پير علي محمد راشدي
حيدرآباد جا قصا
نذرِ عقيدت: بنام شهيد بي نام
حيدرآباد جي علائقي جا هي قصا حيدرآبادي لشڪر جي ان بي نام
سپاهيءَ جي ياد سان منسوب ڪريان ٿو، جنهن مياڻيءَ
جي ميدان ۾، انگريزن سان وڙهندي، سنڌ مٿان سر صدقي
ڪيو – اهڙي شان ۽ مان سان، جو گولين وگهي گهائجي
پٽ تي پوڻ کان پوءِ به ترار وهائيندي، وطن جي
ڪيترن ويرين کي پاڻ کان پهريان موت جي مُنهن ۾
موڪليندو ويو.
سندس اهڙي بهادريءَ جو داد دشمن کي به ڏيڻو پيو. جنرل نيپيئر
لاش کڻائي فوجي اعزازن سان حيدرآباد جي وچ قلعي ۾
دفن ڪرايو، جيئن اهو مرقد منور قيامت تائين سنڌ جي
سرويچ سورمن جي دلين ۽ دماغن کي روشن ڪندو رهي.
احترامن پاسي ۾ سڄي کٻي، هن پنهنجن ٻن انگريز
سپاهين جا لاش به پورائي ڇڏيا.
اِن شهيد جي ياد کان وڌيڪ پياري ٻي ڪهڙي شيءِ اسان جي عقيدت ۽
سلام جي حقدار ٿي سگهي ٿي؟
چو اهلِ دل ز عشق افسانه گويند،
حديث بلبل و پروانه گويند!
حيدرآباد سان سڌي طرح منهنجو واهپو ٿورو رهيو؛ اوائل ۾ سرسري
طرح اتان پيو گذر ٿيندو هو. 1920ع ۾ پهريون ڀيرو
وڃڻ جو اتفاق ٿيو. تلهار پاسي عزيزن ڏانهن وڃڻو هو
بدين ريلوي لائين 1914ع واريءَ جنگ جي دوران پٽجي
وئي هئي، تنهنڪري ڦليليءَ رستي جهازن (ٻيڙن) ۾
وڃڻو پوندو هو. جنهن جهاز ۾ آئون علي پور ريگيولٽر
تائين ويس ان ۾ لاڙ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ديوان هرداس مل
به سوار هو. جهاز جي آڳر تي آرامي ڪرسي وجهي ڏني
هئائين. باقي مسافرن کي هيٺ پيرن ۾ ويهڻو پيو.
ڊپٽي ڪليڪٽرن جو هونءَ به ڌاڪو هوندو هو، پر هن
ديوان جي حشمت ٻه رتيون سوائي هئي. اڇي ڏاڙهي
ايتري قدر پکڙيل هئي جو ديوان جو نه ڪن ٿي نظر آيو
۽ نه دُن. انهن ڏينهن ۾ هندو اڪثر ڏاڙهيون رکندا
هئا، پر هت مبالغي کان ڪم ورتل هو. ستن ڪلاڪن جو
سفر هو. آفيسر جي موجودگي ۾ ضرورت کان سواءِ
ڳالهائڻ تي پابندي هئي، تنهنڪري ماٺ ماٺ ۾ سارو
وقت ديوان صاحب جي ڏاڙهي ڏسندي گذارڻو پيو. واهه
جي ڪنارن سان البته ڏاڍي وڻراهه هئي ۽ مور به گهڻا
هئا، جن کي پوءِ ماڻهن ماري کپائي ڇڏيو آهي.
گونيءَ جي مُهڙ واري حصي کي ڦليليءَ سڏيندا آهن.
