سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :119

 تڏهن استادن ۽ شاگردن وچ ۾ سڀني کان وڏو رشتو پڙهائي جو هوندو هو. پر ڪڏهن ڪنهن شاگرد کي اها همت نه ٿيندي هئي، ته هو استاد کان اها ڄاڻ وٺي ته وٽس ڪهڙو پرچو آيو آهي، ۽ هن کي ڪيترا نمبر مليا جنهن جي حاضري گهٽ هوندي هئي، تنهن جو فارم نه موڪلبو هو. هڪڙي ڀيري هڪڙي شاگرد اڳواڻ جي حاضري گهٽجي وئي. تاريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد فارم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وائيس چانسلر گهُرائي سفارش ڪئي، ته چوڻ لڳو: توهان لکي ڏيو: آئون حڪم جي تعميل ڪندس. ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن سفارش ڪئي، پر هو پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو. هن جو دليل هو ته جيڪڏهن هن جو فارم موڪليو ويو، ته ان کان پهرين جن شاگردن جا فارم ان اصول تي نه موڪليا ويا تن لاءِ ڪهڙو جواب هوندو؟ انهيءَ شاگرد اڳواڻ جو فارم ته نه ويو، پر هو تڏهن به ڊاڪٽر بشير صاحب سان احترام ۽ عزت سان مليو.

ايوب خان جڏهن ’فرينڊز ناٽ ماسٽر‘ ڪتاب لکيو يا لکرايو، ته اسان وٽ بيورڪريسي هڪدم چرپر ۾ اچي وئي. يونيورسٽي ۾ هدايتون آيون، ته ان ڪتاب جي ادبي، فلسفياڻي، سياسي ۽ تاريخي پهلوئن تي روشني وڌي وڃي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اها سلسلو شروع ڪيو. ڪيترن ئي پروفيسرن وڃي ان ڪتاب جي چڱائين تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر ڪي اهڙا استاد پروفيسر به هئا، جن انهي سلسلي ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر کانئن ڪنهن به پُڇاڻو نه ڪيو.

1961ع ۾ آئون جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد جي حيثيت سان آيس، ته ان وقت سائنس جا ڪجهه شعبا ڄامشورو ۾ نيو ڪيمپس ۾ منتقل ٿي چڪا هئا. اولڊ ڪئمپس ۾ آرٽ جا سمورا شعبا ۽ ڪجهه سائنس جا شعبا هئا. ابتدا ۾ آرٽس جي سمورن مضمونن جا ڪلاس ڏينهن جو ٽين وڳي کان شروع ٿيندا هئا، ته جيئن جيڪي ماڻهو ملازمت  ڪن ٿا، تن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي. پر پوءِ ڪجهه شعبا ته شام لا ءِ پر ڪجهه صبح ۾ ٿيا. انهن ۾ جنرل هسٽري جو شعبو پڻ هو. يونيورسٽي جي زندگي دلڪش هئي. ثقافتي ۽ غيرنصابي سرگرميون چڱيون ٿينديون هيون. يونين جا اليڪشن، بحث، ڊراما ۽ موسيقي جا پروگرام، رانديون. يونيورسٽي ڪينٽين ان جاءِ تي هئي، جتي صبح کان شام تائين ميڙاڪ رهندو هو.

1963ع ۾ مون کي سنڌ يونيورسٽي ۾ جونيئر ليڪچرار جي نوڪري ملي وئي. تڏهن يونيورسٽي جي استادن ۾ پنهنجي اسٽيٽس جو گهڻو خيال هوندو هو.......... آئون جيئن ته جونيئر ليڪچرار هوس، تنهنڪري سينيئر استاد اسان جي ڪابه عزت نه ڪندا هئا. اڪثر سلام جو جواب به نه ڏيندا هئا......... رضي الدين صديقي، جيڪو تڏهن وائيس چانسلر هو، تنهن جو دستور هوندو هو ته پروفيسر سان پورو هٿ ملائيندو هو، ريڊر سان اڌ هٿ، ۽ جونيئر ڪلارڪ سان بلڪل نه.

