 مئي 1992ع تي سڄي سنڌ ۾ آپريشن شروع ٿيو.
2 جون 1992ع تي ڄام شورو پمپنگ اسٽيشن ايريگيشن
آفيس لڳ ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ ٽنڊو بهاول
جي رهواسين کي اغوا ڪيو ويو ۽ جُڙتو مقابلو
ڄاڻائي، نون ڄڻن کي فائرنگ ڪري ماريو ويو. مارجي
ويلن ۾ منٺار چانڊيو، بهادر چانڊيو، حاجي اڪرم
چانڊيو، حملو ڪولهي، جاويد خاصخيلي، غلام مصطفيٰ
بروهي، ڌڻي بخش ٻٻر، يارو خاصخيلي ۽ شفيع ڀرڳڙي
شامل هئا. جڏهن ته عثمان خاصخيلي زخمي ٿيو، جنهن
کي هڪدم حيدرآباد ڇانوڻي جي فوجي اسپتال ۾ داخل
ڪيو ويو.
وفاقي توڙي صوبائي حڪومت طرفان ٽنڊو بهاول جي مارجي ويل رهواسين
کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ’را‘ جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو.
ايستائين به ڄاڻايو ويو ته وٽانئن پرڏيهي موتمار
هٿيار ۽ هندستان جي ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
سرڪار جي پوئواري ڪندي، پاڪستان جي سمورين اخبارن،
روايتي طور تي مٿين مقتولن کي پڻ ڏوهاري ئي
ڄاڻايو. نيٺ پوءِ ٻئي ڏينهن اصل ڳالهه جي سُڌ پوڻ
تي حيدرآباد مان نڪرندڙ شام واري اخبار ”خادم وطن“
حقيقت کي وائکو ڪيو. جنهن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾
واويلا مچي وئي، ۽ نيٺ، حڪومت مجبورن غلطيءَ کي
تسليم ڪيو ۽ جاچ شروع ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا. جاچ
دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته مٿين مقتول ٽنڊي
بهاول واسين ۽ غلام نبي پٺاڻ وچ ۾ زمين جو تڪرار
هلندڙ هو. پٺاڻ ڌرين آپريشن جو فائدو وٺندي ميجر
ارشد سميت ٻين اهلڪارن جي مدد سان، اهو واقعو
ڪرايو. پوءِ ميجر ارشد سميت ٻين مکيه ماڻهن کي
گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايو ويو. عدالتي فيصلي هيٺ
ميجر ارشد (جنهن کي پوءِ ڦاسي آئي) سميت مشتاق
اعواڻ ۽ غلام نبي پٺاڻ کي ڦاسي ۽ غلام نبي
افغانيءَ کي روپوش ڄاڻائيندي عمر قيد جي سزا ڏني
وئي.
ٽنڊو بهاول جي متاثرين ٽن عورتن طرفان آپگھات
ٽنڊو بهاول واقعي ۾ مارجي ويل جاويد خاصخيليءَ جي گھر واري
پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پستول سان فائر ڪري
آپگھات ڪيو. جڏهن ته ڏوهارين کي سزا ڏيڻ ۾ اجائي
دير ۽ متاثرن سان انصاف نه ٿيڻ خلاف ٻن ڀينرن –
حاڪم زادي ۽ زيب النساء چانڊيو -11 سيپٽمبر 1996ع
تي جي.او. آر ڪالونيءِ ۾ دهشتگردي روڪٿام واري
عدالت سامهون پاڻ تي پيٽرول هاري، پاڻ ساڙي
آپگھات ڪيو.
آرائين بلڊنگ جو حادثو
12 جون 1996ع تي، مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ڦول گھٽيءَ سامهون،اسر ويل
آرائين بلڊنگ ڌماڪي سان اچي پٽ پئي. جڳھ ڪرڻ سبب
عورتن ، ٻارڙن توڙي مردن سميت 22 ماڻهو مارجي
ويا ۽ ٽيهن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. چيو وڃِي ٿو ،
ته هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل خاندانن
کي ان جگھ جا مختلف حصا الاٽ ڪري ڏنا ويا هئا.
ڪجھ عرصي گذرڻ کانپوءِ ڪجھ خاندانن ان بلڊنگ کي
ڊاهي، نئين سري سان ٻيهر ڪنڪريٽ بنيادن سان
بلڊنگ ٺاهڻ جي تجويز رکي. پر جگھ ۾ رهندڙ سمورا
خاندان ان ڳالهه تي متفق نه ٿيا. ۽ مامرو وِڃِي
عدالت تائين پهتو.بهرحال، حادثي کان پوءِ سنڌ
حڪومت طرفان مارجي ويل في ماڻهو لاءِ هڪ لک
رپيا ۽ زخمين لاءِ ٽيهه هزار رپيا امداد جواعلان
ڪيو ويو. پر سمورن متاثر ماڻهن کي اعلانيل پئسا
نه ملي سگھيا.
اسلم تيلي شراب ڪيس
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1997ع ڌاري حيدرآباد ۾ زهريلو ٺرو
پيئڻ ڪري اٽڪل هڪ سؤ ماڻهو موت جو کاڄ بڻِيا .
