سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :53

 جنهن کي سک ٿيڻو هوندو آهي، سو سنان ڪري ٽڪاڻي يا ڌرمشالي ۾ وڃي نانڪ شاهه کي ٻَل ڏيندو آهي. جيڪڏهن هن کي خالصي ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي ته اداسي ٽي ڀيرا هن جي هٿن ۾ مٺو پاڻي وجهي کانئس کنڊو پڙهائيندو آهي. جيڪڏهن هو نانڪ شاهي ٿيڻ چاهيندو آهي ته سنان ڪرڻ کان پوءِ ٻل ڏئي، ٻُڪ پاڻيءَ جو ڀري هڪ ڳجهي منتر پڙهي پاڻي پيئندو آهي ۽ ستنام جون ڪي خاص سٽون چوندو آهي. ۽ اُهي پنج گرنٿ جي پهريئن بابت جپ مان ورتل آهن......... انهن مان ٻن گرنٿن مان آدي گرنٿ جو وڌيڪ مان ڪيو ويندو آهي ۽ داشما جي وڌيڪ مڃتا، ڇاڪاڻ ته انهن جي پيروي ڪرڻ سولي هوندي آهي......... پوءِ ٻنهي فرقن جي نئين سک کي سندن ڌرم جا متا سيکاريا ويندا آهن. کيس روز صبح جو اشنان ڪري پاڻي پڙهڻي پوندي آهي. کائڻ ۽ گرنٿ پڙهڻ کان اڳ ۽ ڪن موقعن تي پنج - سناني يعني پنجن عضون جو ڌوئڻ ضروري هوندو آهي. صبح جو اشنان کان پوءِ نئين سک کي ڪنهن ٽڪاڻي ۾ وڃي گرنٿ صاحب ٻڌڻ يا مٿو ٽيڪڻ کپندو آهي ۽ سج لٿي محل هن کي ڪنهن پوجا جي جاءِ ۾ سندر ٻڌو کپندو آهي. انهي موقعي تي جهولو، جنهن تي گرنٿ صاحب رکبو آهي، سو لوڏيو ويندو آهي. پر پستڪ (گرنٿ) کوليو ڪونه ويندو آهي، جيڪڏهن ٽڪاڻي ۾ نه وڃي سگھبو آهي ته سکن کي گھر ۾ ٻاڻي، جپ ۽ سندر ڏاڍيان پڙهڻو پوندو آهي. گھڻو ڪري هر ڪنهن ٽڪاڻي ۾ هڪ اداسي يا گادي وارو آهي، جو ڀيٽا ۽ ارداس تي گذارڻ ڪندو آهي.

هندو ۽ سک هڪ ڌڻي ۾ ايمان رکن، جنهن کي خدا، ٺڪر، ڀڳوان چوندا آهن، ۽ سرڳ ۽ نرڳ جي جزا ۽ سزا به قبول ڪندا آهن.اُهي وشنو، لڪشمي، ديوي ۽ ٻين ديتائن کي  خدا وٽ  سفارش جو ذريعو ڪري  سمجهندا آهن.پيرن فقيرن جي عزت به ڪندا آهن......... جڏهن انگريزن ماتا جا  ٽڪا لڳائڻ شروع ڪيا ته مقامي  ماڻهن خاص ڪري هندوئن ان  جي باقائده مخالفت ڪئي . هنن چيو ماتا جو مرض ڏيندي آهي ۽ ديوي جي ڪم ۾ هٿ چراند ڪرڻ ڌرم جي خلاف آهي.

