هونئن به ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صدي جي شروعات
کان وٺي زرخيز ۽ آبادي وارو سڏين ٿا. ارضيات جا
ماهر 1550ع کان وٺي 1700ع کي ٿڌ وارو زمانو چون
ٿا. ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ رڳو پندرهن
کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. تنهنڪري درياهن ۾ پاڻي
گهٽجي ويو. ان صدي بعد ايندڙ صدين 1701ع کان وٺي
1758ع جو ذڪر ڪندي ايم. ايڇ. پنهور لکي ٿو ته: ٿڌ
واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي. ڪجهه گرمي ٿي ۽
ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن مان وڌائي ٻاويهه لک
ايڪڙن تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي چوڏهن لکن
مان وڌي وڃي ٽيهه لک کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن
۾ شهدادڪوٽ، قمبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه،
ميرپورخاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)،
شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙهه (جيڪب آباد)، فتح
ڳڙهه، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتوديرو) ۽ وڳڻ
شامل آهن. ارضيات جي ڄاڻن جي ان راءِ مان ظاهر آهي
ته ان دور ۾ درياهه سنڌ ۾ گهڻي پاڻي جي موجودگيءَ
ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ٻيڻو ٿي ويو. ساڳئي
وقت ان عرصي دوران سنڌ جي آدمشماري به ٻيڻي ٿي
وئي. جنهن ڪري ڪلهوڙن کي نوان شهر آباد ڪرڻا پيا.
جنهن ۾ خدا آباد نيئن به شامل آهي. هاڻوڪي وقت ۾
به هالن جي ڀرسان خدا آباد ثاني شهر جا ڦٽوڙا ڪوٽ
جا آثار ۽ قبرون خدا آباد جي تاريخي اهميت ٻڌائين
ٿيون. ان تاريخي شهر جي باقي بچيل آثارن جي باري ۾
مختلف محققن پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي.
خدا آباد جا کنڊر
هي کنڊر ڪيپٽن ووڊ 36 -1835ع ڌاري ڏٺا هئا. هو ٻڌائي ٿو ته:
خدآباد جا کنڊر هالا کان اتر-اولهه طرف اٽڪل ٽن
ميلن ۾ پکڙيل آهن. هي جڳهه ٽالپرن جي دلپسند
رهائشگاهه هئي ۽ منجھس ڪيترن ئي ٽالپري حڪمراني جو
پايو وجھندڙ فتح علي خان ۽ سندس ڀاءُ غلام علي خان
دفن ٿيل آهن. ڀر واري مزار ۾ بهرام، بجار ۽صوبدار
ٽالپر گھراڻي جا مک دفن ٿيل آهن، جن ڪلهوڙن جي
پوئين حڪمران جا بي انتها انتقامي ظلم سٺا. مير
فتح علي جو مقبرو ننڍو پر صاف آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي
پٿر سان جوڙيل آهي. سنگ مرمر جو ڪم دعا واري جاءِ
تي قبر جي سامهون ٿيل آهي. ٻيا مقبرا هن کان وڌيڪ
سادا آهن. ٽي سردارهڪ ساڳئي قلعي تي دفن ٿيل آهن.
سندن قبرن کي ٺُلهن واري جاءِ تي ٺهيل رانڪن سان
ڍڪيو ويو آهي. خدآباد ۾ مٿي ڄاڻايل رانڪون ئي بچي
ويون آهن.باقي ٻي اهڙي ڪا به جاءِ نه آهي، جيڪا
سڄي ساري سلامت رهي هجي. ٽيهارو سال کن کان گذريو
آهي، (هاڻي هڪ سو پنجويهه سال ) جو هي آدم شماري ۽
پکيڙ جي لحاظ سان حيدرآباد جي مقابلي جو شهر سمجھڻ
گھرجي. سنڌ جون عمارتون ڏاڍيون جلد ۽ تباه ٿيندڙ
آهن.
