سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :73

 هالا ضلعي ۾ نوَ ميونسپل ادارا آهن، سڀ کان پهرين ٽنڊو الهيار ۾ 1856ع ۾ ميونسپل قائم ڪئي وئي. ميونسپلن جي محصول جي وصولي گهڻو ڪري، درآمدي مال، لائسنس، ڍڪ، ڏنڊ وغيره مان ٿئي ٿي. وصول ٿيل پئسو گهڻو ڪري پوليس، عوامي ڀلائي جي ڪمن، اسڪالرشپ ۽ تعليمي ادارن کي ڏنو وڃي ٿو. ميونسپالٽين ۾ ٽنڊو الهيار (جولاءِ 1856ع)، نصرپور (1860ع)، ٽنڊو آدم (جنوري 1860ع)، هالا (پهرين مئي 1860ع)، ميرپور (ڏهه آڪٽوبر 1860ع)، گهوٽاڻو (پهرين ڊسمبر 1860ع)، مٽياري (ڏهه آڪٽوبر 1868ع)، شهدادپور (ڏهه آڪٽوبر 1868ع) ۽ کوکر (1872ع) شامل آهن.

سڄي هالا ضلعي ۾ رڳو ٻه ڊسپنسريون آهن، جن ۾ 1860ع ۾ جُڙندڙ هالا، ۽ ٻي 1862ع ۾ ٺهندڙ ٽنڊو الهيار شامل آهي. اهي ٻئي ادارا حڪومت جي صحت کاتي جي ماتحت آفيسرن جي انتظام هيٺ آهن، ۽ انهن ادارن جو سنڌ جي اسپتالن جو ڊپٽي سرجن جنرل سال ۾ هڪ ڀيرو دورو ڪندو آهي.

هالا ڊسپينسري ۾، 1874ع ۾ سراسري طور روز ٻن مريضن کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويندو هو. ۽ ويهن مريضن جو علاج ڪري کين گهر ڀيڙو ڪبو هو. جڏهن ته ٽنڊو الهيار ڊسپينسري ۾ ساڳئي سال روز ٻن مريضن کي داخل ڪبو هو ۽ سترهن جو علاج ڪيو ويندو هو.

1865ع ۽ 1869ع ۾ هن ڊويزن ۾ ڪالرا جا ڪجهه ڪيس ٿيا. سياري ۾ ٻيڙ ٻري جو قسم ۽ گرمي ۾ چمڙي جون بيماريون عام ڏسجن ٿيون.

سڄي ضلعي ۾ ڪوبه جيل نه آهي، پر هرهڪ مختيارڪار جي هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن واري شهر ۾ لاڪ اپ يا ماتحت ٿاڻا قائم آهن، جتي عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگهندڙ ملزمن کي عارضي طور تي قيد ڪبو آهي، ۽ اتي مهيني جي سزا کاڌل ڏوهارين کي قيد پڻ ڪيو ويندو آهي......... ويهه سرڪاري اسڪول موجود آهن، جنهن ۾ 849 شاگرد پڙهندڙ آهن. مقامي ٻولين جا يارهن اسڪول آهن، جن ۾ 120 استاد تعليم ڏين ٿا.

هالا ضلعي ۾ زرعي موسمون؛ خريف، ربي، ۽ پيشراس جي نالي سان مشهور آهن، انهن ۾ مختلف فصل ڪاهيا ويندا آهن، جن ۾ جوار، ٻاجهري، تر، چانور، ڪپهه، چڻا، تماڪ، ڇانهيون، هنداڻا، ڪڻڪ، مڪئي، ڄامڀو، مٽر، چڻا، بصر، ڪمند ۽ ڀنگ شامل آهي.......... درآمد ۽ برآمد گهڻو ڪري زراعت ۽ واپار سان جُڙيل آهي. درآمد ٿيندڙ شين ۾ جوار، ٻاجهري، ڪپهه ۽ تر شامل آهن. جنهن جي قيمت ساليانو ٻارهن لک رپيا آهي. ٻين برآمد ٿيندڙ شين ۾ ريشم، ڪپڙو، ۽ عاج شامل آهن. درآمد ٿيندڙ شين ۾ چانور، ڄامڀو، عاج، مٽي جا ٿانو، ڳڙ، کنڊ، گيهه، کجيون ۽ ڪپڙو شامل آهي.

