سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :49

 ايجنسي حيدرآباد کان چئن يا پنجن ميلن جي پنڌ تي هئي. اسان اڃان ٻه ميل سواري مس ڪئي هوندي، جو هڪ وڏو ڌوڙ جو ڪڪر اسان جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو آيو، جڏهن اهو صاف ٿيو تڏهن ڏٺوسين ته ڇهه سنڌي فوجي سوار اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ پئي آيا. سنڌي سپاهي ٽٽوئن تي سوار هئا. ميرن اسان جي ايجنٽن کان ٻاهر ئي جوتا لهرائي ڇڏيا، جيڪا رسم انگريزي معاشري ۾ ٽوپلي لاهڻ جي برابر آهي. اسان ڪرسين تي ۽ مکيه امير صوفن تي ۽ باقي ٻيا ماڻهو وڃي غاليچن تي ويٺا.......... جڏهن ڪو مطلب بيان ڪرڻو هوندو هو ته مطلب پڙهي ٻڌائڻو پوندو هو. اوڏي مهل سئو کن ٻروچن وڏو گوڙ ڪيو هو، جيڪو سڄو لُڙ ننڍن ميرن جي حقن بابت هو. اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مامرو سُلجهي وڃي.

مون کي سڀني ۾ احمد خان لغاري ڏاڍو پسند آيو، جنهن ڳالهايو ته گهٽ پئي، پر ڏسڻ ۾ هڪ معنيٰ ڀريل مڙس هو. مير نصير خان، جيڪو هاڻي وڏو مير تسليم ڪيو ٿي ويو، سو شهدادخان جي فائدي ۾ هو. نيٺ ايجنٽ جي دڙڪي داٻ وڃي ڪم ٺاهيو، ۽ فيصلو ٿيو ته ڀائر پاڻ ۾ ٺهي وڃن ۽ هڪٻئي کان قرآن تي لکائي وٺن ته ملڪيت جو معاملو امينن جي فيصلي موجب حل ڪرايو ويندو. جڏهن ڪو گهريلو فيصلو ٿيندو هو، خاص ڪري ميرن جو، ته مخالف ڌرين کي فيصلي ۾ ويهڻ نه ڏنو ويندو هو، پر امين ويهندا هئا. پوءِ ٻنهي ڄڻن کي سڀني جي اڳيان پاڻ به ڀاڪر پارائي پرچايو ويو. شهدادخان بدني بناوٽ ۾ ته بيڊولو هو، پر طبيعت به ڌڪار جهڙي هيس. ان جي ابتڙ مير حسن علي خان سهڻو جوان هو، جنهن جون ڪاريون گهُنڊيدار چڳون ۽ سهڻيون چمڪندڙ اکيون، انگريز ناچ گهر ۾ جيڪر غضب ڪري ڇڏين ها. مون حسن علي خان کي سندس چاچي مير صوبدار جي گهر ۾ ڏٺو، جنهن جو وڏو پٽ فتح علي خان مون سان درٻار تائين گڏجي آيو هو. اُتي ايڏو ته گوڙ ٿي ويو، جو اسان کي پنڌ هلڻ جي بدران مٿي کنيو ويو، نه ته جيڪر ڪنهن سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ پيڙهجي وڃون ها.

انهي معاملي پوري ٿيڻ کان پوءِ شڪارپور جو ذڪر نڪتو، ته اهو شهر انهي مددي ڏن بدران انگريزن کي ڏنو وڃي، جنهن جو ميرن سان ٺاهه ٿيل هو. سڀ مير انهي ڳالهه جي خلاف هئا، خاص ڪري مير نصير خان، جنهن چيو ته: ” صاحب! ملڪ تان هٿ کڻڻ هڪ حاڪم لاءِ وڏي بيعزتي آهي.“ پوءِ اهو مامرو بنا ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي ملتوي ڪيو ويو.