اليگزينڊر برنس، ليفٽيننٽ ليچ، ڊاڪٽر لو ۽ ، ليفٽيننٽ ووڊ 1835ع
کان 1837ع تائين هندستان جي باري ۾ برٽش انڊيا کي
رپورٽون پيش ڪندو رهيو. انهن رپورٽن کي نظر ۾ رکي
ايڊورڊ ٿارنٽن هڪ گزيٽيئر 1844ع ۾ شايع ڪيو. جنهن
۾ خداآباد جو احوال هن انداز سان ڪيو آهي:
حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل
اوڀر ۾ هڪ اجڙيل شهر آهي. ٽيهن سالن کان ٿورو اڳ
هن شهر پکيڙ ۽ آدم شماري ۾ حيدرآباد سان ڪُلهو ٿي
هنيو. هاڻي هڪ به وسندڙ آباد گھر ڪونهي. کنڊر ٻن
چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. ٿارنٽن اڳتي لکي ٿو ته:
1844ع ۾ ڪا به عمارت رهڻ لائق ڪانه رهي هئي. مير
فتح علي خان جو مقبرو ڪنهن به طرح ننڍڙو ڪونه آهي.
اهو حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان جي مقبري جيترو ۽
ڪاشيءَ جي خوبصورت سرن سان سينگاريل آهي.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي 1923ع کان خداآباد جو حال ٻڌائي ٿو ته:
1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسيل هو، جهڙو
حيدرآباد جو شهر انهي سال هو. پر 1844ع ڌاري هن
خداآباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي لاءِ هڪ
گھر به نه بچيو. هن وقت (1923ع کان اڳ) خدا آباد
جو شهر ماٺيڻن جو قبرستان هو. مولائي شيدائي به
خدا آباد ثاني جي تختگاهه ٿيڻ ۽ کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ
جو ذڪر ڪيو آهي: هالن کان ڏهه ميلن جي مفاصلي تي
خدا آباد جو شهر هو،جيڪو ميان سرفراز خان اباڻي
تختگاهه جي يادگار طور تعمير ڪرايو هو. مير بجار
خان جڏهن مڪي کان موٽيو هو ته ان زماني ۾ ٽالپر هن
شهر ۾ رهندا هئا. ٿارنٽن جو بيان آهي ته؛ خدا آباد
جو وڏو شهر هو، جيڪو 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس
نشان ٻن چورس ميلن ۾ اڃا تائين بيٺل آهن. اسان کي
برطانيا سرڪار جي مختلف رپورٽن مان خبر پئي ته
انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا،ان وقت خدا آباد شهر ۾ رڳو
هڪ سو گھر آباد هئا. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر
۾ رهڻ لڳا.
پروفيسر محبوب علي چنه خدا آباد ثالث جي قبرستان جو احوال ڪندي
پڇاڙي ۾ ڪوٽ لاءِ ٻڌايو آهي، ته هن مقام جي اتر
اولهه ۾ سڏ ٻن جي پنڌ تي ’گلان جو ڪوٽ‘ جا نشان
بيٺل آهن،جنهن ۾ سنڌ جي روحل راڻي وڏي ناز ۽ انداز
سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن گھاريندي هئي. ”معلوم
ٿيو آهي ته مقبري توڙي ڪوٽ جي سنڀال لاءِ پوين مير
صاحبن پنهنجي هڪ جھوني وفادار شيدياڻي مائي زهره
کي مقرر ڪيوهو، جنهن پنهنجن پوين پساهن تائين اتي
رهي وفاداري ۽ صداقت جو ثبوت پڻ ڏنو. مرزا عباس
علي بيگ به خدا آباد نئين جو احوال هن ريت ڪيو
آهي؛ ميان سرفراز خان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اتر
طرف خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي ان کي پنهنجو
تختگاهه مقرر ڪيو هو. هي شهر ستن سالن جي ايراضي ۾
هو ۽ان وقت ٺٽي کان پوءِ هي ٻيون نمبر وڏو شهر هو.
ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا.هي شهر
1772ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1814ع ۾ ويران ٿيو.سندس کنڊر
ٻن چورس ميلن ۾ آهن.
ايتري ٿوري عرصي ۾ خدا آباد شهر جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ جتي گھرو
لڙايون ۽ ٻاهرين جا حملا هئا، اتي اقتصادي ۽ قدرتي
عنصرن به ان شهر کي ويران ڪرڻ ۾ حصو ورتو.