رضي الدين صاحب جي زماني ۾ ئي بيوروڪريسي جو زور وڌي ويو. هڪڙي ڀيري هن اهو سرڪيولر ڪڍيو، ته سالياني اضافي مهل استاد کي سندس سامهون پيش ٿيڻو پوندو. تڏهن باهمت ماڻهو پڻ هئا. سنڌي شعبي جي پروفيسر جتوئي سرڪلر تي هيٺيون شعر لکي موڪلي ڏنو:

اي طائر لاهوتي اس رزق سي موت اچهي

جس رزق سي آتي هو پرواز مين ڪوتاهي

جنهنجو نتيجو اهو نڪتو ته وائيس چانسلر پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.

....... پوءِ ڪلب جون ويهڪون اتي ڏيئل داس ڪلب ۾ ٿيڻ لڳيون هيون، اها اولڊ ڪئمپس ڀرسان هڪڙي پراڻي عمارت ۾ هوندو هو. هندوئن جي زماني ۾ ان ڪلب جي وڏي ناماچاري هئي. هتي ڊراما ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون، پر ورهاڱي کان پوءِ رڳو جوا جو اڏو بڻجي ويو..... پوءِ اتي 1970ع ۾ ڪلب جون ويهڪون باقاعدگي سان ٿيڻ لڳيون. پر پوءِ اهي هوريان هوريان ختم ٿي ويون.

جڏهن غلام مصطفيٰ شاهه وائيس چانسيلر ٿي آيو  ته هن ايندي ئي پهريون ڪم اهو ڪيو، جو يونيورسٽي اولڊڪيمپس کي رات ۾ خالي ڪري نئين ڪيمپس ۾ هليو ويو.ائين اوچتو ڪيمپس شفٽ ٿيڻ سان سڀني کي تڪليف ٿي،ڇو ته حيدرآباد  ۽ ڄامشورو وچ ۾ ٽرانسپورٽ جو معقول انتظام نه هو. هڪڙي سرڪاري بس هوندي هئي، جيڪا اسٽاف لاءِ هئي،پر اها خراب هئڻ ڪري ڪڏهن ايندي هئي ته ڪڏهن نه .استادن کان وڌيڪ تڪليف شاگردن کي هئي.حيدرآباد ۾ تڏهن تلڪ چاڙهي  تي برٽش ڪونسل هوندي هئي، جنهن جي لائبررين امتنان بخاري صاحب هوندو هو .هن ان لائبرري کي شروع ڪيو.

جڏهن ٽونڪ ڇڏي اسان جوڪٽنب حيدرآباد ۾ آباد ٿيو، ته اسان ان شهر کي  ڪيڏو صاف سٿرو پرسڪون  ڏٺو هو. ۽ هاڻي جڏهن لطيف آباد ۾ وياسين  ته اتي ڪيڏي  ماٺار هئي.گھرن جي  اڳيان ماڻهن واڙهون لڳائي ڇڏيون هيون ننڍڙا ننڍڙا لان هئا،رستن تي وڻ هئا  ۽ جڏهن رات جو ٿڌيون هوائون گھلنديون هيون ته زندگي جو مزو  اچي ويندو هو . پر پوءِ ڏسندي ڏسندي  خاموشي سان شهر ۾  تبديليون اچڻ شروع ٿيون. پر اهي تبديليون منهنجي سامهون هيون ۽ آهستگي سان پئي ٿيون. تنهن ڪري اسان  گھڻو وڌيڪ محسوس  نه ڪيو. پر جڏهن آءُ 1970ع  ۾ ٻاهر هليو ويس ۽ 1974ع ۽ 1976ع  ۾ واپس آيس حيدرآباد  کي ڏسي  دل کي جھٻو آيو شهر ۾ ڪا کليل جاءِ باقي نه رهي هئي. باغن جي جگھ دڪان ۽ فليٽ ٺهي ويا هئا ، ٽريفڪ جو ڌڻ ايڏو هو، جو پنڌ هلڻ به ڏکيو هو ، هر جاءِ تي ڪن ڪچري جا ڍير هئا. اسان لطيف آباد نمبر ڏهين ۾ هڪڙي ڪرائي جي گھر ۾ اچي رهيا هئاسين ، جڏهن مينهن پوندو هو، ته گهر آڏو ايڏو پاڻِي اچي گڏ ٿي ويندو هو، جو پندرهن ڏينهن تائين گھر کان نڪرڻ  جو رستو بند ٿي ويندو هو. رستو اُڪرڻ لاءِ جتيون لاهڻيون پونديون هيون.تنهن ڪري برسات کان نفرت ٿي ويئي هئي . جڏهن به آسمان تي ڪارا گھاٽا ڪڪر ايندا هئا،ته دل ويهي ويندي هئي ته جيڪڏهن اهي ڪڪر وسي پيا، ته رستا بند ٿي ويندا. جڏهن اسان جي اتي رهندي  نيٺ گھٽيءَکي پڪو ڪيو ويو، ته ڏاڍي خوشي ٿي، ته هاڻي  برسات کانپوءِ گهر ۾ قيد نه ٿينداسين ، پر رواج جيان گھر کان نڪري سگھنداسين،تڏهن احساس ٿيو ته اسان جي حالت ڪهڙي ٿي ويئي آهي، جيڪڏهن گھٽي  پڪي بڻجي وڃي  ۽ ناليون ٺيڪ ٿي وڃن ، ته اسان ٻِيا سمورا مسئلا وساري حڪومت جا ٿورائتا ٿي ٿا وڃون.