حيدرآباد قلعي اندر رڳو ميرن جا ڪٽنب رهندا هئا ۽ انهي جي وچ ۾ هڪ ٺُل هوندو هو، جنهن لاءِ ٻُڌايو ٿي ويو ته انهن ۾ ميرن جو خزانو پوريل آهي. خزاني بابت عام ماڻهن ۾ ڏاڍي ڳالهه هئي، پر آزمودي ثابت ڪري ڏيکاريو ته اوڀر جي بادشاهن جي خزاني بابت جيڪي خبرون ٻُڌبيون هيون، سي گهڻو ڪري نسوريون ڪوڙيون هيون. انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته 1781ع ۾ جڏهن ٽالپرن، ڪلهوڙا گهراڻي جي پڄاڻي آندي، تڏهن کين اڳين بادشاهن جو چڱو خزانو هٿ آيو هو.

پر پوءِ جيئن مسٽر ايلفنسٽن ڪابل ۾ لکيو ته، ”افعانستان جي بادشاهه زمان پنهنجي سلطنت جي ڏاکڻي حصي کي فتح پئي ڪيو، تڏهن هن انهي خزاني تي قبضو ڪري ورتو، ان کان پوءِ هن ميرن کي مجبور ڪيو ته کيس ويهه لک چار هزار پائونڊ ڏن ڀري ڏين. جيڪو ڏانهن رهيل هو.“ پوءِ ٻيو ڀيرو 1804ع ۾ شاهه شجاع سترهن لکن جي ڦر ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو 1809ع ۾ ساڳئي بادشاهه وري به ميرن کي ڦريو. سنڌ جي اُپت ساليانو پنجاهه لک مس هئي. انهي مان به ويهه لک اُتر سنڌ جا مير اوڳاڙيندا هئا ۽ ست لک ميرپورخاص وارو رئيس شير محمد خان کڻندو هو. باقي ٽيهن لکن کي حيدرآباد جي پنجن ميرن ۾ ورهائبو هو. انهي مان ظاهر آهي ته هرهڪ مير کي جيڪو حصو ملندو هو، اُهو هڪ ٻئي درجي جي انگريزي نواب جيترو به ڪونه هو ۽ سڀني جي گڏيل دولت اسان جي هڪ گڙنگ رئيس جهڙوڪ ڊيوڪ آف سندرلينڊ ۽ بڪلوف يا لارڊ ويسٽ منسٽر جي آمدني جيتري به ڪانه هئي. انهيءَ رقم مان هزارين خدمتگارن کي پگهار ڏبو هو، ته شاهاڻو ٺٺ به برقرار رکبو هو ۽ ماڻهن جي ڀلي جي ڪم تي به خرچ ڪبو هو. ڍل جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو جنس جي صورت ۾ وٺبو هو.

گڏوگڏ ٽالپرن ۾ ڪجهه خرچائو رئيس پڻ هئا، جهڙوڪ مير ڪرم علي خان، جيڪو پنهنجي شان ۽ شوڪت جي ڪري مشهور هو......... مير نصير خان ڪنهن وقت اهڙو ته هٿ ڦاڙ خرچائو هو، ڪيترو وقت پنهنجي ڀاءُ مير نورمحمد خان جي مدد تي پيو تڳندو هو. انهي ڪارڻ هن شهدادخان جو پاسو کنيو هو، نه ته ٻنهي چاچي ۽ ڀائيٽي جي طبيعتن ۾ وڏو فرق هوندو هو. ڇاڪاڻ ته چاچو ڀائيٽي جيان لوڀي ۽ لالچي ڪونه هوندو هو. نور محمد خان کي ڪا ملڪيت نه هئي ۽ نه وري صوبدار وٽ ڪو خزانو هو.

