ٽالپرن کي عيسائي مذهب لاءِ عزت هئي، ڇو ته ان جي
بانيءَ کي مُحَمَّد ﷺ وڏو پيغمبر ڪري قبوليو
هو........ هڪڙي ڀيري ميرن مون کان پڇيو: ڇا، تون
انهن ڪرستانن مان آهين، جيڪي ان گڏهه جي پيرن جي
پوڄا ڪندا آهن، جنهن تي مسيح بيت المقدس ۾ چڙهي
آيو هو؟ ۽ جيڪي پير اڃا يورپ جي ڪنهن ڪليسا ۾
يادگار طور محفوظ آهن....... ٻي ڳالهه تي ميرن کي
عيسائي فرقن جهڙوڪ: ڪئٿولڪ، يوناني ۽ پروٽيسٽنٽ ۾
جيڪو فرق آهي، تنهن جي ڄاڻ ڪانه آهي.
هندن کي مسلمانڪي پوشاڪ پائڻ ۽ ڏاڙهي رکائڻي پوندي آهي، ٿورو
وقت ته هنن جي طبقي کي گهوڙي تي سواري ڪرڻ جي منع
هوندي هئي. هاڻي به ٿورا ڪي سرڪاري ڪامورا آهن، جن
کي زين تي سواري ڪرڻ جي رعايت ۽ فخر حاصل آهي.
شاهوڪار ۽ معزز واپاري به گڏهن يا خچرن تي سوار
ڪندا آهن. اهي جانور اهڙا ته پليت سمجهيا ويندا
آهن، جو ٻين ملڪن ۾ ذليل اڇوت يا انهن کي هٿ نه
لائيندا آهن. جڏهن ڪو متڪبر مسلمان لنگهندو آهي،
ته اهي انهيءَ حقير سواريءَ تان به لهي پاسو وٺي
بيهندا آهن..... برهما جي اڀاڳن ۽ نڌر پوڄارين کي
مذهبي آزادي ڪانه آهي. دُهل دف ڪو ورلي ٻڌبو آهي.
جيڪڏهن دهل وڄائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي ته اهو
هٿ سان ۽ نه ڏونڪي سان وڄايو ويندو آهي. حيدرآباد
۾ بُتن کان سواءِ ڪي مندر آهن، پر انهن اندران
سرود جو آواز ڪڏهن ڪونه ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي.
هڪڙي ڏينهن هڪڙو واڻيو مون وٽ ڪيترائي ڪپڙا وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو.
باغ مان نڪرڻ کان پوءِ، هن هڪ ڪلاڪ اندر موٽي اچي
دانهن ڏني ته، ”تنهنجي هڪڙي سنتريءَ مون کان هڪڙي
قيمتي ريشمي ڪپڙي جو ٽُڪر ڦريو آهي.“ فطرتاً مون
کي اسان جي سپاهي جي روش تي ڪاوڙ آئي، ڇو ته هن
ڌارين ماڻهن جي نظر ۾، منهنجي ۽ ڏيهي فوج جي
گهٽتائي ڪئي هئي. تنهنڪري مون هڪدم ڏوهه جي باريڪ
جاچ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. واپاري ڪابه ثابتي پيش ڪري
نه سگهيو. ڪيترن شاهدي ڏني ته جوابدار بيقصور هو.
مون کي خاطري ٿي ته تهمت ڪوڙي هئي.
هندوءَ ٻئي ڏينهن اچي ساڳيو راڳ آلاپيو. تنهنڪري مون شام جو مير
صاحبن کي انهي تڪرار کان واقف ڪيو........ مون کين
عرض ڪيو ته جاچ ڪرائي وڃي، ۽ واعدو ڏنو مانءِ ته
جيڪڏهن سپاهيءَ تي ڪابه ثابتي هوندي ته کيس ڀڄُ
واپس موڪليو ويندو، جتي هن کي سخت سزا ڏني ويندي..
پوءِ مون سپاهيءَ کي بچائي ورتو. مون کي ان ڳالهه
تي فخر آهي ته منهنجو ولي محمد تي ايترو اثر هو،
جو مون ڏوهيءَ کي ميرن جي ڄاڻ کانسواءِ ڇڏرائي
ڇڏيو.
