سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :31

شام جو اسان سندس پٽ مير نصير جي معرفت سنڌ جي مير سان ملاقات ڪئي، جيڪو اسان کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هليو، هن ٻڌايوته برطانيا حڪومت جو دوست آهي ۽ سندس ڪوشش سبب اسان کي سنڌوءَ رستي سفر ڪرڻ جي اجازت ملي آهي. اسان سنڌ جي مير کي درٻار جي ڪمري جي وچ ۾ ويٺل ڏٺو، جنهن جي ڀرسان سندس ڪيترائي مٽ مائٽ ويٺل هئا. جيئن ئي اسان اندر گهڙياسون ته سڀيئي اٿي بيٺا ۽ پنهنجي روش ۾ ڏاڍا نماڻا ۽ نهٺا هئا. هز هائينس مير صاحب مون سان منهنجو نالو وٺي مخاطب ٿيو ۽ هن مون کي ٻڌايو ته مان سندس سرڪاري ۽ غير سرڪاري دوست آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڀاءُ (ڊاڪٽر برنس) ڪنهن موذي مرض جو علاج ڪري کيس چڱو ڀلو ڪيو هو ۽ مون کي ان گاديلي تي گڏ ويهاريائين جنهن تي هو پاڻ ويٺو هو. هن مونکي گذارش ڪئي ته سڀ سامهون آيل مشڪلاتون ۽ خطرا وساري ڇڏيان ۽ کيس برطانيا سرڪار جو دوست سمجهان......... هو هڪ سپاهي آهي ۽ سياست مان گهٽ ڄاڻي ٿو. هن کي ٽي لک سنڌين جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ الله جي مهرباني سان هو ئي سندن حڪمران آهي.

”توهان جيئن ته راڄڌاني ۾ پهچي ويا آهيو، تنهنڪري اسان جو فرض آهي ته توهان جي دلي طور آجيان ڪريون.“ هن اسان کي اهو به چيو ته سندس شاهي ٻيڙو سنڌ جي سرحدن تائين توهان سان گڏ هلندو ۽ سنڌوءَ جي اوڀاري وهڪري ۾ هتان جي رعايا توهان جي ٻيڙين هلائڻ ۾ هر قسم جي مدد ڪندي. جيڪڏهن توهان جي مرضي هجي ته شاهي هاٿي ۽ پالڪيون به توهان جي حڪم جون منتظر آهن. برطانيا جي بادشاهه سلامت طرفان موڪليل سوکڙيون سنڌ جي سرحد تائين اڳڀريون ڪرائڻ لاءِ وزير جو پٽ مقرر ڪيو ويو. مان هزهائينس سان ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه ڪانه ڇيڙي نه وري ان بدلي پنهنجي فوج جي انگ اکر ڏيڻ جي ضرورت پيش ڪئي......... هزهائينس ايندڙ صبح جو وري ٻيءَ ملاقات لاءِ اڳ ۾ ئي وقت رکي ڇڏيو هو، جنهن ۾ برطانيا سرڪار طرفان سياسي نوعيت جون ڳالهيون ساڻس ڪندس.........

مير ۽ سندس خاندان وارن کي ڪي اوچي قسم جا جواهر موتي پاتل ڪونه هئا....... درٻار ۽ سندن شاهي محلات ٻئي ساديون هيون، جن اسان جو ڌيان ڪونه ڇڪايو. اسان جي آجيان هڪ صُفحي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪو غاليچو به وڇايل ڪونه هو. مير به هڪ اهڙي ڪمري ۾ ويٺا هئا جتي گدلا ميرا سپاهي ميڙاڪو ڪيو مٿان بيٺا هئا. گوڙ شور ۽ مٽي ايڏي هئي، جيڪا سهڻ جهڙي نه هئي. کين ماٺ رهڻ واسطي مير پاڻ وري وري آواز ڏيئي تاڪيد پئي ڪيو، پر ان جو ڪوبه اثر ڪونه ٿي ٿيو. اُن گوڙ ۽ شور ڪري بعضي ته خود مير جو پنهنجو آواز به ٻُڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. اسان کي ٻڌايو ويو ته اُهو گوڙ ان ڪري آهي جو اسان کي مير، سنڌ جي فوجي طاقت ڏيکارڻ پئي چاهي. رستا ۽ گهٽيون ماڻهن سان ڀريون پيون هيون.  سردارن جي ڪوشش کان سواءِ اسان جو قلعي کان ٻاهر نڪرڻ ئي ممڪن ڪونه هو. اُهي سردار قلعي کان ٻاهر نڪرڻ واسطي اسان جا پيشوا مقرر ٿيل هئا.