قلعي تائين پهچڻ ۾ اسان کي هڪ ڊگهيءَ سوڙهي ۽ گنديءَ گهٽي مان گذرڻو پيو، جتي تماشائين جا حشام بيٺا هئا، پر جن اسان جو وڌيڪ ڌيان ڇڪايو اُهي هئا ڪارا شيدي، جيڪي گهڻي انداز ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. درٻار يا حاضريءَ واري جاءِ ننڍي هئي ۽ ان ۾ شان يا دٻدٻي جي ٿوري به نشاني نظر نٿي آئي. ميرن جي سهڻي سڀاءَ ۽ سادين عادتن کين اجائي ڏيک کان پري رکيو ٿي، پر ان هوندي به سندن رهائش جي ڪمرن جي انهي خسيس دالان سان ڀيٽ نٿو ڪري سگهجي، جتي هو اسان جي ريزيڊنٽن سان اچي ملندا هئا.

هڪڙي ڀيري نصير خان هڪ انگريز پارٽي کي پنهنجي خانگي جاءِ ڏيکاري، جنهن ۾ ڪيترا سُٺا ڪمرا هئا، انهن مان هڪڙي ڪمري جون اُڀيون ۽ اوچيون ديوارون هيون ۽ اهوئي صحيح  معنيٰ ۾ ملاقات جو ڪمرو هئڻ کپندو هو، انهي ڪمري ۾ ڏاڍا سهڻا ايراني غاليچا وڇايل هئا ۽ ڀتين تي ايران جي شاهه جون تصويرون ٽنگيل هيون. ڪمري جي ڪنڊ ۾ دري وٽ هڪ صوفو پيل هو، پر دريءَ جي حالت اها هئي، جو مٿس هڪ سادو تختو اوطاق جيان لڳايو ويو هو. انهي خاص موقعي تي به ڏاڍي غلط نموني جي سادگي ڏيکاري ويئي. انهي آڌرڀاءُ وقت ڪا خاص رسم وغيره ڪانه ٿي......... ماڻهو پئي آيا ۽ ويا. ڪي ماٺ هئا ته ڪن وري پنهنجيءَ مرضي موجب پئي ڳالهايو.

مير نصير خان ٻين کي هڪدم پاڻ ڏانهن مائل ڪري وجهندو هو. جيتوڻيڪ هو بدن جو ٿلهو مڙس هو، پر سندس شڪل سهڻي هئي ۽ هن جي ڳالهائڻ جو طريقو صاف ۽ وڻندڙ هو. هن جي اُٿ ويهه انگريز جي هڪ تمام وڏي ۽ سُٺين خصلتن واري رئيس جيان هئي. هو سنڌي سردارن کي سندس وڏي مرحوم نورمحمد خان به وڌيڪ وڻندو هو. مير نور محمد خان جي ظاهري شبيهه به نصير خان جي بلڪل ابتڙ هئي، ڇو ته هن جو منهن سوڙهو ۽ ڀريل هو، ‎۽ سندس اکيون صفا اڇيون هيون، جن کي هن هر هر پئي ڇنڀيو. هن جو اکيون شڪ ۽ بي اعتمادي سان ڀريل هيون. سندس پٽ شهدادخان پيءُ جهڙو ئي هو ۽ پاڻان وڌيڪ چالاڪ، عياش ۽ نشئي قسم جو جوان ٿي لڳو، جنهن جي عمر پنجويهه سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هنن ٻن کان سواءِ سڄي مير ڪٽنب جا ماڻهو يورپين کان به وڌيڪ سهڻا ٿي لڳا.