اسان 1989ع ۾ حيدرآباد ڇڏيو ۽ لاهور آياسين.پر جڏهن آءٌ حيدرآباد وڃان ٿو، ته ان کي بدليل ڏسان ٿو . پهرين کان وڌيڪ ڪنو،گوڙ ۽ سونهن کان محروم.ٻوليءَ وارن جھيڙن شهر جو چهرو بگاڙي ڇڏيو آهي. هاڻِي اهو شهر سنڌين ۽ پناهگيرن وچ ۾ ورڇجي ويو آهي.هر پاسي دڪان فليٽ پيا ٺهن. رستا کوٽيل آهن، ٽريفڪ جو گوڙ آهي.۽ اهي حيدرآباد جون تازيون ۽ خوشگوار وڻندڙ هوائون هاڻي پنهنجو رستو بدلائي چڪيون آهن،شهر جيتوڻيڪ وسيل آهي، پر منهنجي لاءِ ويران آهي ،منهنجا اڪثر دوست ۽مائٽ ان شهر کي ڇڏي چڪا آهن. جيڪي رهن پيا ؛ سي احساس محرومي ۾ ورتل آهن. جڏهن آءٌ حيدرآباد وڃان ٿو ته ڪجھ محبت ڪندڙ گڏجي  وڃن ٿا. شهر جي حالتن تي تبصرو  ٿيندو آهي.گذريل يادن جو ورجاءُ ڪيو ٿو  وڃي . منهنجي همت نه ٿي ٿئي ، جو آءٌ شهر ۾ گھمي پراڻين جھڳين کي ڳولهيان. منهنجي لاءِ هي شهر جڏهن به وڃان ٿو، پهرين کان وڌيڪ ڌاريو ٿي ٿو وڃي.(40)

سنڌيڪار: حُسين بادشاهه


 

ڊاڪٽر حبيب الله مرزا

 

حيدرآباد جي شاهي بازار

 

حيدرآباد  شهر جي سٽاءُ مان ايئن ٿو لڳي ته جڏهن حيدرآباد شهر ٻڌو ويو. تڏهن ڏاڍيءَ گڻ ۽ويچار کان پوءِ ان کي تشڪيل ڏني ويئي هئي. حيدرآباد جي تاريخي قلعي جي صدر دروازي وٽان، شهر جي خاص بازار. شاهي بازار رکي ويئي هئي.  هيءَ بازار قلعي در کان شروع ٿي، اُتر طرف سڌو ئي سڌو ڪيترائي فرلانگ ڊگهي هوندي هئي. شاهي بازار کان ”ميان غلام شاهه رستو“ به ڪري چوندا هئا. سنڌ جي فتح کان پوءِ، انگريزن اها ڪوشش ڪئي، ته هن بازار کي ”آڪسفورڊ اسٽريٽ“ جي نالي سان سڏيو وڃي، پر اُهي ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿيا. سنڌ جا ماڻهو ان کي ساڳئي نالي شاهي بازار سان سڏڻ لڳا.