مون وٽ علاج لاءِ جيڪي هشام ماڻهن جا ايندا هئا، سي سڀ خوشي سان
سيد کي پهرين وارو ڏيندا هئا. مون ڏٺو ته مير به
انهيءَ طبقي جي ماڻهن سان ٿورو گهڻو مائل ٿيندا
هئا. ماڻهو کي ڪيترو به جوش ۽ ڪاوڙ هوندي هئي،
تڏهن به هن کي همت نه ٿيندي، جو ڪنهن سيد کي ڪو
گهٽ وڌ ڳالهائي يا ڌڪ هڻي. ٻيا ماڻهو اُتي جو اُتي
ساهه ڪڍي ڇڏيندس. انهن رعايتن ۽ سهوليتن ڪري سيدن
جون بهيرون ڀروارن ملڪن مان هتي اينديون آهن. اُهي
نه رڳو سماج جا نڪما ۽ سُست رڪن آهن، پر هنن جو
عوام جي دلين تي به ڏاڍو بُرو اثر پوي ٿو. ۽ اُهي
خلق تي ڳرو بوجهه آهن. حيدرآباد جا رستا فقيرن سان
ڀريا پيا آهن. اُهي نهايت بيحيائيءَ ۽ آڪڙ سان
خيرات گهرندا آهن.
حيدرآباد جي قلعي جي ڪنگرن مٿان انگريزن جو جهنڊو لهرائيندو ڏسڻ
جو جيترو اوسيئڙو معزز هندن کي هو، ايترو ٻين ڪنهن
کي ڪونه هو. اُهي پڇڻ بنا پنهنجون شڪايتون
ٻڌائيندا هئا، ۽ اڪثر پنهنجن ظلمن جا داستان بيان
ڪندا هئا.
سنڌ جا مير، عام مسلمان حاڪمن کان عياشي ۽ نفس پرستيءَ ۾ گهٽ
مدهوش آهن. اُهي ايترا حوصلي وارا ماڻهو آهن، جو
کين عيش پرستيءَ جو خيال به ڪونه رهندو آهي.....
مراد علي هڪڙي ڀيري مون کان پڇيو ته:
’دارو‘واپرائڻ ۾ اعتراض ته ڪونه آهي؟ مون سمجهيو
ته هن جو مطلب آهي نشيدار شراب. آئون کيس چوڻ وارو
هيس ته بهتر ٿيندو ته هن وقت سڀني گرم شين ۽ خاص
ڪري شراب کان پاسو ڪجي، ته مون کي هڪدم چيائين ته:
انگور جي رس حرام آهي، ۽ ان جو نالو هڪ مومن اڳيان
وٺڻ نه کپي. مون کي پوءِ ڄاڻ پئي ته مير صاحب جن
جو مطلب ’ڏاڙهون‘ هو........ مون کي خاطري آهي ته
مير نشيدار شيون ڪونه واپرائيندا آهن.........
جيڪي ماڻهو سندن روبرو نشي جي حالت ۾ ايندا آهن،
تن کي اُهي بي آبرو ڪري ڪڍندا آهن. بهادر خان
کوکر، هڪ وڏي گهراڻي جو سردار آهي، ۽ مراد علي جي
ملازمت ڪندو آهي. هڪ ڀيري نشي جي حالت ۾ ڏٺو ويو،
تنهنڪري کيس ڪيترو وقت نوڪري مان برطرف ڪيو ويو.
مير هميشه انهن دوائن وٺڻ کان انڪار ڪندا هئا، جن
۾ نشيدار عرق مليل هوندا هئا. درٻار ۾ حقو نظر
ڪونه ايندو آهي. سڄي گهراڻي ۾ ڪوبه آفيم ڪونه
کائيندو آهي........ پر اڪثر سپاهي ۽ گهڻا درٻاري
اهڙيون شيون واپرائيندا آهن....... هتي آفيم جو
ايترو ئي واهپو آهي، جيترو ڪڇ ۾. برانڊيءَ جي هڪ –
ٻن بوتلن کان وڌيڪ ڪا سوکڙي مقبول ڪانه سمجهي
ويندي آهي. مون کي ماڻهو هر وقت علاج لاءِ تنگ
ڪندا هئا. ڪو اڻسڌيءَ طرح چوي ته مون کي ڳجهي مرض
جي ايذاءُ کان ڇڏاءِ، ۽ ڪو چوي ته عيش ۽ نفس
پرستيءَ ۾ وڃايل طاقت واپس آڻي ڏي.