مير صوبدار، مير فتح علي جو پٽ آهي، هو اپاهج به هو، ڇاڪاڻ ته ننڍي وهي کان وٺي هو مرگهي جو مريض هو، اهوئي سبب آهي جو کيس گهڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. ڊاڪٽر برنس جي اچڻ کان ڪجهه مهينا اڳ کيس مکيه ميرن (مراد علي ۽ ڪرم علي) جي حاضري ۾ پٺيان هلندڙ لانڍ ۽ هڪ نماڻي درٻاري جيان ڏٺو ويو هو. مير صوبدار خان، جيڪو پنهنجي خاندان جي تباهه حالي ۾ مياڻي کانپوءِ شامل ٿيو هو، سچار ۽ سياڻو ماڻهو هو، سندس عادتون سٺيون هيون  ۽ سندس ڳالهائڻ جو طريقو وڻندڙ هو، هو پنهنجا حق غضب ٿيڻ ڪارڻ 1828ع ۾ راڄڌاني مان ڀڄي اسلام ڪوٽ کسڪي ويو ۽ سنڌي فوجين جا ڪي جٿا به وڃي ساڻس شامل ٿيا. نيٺ هو پندرهن هزارن ماڻهن جي هڪ فوج تيار ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ميرن تي زور آندائين ته سندس پيءُ جي حصي جو ملڪ کيس ڏياريو وڃي......... انهي تڪرار سميت ٻين ڳالهين ڪري هو خاندان جي ٻين ماڻهن کان پري گذاريندو هو. جڏهن لارڊ ڪين هتي آيو هو، تڏهن ٻيا مير لاشڪ مٿس حملو ڪن ها، پر مير صوبدار خان ايئن ڪرڻ ۾ بلڪل نابري واري. پوءِ انگريزن ڏانهن سندس دوستي جي لاڙي کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. ٻُڌڻ ۾ ٿي آيو ته سندس فوجي دستو مياڻيءَ جي ميدان ۾ وڙهيو هو. پر ڪنهن به انهيءَ جي تصديق نه ڪئي، ته آيا اهو دستو اتي هو به سهي يا نه، ۽ جيڪڏهن نه هو سڄو جٿو هو يا ڪجهه سپاهي، گڏوگڏ ڪيتري قدر انهن سپاهين کي صوبدار خان وڙهڻ کان روڪيو هو.

ٽالپر ڏاڍا سمجهو هئا، اُهي سياسي حالتن کي ڄاڻندڙ هئا. هڪڙي ڀيري برطانوي ريزيڊنٽ ۽ مير نور محمد جي ملاقات وقت، ريزيڊنٽ برطانوي حڪومت جي ديانتداري ۽ ٻين جي مامرن ۾ هٿچراند ڪرڻ کان پري رهڻ جو ذڪر پئي ڪيو، ته مير نور محمد خان، ڪنهن دلچسپي بنا ۽ پنهنجي مرضيءَ خلاف ڳالهه ٻولهه بدلائي ڇڏي ۽ چيائين ته، ”اوهان يورپي بهادر شاهه جي دور ۾ آيا هئو؟ جنهن جو پورچوگيزن دوکي سان خون به ڪيو هو. يعني نور محمد جو اهو مطلب هو ته اها ڳالهه ريزيڊنٽ کي اشاري ۾ معلوم ٿي وڃي ته سڀ يورپي اوڀر جي ملڪن سان ٿيندڙ ڏي وٺ جي معاملي ۾، ڪهڙي ديانتداري ٿا رکن، جن جي ريزيڊنٽ اجائي لٻاڙ پئي هنئي.

حيدرآباد جا مير،اسان جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، سمجهي ويا ته سندن خاندان جي تباهي يقيني هئي. اها هڪ بيسود منافقي چئبي، جو اسين هاڻي اهو بهانو ڏيون ته اسان جو سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جو خاص مطلب سندن ڀلائي هئي. انهي ڪري ميرن ڏاڍا اعتراض ڪيا ته: ” اسان کي اوهان جا نه ٺاهه ٿا کپن ۽ نه دوستي. اسان کي رڳو هڪ ايلچي موڪلڻ جو شرف ڏيو ۽ اهو به جيڪڏهن چڱي ڳالهه سمجهو، ته ڊاڪٽر ڏياري موڪليو.“