اقتصاديات جي ڄاڻن جو خيال آهي، ته سنڌ جا گھڻا
شهر درياءَ جي وهڪرن جي تبديلي جي ڪري برباد ٿيا
آهن. ان ڦيرڦار جي ڪري درياءَ جي پاڻي ۾ لٽ جمع
ٿيڻ شروع ٿي، درياءَ وسندين کان پاسيرو وهڻ لڳو،
جنهن ڪري اهڙيون وسنديون آهستي آهستي دنيا جي نقشي
تان مٽجڻ لڳيون. جيڪڏهن اتفاق سان ڪي اهڙا شهر
گھڻو عرصو درياءِ جي لٽ ۾ دٻجڻ کان بچيل رهيا،ته
به آبپاشي ۽ زراعت لاءِ مناسب پاڻي نه هئڻ ڪري
پوکي ٿي نه سگھي. ساڳئي وقت جانورن جي لاءِ گاهه
پٺو نه هئڻ ڪري ماڻهن جون معاشي حالتون خراب ٿي
وڃن ٿيون.نيٺ اهڙين ڀريل تريل آبادين ۾ به بربادي
پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪري ٿي.
جيئن ته سترهين ۽ ارڙهين صدي جي ڌاري سنڌوءَ پنهنجي هالن جي
ويجھو پراڻو رُخ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هو، جنهن رستي
تي اهو پنج سؤ سالن تائين وهيو هو. ان تبديلي ڪري
هالن جي آسپاس لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيڻ شروع
ٿي. ايم.ايڇ. پنهور ان لاءِ لکي ٿو ته: 1758ع ۾
درياءِ پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ڏهه لک ايڪڙ زمين
غير آباد ٿي. گھرو ويڙهه شروع ٿي وئي، جيڪا
پنجويهه سالن تائين جاري رهي. ڪلهوڙن کان ٽالپرن
حڪومت کسي ورتي، پر وري ٿڌ وڌڻ ڪري درياءَ ۾ پاڻي
گھٽ رهيو ۽ رڳو ٿورا نوان واهه ٺهيا ۽ نئين زمين
جي آبادي ۾ معمولي اضافو ٿيو. اهڙي طرح خدا آباد
نئين جي آسپاس به زمينون ويران ٿيڻ ڪري ماڻهن
لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ وسيل شهر ڀڙڀانگ
ٿي ويو.
اسان جڏهن خدا آباد ثانيءَ جي باري ۾ مختلف تاريخي ورق ورائڻ
کان پوءِ نقشا ساڻ ڪري سر زمين تي پهچون ٿا، ته
اُتي شهر جا ڪي به آثار سڏ وراڻي نٿا ڏين. ماڻهن
ڪلهوڙن جي ان تخت گاهه کي ڀڃي ڀوري پوکي شروع ڪئي
آهي. ان پراڻي خدا آباد شهر جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ
ساڳئي نالي سان آباد ٿي ويو آهي. خدا آباد جو
اوائلي ڳوٺ هاڻوڪي وستي کان ڪجهه قدر اوڀر طرف
آهي. هاڻوڪو واهڻ ڪافي بعد ۾ آباد ڪيو ويو آهي.
مڪاني ماڻهو خدا آباد شهر جي آثارن جي باري ۾
احوال ڪن ٿا ته اُتي ڪافي انگ ۾ جايون جڙيل هيون.
اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ به انهن جاين جي اُهڃاڻن
جو وجود هو. بعد ۾ ڳوٺاڻن باقي بچيل آثارن کي به
ڊاهي اتي پوکي راهي شروع ڪئي. ڪافي مڪاني بزرگن
پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندي ٻڌايو ته: اُتي گهڻيون
جايون ڪچيون ۽ اوڏڪيون هيون، جتي اسان ڇوڪراڻي وهي
۾ لڪ لڪوٽي ڪندا هئاسين. اُتان جي جهونن کان اها
به ڄاڻ ملي ٿي ته هاڻوڪي ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ پاسي تي
ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جون وڏيون ماڙيون
پڻ هيون. جيڪي سندس (مڪاني بزرگ) سانڀر ۾ تباهه ٿي
ويون.