امير پنهنجو ڪاروبار، پرڀات کان ٻه ڪلاڪ اڳ شروع ڪندا آهن. ان
وقت اُهي خانگي درٻار ڪندا آهن، جنهن ۾ پُڪارون
ٻُڌندا ۽ پنهنجن علائقن جو انتظام ڪندا آهن. اهو
ئي هڪ وقت هوندو آهي، جڏهن اُهي پڳ پائيندا آهن.
سج اُڀرئي مهل اُهي ڪپڙن بدلائڻ لاءِ، پنهنجن ڪمرن
۾ ويندا آهن ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اهي درٻار ۾
ايندا آهن، جتي سموري آڪهه باقاعدي موجود هوندي
آهي. جتي حڪومت جو سمورو ڪاروبار هلايو ويندو آهي.
جيڪي خط رات جو يا اڳئين ڏينهن تي آيل هوندا آهن،
سي هنن اڳيان ڍڳ ڪري رکيا ويندا آهن. يارهين بجي
تائين خطن پڙهڻ، انهن تي حڪم ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ
ٻولهائڻ ۾ وقت صرف ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ اهي
ناشتي لاءِ اُٿندا آهن. ٻين بجي اهي وري ٻاهر
نڪرندا آهن، ۽ سج لٿي تائين گڏ هوندا آهن. جنهن
کانپوءِ هرڪو پنهنجي گهر وڃي رات لاءِ آرامي ٿيندو
آهي. آءٌ هميشه عام درٻار ۾ ملاقات ڪندو
هوس....... ننڍا گهر وڃڻ کان پوءِ پنهنجي ڌار
ڪچهري ڪندا هئا، جتي سڀڪجهه وڏن ميرن جي شاهاڻي
دستور جي خلاف هوندو هو. اُتي ڪابه پابندي ڪانه
هوندي هئي. اسان ڪڙهه ۾ سوئرن جي ويڙهه، مَلهون،
کينهونءَ راند، ڪشتي ۽ ٻيون ڪيتريون رانديون وڃي
ڏسندا هئاسين.
مير فتح عليءَ جي حياتي ۾ غير معمولي احتياط ڪيو ويندو هو ته
جيئن ساڻن ڪو ڌوڪو يا سازش نه ٿئي. چارئي ڀائر گڏ
کائيندا ۽ هڪ ڪمري ۾ سمهندا هئا. ڪمري جي رڳو
دروازي تي روشني هوندي هئي، ۽ سنجيل گهوڙا ۽ ٻانها
تيار هوندا هئا....... هاڻي اُهي اڳئين جيان ساڳيئ
ڪمري ۾ کائيندا ۽ سمهندا ناهن، پر اهي سڄي رات
پنهنجن ڪمرن جي ٻاهران صفن ۾ گذاريندا آهن. سندن
هٿيار پاسي کان رکيل هوندا آهن، ۽ مٿان ايماندار
خدمتگارن جو پهرو هوندو اٿن.
مراد علي جي علالت وقت، اُهي سڀ ڪيترا مهينا حيدرآباد جي قلعي
کان ٻاهر نڪتا ئي نه هئا. جڏهن اُهي شڪار تي
نڪرندا هئا، تڏهن احتياطاً پٺيان ڪنهن کي ڪونه
ڇڏيندا هئا. مير صوبدار خان جڏهن اسلام ڪوٽ ڏانهن
ڀڄي وڃي بغاوت ڪئي، تڏهن اُهي ٻين جي پٺيان پٺيان
پئي آيو..... مراد عليءَ هڪڙي ڏينهن مونکي دل کولي
چيو ته: حاڪمن جي سر تي شيهي جهڙو ڳرو بوجهه آهي،
ان جي بار جو اندازو رڳو حاڪم ئي ڪري سگهن
ٿا....... بهرحال، ظاهر آهي ته مير تخت کي گلن جي
سيج ڪري نٿا سمجهن.