حيدرآباد جي هندو شاعرن ۽ اديبن جو ساڻس عشق هوندو هو. هر نظم،
قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي يا شروعات ڦليليءَ تي ڪندا
هئا. ڄيٺمل پرسرام هڪ ڀيري ڦليليءَ تي پنهنجو نظم
ٻُڌايو، اکين مان ڳوڙها ٿي وهيس. جذبي ۾ ڳل ڳاڙها
هئس. نظم ختم ڪرڻ بعد به ڪي گهڙيون ماٺ ڪري ويهي
رهيو هو. سانوڻ ۾ پاڻي وهي ايندا هئا ته ڦليليءَ
جي ڪناري تي ميلا لڳي ويندا هئا، ساري شهر جا هندو
اوڏانهن پرٽجي پوندا هئا. البته عوام کي قدرتي
نظارن ڏسڻ لاءِ وقت گهٽ هوندو هو.
ٻئي طرف کان حيدرآباد کي درياهه جو ڪنارو هوندو هو، يعني
ڪوٽڙيءَ واري پاسي ڏانهن. ڪنهن زماني ۾ اُتي ٻيڙين
۽ جهازن جو بندر هوندو هو، پر پُل ٺهڻ ۽ ريلن جي
چالو ٿيڻ بعد بندر ختم ٿي ويو ۽ انگريزن ان جاءِ
تي هڪ عاليشان پارڪ ٺهرائي ماڻهن لاءِ وندر جو
گوشو تيار ڪرائي ڇڏيو هو.
رابندر ناٿ ٽئگور کي ڄاڻ پئي ته اُن پارڪ وٽان سج اُڀرڻ جو
نظارو ڏاڍو دلڪش هوندو آهي، پاڻ حيدرآباد آيو ته
ان نظاري ڏسڻ لاءِ پوئين رات ڪري وڃي پارڪ ۾ ويٺو.
طلوع آفتاب جو منظر ڏسي دانهن نڪري ويس، چيائين:
”ساري دنيا ڏٺي اٿم، پر سج جي اُڀرڻ جو ههڙو نظارو ٻيو ڪٿي به
نظر ڪونه آيو اٿم.“
وڌيڪ چيائين:
”جت ههڙا نظارا هوندا، اُت شاعر ۽ فطرت جا ترجمان ڇونه پيدا
ٿيندا.“
جنهن وقت سر رابندر ناٿ ٽئگور ڪلڪتي مان ڪَهي، حيدرآباد پهچي،
گدوءَ ڀر بيهي اُهو نظارو پئي ڏٺو، عين اُن وقت
منهنجو اندازو آهي ته هتان جا پنهنجا ”فطرت جا
ترجمان“ اڃان دڦن ۾ پيل هوندا. ”ڪُفرانِ نعمت“ جو
نتيجو لازمي نعمت کان مرحوميءَ جي صورت ۾ نڪرڻو
هو، ڇو ته سُتت ئي گدوءَ وٽ چرين جي اسپتال کُلي ۽
ان نسبت سان ئي ان علائقي کي شهرت حاصل ٿي ۽ عام
چوڻي پئي ته: ”ميان، هاڻي گدو بندر موڪلڻ جي لائق
آهي!“
جاپان کي عزت ان ڪري حاصل ٿي جو ”اُڀرندڙ سج جي سر زمين“ هو.
گدو جنهن جي سج جي سونهن جي تعريف ٽئگور اهڙن لفظن
۾ ڪئي جو مقابلتا جاپان به کانئس پوئتي رهجي ٿي
ويو، تنهن جي نسبت چرين ۽ چريائيءَ سان وڃي پئي –
ٻيو به گهڻو گند بلا بونس ۾.
مون ٻئي شيون ڏٺيون.