خدا آباد شهر ۾ انهن ماڙين، مڪانن ۽ بازارن وغيره جا کنڊر ته
زمين تان غائب ٿي ويا آهن. البت شهر خموشان جي
مقبرن، تجربن ۽ چوکنڊين جي سينن اندر اڄ به ان جا
پراڻا رهاڪو ستا پيا آهن. گورستان سان گڏ ئي هڪ
ڪچي ڪوٽ جو لاوارث هڏائون پڃرو پيو آهي، جنهن جو
ماس زماني جي ڳجهون روڙي ويون آهن. ڪوٽ جي ظاهري
صورت ايتري موهيندڙ نه آهي، تنهن هوندي به اهو خدا
آباد شهر جي عظمت جو چٽو اُهڃاڻ آهي. هن ڪوٽ کي
مڪاني ماڻهو ’گلان جو ڪوٽ‘ چون، ڪي هن کي ’ڪلهوڙا
ڪوٽ‘ ڪوٺين. هڪ مُني صدي کان ڄمار واري پوڙهي
احوال ڏيندي چيو ته: اهو ڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو.
اسان ننڍپڻ کان وٺي وڏڙن کان ڪلهوڙو ڪوٽ ٻڌو آهي.
مائي گلي اسان هاڻي ٻُڌي آهي.
ڪافي دوستن جو اهو خيال آهي ته هي ساڳيو خدا آباد جو قديم ڪوٽ
آهي، جنهن جو تاريخ ۾ ڪيترا ڀيرا ذڪر اچي ٿو. ان
ڪوٽ تي ئي افغانين ۽ ٻروچن ڪاهون ڪيون هيون. تاريخ
جا ڄاڻو ۽ ڪوٽ جا پاڙيسري ڪلهوڙا دور جي ان ڪوٽ کي
مائي گلان جي نالي سان منسوب ڪن ٿا. اسان کي تاريخ
۾ گلان جو ذڪر شاهه عبداللطيف جي حوالي سان ملي
ٿو. سنڌ جي تاريخ جي مختلف پانڌيئڙن مائي گلان جي
سونهن، فن ۽ نرت جو ذڪر ڪيو آهي.
مرزا قليچ بيگ، شاهه ڀٽائي جو گلان کي دعا ڪرڻ ۽ کيس پٽ ميان
غلام شاهه جي ڄمڻ جو احوال ڪيو آهي. چون ٿا ته
ميان نور محمد ڪلهوڙي کي جو غلام شاهه پٽ ڄائو، سو
شاهه صاحب جي دُعا سان ڄائو. هڪڙي ڀيري ’گلان‘
نالي ڪڃري، شاهه صاحب جي زيارت لاءِ آئي هئي ۽ دعا
پنڻ جو ارادو هئس. پوءِ پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ سان
فقيرن کي اهڙو خوش ڪيائين جو راڳ جي اثر کان روئڻ
۽ حال ۾ اچڻ لڳا. انهي حالت ۾ ’گلان‘ شاهه صاحب کي
عرض ڪيو ته: اي حضرت! مون کي دعا ڪر ته آءٌ پنهنجي
واري ٿيان. سُکيو ستابو گذران ڪريان ۽ عافيت خير
جي گذريم. پوءِ شاهه صاحب، الله جي درگاهه ۾ هٿ
کڻي دعا ڪئي ته اي گلان تون سنڌ جي حاڪم جي راڻي
ٿيندين ۽ توکي پٽ ڄمندو جيڪو سنڌ ۾ سڀني عباسين جو
سردار ٿيندو. نالي ناموس ۾ پيءُ کان به وڌيڪ
ٿيندو. دعا جو اثر جلدي ٿيندو. دير ڪانه ٿيڻي آهي.
ڀٽ تي اهو واقعو ٿيو، ته شاهه جي دشمنن منجهان ڪنهن ماڻهو وڃي
ڊوڙي وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته شاهه
عبداللطيف کي سندس مريد پيا پڏائين ته ههڙو الله
جو عبادتي آهي، پر سندس حال هي آهي جو ڪڃريون
سڏايو پيو راڳ ٻڌي ۽ انهن جو ناچ پيو ڏسي. ميان
نور محمد پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته وڃي سماءُ لهي
اچو ته اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟ جي ڪا سچ پچ ڪا
ڪڃري هجي ته انهي کي به وٺيو اچو ته روبرو شاهه
صاحب جي خبرچار وٺون.