حيدرآباد جي شاهي بازار، قلعي دروازي واري چوراهي يا چوسول کان شروع ٿئي ٿي. اها عام طور تي ”نولراءِ مارڪيٽ“ وٽ ختم ٿي ٿئي. ورهاڱي کان اڳ بازار جي ڊيگهه اها هوندي هئي. پر هاڻي اها ترقي ڪندي ٿي رهي. هاڻي ان جو اختتام سينٽرل جيل وٽ ٿو ٿئي. اڳي هيرآباد واري پاسي دڪان ٺهيل نه هوندا ها، رڳي جايون هونديون هيون. ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان هوندا هئا. هاڻي هرڪو ماڻهو پنهنجي جاءِ جي اڳ کان ڀتيون ڊهرائي دڪان پيو ٿو ٺهرائي ۽ مسواڙيون پيون وصول ڪري. جنهن ڪري شاهي بازار وڃي ٿي ترقي ڪندي. ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن، ته ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ هيءَ بازار ننڍي هئي. تنهن هوندي به انگريزن جي حڪومتي دور ۾ شاهي بازار ڏاڍي ترقي ڪئي.

ويهين صديءَ جي شروع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪي به جايون يا دڪان هئا، سي سڀ تيڪي جا ٺهيل هوندا هئا. جنهن کي تيڪو چئبو آهي. هڪ تيجي جي جاءِ ان ڪري، ٻئي قسم جي جاءِ کان مختلف آهي، جو هن قسم جي جاءِ جي ٺهڻ لاءِ مٽي ۽ ڪاٺ ٻنهي جي ضرورت هوندي آهي. شرط اهو ته مٽي چيڪي هجي ۽ پراڻي نه هجي. تيڪي جي جاءِ جي ٺاهڻ مهل پيڙهه ۾ ڪاٺ جي منجي رکي ويندي آهي. جيڪا ڏاڍي مضبوط هوندي آهي. اُن کي منجي انهي لاءِ ٿا چون، جو اُن ۾ چار ٿُلهيون ڪامون يا چونڪ ۾ جڪڙيل هونديون آهن. اهو چونڪ زمين تي قابو ڪري وڇايو ويندو آهي. ان جي مٿان ڪلين ۽ ڪوڪن سان ڪاٺ جون پٽيون ٺوڪي ديوارون ٺاهيون وينديون آهن. تيڪي جي جاءِ جي ڇت به پٽين جي ٺاهي، مٿس پکا ۽ ٽوئا رکي، مٽي وڇائي، گاري سان لنبي تيار ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح اهو دڪان يا ڪوٺي ڪاٺين جي پڃري جي ٺاهي، مٿان پهرين مٽيءَ سان ڇنڀ ڪرائي، پوءِ گاري سان لنبائي، پوچي وغيره ڏياري تيار ڪئي ويندي آهي.

اڳي حيدرآباد شهر جا سڀ پاڙا، بازارون ۽ گهٽيون، تيڪي جا ئي ٺهيل هوندا هئا. تيڪي جي جاءِ کي ان لاءِ به پسند ڪيو ويندو آهي، جو اها نه رڳو هلڪي ٿي ٿئي، پر زمين به ٿوري ٿي والاري. مضبوط وري اهڙي جو ڪيتري به برسات پوي، يا وقت گذري تڏهن به نه ڪرندي آهي، البت لنب جو ڪم پئي گهرندي آهي، جنهن لاءِ برسات کان اڳ ڇتين ۽ ڀتين کي گاري سان يا گچ سان پيو لنبائبو آهي.