حيدرآباد جي پاسي واري زمين نير، تماڪ ۽ ڪمند لاءِ بهترين هئي..... ڏي وٺ جي معاملي ۾ مير انگريزن سان ريزيڊنٽ ۽ سندس اسسٽنٽ سان لحاظ ۽ مروت سان پيش ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهي فراخدلي ۽ مردانگي جا ڪم به ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري مير نصير خان ايجنسي ۾ هلي آيو ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي هڪ ڪمري ۾ گهڙي ويو، جتي هڪ عورت ويٺل هئي. مير ان کي ڏسي وڏي نيازمندي سان ٻاهر نڪتو ۽ گهوڙي تي چڙهي واپس حيدرآباد هليو ويو. ٿورڙي ئي وقت اندر قاصد  اچي پهتا ۽ خط کڻي آيا، جن ۾ بنا ڪنهن ارادي ڪيل ناشانائتي روش لاءِ معافيءَ جي التجا ٿيل هئي. انهي خط سان گڏ هڪ سئو سونين مهرن (هڪ سئو پنجاهه پائونڊ) جي سوغات به موڪلي ويئي هئي. مير صاحب کي هڪ عورت جي ڪمري ۾ سندس مڙس جي غير حاضري ۾ وڃڻ ڪري سخت صدمو پهتو هو. اهو ساڳيو مير هو، جيڪو مياڻي جي موتمار جنگ کان اڳ انگريزن سان ڦٽائڻ جي خلاف هو. ٻروچن کيس گهڻو ئي چيو، پر هُن هڪ به نه مڃي آخر کيس زنانو وڳو ڏياري موڪليائون. هي چٿر هڪ مڙس لاءِ ڪافي هئي. ”هو سمجهن ٿا ته آئون ڊپ ڪارڻ جهنڊو نٿو جهليان، پر اُهي غلطي تي آهن.“ ايئن چئي هو محلات مان نڪتو ۽ تلوار مياڻ مان ڪڍي وڃي فوجن سان شامل ٿيو.

ٽالپرن سنڌ تلوار جي زور تي ورتي هئي ۽ جيئن ته سندن طاقت جو آڌار فوجي قوت تي هوندو هو، تنهنڪري انهن سندن (فوج جي) خاطرداري ڪئي ۽ کين وڏيون رعايتون ڏنيون. وڏن قبيلن جا سردار گهڻو ڪري آزاد هئا. شهدادخان هڪڙي ڀيري اسان کي ٻڌايو ته جان خان نالي هڪ ٻروچ رئيس، کيس زهر ڏيڻ جي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي هئي، پر جيئن ته هو هڪ طاقتور قبيلي جو سردار هو، ان ڪري هو کيس ڪا سزا ڏيئي نٿي سگهيو.

تڪليف جي وقت سڀئي ٽالپر ساڻن شامل هئا، رڳو اسماعيل شاهه ۽ سندس ڪٽنب ساڻن بيوفائي ڪئي ۽ اهو انهي ڪري جو اسماعيل شاهه ڌاريو ۽ ايراني هو ۽ نادر شاهه جي زماني ۾ اچي سنڌ ۾ رهيو هو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته قبيلائي جاگيردار سردارن جو ميرن سان اهو ويجهولاڳاپو خودغرضي ۽ مطلب ڪارڻ هو، ڇاڪاڻ ته کين خوف هو ته انگريزن جي اچڻ ڪري کانئن اڻ کٽ زمينون کسيون وينديون، تنهنڪري اهي ميرن سان شامل رهيا. اهو به سچ آهي ته ميرن کي ٻروچ جاگيردارن، سردارن ۽ نوابن لاءِ ڏاڍي عزت هئي ۽ اهي سندن حڪومت مان ڏاڍو خوش هئا. پر سنڌين لاءِ ڇا چئجي! جوکيا، جت، ڪلمتي، قرمتي ۽ ٻيا ڪهڙا کانئن ناراض هئا؟........... ڇا انهن مان ڪنهن به حملي ڪندڙنسان ساٿ ڏيڻ جو لاڙو ڏيکاريو هو؟ بلڪل ڪنهن به نه! هندن جو مثال ئي وٺو. جيڪڏهن هندو ستايل هئا، کانئن سندن پئسا ڦُريا پئي ويا، کين ڌڪاريو ٿي ويو ۽ پڻ کيس ديس نيڪالي ڏني پئي ويئي، ته پوءِ اُهي ميرن جي بادشاهيءَ ۾ ڪڇ، گجرات، ۽ راجپوتانا وغيره ڏانهن لڏي ڇو ڪونه ٿي ويا! ۽ پوءِ ائين ڇو هو، جو جڏهن انگريز، شڪارپور ۽ حيدرآباد پهتا، تڏهن اُتي هندن کي نه رڳو شاهوڪار پر گڏوگڏ گهڻي انداز ۾ ڏٺو ويو.