هالا ضلعي جي ٺهيل مکيه شيءِ سوسي يا کيس آهي، جيڪا ساليانو ڇهن هزار رپين جي ٺاهي وڃي ٿي. اها سُٿڻ، قميص، ۽ پهراڻ ۾ واپرائجي ٿي، سوسي يا کيس گهڻو ڪري هالا نئون ۽ نصرپور ۾ جُڙي ٿي، پر سُٺي سوسي نصرپور ۾ ٺهي ٿي، هالا ضلعو ڪجهه ٻين اهم ٺهندڙ شين ڪري به گهڻو مشهور آهي، جن ۾ ڪاشيءَ جا ٿانو، چوڪا، پاٽيون، پليٽون، گهُگهيون، جنڊيءَ جو ڪم، گلدان، ۽ ٻيون شيون شامل آهن. هتي اها ڳالهه به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر 1869ع ۾ منعقد ٿيندڙ صنعتي نمائش ۾ هالا جي پورهيتن کي پنهنجي ٺاهيل شين تي جهجها انعام مليا هئا.

هالا ضلعي ۾ مختلف وقتن ۽ جڳهين تي ساليانو ٻاويهه ميلا لڳن ٿا، جن مان ڪجهه ڇهه ماهي، ڪي ساليانا ته ڪي ماهوار به آهن. لڳندڙ ميلن ۾ اڏيرو لال، مخدوم نوح، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پير لالي، رڪن شاهه، هاشم شاهه، شيخ طاهر، نوح هوٿياڻي، قائم شاهه، محمد شاهه، پير فيروز شاهه، مشائخ هوٿي، پير ڪينسرو، شيخ موسو، ۽ پير وهيو شامل آهن.

ضلعي ۾ رڳو ڇهه سئو ميلن تي رستا ٺهيل آهن، پر منجهانئن هڪڙو به پڪو يا ڏامر وارو رستو نه آهي، انهن مان ڪجهه رستن تي پليون به ٺهيل آهن........ هتي پنج مکيه آفيسون ۽ ٻه ذيلي آفيسون آهن، جيڪي هالا، ٽنڊو آدم، گدو بندر ۽ ٽنڊوالهيار ۾ قائم آهن. ٽپالي خطن پٽن کي هالا کان شهدادپور ۽ هالا کان مانجهند تائين، هالا کان ٽنڊي آدم ۽ مٽياري کان شيخ طاهر تائين سنڌو درياهه وسيلي ٻيڙين يا پيادا پهچائين ٿا. هوڏانهن کيبراڻي، ڪامل لغاري، لانڍي کيسانو، لانڍي خاناهه، جمن ٿيٻو، ۽ ميون وهيو ۾ ڌرمشالا ٺهيل آهن. هوڏانهن هالا ڪليڪٽوريٽ ۾ سترهن پتڻ آهن، جيڪي سرفراهه واهه، نصير واهه، سانگرو واهه، گهلو واهه، گنج بحر، شاهه واهه ، ۽ لوهاڻو تي ٺهيل آهن........ سرڪاري اليڪٽرڪ ٽيليگراف لائين حيدرآباد کان عمرڪوٽ ويندڙ ٽنڊو آدم وسيلي ۽ وري ٻيهر حيدرآباد کان روهڙي ڏکڻ کان اتر تائين، هالا ضلعي جي ڏاکڻي حصي مان لنگهي ٿي، پر هالا ضلعي ۾ ڪنهن به هنڌ ٽيليگراف اسٽيشن نه آهي.