انگريزي واري زماني ۾، شاهي بازار جا دڪان به تيڪي جائي ٺهرايا ويندا هئا. البت گهٽين ۾ جيڪي دڪان هوندا هئا، تن کان شاهي بازار جا دڪان ٿورو مختلف هوندا هئا. حيدرآباد جي گهٽين جا دڪان هن طرح جا هوندا هئا. تيڪي جي هڪ ڪوٺيءَ کي هڪ ويڪرو – چئن طاقتن وارو – دروازو لڳائي، دڪان ڪري استعمال ڪيو ويندو هو. شاهي بازار ۾ دڪانن کي اڳ کان دروازي جي مٿان به ڪاٺ جي ديوار يا تختا لڳل هوندا هئا. ائين ان ڪري ڪندا هئا، ته دڪان جو اڳ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي. ان کان علاوه هندن جي دڪانن تي ان هنڌ؛ يعني دروازي جي مٿان، ڪاٺ جا ٺهيل سهڻا ۽ رنگين پتلا گلڪاري رکي ويندي هئي. حيدرآباد جي شاهي بازار جي اڪثر دڪانن جي مٿان ڪاٺ جا ماڙا هوندا هئا، انهن ماڙن ڪي ڪاٺ جا سهڻا ٿنڀ گهڙي ٺاهي، مٿانئن رکيو ويندو هو. اهڙن ٿنڀن جي مٿان پاسن ۽ ڪنارين تي ننڍا ۽ سهڻا، ڪاٺ جا گهوڙا، خچر، اُٺ ۽ ڪاٺ جا ئي  ڀولڙا ۽ بندر وغيره ٺاهي، رنگ ڏئي، رکيا ويندا هئا. هرهڪ دڪان تي ٻئي دڪان کان مختلف صورتون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. شاهي بازار مان لنگهندي ٻار رڳو دڪانن جي مٿان ويٺل سهڻن ننڍن پتلن ۽ مورتن کي ڏسندا هئا. شايد اڃا به هڪ يا ٻه اهڙا هجن جن تي اهڙو ڪاٺ جو نفيس ڪم ٿيل هجي. ڪاٺ جو نفيس ڪم نه رڳو حيدرآباد پر سنڌ جي ٻين شهرن مثلا شڪارپور ۾ ٿيندو آهي، پر حيدرآباد جي ڪاريگرن هن ڏس ۾ اصل ڪمال ڪري ڇڏيو هو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيڪي جي جاين جي بدران سرن جون جايون ۽ ڪاٺ جي نفيس ڪم جي بدران سيمينٽ جي گلڪاريءَ استعمال ڪئي وئي. ان جو سبب اهو به هو جو پڪي سر يا سيمينٽ واري جاءِ يا دڪان وڌيڪ ديرپا ۽ مضبوط هوندا آهن. پر ان جو هڪ سبب اهو به هو ته ڪاٺ مهانگو ٿي ويو هو. جنهن ڪري تيڪي جي جاءِ يا ڪاٺ جو دڪان اوترو ئي خرچ کائيندو هو، جيترو پڪي سر ۽ سيمينٽ جو دڪان کائي. جنهن ڪري هن ئي صديءَ جي شروعاتي پنجويهن سالن کان پوءِ تيڪي کي ڇڏي پڪي سر ۽ سيمينٽ کي اختيار ڪيو ويو هو.

اڳي حيدرآباد جي جاين کي دروازي وٽ ”ڏيڍي“ هوندي هئي. يعني ته پندرهن يا ويهن فوٽن جي ڏيڍي هوندي هئي. ماڻهو چوندا هئا، ته ڏيڍي جيتري ڊگهي اوتري چڱو. ٻيو ته اڳي جاين جا اڱڻ وڏا ۽ جايون خوشنما ۽ سهڻيون هونديون هيون. اڱڻ کان پوءِ، پراڻي قسم جي جاين ۾ هميشه صفحو هوندو هو. صفحي کان پوءِ ”پڌرو“ رکيل هوندو هو. پڌري کي ڪوٺيءَ وانگي استعمال ڪيو ويندو هو. رڌڻو ۽ غسلخانو وغيره صفحي کان پرڀرو رکيو ويندو هو. ڪن جاين ۾ پڌري جي مٿان وري دُڇٽي به هوندي هئي. دُڇٽي يا دوڇتي کي گهڻو ڪري سمهڻ مهل استعمال ڪيو ويندو هو. دُڇٽي عمومن ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي.