گدوءَ جي صبح ڏسڻ لاءِ زندگيءَ جون ڪيئي راتيون صرف ڪيم. هڪ
ساري رات پارڪ ۾ بينچ تي ويهي، ۽ باقي بيشمار
راتيون ”فتح مبارڪ“ – سنڌ جو اُهو تاريخي پراڻو
سرڪاري جهاز، جيڪو درياهه جي ٻنهي ڪنارن جي گشت
لاءِ رکيل هو، پوءِ جهاز کي ريسٽ هائوس ڪري
بيهاريو ويو – جهاز ۾ رهيس. ماڻهو تعجب ڪندا هئا
ته بحيثيت وزير جي، آئون ”سرڪٽ هائوسن“ بدارن شهر
کان پري رد ٿيل پراڻي کوکي ۾ رهڻ جو ٿو بندوبست
ڪريان. پر حقيقي راز اهو هو ته مون کي اُتان طلوع
آفتاب جو نظارو ڏسڻو هوندو هو، جنهن ٽئگور کي به
ڇڪن ڪري ڇڏيو ٿي.
منهنجي دماغ ۾ گدو بندر وٽ درياهه جي ڪناري سرڪاري هوٽل ٺهرائڻ
جو منصوبو هو، جن جي ذريعي ”سياحت“ جي لحاظ سان
اسان جي ملڪ پاڪستان جي مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿي
سگهيو ٿي، پر قدرت کي منظور نه هو. ڪوشش جي باوجود
موقعو ڪونه مليو.
سچ هيءُ آهي ته صبح جو سج؛ جنهن سڄ ڌڄ، ناز ۽ نخري سان، گدوءَ
وٽان، رات جي زُلفن منجهان منهن ٻاهر ڪڍي هلي ٿو،
ان جو بيان تحرير ۾ آڻڻ مشڪل آهي. بعض ڪيفيتون
اهڙيون ٿين ٿيون جي دل ته محسوس ڪري سگهي ٿي، پر
زبان تي اچي نٿيون سگهن. اکيون ته ڏسي سگهن ٿيون،
پر هٿ قلمبند ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو.
حيدرآباد جو شهر
شهر حيدرآباد جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ اُن حيدرآباد جون حدون ڪهڙيون
هيون. تنهن بابت مختلف روايتون آهن. پر ايترو ظاهر
آهي ته هاڻوڪيءَ حيدرباد جو بنياد ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي رکيو، قلعو به انهيءَ ٺهرايو. قلعي جو ڪم
1768ع ۾ شروع ٿي 1770ع ۾ پُورو ٿيو. نظرداري جو ڪم
ميرزا احمد خراسانيءَ ڪيو، جيڪو ميان غلام شاهه جي
لشڪر جو ”بخشي“ هو. اڏاوت ۾ چُونو ۽ گچ استعمال
ٿيو. قلعي اندر ميان غلام شاهه جي پنهنجي رهڻ لاءِ
جيڪا جاءِ ٺهي، تنهن کي ”شيش محل“ سڏيائون، منجهس
”ديوان عام“ ۽ ”ديوان خاص“ به رکيائون، زنانه
خانوان کان علاوه هو. جن جاين جو اسان جي زماني ۾
ڪو نانءُ نشان ڪونه رهيو هو. قلعي جي ٻاهران عاملن
۽ ڀائيبندن کي پلاٽ ڏيئي ويهاريائون.
ان انتظام ٿيندي ئي ميان صاحب پاڻ اچي قلعي ۾ ويٺو ۽ حيدرآباد،
سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻي.
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي صاحبي شروع ٿي ته انهن به ساڳي ئي
صورتحال کي بحال رکيو ۽ ساڳي قلعي اندر رهي راڄ
ڪرڻ لڳا.
ٽالپرن ڪي به محلاتون هاڻوڪيءَ معنيٰ ۾ ڪونه ٺهرايون. بنيادي
طور هو بلوچستان جي پهاڙن ۽ پٽن جي پيداوار هئا.