لوهاڻا

لوهاڻا عامل سنڌ جي هندن جي مکيه ذات آهي. عامل طبقو، ڏيهي حاڪمن جون ڍلون وصول ڪندا هئا. ملڪي ڪاروبار جي سلسلي ۾ صحيح نموني خرچ هلائي سگهندا هئا. اُهي حساب ڪتاب جي معاملي ۾ هوشيار هوندا هئا. حاڪمن ۾ مذهبي تعصب ڪونه هو ۽ اهي ذات پات جو گهڻو خيال ڪونه ڪندا هئا. مون هاڻوڪي خاندان جي حاڪمن کي هڪ هندو ديوان سان، سواءِ ڪنهن مذهبي نفرت جي، اهڙي ريت ڀاڪر پائي ملندو ڏٺو آهي، جيئن ڪنهن ڀاءُ يا عزيز سان ملجي......... هنن پنهنجي عقل ۽ شعور کان پورو ڪم وٺندي جلد ئي سياسي رتبو به حاصل ڪري ورتو. ڪاردار سرشتي جو رواج شايد ائين پيو هوندو. ڪارداري طريقو هوبهو هندستان جي طريقي جهڙو نه هوندو آهي، ته به اهو پٽيلن ۽ سندن ننڍڙين خودمختيار رياستن سان گهڻو مشابهت رکي ٿو. ڪجهه عامل پنهنجي اختيارن کي ناجائز به استعمال ڪندا هئا............ تنهن  ڪري ڏيهي حاڪمن وٽ عملدارن کي لغام ڏيڻ لاءِ ٻه اوزار هوندا هئا: موت جي سزا ۽ عذاب. جيڪڏهن ڪو ڪامورو حد کان وڌيڪ لنگهي ويندو هو، ته امڪان هوندو هو ته کيس ڏنڊن ۽ ٻير جي لٺين سان ماريو وڃي يا زمين ۾ ڳچي تائين پوريو وڃي. هلڪن ڏوهن لاءِ، مُنهن تي پيٺل ڳاڙهين مرچن جو توبرو چاڙهي ڇڏيندا هئا، ٻانهن ۾ واري سان ڀريل ڪُنا ٻڌي، وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئس، يا سُٿڻ ۾ ٻه ٽي ڏينڀو وجهي ڇڏيندا هئس، يا ٻليءَ سان عذاب ڏيندا هئس. ٻلي، هڪ لوهي چنبن وارو اوزار هو، جنهن سان ماڻهو جو ماس پٽيندا هئا. پر اهي آخري اُپاءَ ورلي ڪم آندا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڏوهاري ڏي وٺ جي بنا تي ڇُٽي  به پوندا هئا.

عامل پنهنجي پنگتي حيثيت قائم رکي بلڪ وڌائي به سگهندا هئا، هو وقت تي حاڪم جي خدمت ڪندا هئا ۽ وقت تي کين ڌوڪو ڏيندا هئا. ڪي عامل (هتي اسان جو مطلب ڪامورن ڏانهن آهي) وچولي درجي جي ماڻهن کي لُٽيندا ۽ تنگ به ڪندا هئا. عام ماڻهو، جيڪي اڪثر ڪري قرضن ۽ ٻين ضرورتن جي ڪري هندو صرافن ۽ واڻين يعني شاهوڪارن جي چنبي ۾ ڦاٿل هوندا هئا، سي ڏنڊي سان حڪومت ڪندا هئا. ڪي عامل هٿ جي صفائي سان ڪوڙا دستاويز، سندون ۽ مهرون ٺاهي سگهندا هئا، ڪي وري اهڙا چالاڪ هوندا ، جو منڊي واري مهر جو ڇاپو مس قلم سان نقل ڪري سگهندا هئا ۽ پوءِ ڇاپي جي مٿان آڱوٺو گسائي ڇڏيندا هئا. جنهنڪري جعلسازي جي ڄاڻ نه پوندي هئي. ٻيو طريقو اهو اختيار ڪيو ويندو هو ته مهر جو ڪو پراڻو ڇاپو وٺي، مس سان تازو ڪري، ان جو آلي پني جي  ٽڪر تي نقش وٺندا هئا. انهي نقش کي وري مس لاءِ تازو ڪري، اُن تان دستاويز تي مهر جي جاءِ تي ڇاپو وٺندا هئا. ڪوڙي مهر ٺاهڻ جو عام طريقو اهو هوندو هو ته ٿورو آلو ميٺ کڻي، مهر وانگي گول ڪري، مهر جي ڪنهن صفا ڇاپي مٿان رکندا هئا. اهڙيءَ ريت هڪ مُهر ٺهي پوندي هئي، جا ڏهه- ٻارهن ڀيرا ڪم آڻي سگهبي هئي. ڪنهن وقت ميٽ بدران ميڻ ڪم آندي ويندي هئي. پر ميڻ گهڻو ڪانه واپرائي ويندي هئي. ڇو ته ان جي جلد خراب ٿي وڃڻ جو امڪان گهڻو هوندو هو. پوءِ جڏهي اهي سڀ طريقا ناڪام ٿيندا هئا، تڏهن ”وينجهڻ“ واري کي رشوت ڏئي، کانئس مدد وٺبي هئي. پر اهو ڪم جوکائتو هوندو هو. عملدار سڀني قلمڪارن کي سڃاڻيندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڦاسي پوندو هو ته ان کي سخت سزا ملندي هئي. نوڪري تان لاٿو ويندو هو. ڪجهه ماڻهن کي ڪوڙن دستاويزن ٺاهڻ ۾ مهارت هئي. رواجي طور دستاويز لکي زبان سان چٽي ان کي زمين ۽ ڪنهن فراسيءَ يا غاليچي جي وچ  ۾ رکي، مٿان لتاڙيندا هئا، تان جو مس جي چمڪ جهَڪي ٿي پوندي هئي.