مون ملاقات کان پوءِ سرڪار طرفان هزهائينس لاءِ ڏنل سوکڙيون، جيڪي گهڻو ڪري يورپ جون ٺهيل هيون، جهڙوڪ: بندوق، پستول جو پٽو، سوني واچ، ٻه دوربينيون هڪ گهڙيال انگريزي شالون، شيشي جي شمعدان جا ٻه عاليشان جوڙا، ڪجهه بمبئي ۾ ڇاپيل فارسي ڪتاب ۽ فارسي نوعيت جو دنيا جو۽ هندستان جو نقشو هئا. اسان اُهي سڀ سوکڙيون هزهائينس جي حوالي ڪيون. سنڌ جي امير اسان ڏانهن اڳ ۾ به قاصد ان مقصد لاءِ موڪليا هئا، ته جيئن مان تحفي واريون شيون هنن کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي نه ڏيان ۽ پندرهن ملين اسٽرلنگ پائونڊ رڳو سندس گهر جي ڀاتين ۾ ورهايان ۽ هوڏانهن سڀني سوکڙين جو مُلهه به ٽي سئو پائونڊن کان مٿي ڪونه ٿيندو............ ان ڏينهن سج لٿي تائين مٺائين ۽ ميوات سان ڀريل ۽ سونن ورقن سان ڍڪيل تس مير جي گهر جي مختلف ڀاتين جي طرفان اسان ڏانهن پئي ايندا رهيا.

صبح جو سوير اسماعيل شاهه جي رهنمائي ۾ اسان کي شاهي درٻار ۾ آندو ويو. هو اسان جو مهماندار ۽ شاهي وزير هو. هن موقعو ڏسي مون کي چيو ته مان مير کي گهڙيال جي بدلي ٻيون شيون ڏئي خوش ڪري سگهان ٿو. مير سان ٻي ملاقات منظم ۽ پراُمن ماحول ۾ ۽ ڏاڍي بهتر نموني ۾ ٿي........ گفتگو ڏاڍي دوستاڻي وايو منڊل ۾ ٿي. هزهائينس اسان جي لباس ڏانهن ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهيو هو. منهنجي ٽوپلي ۾ جيڪي کنڀ لڳل هئا، سي کيس ڏاڍو وڻيا ٿي.

مير جي پٽ مير نصير خان اسان کي دمشق جي هڪ خوبصورت تلوار تحفي ۾ ڏني. ان جي مياڻ ڳاڙهي بخمل جي ٺهيل هئي ۽ مٿس سون جو ڪم ٿيل هو. سندس پيءُ اسان ڏانهن پندرهن سو رپين جو ڀريل ٿيلهو موڪليو ۽ معافي به طلب ڪئي هئائين ته وٽس پيش ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪا خوبصورت تلوار موجود ڪانه هئي ۽ چورائي موڪليائين ته اميد ته اسان جي هيءَ سوکڙي قبول پوندي.

سنڌ جي راڄڌاني جي ڀرسان ڏيک ڏاڍو گهڻ رنگائون ۽ خوبصورت آهي. سنڌوءَ جي ڪناري سان وڏا ڊگها وڻ آهن. پسمنظر ۾ ٽڪريون اٿس، جن هن مٽي واري خشڪ علائقي ۾ ڏاڍي رونق پيدا ڪري وڌي آهي. سنڌو به گهڻن هيٺين علائقن کان هتي ڪجهه وڌيڪ ڪشادي آهي. هن ماڳ تي سندس ويڪر 830 گز آهي. وچ تي وارياسي ٻيٽاري اٿس، پر اها هاڻي پاڻيءَ هيٺان لڪل آهي.