حيدرآباد ۾ گھڻي عرصي کان ڪچي شراب جو وڪرو جاري
هو،انهي ڏس ۾ مختلف سماجي تنظيمن طرفان آواز به
اٿاريو پئي ويو. پر حڪومتي اهلڪارن ان مامري
ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو. نيٺ 1997ع ۾ شهر جي
مختلف علائقن – فقير جو پڙ، ٽيون نمبر تلاءُ ،
ڦليلي،پريٽ آباد، شاهي بازار،پڪو قلعو وغيره - ۾
ڪچو شراب ”ٺرو“ پيئڻ ڪري اٽڪل سڀ ماڻهو موت جي
ننڊ سمهي رهيا. جن ۾ عورتون ، مرد توڙي اڻ سامايل
ٻارڙا به شامل هئا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ٻيا
اهلڪار حرڪت ۾ اچي ويا . پوليس ۽ آبڪاري کاتي سان
واڳيل ڪجھ ماڻهن کي معطل ڪيو ويو ۽ وڏي پيماني تي
گرفتاريون ڪيون ويون. پوءِ هڪ شخص اسلم کي تيليءَ
کي پڪڙي کيس مک ملزم ڄاڻائي، ڪورٽ ۾ چالان پيش
ڪيو ويو.اهو ڪيس ”اسلم تيلي شراب ڪيس“ جي نالي
سان مشهور آهي. بهرحال، ڪجھ عرصي کانپوءِ ڄاڻايل
مک ملزم اسلم تيلي گردن جي اگھائي وگھي گذاري
ويو، پر ايئن اهو ڪيس به ڄڻ سندس موت کانپوءِ لئي
مٽي ٿي ويو.
حيدرآباد هائيجينگ ڪيس
25 مئي 1998ع بلوچستان صوبي جي تربيت ايئرپورٽ تان پي.آءِ.اي
جو فوڪر جهاز اغوا ٿيو، جنهن کي حيدرآباد
ايئرپورٽ تي لاٿو ويو. جهاز ۾ ٻٽيهه مسافر سوار
هئا. رات جو دير سان ڪمانڊو آپريشن ڪري، هائيجيڪرن
کي گرفتار ڪري، سڀني مسافرن کي آزاد ڪرايو ويو.
حيدرآباد هائيجڪنگ ڪيس ۾ شهسوار جدگال، صابر بلوچ۽
شبير بلوچ کي مُک ملوث ڄاڻايو ويو. ملزمن تي
دهستگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڪيس هليو، ۽ نيٺ
سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.
جنهن هيٺ شهسوار، صابر ۽ شبير کي موت جي سزا ۽ ٻين
چوڏهن ملزمن کي روپوش ڄاڻائيندي کين سزا ٻڌائي
ويئي. ملزم شهسوار جدگال ۽ ٻين ملزمن ڪورٽ ۾ پيشي
دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو: اسان کي
انهيءَ عمل تي ڪابه شرمندگي نه آهي. هي جيڪو به ڪم
ڪيو ويو، سو بلوچستان صوبي جي عوام لاءِ ڪيو ويو.
انهيءَ عمل وسيلي اسان بلوچستان جي عوام سان ٿيندڙ
زيادتين ۽ ويساهه گهاتين کان دنيا کي باخبر ڪرڻ
پئي چاهيو. ٻيو ته اسان نوروز خان جا پوئلڳ آهيون،
جنهن پنهنجو ساهه ته ڏنو، پر سچائيءَ تان ويساهه
نه کنيو. اسان جي جان عوام تان قربان آهي.
سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي ملازم ڀورو ڇلگريءَ جو
آپگهات
هي ادارو اوائل ۾، 1948ع ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ بورڊ
جي نالي قائم ٿيو هو، جنهن کي ون يونٽ ٺهڻ کان
پوءِ آڪٽوبر 1957ع ۾ اولهه پاڪستان روڊ ٽرانسپورٽ
بورڊ ۾ ضم ڪيو ويو. وري 1965ع ۾ بورڊ کي ڪارپوريشن
۾ تبديل ڪيو ويو. ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي ون
يونٽ جي خاتمي تي سمورن ڪارپوريشنن کي سندن
واسطيدار صوبن جي حوالي ڪيو ويو. بهرحال هي ادارو
ڏينهون ڏينهن تباهيءَ ڏانهن وکون کڻڻ لڳو. جنهن ۾
ڪاموراشاهي جي بدعنوانين ۽ نااهلين جو وڏو هٿ هو.
جيڪو ادارو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو، ۽ حڪومت
جو ڪمائو پُٽ هو، سو پنهنجي ملازمن کي وقتائتيون
پهگارون ڏيڻ کان به لاچار ٿي ويو. نيٺ، ملازمن
پنهنجي مطالبن جي پورائي لاءِ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ
ڪارپوريشن ايڪشن ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو چيئرمين صفدر
علي ٽالپر هو. ايڪشن ڪميٽي طرفان بک هڙتالن،
مظاهرن، لانگ مارچن، ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو، ته حالتن کان تنگ اچي
1999ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ميرپورخاص جي
ڀورو ڇلگري پاڻ تي پيٽرول هاري آپگهات ڪيو. |