مسٽر ايلفنسٽن جو چوڻ آهي ته: ميرن وڏي ڪاميابي سان دشمن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ ويساهه جو جذبو پيدا ڪيو. حيدرآباد جو شهر به سندن دور ۾ وڌيو ۽ ويجهيو. جو ٿوري وقت ۾ اهو هڪ ڳتيل ۽ شاهوڪار شهر بنجي ويو. صلح ۽ سانت هئي. ٻيءَ صورت ۾ سٺ سال انهي ملڪ تي ڪيئن حڪومت ڪري سگهن ها، عجب ته وري اُهي پاڻ ۾ وڙهيا، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي حاڪمن کي ”چار- يار“ جو لقب ڇو ڏين ها؟“

مير نصير خان جي جنهن منشي بابت ٻڌايو ٿي ويو، ته هن جعلي خط لکيا آهن. تنهن کي پوءِ غبن ۽ جعلسازي ڪري سزا ڏني ويئي، تنهنڪري جيڪڏهن اُهي خط هن بيبرگ ڏانهن لکيا هئا، ته پوءِ ميرن کي انهن لاءِ ڪيئن ٿو جوابدار ٺهرايو وڃي. تنهن دور ۾ حيدرآباد ۾ مهرن جي جعلسازي تي هڪ عام ڌنڌو ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته خود اسان جي ريزيڊنٽ جي به جُڙتو صحيح ۽ سيل ٺاهي ويئي هئي، جنهن بابت ميرن کي به شڪايت ڪئي ويئي هئي. ٻيو ته اهي خط انهن ماڻهن وٽان برطانيا سرڪار کي مليا هئا، سي خط لکندڙن جا مخالف هئا. گڏوگڏ چڪاسيندڙ آفيسرن انهن خطن تي شڪ جو اظهار پڻ ڪيو هو.

ديوان ميٺارام برطانوي راڻي ڏانهن لکيل خط ۾ ڄاڻايو هو ته حيدرآباد ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو مقابلو نه ڪيو ويو، پر پوءِ به عورتن کان سندن ڪپڙا لاهرائي کين اگهاڙو ڪيو ويو.

ميرن جي چارج ۾ ڪئپٽن گارڊن پنهنجي هڪڙي خط ۾ ڄاڻايو ته: ” مير نهايت معتدل طبيعت جا ماڻهو آهن. اُهي نه رڳو شراب پر ٻين نشيدار شين کان به پرهيز ڪن ٿا. ايتريقدر جو ٻيڙي به ڪونه پين. ڇاڪاڻ ته تماڪ جي ڌپ کان کين ڪراهت ٿيندي آهي. شراب يا تماڪ جي استعمال ڪرڻ جي سوال تي مير برطانوي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو آهن.“

سنڌ جي فتح کان پوءِ نور محمد جي وڏي پٽ شهداد خان کي سورٽ جي قلعي ۾ هڪ معمولي ڏوهاري جيان قيد ڪيو ويو، ڇو ته مٿس اها تهمت هئي ته هن ڪئپٽن اينس کي قتل ڪيو هو، نيٺ گورنر جنرل کيس بچاءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. 20 مئي 1848ع تي ڪورٽ منعقد ٿي، جنهن جي اڳيان مقدمو هلايو ويو ۽ کيس عزت سان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو. پوءِ به کيس آزاد نه ڪيو ويو ۽ وري بنگال جي اڻوڻندڙ ۽ گنديءَ هوا ۾ اُڇلايو ويو. اُتي شهدادخان رڳو ڪي مهينا جيئرو رهيو ۽ پوءِ گذاري ويو.