مير پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پيارن نوڪرن سان به گستاخ ڪونه ٿيندا
هئا. منهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪرسي ايندي هئي ته ساڳئي
وقت ٻه صندل هڪ گاديءَ وارن حاڪمن ۽ ٻيون ننڍن
شهزادن لاءِ رکيا ويندا هئا. سڀ درٻاري ۽ خدمتگار،
پري زمين تي يا ٻاهر ويهندا هئا، اهي وڏي ۾ وڏي
مالدار کي به پاڻ سان گڏ ويهڻ ڪونه ڏيندا هئا.
البت هڪ يا ٻه ڀيرا اسماعيل شاهه ۽ سندن ڪن پيارن
پيرزادن کي اهو شرف بخشيو هئائون. مير گهڻو ڪري
درٻار ۾ گڏجي ايندا هئا، ۽ ويندا به گڏجي هئا.
آئون جڏهن حيدرآباد ۾ ٿي رهيس، تڏهن مراد عليءَ جي
اگهائي ڪري، سندس ڪمري ۾ درٻار ٿيندي هئي. هونئن
سندن رواج آهي ته اُهي واري واري تي هڪ ٻئي جي
جاين تي گڏبا آهن.
مير ڪشمير جي شالن، ٺٽي جي ريشمي ۽ زريءَ جي لونگين يا بوڇڻن
کانسواءِ گهڻو ڪري ولائتي ٺهيل ڪپڙو به ڪم آڻيندا
هئا. سردي جي موسم ۾ اُهي ململ جي انگرکن بدران
تمام قيمتي ڪشميري شالن جا پهراڻ پائيندا هئا؛ جن
تي زري جا ڳانا ۽ قنڌار جي ڪاري پشم لڳل هوندي
هئي. ٻين موقعن تي اهي ولائتي ڦولدار ريشم يا پٽ
جا گرم استر سان ۽ ڪپهه سان ڀريل ڪپڙا پائيندا
هئا، جن تي تلوار يا خنجر جو ڌڪ اثر نه ڪري سگهندو
هو. درٻار ۾ سندن چاچو مير محمود، جيڪو هڪ شاندار
شڪل جو بزرگ هو، سو سڀ کان وڌيڪ زيبدار ڪپڙا
پائيندو هو. هو اڪثرگلابي ريشم جو ڦولدار چوغو
پائيندو هو. مير ڪرم علي ۽ نصير خان روز صبح جو
ٻئي نموني جي پوشاڪ پهريندا هئا. اُهي ڪپڙا ٿورن
ڏينهن کان پوءِ آءٌ سندن خاص نوڪر کي پائيندو
ڏسندو هوس.
ميرن جي درٻار ۾ سندن جواهرات ۽ هٿيارن جو نادر ذخيرو ماڻهو جو
ڌيان ڇڪائيندو هو........... هن جي عظيم الشان
خزاني ۾ گهڻو ڪري ياقوت، هيرا، موتي، ۽ زمرد آهن،
جيڪي سندن خنجرن، تلوارن ۽ بندوقن ۾ جڙاءَ ٿيل
آهن. جن مان گهڻا اهي منڊي ۽ بازوبندن وغيره ۾
ڪپڙن مٿان پائيندا آهن....... ڪبوتر جي آني کان
وڏو زمرد، جنهن جو ڪرنل پاٽنجر ذڪر ڪيو آهي، سو
اڃا ميرن جي قبضي ۾ آهي.