سنڌ ۾ آئي گھڻو وقت جھنگن ۾ جاليندا هئا. ڪجھ
شڪار، ڪجهه سير تفريح جي خيال سان شهري زندگي سان
چاهه گھٽ هوندو هون. شخصي طرح شاندار ماڻهو
هئا.مُهذب، اشراف، خدا ترس، نيڪو ڪار،پڙهيل ڪڙهيل،
بهادر اصول هون ته رعيت سان رلي ملي رهجي. چور
حاڪم نه هئا جوکين پنهنجي رعايا مان جان جو خوف
هجي،جنهنڪري يا ته لڪا گھمن يا پهرن جا وڏا
بندوبست رکن.عيش عشرت ۾ ايتريقدر نه ڦاسجي جو
عوام کان پري، هڪ عليحده دنيا ۾ رهڻو پوي. حڪومت
جي نظام کي نه ايتريقدر هلڪو ۽ آسان رکجي جو
خلق خدا جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه بنجي پوي. يورپ جي
فلاسفرن کي بعد ۾ وڃي اهو راز معلوم ٿيو ته
بهترين حڪومت اها ٿئي ٿي جنهن جي موجودگي ماڻهو
گھٽ ۾ گھٽ محسوس ڪن ۽ اهڙو حال نه هجي جو رعيت
رات ڏينهن صرف حڪومت جو ئي روئڻو روئيندي وتي؛
يعني ان جي غمزن جو، ان جي مالي پَٽ کوه جو ، ان
جي قانوني لڪ ڇپ جو، يا ان جي ڪامورن جي ڪڌن
ڪرتوتن جو.
ميرن اڳيان پاڙي جي حاڪمن جا گھڻائي مثال موجود هئا؛ ايران
جا، دهلي جي مغلن جا، اؤڌ جي نوابن جا ۽ اُتر جي
سکن جا. پرهنن اهي رستا اختيار نه ڪيا. حڪمرانيءَ
جي هڪ اهڙيءَ نئين طرز وڌائون ، جو جڏهن انگريز
جارحن هتي اچي ان کي ختم ڪيو، ته کين قبول ڪرڻو
پيو ته . ”گناهه ڪري وڌو اٿئون“ ؛ لنڊن جي
پارليامينٽ ۾ ورهين تائين ان گناهه تي، هڪ ٻئي
مٿان ملامتون وسائيندا رهيا. شايد اڻويهين صديءَ
جي بين الاقوامي جارحن ۽ ظالمن وٽ به ضمير
هوندو هو؛ پوءِ ته ان وٿ جو به ڪال نظر آيو.
ميرن جي ناڪاميءَ جي ڪارڻ
سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٻاهرين کي اهڙي گناهه ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟
جيڪڏهن ميرن جي طرز حڪومت ايتريقدر چڱي هئي ته
پوءِ ختم ڇو ٿي؟
ٻه ٽي سبب سمجھ ۾ اچي سگھن ٿا:
اولن: مير نيڪ هئا، انگريز فلاسافر جارج برناڊشا جو قول آهي
ته، ”نيڪ هجڻ جوکائتو آهي“ ٻي ڳالهه شايد هيءَ ٿي
ميرن دفاع جو مدار محض پنهنجن ٻروچن – ٽالپرن،
مرين،لغارين، شيدين، نظاماڻِين وغيرهه- تي رکيو
هو. باقي سنڌ جي عوام کي هر هلائڻ ۽ پوکن ڪرڻ تي
ڇڏي ڏنو هئائون وقت آئي نتيجو اھو نڪتو جو سندن
جنگ ٻروچن جي جنگ بنجي پئي،سنڌي عوام جي جنگ نه
بنجي سگھي ۽ نيپيئر ٿورڙن سپاهين سان مياڻِي دُٻو
کٽي سنڌ تي قبضو ڪري ويهي رهيو.جيڪڏهن جنگ ۾ سنڌ
جي عوام جي دلي شرڪت هجي ها، ۽ مير صاحب پنهنجي
حڪومت جا ستر سال سنڌي عوام ۾ حب الوطني جي جذبي
جاڳائڻ ۽ منجھن دفاع لاءِ جنگي صلاحيتن پيدا ڪرڻ
تي صَرف ڪندا رهن ها ته نيپيئر چند سؤ سپاهي ساڻ
ڪري بکر مان هلي، رستي جا جھنگ جر جھاڳي، خير
سان مياڻي تائين پهچي ئي ڪو نه سگھي ها، جنگ
ڪرڻ ته پو ءِ جي ڳالهه هئي. تنهن زماني تائين
سنڌ اڃا ويٽ نام جون سڪون پئي لاٿيون: اٿاهه
جھنگ، سالانه سيلاب،فوج ڪشيءَ لاءَ رستا ندارد.سنڌ
جا جوان رستي مان ئي برطانوي فوجن کي ائين کڻي
وڃن ها، جيئن ” ڪنگ ڪُرڙي “ کڻي وڃي. ڪيڏانهن مُٺ
ڀر پرديسي لشڪر، ڪيڏانهن سکر کان حيدرآباد تائين
وچ جو لکين عوام؟ ڳالهه جو ڳر اهو ٿيو ته سنڌ جو
عوام ميرن جو مطيع ضرور هو- پر مدد گار نه هو.