عامل، عام ماڻهن کان ڏيل ۾ وڌيڪ سگهارا ۽ سهڻا آهن. منجهانئن ڪي نهايت سگهارا آهن ۽ سندن روش اڪثر ڏولائتا  ۽ وڻندڙ آهن. هو پوشاڪ ۾، سنڌي ٽوپي ۽ شلوار پائيندا آهن ۽ ڊگهيون ڏاڙهيون رکائيندا آهن ۽ مٿي تي فقط ٽڪڻ لڳائيندا آهن. ۽ کٻي پاسي واري ڳچي سان چولو پائيندا آهن. اُهي قيمتي ڪپڙا پسند ڪندا آهن ۽ ڏيک ويک ۽ خرچائو هوندا آهن. عاملن مان اعليٰ تعيلم ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن سان گهڻيءَ ميل جول ڪري منجهانئن گهڻا دهريا آهن. عامل نوڪري ۾ داخل ٿيڻ سان رڪب يا دستور العمل مان ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري رکندو هو. جيڪي کيس ضلعي ۾ ضرورت پوڻ جو امڪان هو. (17)

  

لُطف الله سُورتي

 

حيدرآباد جيئن مُون ڏِٺي

 

سنڌ جي باري ۾ معاهدا انگريز پاڻ لکي ٿا وٺن ۽ ميرن جي سامهون پيش ڪري کين پنهنجن شرطن تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. ميران حيدرآباد چڱي ريت ڄاڻندا آهن ته اهو معاهدو سندن حق ۾ نه آهي، پر اُهي انتهائي مجبوري ۽ لاچاري جي عالم ۾ نظر اچن ٿا ۽ اهو ڄاڻندي به ته ساڻن ناانصافي پئي ٿئي، اُهي ان تي دستخط ڪري ڇڏين ٿا. ٻئي پاسي رعيت پاران جيڪو تاثر آهي، اهو هي ته اُهي نه برطانوي حڪومت کان خوش آهن ۽ نه انهن ٺاهه ۽ سندن شرطن سان.

پهرين جنوري 1838ع تي چار پنج ماڻهو تي ٻڌل هڪڙو وفد حيدرآباد کان ڪيمپ ۾ آيو. انگريز، پهرين ٺاهه لکي پوءِ ميرن کان منظور ڪرائيندا هئا. جيڪو مٿن لاڳو ٿيڻو هو.