ميرن، ڪابل جي حڪومت جي ٽُٽڻ کانپوءِ ان حڪومت جي شهزادن ۽
سردارن جي مفلس ۽ ڪنگال ٿيڻ ڪارڻ، سندن مجبوريءَ
جو فائدو وٺي، پنهنجا ماڻهو موڪلي ڪيترا جواهر
سستي اگهه تي خريد ڪري ورتا آهن. ايشيا جي سڀني
ملڪن جا جوهري، سنڌ جي راڄڌاني حيدرآباد ۾ ايندا
آهن، جتي سندن جواهرن جو اگهه ٿيندو آهي، درٻار ۾
هڪ – ٻه ايراني سونارا آهن، جيڪي ميناڪاريءَ جو ڪم
ڪندا آهن، ۽ ميرن جي جواهرات کي پنهنجي هنر سان
وڌيڪ زيبدار بڻائيند آهن. لوهه ۾ سون جي اکرن جي
پچڪاري ڪرڻ جي هنر ۾ هنن ڪماليت ماڻي آهي.
اميرن کي تلوارن ۽ بندوقن جي نالين جي وٺڻ لاءِ ايران، ترڪي ۽
فلسطين ۾ گماشتا آهن...... مون وٽ هڪڙو سادو جڙت
بنا، تلوار جو ڦر آهي، جيڪو هنن اڌ لک رپين ۾ ورتو
هو. ميرن وٽ پراڻين ۽ عمدين تلوارن جو قدر آهي. ۽
اُهي تلوار جي قيمت جو اندازو ان جي جوهر ۽ آب مان
ڪندا آهن. هڪڙي تلوار، جيڪا مون کي ڪرم علي ڏني
هئي، تنهن تي 1122هجري (1708ع) لڳل آهي. ان جي هتي
ٻه هزار رپيا قيمتي ڪئي وڃي ٿي. ميرن جي اسلحي
خاني ۾ ايشيا جي هر مشهور حاڪم جون تلوارون موجود
آهن. مون شاهه عباس اعظم، نادر شاهه، احمد شاهه
دراني ۽ ايران جي هاڻوڪي شهنشاهه ۽ ٻين مشهور
ماڻهن جون تلوارون هٿ ۾ کڻي ڏٺيون آهن. انهن جي
ڦرن تي سونن اکرن ۾ ڪتبا لکيل آهن. جيڪي شيعا حاڪم
آهن، تن جي تلوارن جي ڪتبن ۾ عرض توڙي معروض ۽
دعائون آهن، جيڪي حضرت علي رضه ڏانهن مخاطب ٿيل
آهن. ٻين ۾ قرآن جو آيتون يا موزون پارسي شعر آهن.
ڪرم عليءَ جي سڀني تلوارن تي ”بنده آلِ محمد ڪرم
علي“ لفظ لکيل آهن. مون کي جيڪا تلوار ڏني هئي،
تنهن تي شاهنامي مان هڪ شعر، سندس هڪ شعر ۽ ولي
محمد جي شعر مان هڪ مصرع لکيل هئي. مير نصير خان
مون کي هڪ تلوار ڏني، جنهن تي خاص موقعي لاءِ سندس
لکيل ڇهه مصراعون هيون، ۽ انهن ۾ هڪ هنڌ منهنجو
نالو به آيل هو.
ميرن جون تلوارون اسان انگريزي تلوارن کان وڌيڪ ڳريون نه آهن،
پر هنن جو وزن نرالي نموني ۾ ورڇ ٿيل آهي. منهنجي
اڳيان هڪ جوان شهزادي، ترار جي هڪ ڌڪ سان دنبي کي
ٻه اڌ ڪري ڇڏيو....... انهن تلوارن استعمال ڪرڻ
لاءِ خاص اٽڪل کپي ۽ گهڻي آزمودي ۽ ڦڙتائي جي
گهرج آهي. منهنجي حيدرآباد اچڻ کان ٿورو وقت اڳ،
مير اسماعيل شاهه جي هڪڙي پٽ هڪڙو نهايت قيمتي
تلوار جو ڦر مشق ڪندي ڀڃي وڌو هو........ ميرن وٽ
انگريزي وڍڪٽ جي سامان جو قدر ڪونه آهي. هنن کي
انگلستان ۾ قيمتي تلوارن ٺهڻ جي ڄاڻ نه هئي.....
هنن کي ٻڌي عجب ٿيو ته بادشاهه سلامت تازو ڊيوڪ
آف نارمدمبرلئينڊ نالي هڪڙي لارڊ کي، هڪ لک رپين
جي تلوار انعام ۾ ڏني.