حيدرآباد جو شهر خشڪ ٻيٽ تي ٺاهيل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اها زمين پٿرائين ۽ ٽڪرائٽي آهي، هتي ته پوک لائق ڀليءَ ۽ زمين وارا علائقا به غير آباد پيا آهن. هي پٽ ته مٿانهون ۽ جابلو آهي.

حيدرآباد جي آدم شماري ويهه هزار آهي. ماڻهن جو گهڻو انگ جهوپڙين ۾ رهي ٿو. ڪجهه ڪچيون جايون به نظر اچن ٿيون. مير جو پنهنجو گهر به زيب ۽ زينت وارو ڪونه آهي. هڪ عام رواجي گهر نظر ايندو. قلعو ۽ شهر هڪ ٽڪري تي ٺاهيل آهي. قلعو به هڪ عام رواجي طرز جو آهي ۽ ڪنهن ڀاڱي جي چوڌاري ڏهه فوٽ ويڪري ۽ اٺ فوٽ اونهي کاهي کوٽيل آهي، قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ کاهي مٿان ڪاٺ جي هڪ پُل ٺاهيل آهي. سندس ڀتيون پڪ سريون اوچائي ۾ پنجويهه فٽ کان مٿي آهن، جيڪي زبون حاليءَ جو شڪار آهن. ڪلر کين کائي تڪڙو ناس ڪري رهيو آهي، حيدرآباد ڪا ايڏي مضبوط جاءِ ڪانه آهي.  جيڪڏهن ڏاڪڻيون رکي قلعي تي حملو ڪبو ته اُهو فتح ڪرڻ ۾ ڪا دير ڪانه لڳندي. قلعي جي وچ تي هڪ منارو ٺاهيل آهي، جنهن جو قلعي جي تعمير سان واسطو ڪونهي. مناري تي مٿي چڙهي نظارو ڪبو ته آس پاس وارو سارو علائقو اکين اڳيان پيا ڏسبا. چيو ويندو آهي، ته هتي سنڌ جا خزانا پوريل آهن. ڦليليءَ جي ڦاٽ، حيدرآباد کي سڄي علائقي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. چاڙهه واري موسم ۾ هي ڦاٽ وڏو درياهه پيو نظر ايندو. اپريل جي مهيني ۾ جڏهن اسان حيدرآباد ۾ هياسون ته اُهو سڪل هو.

انهيءَ کان اڳ، حيدرآباد جي ميرن اسان کي شڪار جي دعوت ڏني، جيڪا اسان خوشيءَ سان قبول ڪئي. شڪار جو اهو ماڳ راڄڌاني جي اُتر طرف هو. اسان ٻئي صبح جو کائو پوٽا پتڻ جي ڀرسان وڃي هزهائينس سان ملياسين. هيءُ ماڳ شهر کان ڏهن ميلن جي فاصلي تي هو. مير صاحب شڪار ڇڏي اسان سان ملڻ آيا. مير شهدادخان نيرن ڪرڻ مهل اسان سان ملاقات ڪئي. ٻين ميرن پڻ اسان جي رهائش واري جاءِ ڏهه دريءَ وٽان لنگهندي اسان جي مرحبا ڪئي.

مير شهداد جي عمر ٻاويهه سال کن ٿيندي. ڏاڍو ڏٻرو ٿي نظر آيو. چيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن ڳڻتي ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي پيءُ چاچن کان وڌيڪ پڙهيل ۽ ذهين آهي. هن مون کان پڇيو ته: چين وارن جو مذهب ڪهڙو آهي؟ جڏهن مون کيس هن موضوع تي ڪجهه ڄاڻ ڏني ته چيائين: چنگيز خان جو مذهب به اهوئي هوندو. ’ايڊنبرا رِويو‘ جا ڪجهه پرچا سندس ميز تي پيا هئا. هن جي پُڇا ڳاڇا ڪرڻ تي مون کيس ’رِويو‘ متعلق ٻڌايو ته اهو ڇا آهي. جڏهن آئون ڳالهائي رهيو هوس ته هو ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي ۽ هنڊائي رهيو هو. جڏهن مون ڳالهائي بس ڪيو ته شايد اسان جي ماني کي دير ٿي رهي آهي، انڪري هو ڪجهه پريشان ٿي ڏٺو. هن چيو ته سندس غير حاضري ڪري سندس پيءُ کي اُلڪو ٿيندو هوندو، تنهن ڪري هو موڪلائي هليو ويو. هو پنهنجي ڏاڏي مير مراد علي جي مزار تي فاتح پڙهڻ ويو هو. سندس طبيعت مان معلوم ٿيو ٿي، ته هو سڀني ميرن کان مزاج ۾ سخت ۽ سنجيده خيالن وارو آهي.