پنجين تاريخ تي پنج وڳي شام جو اسان جي گارڊ هڪڙي بلوچ کي قتل ڪري ڇڏيو. کيس ڪيمپ ۾ شراب وڪرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جهليو ويو هو. ان ڏوهه ۾ هن کي ڦٽڪن جي سزا ٻُڌائي وئي، ان غريب شخص کي ڄاڻ ئي نه هئي، ته ان کي ڏوهه جي سزا ايڏي سخت ملندي . جڏهن هن کي ڪوارٽر گارڊ ۾ وٺي ويا ته هن پنهنجي تلوار ۽ ڍال کڻي ورتي. ۽ سنتري کي ٽن جاين تي گهايل ڪري ڇڏيو. پوءِ هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اُگهاڙي تلوار ۽ ڍال کڻندي سنتري سان وڙهي پيو. جنهن وقت هو سر جان ڪين ۽ ڪرنل ميڪڊونلڊ جي تنبون وچان لنگهي رهيو هو، ته تڏهن مٿس ٽي ڀيرا فائر ڪيا ويا. هڪڙي گولي لڳڻ سان هو اُتي ئي ڍير ٿي ويو، ۽ اهڙي ريت هو ڦٽڪا کائڻ جي سزا کان بچي ويو.

ڪيمپن ۾ هڪڙو ڀيرو ٻيهر اهي افواهه ڦهلجڻ لڳا ته راتاهو لڳڻ وارو آهي. انهيءَ دوران ڪيمپ جي ڪجهه ماڻهن کي لکپر ويجهو پنجويهه هٿياربند سنڌين ڦري ورتو. جهنگن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ميرن جون ڪيتريون ئي شڪارگاهون آهن. جنهن جي چوڌاري واڙهه ڏني وئي آهي. انهن ۾ هر قسم جو شڪار موجود آهي. درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي ميداني علائقن ۽ ٽڪرين جو منظر ڏاڍو موهيندڙ آهي. پکين جا ولرن جا ولر جنهن جا کنڀ خوشنما گلابي رنگ جا هئا، پاڻي تي هرپاسي اُڏامندي نظر ايندا هئا.

20 تاريخ تي سفر کان پوءِ اسان صبح جو حيدرآباد پهتاسين. هڪڙو نوجوان امير دوست علي خان، جيڪو ميرن جو ويجهو مائٽ خليل الله خان جو پٽ آهي، سو اسان جي استقبال لاءِ آيو. اسان ريزيڊنٽ جي  جاءِ ۾ وياسين. مقامي ايجنٽ منشي جيٺانند کي اها ذميواري سونپي وئي هئي ته اها ڄاڻ رکي ته ميران سنڌ ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت برطانوي نمائندن سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا.

21 ڊسمبر تي ميران سنڌ جواب ڏياري موڪليو ته اُهي برطانوي وفد سان ان لاءِ نٿا ملي سگهن جو کين ان ڏينهن پنهنجي سنوارت ٺهرائڻي هئي. 22 تاريخ تي مير صوبدار، ڏاهپ کان ڪم وٺندي پنهنجي خاص نمائندي بدرالدين کي ڪيپٽن ايسٽوڪ وٽ موڪليو. ڳجهو نياپو اهو هو ته هو مُنڍ کان ئي برطانوي مفادن جي حفاظت ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي به برطانوي حڪومت جو وفادار رهندو. جيڪڏهن ٻيا مير مفادن خلاف ڪجهه ڪن ٿا ته هو ان جو ذميوار نه آهي. هن چاهيو پئي ته ڪيپٽن ايسٽوڪ سان ملاقات کان اڳ هن کي اها ضمانت ڏني وڃي ته هن جون مراعتون اهڙي ريت باقي رهنديون.