ائين نه هو ته سنڌ جا ماڻهو بزدل هئا يا وڙهڻ نه ڄا ڻندا هئا.
هو صدين کان سنڌ جي ويرين – خلجين، تغلقن،ارغونن،
راجپوتن، پٺاڻن،قلاتين – سان وڙهندا رهيا هئا.
جنهن به دشمن هيڏانهن اک ٿي کنئي، تنهن جي اک ڪڍي
ٿي وتائون.ٻيو ته ڇڏيو ،پر جڏهن ٻاهريون دشمن
ڪونه هوندو هوُن ، ته سنڌي قبيلا پاڻ ۾ وڙهي حرب ۽
ضرب جي فن کي مڙيوئي زنده رکندا ايندا
هئا.ڪيترائي سنڌي قبيلا پاڻ ۾ ۽ نسلي گروپ
پهلواني ءَ ۾ خاص طرح سان مشهوره هئا. مثلاً
ڪلهوڙن حاڪمن جو اڪثر وقت اهڙن قبيلن کي
سرچائيندي ۽ ساڻن مٽي مائٽي جي تعلق قائم ڪندي
ٿي گذريو. سنڌي سومرن ۽ سمن صدين تائين راڄ ڪيو
هو.انهن لشڪر ڪٿان کان آندو؟ پنهنجي ءَ سنڌ
منجھان ئي ڀرتي ڪيائون ٿي، جت مناسب مارشل مواد جي
ڪڏهن ڪمي محسوس ڪانه ڪيائون.دولهه درياهه خان جهڙا
بهادر ڪير هئا؟ مطلب ته سنڌي عوام ۾ اها صلاحيت
بدرجه اُتم موجود هئي، ته هو جيڪڏهن گھرن ها ته
ميرن جي مدد ڪري سگھن ها، نيپيئر کي هڪ قدم اڳتي
وڌڻ نه ڏين ها.
پر ميرن جي پنهنجي بدقسمتي هئي. سندس قبيلو بلوچستان مان آيل
هو. مقامي عوام تي سندن اعتبار ڪونه ڄميو، حتاڪ
جيڪي ٻروچ قبيلا سنڌ جا پراڻا باشندا هئا، تن کي
اعتماد ۾ وٺي ڪونه سگھيا.مثلاً چانڊڪي جا چانڊيا،
جيڪي پاڻ ۾ سندن مخالفت ۾ نيپيئر جي مدد لاءِ
چڙهائي ڪرڻ جا پهه پچائيندا رهيا.
في الحقيقت اها ويڌن مڙني غير مانوس ٻاهرين حاڪمن، مثلاً مغربي
سامراجين سان ساريءَ دنيا اندر پي رهي آهي. خود
انگريزکي به هت پهتي کان پوءِ پيش ايندي رهي.