ڪچڙي منجهند ڌاران  هڪ قاصد ڊوڙندو آيو، جنهن اچي اسان کي ٻڌايو ته مير صاحب اسان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن. اسان جي ٽولي ۾ آئون، ليفٽيننٽ وُڊ ۽ ليچ هئاسون. اسان اُٺن تي سوار ٿياسين، جيڪي ڏاڍي سهڻي نموني پاکوڙيل هئا. اُهي خاص طور اسان جي سواري لاءِ موڪليا ويا هئا. مير نور محمد ۽ نصير محمد مافن تي هئا، جيڪي ٻن خچرن تي رکيل هئا. هڪ خچر اڳ ۾ ٻيو پُٺيان هو. جڏهن اسان وٽن پهتاسون ته هو هيٺ لهي اُٺن تي سوار  ٿيا. آئون سمجهان ٿو ته مافن واري سواري اٺن جي سواري کان وڌيڪ آرامده هئي ۽ گرمي کان بچاءُ لاءِ مٿان ڇانو به ڪيل هئي. اٺن جي سواري ۾ اهي سهولتون ڪونه هيون. سواري جي اها مٽا سٽا  هنن رڳو اسان واسطي ڪئي هئي. جڏهن مان اها ڳالهه مير صاحب کي ٻڌائي ته مير صاحبن وڏي اخلاق ۽ ٻاجهاري نموني چيو: اُٺن جي سواري به آرام واري هوندي آهي. اُٺن تي اسان سڀيئي ميرن سميت لڏندا لمندا پئي آياسون. اٺن کي سکيا ڏيڻ کان پوءِ سندن سواري سفر جو سهنجو ذريعو هوندي آهي. جڏهن نماز جو وقت ٿيو ته اُٺن تان لهي پياسون ۽ سرڪي وڃي وڻن جي ڇانو ۾ بيٺاسين ۽ پنهنجي قاصد جي ذريعي گذارش ڪئي سين ته هو ڀلي ڌار پنهنجي سهولت آهر سفر ڪن.