ٽي ميل مفاصلو طئي ڪرڻ کان پوءِ اسان حيدرآباد قلعو پهتاسين. جڏهن مون قلعي کي ويجهو کان ڏٺو ته ڏاڍو مايوس ٿيس. اها مخمس شڪل جي اڏاوت جاءِ آهي. جيڪا پڪين سرن ۽ چُن مان ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ جڳهه جڳهه تي چبوترا نظر اچن ٿا. هن جي سامهون ڪابه کاهي نه آهي. قلعي ۾ ميرن جو ڪٽنب، سندن مائٽ ۽ متوسلين رهن ٿا. شهر مان گذرندي ڏٺوسين ته جڳهه جڳهه تي ڪجهه سنڌي فوجي جماعتن ۾ ويٺي حقو پئي پيتو ۽ اُتي ئي ڀنگ گهوٽي پئي وئي.

قلعي ٻاهران ويٺل سنڌي سپاهين انگريزن ۽ انهن جي ملازمتن کي سفيرن کي ڏسي چهرو بگاڙي ڌڪار جو اظهار ڪيو ۽ ڪن ته هلڪي آواز ۾ گار گند به ڪئي. پر ميرن جي غدار مائٽ بدرالدين جو چوڻ هو ته، جيڪو ٿانو ۾ رکيل هوندو آهي اهو ئي ان مان نڪرندو آهي. اهي سنڌ جا بدمعاش سپاهي آهن. اهي فرنگين کي پسند نٿا ڪن. توکي به اهي منجهانئن سمجهي گارگند پيا ڪن. توکي انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان جي گهُرج نه آهي. ريزيڊنٽ پڻ ايئن ڪندو آهي.

اسان مير صوبدار سان سندس محل ۾ ملياسين. هو پنهنجي پُٽ فتح علي سان گڏ جيڪو ڏهن سالن جو ٺاهوڪو ڇوڪرو هو، سندل تي ويٺل هو. اهو هڪڙو وڏو ويڪرو ڪمرو هو. پر ان ۾ ڪوبه فرنيچر نه هو. جڏهن مون اسلام عليڪم چيو ته هن هٿ ملايو. آئون ٻين حاضرين جيان فرش تي ويهڻ وارو ئي هوس ته هن چيو ته آئون ڪرسي تي ويهان، جيڪا خاص طور تي مون لاءِ آندي وئي هئي. جڏهن درٻار ۾ ڪي انگريز آفيسر ميرن سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ته درٻار ۾ سنڌين، فوجين ۽ ملازمن جي ايڏي پيهه ٿي ويندي هئي ته منجهائن لنگهڻ ئي ناممڪن بڻجي ويندو هو.

ميرن کي يورپي ماڻهن جي عادتن ۽ رسمن باري ۾ ڄاڻڻ جي اڻتڻ هوندي هئي، تنهنڪري سندن ڳالهين ٻولهين جو مرڪز اهو ئي هوندو هو. درٻار ۾ ويٺل سنڌي سپاهي يا امير انگريزن کي ڏسي نفرت جو اظهار پڻ ڪندا هئا. انگريز يا سندن ملازمن جي قلعي مان موٽڻ مهل سنڌي ماڻهو ٺٺوليون يا جُلهه ڪندا هئا، تنهنڪري قلعي مان واپس ٿيندڙ ماڻهن جي بچاءُ لاءِ ڪجهه سنڌي گهوڙي سوار سپاهين جو دستو ريزيڊنسي تائين موڪليو ويندو هو.