ٽيون سبب ميرن جي راڄ جي خاتمي جو هيءُ ٿيو ته سندن پرڏيهي
پاليسي ناقص هئي.اُڻويهين صدي اچي ويل هئي. اسٽيم
انجڻ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. مغرب جا راڪاس مشرف
طرف پکڙڻ لڳا هئا.پاسي پلو جي رياستن جون
حڪومتون پوڙهائپ جي آخر منزلن ۾ هيون، نيڪي بدي
جا معيار بدلجي ويا هئا. بين القوامي انساني
اخلاق جا بنياد پٽجي چڪا هئا. پوءِ مهاڙين ۾
ويِٺي، انهن رڃ مڙسن کي بنهه اها ڪل ڪانه رهي، ته
دنيا انقلاب جي چڪر ۾ اچي چڪي آهي؛ جن ڌرين سان
پلاند اٽڪيو اٿن ۽ جن سان عهد ناما ڪيا اٿن سي
دغا باز آهن؛جيڪي بندوقون پاڻ جھنگ جي جانورن تي
ڇوڙيندا رهيا هئا، سي اڄ ڏانهن سڌيومن ٿي رهيون
آهن . مطلب ته در تي دُهل پئي وڳا ۽ ڇوڪرا اڃان
ڇيڻا پئي چونڊيا!
اها هئي ميرن جي ”پرڏيهي پاليسي“ ۽ بين القوامي حالات بابت
سندن بيدار مغزيءَ جي ڪيفيت. وري ان تي مستزاد
ساده لوحي، مهمان نوازيءَ جو مرض ۽ نانگن کير
پيارڻ جي عادت، جيڪي ڪمزويون سنڌ جي فضا ۾ سؤ سال
کن رهڻ ڪري منجھن به پيدا ٿي چڪيون هيون.
مثلاً سندن مهمان نوازيءَ سان متعلق هي تاريخي واقعو ٻڌو:
ميرن کي معلوم ٿيو ته هڪ پرڏيهي شخص پنهنجي اباڻي ملڪ مان تڙجي
جلاوطنيءَ جي حالت ۾ اچي سنڌ جي سرحد تي پهتو هو ۽
سنڌ ۾ پناهه وٺڻ جو آسروند آهي.
اها خبر ٻڌندي ئي ميرن صاحبن جي مهمان نوازي وارو جذبو جاڳي
اٿيو –هڪ مهمان سنڌ جي در تي شام اچي پيو هجي،
تنهن جو ڪيئن نه آڌر ڀاءُ ڪجي؟ هڪدم استقبال لاءِ
ايلچي، اُٺ ، گھوڙا، ڪجاوا ۽ محافا موڪلي ڏنائون،
ته وڃي مهمان کي وٺي اچن. هو صاحب جڏهن هت
پهتو ته ان جون مهمانيون جھلايائون. رهڻ لاءِ
ڳوٺ ڏنائون پيٽ گزر جو ڪافي بندوبست ڪيائون ۽
سام توڙي مهمانداري جا فرض ايڏي پيماني تي پورا
ڪيائون، جو جنهن ملڪ مان مهمان نيڪالي جھلي نڪتو
هو، سو ملڪ هرو ڀرو سنڌ جو دشمن بڻجي پيو.
ٻئي طرف مهمان پاڻ جڏهن ميرن جون مهمانيون ماڻِي ۽ سنڌ جو نمڪ
واپرائي مطئمن ٿيو ته دل ۾ خيال جاڳيس ته ڇو
نه مورڳو ميرن کي مارائي، انگريزن جي مدد سان،
سنڌ جي رياست کي پنهنجي نالي ڪرائي وٺجي.
هڪدم انگريزن سان ايتريقدر ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو، جو نيپيئر پاڻ
پنهنجي دستخطي ريڪارڊ ۾ لکيو ويو آهي، ته سنڌ کي
فتح ڪرائڻ ۽ ميرن کي شڪست ڏيارڻ ۾ سندس پهريون
نمبر دوست ۽ معاون ميرن جو اهو مهمان هو!