هن ڊويزن ۾ ڪيتريون ئي اهم تاريخي جايون، پنهنجي انفرادي قدامت جي خيال کان، يا تعميراتي اڏاوت جي خوبي ڪارڻ ڌيان ڏيڻ جوڳيون آهن. انهن ۾ سڀ کان آڳاٽو قديم ماڳ برهمڻ آباد آهي. هالا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر آهي، جيڪو ڪنهن دور ۾ ٽالپر ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جو وڻندڙ شهر هو. گڏوگڏ هتي تراکڙي سنئين پٽ تي ڪيترائي قبا ۽ مزارون پڻ ٺهيل آهن. ٿارنٽن موجب اهو اٽڪل ست سال اڳي ڏاڍو وڏو شهر هوندو هو. جيڪو حيدرآباد جي پکيڙ ۽ آبادي کان به ٻيڻو هو، پر وقت جا هاڃا، جو 1844ع تائين اُتي ڪوبه ماڻهو رهندڙ نه هو. اُتي فتح علي خان جو مقبرو ڌيان جوڳو آهي، جيڪو سُٺي حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ سئو سال اڳ ٺهرايو ويو هو. مقبري جي پيڙهه پٿريلي آهي. پر اوساري پڪين سرن جي کنيل آهي. هالا تعلقي ۾ اڏيرو لال ۾ هڪ مقبرو آهي، جتي ساليانو هندوئن جا ڪيترائي ميلا لڳن ٿا. تنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو پنج سئو سال پراڻو آهي. اهو هينئر به سُٺي حالت ۾ آهي. ٽنڊو الهيار ۾ ڪامڙو جي ماڳ تي چار مقبرا آهن، جن مان ٻه پير محمد اشرف جي نالي پويان سڏجن ٿا. جيڪي چاليهه سال اڳ جوڙايا ويا هئا. جڏهن ته ٻيا ٻه مقبر پاڪ سنگهار جا آهن، ۽ ڀانئجي ٿو ته ٻاونجهاهه سال اڳ کڙا ڪيا ويا هئا. مقبرن جي پيڙهه پٿر جي آهي، ۽ باقي اوساري پڪين سرن سان کنيل ۽ منجهس چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. اهي سٺي حالت ۾ آهن. ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ ميون وهيو جو مقبرو پڻ آهي، جيڪو سٺ سال اڳ ٺهرايو ويو هو ۽ اڃان سٺي حالت ۾ آهي. ٻين مقبرن جيان ان ۾ پڻ پڪيون سرون ۽ پيڙهه پٿر جي استعمال ڪيل آهي.

هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي هالا تعلقي ۾ ڇهه تپا، ۽ ستر ڳوٺ شامل آهن، جنهن جي ايراضي 524 چورس ميل آهي، ۽ آبادي 78273 ماڻهن تي مشتمل آهي. اتان 74- 1873ع دوران 134674 رپيا سرڪاري محصول وصول ٿيو.

هالا پراڻو

هالا پراڻو، هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو نيئن هالا کان اتر ۾ ٻه ميل پري، وڏي ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي. شهر کي رڳو نئين هالا ۽ کاڻوٽ جو رستو آهي. اتي تپيدار جو هيڊڪوارٽر اسٽيشن ۽ هڪڙو سرڪاري ورنيڪيولر اسڪول به قائم آهي. شهر جي آبادي – مسلمان توڙي هندو – 2467 ماڻهن تي ٻڌل آهي. آبادي ۾ ميمڻ، گراڻا، شاهاڻي، هالاري، لوهاڻا، سيهلاس، ۽ کتري شامل آهن. جن جو ڌنڌو گهڻو ڪري زراعت آهي. هن شهر بابت چيو وڃي ٿو، ته اهو سنڌ تي سمن جي حڪمرانيءَ دوران 1422ع (800 هجري) ۾ ٺهيو هو، پر پوءِ سنڌو درياهه پائڻ ڪري 1800ع ۾ ڦٽي ويو.

هالا نئون

هالا نئون، جنهن کي اڳ ۾ مرتضيٰ آباد چئبو هو، سو هالا تعلقي جو مکيه شهر آهي، ۽ 45، 25 اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 28 ء 68 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. شهر ڀرسان علي گنج واهه وهي ٿو ۽ اهو حيدرآباد کان ڇٽيهه ميل مفاصلي تي واقع آهي.