ٽئي مير- نور محمد، نصير خان ۽ مير محمد- ساڻن گڏ هڪ نوجوان مير شهداد، اهي سڀ چوڪور تختي تي ويهندا هئا، جنهن تي هڪڙو سادو ايراني قالين وڇايل هوندو هو. اهو سندن تخت هوندو هو. هنن جي سامهون سندن تلوارون ۽ ڍالون رکيل هونديون هيون. برطانوي نمائندا ۽ سندن ساٿي انهن ڪرسين تي ويهندا هئا، جيڪي سندن لاءِ خاص طور تي رکيون وينديون هيون. پر انهن سڀني کي درٻار ۾ گهڙڻ کان اڳ پنهنجون جُتيون لاهڻيون پونديون هيون. ٻيا ماڻهو فرش تي وڇايل قالينن تي ويهي رهندا هئا. درٻار ۾ ڪابه درجابندي نه هوندي هئي. هٿياربند سپاهين ۽ سنڌين جو جتي دل چاهيندو هو، ۽ جتي جاءِ ملي ويندي هئي، اُتي ويهي رهندا هئا. ويٺل ماڻهو پاڻ ۾ ڏاڍيان ڳالهيون ڪندا رهندا هئا. ڪيڏي ڪيڏي مهل اسان ڏانهن ڏسي نفرت جو اظهار پڻ ڪندا هئا. سندن ورتاءُ اهڙو هوندو هو ڄڻ ته اسان قاتل هجون.

نور محمد باصلاحيت ۽ اعليٰ خيالن جو مالڪ هو. هو بهادر هئڻ سميت جسماني طور خوش شڪل پڻ هو. تڏهن هو اڌڙوٽ وهي ۾ هو. هن جو قد وچولو هو. هن جي ڀروئن وچان ليڪ مان ثابت پئي ٿيو ته هو جذباتي ۽ سوچ ويچار ڪندڙ شخص هو. درٻار ۾ ٿيندڙ ڪچهري يا گڏجاڻي ۾ اهو واحد اڪيلو شخص هوندو هو، جيڪو حڪومت ۽ رياستي مامرن تي ڳالهائيندو هو. ۽ مختلف سوالن جا جواب به ڏيندو هو. مير نصير ۽ مير محمد يا ته ماٺ رهندا هئا يا جيڪڏهن ڪجهه ڳالهائيندا هئا ته هن جي ڳالهين ۾ تائيد ۾ ڪجهه چوندا هئا. انگريز يا سندس ملازم، نور محمد جي بهادري، همت، جرئت، سندس ڳالهه ٻولهه جو اهو ڍنگ، جيڪو سچائي، جذبي ۽ خطابت جي خوبين سان پُر هو. تنهن کان ڏاڍو متاثر ٿيندا هئا.

مير نصير سهڻو، پر گهڻو ٿُلهو هو. خوش خلقي، نرمي ۽ فياضي جا لڇڻ هن جي شخصيت جو حصو هيون.......... مير محمد جسماني طور سگهارو هو. هن ۾ فوجي صلاحيتون هيون.هن جي شڪل ۽ صورت ته سُٺي هئي، پر هن جا چپ بيڊولا هئا. ايئن پيو لڳندو هو، جو قدرت جڏهن هن جو چهرو پئي ٺاهيو، ته هن جي چپن تي ايندي ڇيرڻي ڪري پئي هجي ۽ هن جي شڪل نامڪمل رهجي وئي هجي. هو نور محمد جي کاٻي پاسي تي ڪُنڊ تي ويهندو هو. هن جو کاٻو هٿ سندس ڍال تي ۽ ساڄو هٿ تلوار جي مُٺئي تي هوندو هو.

جڏهن ڪيپٽن ايسٽوڪ سنڌ جي درٻار (حيدرآباد) ۾ حاضر ٿي ٺاهه جو دستاويز پڙهڻ شروع ڪيو، ته ميرن ان کي خاموشيءِ سان ٻُڌو. مير نور محمد جي چهري تي ناراضگيءَ جا تاثرات اُڀري رهيا هئا. هن جي چهري  جي رنگ هڪدم ڳاڙهو ٿي ويو ۽ وري بلڪل پيلو ٿي ويو. جڏهن دستاويز جون شقون پڙهيون ويون ته انهن جو اُتي موجود سنڌين تي گهڻي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اثر ٿيو. تنهن وقت ميرن جي ٿورڙي اشاري تي انگريزي وفد جي زندگين جي پڄاڻي ٿي پئي سگهي. ڇو ته ميرن جا سپاهي سندن مٿن تي اگهاڙيون تلوار کنيو ائين بيٺل هئا جيئن جلاد قتل ڪرڻ جي فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا.