اُهي ماڻهو اڃا ڀٽ تي ڪين پهتا هئا ته گلان، شاهه صاحب کان
موڪلائي اُٿي. شاهه صاحب چيس گلان تڪڙ نه ڪر، ترس
ته ڀلي موتين جا خريدار اچن. ائين ڪندي ميان
نورمحمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا. کنڀڙين کان وٺي
گلان کي ٻاهر وٺي ويا ۽ هڪدم ميان نورمحمد وٽ
آندائونس. ميان هن جي سونهن ۽ جواني ڏسي عاشق ٿي
پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري، پر گلان هٿ لائڻ
نه ڏنس ۽ چيائينس: ميان جي شرع موجب نڪاح وجهندي
ته آءٌ سڄي ساري تنهنجي ملڪه آهيان، ائين مونکان
هرگز ڪونه ٿيندو.
ميان کي عشق جي باهه تپائي ڏنو. اهڙو لاچار ٿيو جو ان وقت ئي
قاضي گهرائي، کڻي نڪاح وجهايائين. پوءِ ان مان
غلام شاهه ڄايس، جو ان کان پوءِ سنڌ جي گادي تي
ويٺو. اُهو شاهه صاحب جو مريد هو ۽ انهيءَ جي
حڪومت ۾ شاهه ڀٽائي گهوٽ جو قُبو جڙيو. هن جو شاهه
صاحب ڏي ايترو ارادو هو جو هزارين رپين جا انهي
قبي تي لڳايائين. تنهن جو تمام پڪو بنياد
وجهايائين. قبو ۽ نيلون ايترو مٿي جوڙايائين جو
صبح سانجهي پنهنجي شهر خدا آباد کان انهن کي پيو
ڏسندو هو ۽ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهه صاحب جي زيارت لاءِ
ايندا هئا.
گلان جي باري ۾ اسان کي تمام گهٽ مواد ملي ٿو. ڪن
مورخن رڳو گلان جي باري ۾ اشارا ڏنا آهن. جيڪي به
تقريبن بيان جي خيال کان هڪ ٻئي جو نقل آهن. گلان
جي باري ۾ مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته هڪ
ڀيري گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري
ڳائيندڙ عورت شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ
آئي ته هن جي پڇاڙي خير سان گذري، چون ٿا ته هڪ
مجلس ۾ هن اهڙي دردناڪ انداز ۾ ڳايو جو شاهه صاحب
۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان
موقعي تي گلان عرض ڪيو ته هن ڌنڌي کان بچي پوان،
حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودگي ۽ آرام سان
گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته: تنهنجي سنڌ جي
بادشاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پٺيان به بادشاهه
ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو.
ڪن چغلن وڃي ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي ٻڌايو ته هي
ڏسو جو شاهه عبداللطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي،
هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا، ڀلارن صوفين ۽
فيض وارن فقيرن جا ڪي اهڙا پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان
نور محمد حڪم ڪيو ته هڪدم وڃي حالتون معلوم ڪريو،
هڪ پاسي کان ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ۽ ٻئي
طرف گلان، حضرت شاهه صاحب کان موڪل وٺي موٽڻ جي
ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه دير ڪر،
پوءِ ڀلي هلي وڃ. ايئن گفتگو ٿي رهي هئي، ته ميان
صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي نورمحمد
جي ڪچهري ۾ کڙو ڪيائون. ٿي ڇا جو ميان صاحب
پهرينءَ نظر جو شڪار ٿي ويو. هن گلفام نازڪ اندام
جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهرن کيس ڪهي رکيو. آخر گلان
کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجين راڄ
راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان
غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. جنهن جهڙو عادل ۽ سخي
۽ خوش بخت بادشاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو
آهي. روايت آهي ته جيئن ته گلان، شاهه ڀٽائيءَ جي
عقيدتمند مريدياڻي هئي، ان ڪري هن ڀِٽ جي ويجهو ئي
پنهنجي رهائش لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هو، جيڪو اڄ به
سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. |