مير صاحب هن ڀيري ڪنهن حجاب ۽ وڏ ماڻهپائي بنا ڏاڍي سٺي نموني ساڻ مليا هئا. درٻارين، اُٺن جي جٿن ۽ ميرن جو لباس ڏاڍو سهڻو هو. سڀني کي ڦڪي رنگ جو چولو پهريل هئا. جيڪي بلائوذر جيان ٿي لڳا. کين چيلهه تي لنگين جا سندرا ٻڌل هئا. مير نور محمد اسان کان پڇيو ته اسان ڪمربند ڇو ڪونه ٿا ٻڌون. مون کيس وراڻيو: اسان ان جي بدران سوڙهو چست لباس پائيندا آهيون. هن وڌيڪ چيو، ته ڪمربند هڪ قسم جي سونهن به هوندو آهي. اسان سان گڏ جيڪي  سنڌي هئا، سي عام سنڌين جيان شور گوڙ ۽ هُل هُلاچي جا ڪوڏيا هئا. وک وک تي ’بسم الله‘ ۽ ’ياعلي‘ پئي ورجايون. جڏهن اُٺ ڪڙئي جي ڪپر تي ٿي چڙهيو، ته ’بسم الله‘ ٿي پڙهيائون ۽ جڏهن وري رستي سان ٿي هليو ته ’يا علي‘ ٿي ٻوليائون ۽ اسان ڏاڍو مزو پئي ورتو. ميرن سان پنهنجا ملازم ساڻ هئا. شام ويلي اسان سڀيئي ’ميسا‘ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي  ۾ پهتاسون، اُن جي ڀرسان  ئي هڪ باغ ۽ شڪار جو گودر هو. ٽالپر سردار  هتي اچي لٿا. رات جو اسان ڏانهن ماڻهو موڪلي نياپو ڪيائون ته اسان اوهان  جا ٽوپلا ڏسڻ گهرُن ٿا، جن گرمي کان اسان جو بچاءُ ڪيو هو. اسان گرميءَ ۾ آرام سان پئي هلياسون ۽ مير صاحب ڪاڙهي ۾ ڪڙهي هُچ ٿي پيا هئا. ليفٽيننٽ ليچ کي پاتل ٽوپلو خاص اهميت جي لائق هو، جيڪو رنگ جو اڇو، وڏو، اُبتو سبتو به جهٽ ٿي پئي سگهيو. اندرئين پاسي رنگ سائو هوس. شڪار مهل هيڏي هوڏي ڦرندي سڀ ڪنهن پئي انهن ٽوپلن جي تعريف ڪئي. مون کي پاتل ٽوپلو ته ڇسو هو ۽ پراڻو به هو. پنهنجي عمر پوري ڪري چڪو هو. ميرن ڏانهن پنهنجو اُهو ٽوپلو موڪليندي مون کي لڄ پئي آئي، تنهن هوندي به مون پنهنجو پراڻو ٽوپلو مير صاحبن ڏانهن موڪلي ڏنو......... رات جو اسان سڀني مير صاحبن جي تيار ڪرايل سيخ ڪبابن جو لُطف ورتو. اسان رڳو هڪ ڀيرو ڪباب ڪونه کاڌا، پر جيترو وقت اسان شڪار تي هئاسون، ته ميرن جي مهمان نوازي کان لُطف اندوز ٿيندا رهياسين. (13)

 


 

اسسٽنٽ سرجن جي. ايف. هڊل

 

حيدرآباد جو شهر- 1836ع ۾

 

قلعي جي بچاءَ لاءِ چئني طرف هڪ خندق (کاهي) آهي. شهر سان آمدرفت لاءِ، وڏي دروازي جي سامهون کڏ مٿان هڪ پل آهي، جا لنگهي شاهي بازار ۾ وڃي ٿو پئجي. دوازي اڳيان به بچاءَ لاءِ هڪ نيم چڪر ديوار آهي، ۽ ڪهڙي به پاسي دروازي تي پهچڻ لاءِ اڌ شهر جون سوڙهيون گهٽيون پهريائين لنگهڻيون ٿيون پون. ڪوٽ اندر جايون هڪٻئي مٿان ڳاهٽ ٿيون پيون آهن.  ماڳهين ڪوٽ کان ته شهر وڌيڪ ترتيب سان اڏيل آهي. قلعي ۾ هر قسم جا مڪان جڙيل آهن. جن جو نه اُنڍ نه مُنڍ ۽ جيڏانهن ور اُتي سوڙهيون ۽ ڏنگيون گهٽيون آهن. صاحبزادن جا محل، ديوان خاص، ميراڻي درٻار، نوڪرن جون جڳهون، مسجدون، ڪڙهيون، حرمخانا سڀ اندر هڪٻئي مٿان سَٿيل آهن. اندر نه باغ،  نه پڌر، جتي ڪسرت وٺي سگهجي. يا سج يا هوا وڃي سگهي. سڀني عمارت پٺيان ڪوٽ جي وڏي ديوار، جنهن مٿان شاهي برج ۽ ٻه ٽي ميرن جا بنگلا سيس ڪڍيو بيٺا آهن. انهيءَ ڪوٽ اندر سنڌ جا امير ڄڻ دٻيا بند ٿيا ويٺا آهن. جتان سال ۾ هڪ ٻه ڀيرو نڪرن شڪار لاءِ.