ميرن وٽ ڪيتريون قميتي ۽ عمديون بندوقون آهن، جيڪي کين هند
سرڪار وٽان وقت بوقت سوکڙي طور مليون هيون. هنن،
انهن بندوقن جا گهوڙا ڪڍي، بندوقون، نڪميون
سمجهي،اڇلائي ڇڏيون هيون، ۽ گهوڙا پنهنجين بندوقن
۾ وڌا هئا...... بندوقن جون نريون گهڻو ڪري گولي
جي استعمال لاءِ ٺهيل هونديون آهن. اهي اڪثر
قسطنطنيه جون هونديون آهن. اهي اسان جي بندوقن جي
نرين کان ڊيگهه ۾ ٻيڻيون آهن، ۽ سوراخ سوڙهو هوندو
اٿن. سنڌي سنهان ڇيرا اصل ڪم ڪونه آڻيندا آهن. هنن
وٽ پستولن ۽ ٽيٽيءَ وارن گهوڙن جو قدر ڪونه هوندو
آهي.
ميرن مون کان هندستان ۾ برطانوي حڪومت، برطانوي راڻي، رياست
پرتپور ۽ برما جي لڙائي بابت سوال پڇندا رهندا
هئا...... ڪڇ جي مامري ۾، ميرن سڀ کان وڌيڪ دلچسپي
ڏيکاري.... هنن کي روس ۽ ايران جي لڙائيءَ، بلڪ
تبريز جي فتح، جنهن جي خبر کين حيدرآباد ۾ منهنجي
هوندي ملي هئي، تنهنجي معلومات ڪانه هئي. اُهي
رنجيت سنگهه کي سک ڪري سڏيندا هئا، ۽ سندس نالو
عزت سان ڪونه وٺندا هئا....... ميرن کي اهو به شڪ
هو ته برطانوي حڪومت، سيد احمد شاهه جي مدد پئي
ڪري.
مونکي اهو ڏسي البت عجب ٿيو، ته هنن کي بادشاهه سلامت، شاهي
خاندان ۽ انگلستان جي ٻين مامرن بابت چڱي ڄاڻ
هئي...... هن کي نيپولين جي خصلتن ۽ هار جي ڄاڻ
هئي، پر سندس موت جي خبر اڃان ڪانه پهتي
هئن........ ماتا جي ٽڪن جي هنن خبر ٻُڌي هئي.
جڏهن مون کين ٽڪن جا فائدا ٻڌايا، تڏهن چيائون ته
، ”اسان سنڌ ۾ به شروع ڪنداسين....... “ مون
ڳالهين ڳالهين ۾ کين ٻاڦ جي انجڻ جي اهم ايجاد جي
خبر ٻڌائي، پر کين هن مامري ۽ انگلستان جي آمدني
بابت يقين ڪونه ٿيو. سمجهيائون ته اهي سيلانين جون
ڏندڪٿائون آهن.
هڪڙي ڀيري ميرن جي وزير سان ڪابل جي حڪومت بابت ڳالهائيندي مون
سندس حاضريءَ۾ هڪ وڏو هندستان جو نقشو کولي ڏٺو.
وزير اها ڳالهه وڃي ميرن سان ڪئي. هنن جي نظر ۾
اها هڪ نادر شيءِ هئي، ۽ مون کي چيائون ته: اسان
کي ڏيکار. مون نقشو درٻار ۾ کڻي وڃي کين ان جو
مطلب سمجهايو. جڏهن مون کين آڱر کڻي سنڌ، جيسلمير
۽ لاهور جا سمورا رستا ڏيکاريا ته کين نهايت عجب
ٿيو ۽ وسمي ۾ پئجي ويا.......