مهمان جي چڱ مڙسي جي خبر ميرن کي به پئجي ويئي هئي ۽ هن ڪجھ
قبيلن کي اڀاري سندس گوشماليءَ جي به ڪوشش ڪئي
هئي،پر وريو ڪجھ ڪونه، ڇو ته گھڻي دير ٿي ويئي
هئي ۽ هن پاڻ کسڪي اچي سڌي طرح انگريزن جي پيرن ۾
ڪراچي اندر پناهه ورتي هئي، جيڪا اڳ ئي انگريز
قبضي ۾ آِڻي چڪو هو. مهمان صاحب پوءِ ڪراچي مان به
ڪنهن ٻئي طرف هليو ويو. انگريز سنڌ فتح ڪرڻ بعد
پاڻ ” پريو مڙس“ بڻجي ويهي رهيو، البته مهمان جي
پوين کي به اها تمنا ستائيندي رهي، ته ڪنهن طرح
سنڌ کيس رياست ٿي ملي!
عمارت سازيءَ جو بنياد
انهيءَ دور جي سنڌي عمارت سازيءَ جو بنياد نمائشي زيب زينت تي
نه، پر انساني آسائش جي اوليت جي اصول تي هوندو
هو؛ يعني جاءِ منجھان جاءِ ۾ رهندڙ کي ڪيتري قدر
آسائش ۽ آرام حاصل ٿي سگھي ٿو. تنهن جو آڌار وري
هوندو هو ملڪ جي آب و هوا تي. سنڌ ۾ گرمي به سخت
پوندي هئي ۽ سردي به سخت.ساڳئي وقت ڪن موسمن ۾ هوا
جي به قلت هوندي هئي .تنهنڪري جاءِ اها موزون
سمجھي ٿي ويئي، جيڪا سانوڻ ۾ ٿڌيءَ ۽ سياري ۾ ڪوسي
رهي ۽ فطرتي هوا جي گذر کان محروم نه هجي ، ڇو
ته ان زماني ۾ نه بجلي هئي ، نه ايئرڪنڊيشنر، نه
هيٽر.
اسان جي ڪاريگرن تنهن ڪري هي اصول ٺهرايا هئا ته:
ڀتيون ٿلهيون موڪريون ۽ ڪچين سرن جون رکجن؛ (2) ڇتيون تمام
مٿاهيون هجن، جيئن اندر ڪمري جو ٽيمپريچر سڌيءَ
طرح ٻاهرين؛ يعني انتهائي گرم سرد ٽيمپريچر کان
ناقابل برداشت حد تائين متاثر نه ٿئي؛ (3) ڪمرا،
خاص ڪري رهائش جا تمام موڪرا رکيا وڃن؛ (5) ڇتيون
ڪاٺ، ٽوئن، پترن، بُهه، واريءَ مٽيءَ جي لپين تي
مشتمل هجن، ڇو ته لوهه ۽ سرن جي ڇت ٽيمپريچر کي
روڪي نٿي سگهي؛ (6) هوا لاءِ، هوا جي رخُ کي مدنظر
رکي ڇتين ۾ بادگير رکجن، جيڪي ضرورت آهر کُلي ۽
بند ٿي سگهن.
اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته اوائل ۾ جڏهن انگريز سياح سنڌ ۾ اچڻ
لڳا، ته کين بادگيرن (مَنگهن) جو نظارو عجيب نظر
آيو. پري کان ڏسي ايئن گمان ڪرڻ لڳا، ته سنڌين
گهرن مٿان حفاظت لاءِ مورچا ٺاهيا آهن يا ڍالن سان
لشڪر بيهاري ڇڏيا اٿن. سنڌ جي فتح کان پوءِ،
انگريز انجنيئرن به هتي تعمير لاءِ ساڳيا اصول
بحال رکيا هئا. سندن دور جا بنگلا، ڪچهريون، ريلوي
اسٽيشنن جون عمارتون ۽ عدالتون وغيره ڏسي سگهجن
ٿيون.