حيدرآباد جي شهر جو نقشو سوڌو آهي، ڪيترين ماپن کان معلوم ٿيو آهي، شهر جي هيٺين ايراضي هيءَ آهي: قلعي جي پل کان وٺي شهر جي اتر حد تائين هڪ سئو ايڪهٺ وال، اڀرندي کان الهندي تائين، ٽڪر تي وسيل ڀاڱي جي سراسري ويڪر پنج سئو ڏهه وال، جملي ايراضي پنج لک ٻيانوي هزار هڪ سئو ڏهه چورس وال، ايتري پيٽ ۾ جڳهون هڪٻئي مٿان ڳاهٽ ٿيل آهن، پر جن گهٽين مان آمدرفت آهي، سي سوڌائي  تي ٺهيل آهن. ۽ سوڙهين هوندي به البت صفا آهن، شاهي بازار کان سواءِ ٻيون همدوش بازارون آهن، جي سڄي شهر جي ڊيگهه مان لنگهن ٿيون. انهن بازارن جي آرپار، اُڀرندي کان اولهندي  طرفن ننڍڙيون گهٽيون آهن.

جنهن ٽڪر تي شهر اڏيل آهي، سو ڪوٽ کان اتر حد ڏي ميرن جي قبن تائين، خشڪ ۽ پٿرائون پوٺو آهي. ٽڪر تي پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، ۽ نگرواسي اڀرندي ڪچي واري کڏ مان پاڻي ڀرين، پر اهو پاڻي بيٺل ۽ بانسي هئڻ ڪري، فقط غريب آبادي ڪم آڻي. پڄنديءَ وارا پيئڻ جو پاڻي ڦليلي مان ڀرائيندا آهن. سياري ۾ ڦليلي جو پاڻي کوٽي ويرين مان ڪڍندا آهن، پر ٿوري وهڪ ڪري ڪلراٺي زمين هوندي به ٻاڙو نٿو ٿئي.  ميرن لاءِ بهشتي ڍڳن تي ڦليلي مان مُشڪون ڀري ڪوٽ ڏي نيندا آهن. قلعي اندر پيئڻ جو پاڻي بنهه ڪونهي، ۽ کوهن هئڻ بابت آئون پڇا ڪري ڪين سگهيس. ڀانيان ٿو ته ڪو کوهه- ٻوهه ڪونهي، ڇو جو هن پاسي زمين ۾ ايترو ڪلر آهي، جو سڀ پاڻي ٻاڙو نڪري ٿو، ۽ اهو پاڻي سج جي تئو تي سُڪائي، لوڻ ٺاهي عام طرح بازار ۾ وڪڻندا آهن. ڪلر مان لوڻ گهڻن هنڌ ٺهي ٿو، پر ڪرڪ ڳوٺ مان خوب ٿو اچي. ٻين شهرن جيان حيدرآباد کي بچاءُ لاءِ عام پناهه هجي ها، ته به پاڻي جي اُڻاٺ ڪري بچاءُ ڏکيو ٿئي ها، اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن حيدرآباد تي ڪو چڙهائي ڪندو آهي، ته مير شهر بچائڻ بدران ڪوٽ ڇڏي ٿر پاسي پناهه لاءِ ڀڄي ويندا آهن.

شهر اندر ڪو به جاگيردار (سردار) نٿو رهي. اڪثر واپاري، ڪاريگر ۽ درٻار جا خدمتگار ئي رهن. جن عملدارن کي ڪوٽ اندر جڳهه ڪانهي، سي ڪوٽ جي چوگرد ميدانن ۾ ڳوٺن اندر رهن ٿا، جيڪي اڪثر ڦليلي جي ڪپ تي آهن. جتي ميرن جا باغ آهن، انهن کي ’ٽنڊا‘ چون، جن تي اتي جي چڱن مڙسن جو نالو پيل هوندو آهي. سانگي سان ملاقي آيو ته ميدان تي تنبو هڻندو، ڇو ته اميرن کي ڪوٽ اندر اهڙي خلاصي جاءِ ڪانهي. اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ ڪئين ماڻهو رهن ٿا، جي شهر کي شيءِ شڪل پهچائين ٿا، پر پاڻي جي اڻاٺ ۽ سوڙهه ڪري شهر اندر رهي نٿا سگهن، مثلاً ڌوٻي، رنگريز، لوهار، ڪلال وغيره، جن کي درياهه يا واهه جي ڪپ وڌيڪ سَهنجو آهي. شهر ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي. سنڌين کان سواءِ ٻروچ، پٺاڻ، ملتاني ۽ اُڀرندي سرحد وارا رهن ٿا.(4)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org