مير جيڪڏهن تندرست هوندا آهن، ته مهيني ۾ ٻه ڀيرا پنهنجن پنهنجن
شڪارگاهن ڏانهن ويندا آهن. انهن موقعن تي انهن سان
هڪ وڏو جلوس ساڻ هوندو آهي. مير اڳواٽ اهو به ظاهر
نه ڪندا آهن ته ڪٿي وڃڻو اٿن. اهڙي طرح هو پنهنجو
شوق به پورو ڪندا آهن، ۽ مختلف ضلعن جي ماڻهن کي
به ڊپ ۾ رکندا آهن. اُهي شڪار ڪرڻ لاءِ بازن ۽ ڪتن
سان نڪرندا آهن.... اُهي اُس ۾ ڪڏهن ڪونه بيهندا
آهن. مير آرام سان ڪنهن محفوظ جاءِ ۾ ويهي، چڱي
طرح نشانو وٺي هرڻ ۽ سوئر ماريندا آهن، جيڪي ڪنهن
چشمي يا کڏ مان پاڻي پيئڻ لاءِ وٽانئن لنگهندا
آهن، سندن پوئلڳ تاڙيون وڄائيندا ۽ ساراهيندا
اٿن.
شڪار گاهه وڏا جهنگ آهن. انهن کي اهڙي طرح لوڙها ڏنل هوندا آهن،
جيئن انهن مان جانور نڪري نه سگهن. جڏهن مير صاحب
شڪار تي ويندا آهن، تڏهن سڀ کُهيون بند ڪيون
وينديون آهن، ته رڳو هڪڙي کُهي، جيڪا سندن تنبن يا
بنگلن جي ڀرسان هوندي آهي، سا کليل رکندا آهن.
پوءِ ”تڙ“ ٿيندي آهي ۽ جانور پاڻي جي ڳولا ۾ اچي
پنهنجو ساهه ڏيندا آهن. ورلي اُهي ٻن لڳو لڳ شڪار
گاهن جي وچ ۾ کُڏڻا ٺاهي، انهن ۾ ويهندا آهن. پوءِ
ٻه ٽي سئو بندوقن وارا وڃي، هڪڙي شڪارگاهه ۾ تڙ
ڪندا آهن. ٽهيل جانور هڪ شڪار گاهه کان ٻئي ڏانهن
ڳٿن مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ مير کين اُتي
ماريندا آهن.
مير گهوڙي تي شڪار اصل ڪونه ڪن. ورلي اُهي اُٺ يا گرگ ڪري، هرڻ
جو شڪار ڪندا آهن. شڪار ڪرڻ جي هنن کان سواءِ ٻئي
ڪنهن کي به اجازت ڪانه هوندي آهي. اهڙو شڪار ورلي
ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻه ٽي رعيتي ماڻهو بندوقن يا
سوئرن جي هٿان ماربا نه آهن! سڀ وڏا ماڻهو جڏهن
ٻاهر نڪرندا آهن، تڏهن بازن وارا پنهنجن شڪارن
سميت ساڻ هوندا اٿن. ڪرم علي وٽ مون هڪڙو باز ڏٺو،
جنهن جي قيمت ٻه هزار رپيا هئي. مير صاحب جن، مون
کي به هڪڙو اهڙو ئي قيمتي باز سوکڙي ۾ ڏنو
هو........ سڀ سُٺا باز، ترڪستان ۽ ڪابل جي اُتر
واري علائقي مان ايندا آهن.
هتي درٻاري، حاڪم جي حضور ۾ حُڪم ۾ رهندا آهن.
درٻارين کي جيڪو رتبو هوندو آهي، تنهنجو سڄو آڌار
ميرن جي شفقت تي هوندو آهي. درٻارين کي صفائي ۽
شان سان رهڻو پوندو آهي، پر کين ٺٺ ٺانگر ڪرڻ جي
وصيت ڪانه هوندي آهي. ميرن جي خاص ماڻهن کي سون
چڙهيل تلوارون هونديون آهن، جن مان کين سڃاڻي
سگهبو آهي. مير جڏهن ڪنهن تي راضي ٿيندا آهن، ته
انهن کي اهڙيون تراريون انعام ڏيندا آهن، رواج آهي
ته درٻار ۾ اُهي جڙائو هٿيار نه پهريا ويندا آهن،
جيڪي ميرن جا ڏنل نه هوندا آهن. مير سوکڙين ڏيڻ ۾
اڪثر ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺندا آهن........ مير
ورلي پنهنجون هيرن سان جڙيل تلوارون به انعام ۾
ڏيندا آهن. |