حيدرآباد شهر جي جاين ۾ ”منگهه“ خاص اهميت رکي ٿو. سچ ته ننڍي کنڊ ۾ حيدرآباد واحد شهر آهي، جيڪو منگهن جي ڪري مشهور آهي. هن قسم جي وينٽيليشن کي انگريز آفيسر ڏاڍو پسند ڪندا هئا. اڳي حيدرآباد ۾ ايترا گهڻا منگهه هوندا هئا؛ جو جيڪڏهن شهر کان ٿورو پرڀرو ٿي ڏسبو هو: مثلا جيڪڏهن ڪو ٽرين ۾ سوار ٿي حيدرآباد جي ويجهو ايندو هو، ته هزارن جي انگ ۾ منگهه ڏسڻ ۾ ايندا هئس. پري کان منگهه جهرمر لايو بيٺا هوندا هئا. هر جاءِ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه منگهه ضرور هوندا هئا. وڏين جاين ۾ ته بعضي ست ست يا اٺ اٺ منگهه هوندا هئا. ماڙين وارين جاين ۾، منگهه جي گنديءَ مان هڪ ڳڙکي يا ننڍي دري ڪڍي اُتي به تازي هوا جو بندوبست رکي ماڙيءَ کي ٿڌو رکندا هئا.

ويهين صديءَ جي شروعات ۾، حيدرآباد شهر جي ڪُل آبادي پنجهتر هزارن کان اسي هزارن تائين هوندي هئي. انهن ۾ مسلمان ۽ هندو تقريبن هڪ جيترا هوندا هئا. بعد ۾ هندو آبادي تيزيءَ سان وڌندي وئي. ان جا ڪيترائي سبب هئا. انگريزن جي سموري دور ۾ هن شهر جا مسلمان پنهنجن وڏن جون ملڪيتون وڪڻندا پاڙا خالي ڪندا، ٻهراڙين ۾، ۽ شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ گهر اڏائيندا هئا. جنهن ڪري انهن جي آبادي گهٽبي رهندي هئي. تنهن هوندي به ورهاڱي کان اڳ، مسلمانن ۽ هندن جا هيٺيان پاڙا يا محلا وسيل هوندا هئا.

قلعي کي دروازي کان شروع ڪجي، ته اتر طرف پهريائين گدواڻين جو پاڙو، ۽ بازار جي ٻئي پاسي کان لوهارن جو ويڙهو ٿيندو هو. اڳي جن ماڻهن جا شاهي بازار ۾ دڪان هوندا هئا، تن جا گهر وري دڪانن جي پٺيان اندر گهٽين ۾ هوندا هئا. لوهارن ۽ تيورن جي دڪانن کانپوءِ بازار جي ٻنهي پاسن کان سونارن جا دڪان هوندا هئا. اندر تي گهٽين ۾ سونارن جا ئي گهر هوندا هئا. ان بعد، اڀرندي طرف کان کنڀاٽي گهٽي آهي. هتي تڏهن کنڀاٽين جا دڪان ۽ اندر سندن گهر هئا. اڃان تائين به کنڀاٽي ويٺا آهن. هن هنڌ بازار جي ٻئي پاسي کان خاطوبندن جي گهٽي آهي، اڳتي، فقير جي پڙ وٽ پاٽولين ۽ بجاجن جا دڪان آهن. فقير جي پڙ واري چوراهي کان اڳتي اُڀرندي طرف مکڪي گهٽي ۽ سامهون الهندي طرف بيربلاڻي گهٽي اچي ٿي. هن هنڌ گهڻو ڪري هندو ڀائيبند رهندا هئا. ان کان پوءِ هڪ ننڍي گهٽي بنام مولو ٻٻر جي گهٽي اچي ٿي. گهڻو اڳي هتي ٻٻر ذات جا ماڻهو رهندا هئا. ان کان پوءِ مشهور چوراهو ”ڇوٽڪي گهٽي جو چوسول“ آهي. هن هنڌ اڀرندي طرف سرور جي قبي واري گهٽي ۽ الهندي طرف ڇوٽي (ڇوڏڪي) گهٽي آهي. آباديءَ جي لحاظ کان، هن هنڌ، بازار جي اڀرندي پاسي هندو ڀائيبندن جا،  ۽ الهندي پاسي هندو عاملن جا گهر هئا. جيڪي تقريبن سري گهاٽ تائين هئا. البت ”مڇي هٽ بازار“ ۾ سومرن ۽ ڀٽين جا ويڙها آهن. مڇي هٽ بازار، شاهي بازار جي اڀرندي طرف آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org