ميرن جي وقت ۾ سنڌ، جدا جدا پرڳڻن يا صوبن ۾ ورهايل هئي، جي وري تپن يا ضلعن ۾ ورهايل هئا. هرهڪ پرڳڻي تي هڪ سزا وال يا وڏو ڪليڪٽر مقرر ڪيل هو، جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺهن ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي جماعت مدد لاءِ ڏنل هئي. تپي تي وري ڪاردار رکيل هو، جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو عملو ڏنل هو، پر اهو هو سزاوال جي زيردست. انهن عملدارن کي چڱو پگهار ملندو هو. خاص ڪري سزاوال کي، جيڪي گهڻو ڪري سٺي خاندان مان هئا ۽ چڱي لياقت رکندڙ هئا، کين پنج سئو رپيا پگهار ڏنو ويندو هو. جنهن سان اُهي فراغت سان گهاريندا هئا. سال ۾ ٻه ڀيرا لاباري جي وقت يعني ته بهار ۽ سرءُ جي موسم ۾ هرهڪ مير جو مخفي ماڻهو، عيوضيءَ جي حيثيت ۾ سندس ملڪ ۾ وڃي پهچندو هو،  ۽ اُتي وڃي سزاوال کان حساب ڪتاب وٺندو هو. جيڪا به غلطي وغيره هوندي هئي، اها ٺيڪ ڪندو هو ۽ ماڻهن جي درخواستن تي به انهي وقت ويچار ڪري فيصلو ڪيو ويندو هو. هي خاص عيوضي ميرن جو مائٽ هوندو هو ۽ اهو سندس فرض هو ته ڏسي ته ماڻهن تي ظلم ۽ زيادتي نه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هاري ناري تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ هنڌ تي ظلم ٿيندو هو ته پوءِ هو انهي امير جو ملڪ ڇڏي وڃي ٻيئي جون زمينون وسائيندا هو. انهي عملدارن ۽ پڻ سزاوال ۽ ڪاردارن ۾، جيڪي نوڪري ۾ هئا، هڪ اڻلڀ خاصيت اها هئي جو هو ماڻهو کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا. انهن جي روزگار جي وسيلي، انهن جي عادتن ۽ پڻ انهن جي اٿ ويهه کان به واقف هوندا هئا. جيئن ته اُهي سڄي عمر اتي رهندا ٿي آيا ۽ اُتي جي ٻولي وغيره کان به واقف هئا، تنهنڪري رعيتي ماڻهو ساڻن ڪا ٺڳي يا دولاب نه ڪري سگهندا هئا، جا هو هڪ ڌارئين يا پرڏيهي ملڪ جي ماڻهن سان ڪن ها.

ٽالپرن جي انهي روينيو آفيسرن جي هٿ هيٺ ماڻهو خوشحال گذاريندا هئا. وڏو فائدو کاتيدار کي اهو هو، جو سڀني فصلن تي ڍل به کانئن جنس ۾ وٺبي هئي. رڳو تماڪ، ڪمنڊ، ۽ ڀاڄين وغيره تي، جيڪي گهڻو ڪري شاهوڪار ماڻهو پوکائيندا هئا. روڪڙ ۾ ڍل وٺبي هئي. انهيءَ سميت ٻين سڀني زمينن تي سرڪاري حصو جنس ۾ وٺبو هو، جنهن ۾ ڍل جو حصو موسم جي اپت جي آڌار تي ويٺو هو، ۽ زمين جي ايراضي موجب نه اوڳاڙبو هو. بٽئي وقت هڪ ٿورو حصو ڪاسگيءَ جي نالي سان وڏن زميندارن کان وٺبو هو. ڏٺو ويندو ته سراسري طور سرڪاري حصو اُپت جو ٻه ڀاڱي پنج يا هڪ ڀاڱي ٻه وڃي بيهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org