رهيو زيب ۽ زينت جو مسئلو، تنهن سلسلي ۾ سنڌ جا استاد اندر ئي
اندر حد ڪري ڇڏيندا هئا. ڇتين، ٿنڀن ۽ ڪاٺيارن حصن
تي ڪمانگري جو اهڙو ڪم ڪيائون ٿي جو جتي ان ڪم جا
اڃان تائين ڪجهه نشان بچيل آهن، سي سون سالن گذرڻ
کان پوءِ به اهڙا پيا لڳن، ڄڻ ڪالهوڻا آهن. ڏسيو
يورپي آرٽ جي ڄاڻن جا ٻه ڏند چپن سان لڳيو وڃن.
درن ۽ درين تي اعليٰ درجي جو رنبيءَ جو ڪم ڪندا
هئا ۽ اهڙا نقش نگار اُڪريندا هئا جو انهن کي ڏسيو
ڪشميري ماهر به حيران ٿي ويندا هئا. سنڌ جي پراڻين
جاين ملن، مالڪن، اهڙا گهڻا آرٽ جا شهپارا پٽي
وڪڻي ڇڏيا آهن. جيڪي ڪن نون مالدارن خريد ڪري آڻي
پنهنجن بي زيب بنگلن ۾ ٽُنبيا آهن. ڪراچي ۾ به ڪٿي
ڪٿي ڏسي سگهجن ٿا. گهڻا ته ملڪ کان ٻاهر به هليا
ويا آهن.
جيڪڏهن ان کان پوءِ به اڃا زيبائش جي ڪا حاجت رهجي ٿي ويئي ته
اها نصرپور ۽ هالن جي رنگ برنگ ڪاشيءَ جي سرن سان
پوري ٿي ڪئي وئي. اڄڪلهه آرٽ ۽ صنعت جي دنيا ۾ سنڌ
جي ڪاشيءَ تي خاص تحقيق ٿيندي رهي آهي. مُحقق،
ميرن جي دور جي ڪاشيءَ جي پختائي ۽ سانچي جي سڌائي
۾ سنڌ جي ڪاريگرن جو ڪم گهڻو بهتر هو. جيڪڏهن اڄ
قدردان مري ويا، يا ڪاريگرن کي ڪوڙ کائي ويو، يا
ان هنر جي سرپرستي ڪانه ٿي ته ان ۾ ڏوهه هنر جو نه
آهي.
هيءُ ته ٿيو سنڌي عمارت سازيءَ جو بيروني خاڪو. پر
ڪمرن جي اندرينءَ سجاوٽ لاءِ به سنڌين وٽ اعليٰ
قسم جون شيون هونديون هيون. مثلا جنڊيءَ تان لٿل
رنگ برنگي فرنيچر: هندورا، سيجون، کٽون، طاق،
ٽيبل، ڪرسيون، منجيون، جهليون، گلدان، جنهن شيءِ
تي نظر پوي، دل پيئي اُڌما کائي. ان زماني جا اسان
جا ڪاريگر آرٽسٽ سان گڏ ايماندار به هوندا هئا،
جيڪا شئي ٺاهيندا هئا سا دل سان (نه رڳو پئسي ڪڍڻ
جي خيال سان) جيڪو رنگ استعمال ڪندا هئا سو سچو ۽
پختو هوندو هو. سون سالن کان پوءِ به نه رنگ ڦٽندو
هو نه ان جي چمڪ ۾ فرق ايندو هو. مون پاڻ اهڙيون
شيون ڏٺيون آهن، جيڪي سون سالن کان پوءِ به نيون
پيون لڳن، اهوئي سبب هو جو سنڌ جي ڪاريگرن کي رنگ
جو بادشاهه سمجهيو ويندو هو. |