سڀني کان پهرين نور محمد پنهنجي سپاهي ساٿين کي چيو ته: ”انهن ماڻهن تي لعنت هجي جيڪي فرنگين جي وچنن تي ويساهه ڪن ٿا.“ پوءِ هن ڏاڍي نهٺائي ۽ سٻاجهائي سان فارسي زبان ۾ برطانوي نمائندي کي چيو: ” توهان جا ٺاهه، جيستائين مون کي ڄاڻ آهي، توهان جي گهُرجن ۽ مفادن هيٺ تبديل ٿيندا رهن ٿا. ڇا اهو ئي اهو ڍنگ آهي، جيڪو توهان پنهنجي دوستن ۽ همدردن سان اختيار ڪريو ٿا؟ توهان اسان کان اجازت گهُري هئي ته توهان جون فوجون اسان جي علائقي مان گذري وڃن. اسان ان جي اجازت ڪنهن هُٻڪ بنا توهان کي ڏني هئي ۽ ان ڏس ۾ توهان جي دوستي ۽ وچنن تي ڀروسو ڪيو هو. پر جيڪڏهن اسان کي ڄاڻ هجي ها ته توهان جون فوجون اسان جي علائقي ۾ گهڙڻ کان پوءِ اسان جي وجود لاءِ جوکو بڻبيون، اسان جي مٿي تي هڪڙو ٻيو ٺاهه مڙهينديون، اسان کان ٽي لک رپين جو ساليانو ڏن گهُرنديون ۽ فوجي خرچن لاءِ ايڪيهه لک رپين جو هڪدم گهُر ڪنديون، ته انهيءَ ڏس ۾ اسان پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ٻيا طريقا اختيار ڪريون ها. توهان کي ڄاڻ آهي ته اسان واپاري، نه پر سنڌي آهيون، جن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي نٿو سگهجي. اسان هن ملڪ تي اڪيلا حڪومت نٿا ڪريون، پر ان جي حڪمراني ۾ اسان جو پورو سڄو قبيلو اسان سان گڏ آهي.“

هوڏانهن ڪيپٽن ايسٽوڪ اهو سڀ ڪجهه ماٺ ۾ ٻڌو ۽ ان جو جواب فارسي ۽ عربي مثالن وسيلي ڏنو: ”اسان جي حڪومت جو اهڙو ڪوبه ارادو نه آهي، جنهن سان توهان جي حڪومت کي پريشاني ٿئي. پر گهُرج ڪنهن قانون جي پابند نه هوندي آهي. ٻيو ته، دوستن کي دوستن جي واهر ڪرڻ گهرجي. تنهن کان سواءِ هاڻوڪي مهم جو مقصد رڳو هندستان جو بچاءُ ئي نه، پر ان سان توهان جي ملڪ جو بچاءُ پڻ مقصد آهي. ۽ اها اسان جي ذميواري آهي ته توهان جو بچاءُ ڪريون.“

اهو ٻُڌي نور محمد مُشڪيو ۽ پنهنجي سئوٽن سان ڳالهائيندي ڪجهه چيو، جيڪو اسان سمجهي نه سگهياسين. پوءِ هن هڪڙو شوڪارو ڀريندي ايسٽوڪ کي چيو: ”منهنجي خواهش آهي ته تون جيڪو ’دوست‘ جو لفظ ڪتب آندو آهي، آءٌ ان جي معنيٰ سمجهي سگهان. بهرحال، اسان هينئر توهان جي گهُرن بابت ڪا پختي راءِ نٿا ڏئي سگهون. انهي ڏس ۾ اسان کي مشورا ڪرڻا آهن، ڇو ته اسان پنهنجي مفادن خاطر ٻين ماڻهن کي قربان نٿا ڪري سگهون، ۽ منجهن اُهي ماڻهو پڻ شامل آهن، جن تي ويساهه جو ڪوبه ضابطو نه آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org