هالا جي مختلف شهرن سان رابطي لاءِ ڪيترائي رستا ٺهيل آهن، اهو حيدرآباد کان روهڙي ڏانهن ويندڙ نيشنل هاءِ وي روڊ سميت گهوٽاڻا، ڀٽ شاهه، پراڻي هالا، اڏيرو لال، شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم ڏانهن ويندڙ رستن سان ڳنڍيل آهي. شهر ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري جڳهون؛ جيئن ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو، جنهن جي ڀرسان هڪڙو سهڻو باغ آهي، ماتحت جج جي درٻار، مختيارڪار جو ديرو، هڪ ڊسپينسري، مسافرخانو، ڌرمشالا، گورنمينٽ ورنيڪيولر ۽ ڇوڪرين جا اسڪول، ڍڪ، ۽ پوليس لائين ٺهيل آهن. هالا ۾ ميونسپالٽي پڻ آهي، جيڪا مئي 1860ع ۾ ٺهي هئي. هتان 74 – 1873ع ۾ حاصل ٿيندڙ ساليانو محصول 2756 رپيا رهيو، ۽ خرچ 2646 رپيا آيو. ڪُل آدم شماري 4096 ماڻهن تي مشتمل آهي. جن ۾ 2646 مسلمان ۽ 1234 هندو شامل آهن. هتي گهڻو ڪري ميمڻ برادري رهي ٿي. ماڻهن جو ڌنڌو گهڻو ڪري زراعت سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته هندو لوهاڻا ۽ ٻاپڙا واپاري آهن.

هالا ۾ رهندڙ مکيه معزز ماڻهن ۾ مخدوم ۽ قاضي شامل آهن. تنهن مان ميان مخدوم امين محمد سڀني کان وڌيڪ مشهور ۽ مکيه آهي. هالا جو مکيه واپار اناج جهڙوڪ، ٻاجهري، جوار، ڪڻڪ، گيهه، ڪپهه ۽ کنڊ آهي. جنهن جي قيمت ساليانو اوڻيتاليهه هزار ٿئي ٿي........... هالا نئون ٿانون، ڪاشي، کاڌيءَ ۽ جنڊيءَ جي ڪم ڪري مشهور آهي. هتي جيڪي کاڌي پيتي ۾ واپرائجندڙ سُٺا ٿانو ٺاهيا وڃن ٿا، تن لاءِ مٽي سنڌو ندي مان ڪڍي وڃي ٿي.

نئون هالا مخدوم مير محمد 1800ع ۾ ٺهرايو هو، تنهن کان پوءِ پراڻا هالا ٺهيو، جيڪو هن کان رڳو ٻه ميلن جي مفاصلي تي آهي، جنهن کي انهي دور ۾ سنڌو درياهه جي پائڻ جو جوکو هو........ هتي قديم آثارن ۾ ٻه مزارون ۽ هڪڙي مسجد شامل آهي، جيڪي مخدوم امين محمد جي ملڪيت آهن. اهي مزارون مشهور بزرگ مخدوم نوح جي اعزاز ۾ ٺهرايون ويون، جيڪو 1505ع ۾ پيدا ٿيو، ۽ ستاسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ۽ هن جي عقيدت طور سال ۾ ٻه ڀيرا مٿس ميلو لڳندو آهي، ته سڄي سنڌ مان ماڻهو پير جي عقيدت ۾ اچي ڪٺا ٿيندا آهن. چيو وڃي ٿو ته هن جي مزار سنڌو درياهه جي پائڻ ڪري ٻه ڀيرا هٽائي ٺاهي وئي، پر هاڻي سندس آخري آرام گاهه نيئن هالا ۾ قائم آهي، جتي کيس ٻيهر 1779ع ۾ ڍڪيو ويو. هن جي پيڙهه جو پٿر مخدوم محمد زمان 1795ع ۾ رکيو هو، ۽ هڪڙو چبوترو ساڳي سال مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو هو.

مقبري جي اتر ۾ جيڪا مسجد آهي سا مير ڪرم علي خان ٽالپر ٺهرائي هئي، ۽ مزار سان لاڳاپيل جايون اٽڪل 1810ع ۾ مخدوم پنيو لڌو طرفان ٺهرايون ويون هيون، جهُرندڙ مزارن جي ڪجهه عرصو اڳ ٻه هزار رپين جي لاڳت سان مرمت ڪرائي وئي، جنهن مان اڌ رقم برطانوي حڪومت ادا ڪئي ۽ باقي حصو مزار جي متولي امين محمد ادا ڪيو.

مٽياري

هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو 35ء 25 اُتر ويڪرائي ڦاڪ، ۽ 26ء 68 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي، هالا کان ڏکڻ ۾ ويهن ميلن ۽ حيدرآباد کان سورهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي شهر ٿورو مٿڀري جاءِ تي ٺهيل آهي. شهر جي مزار ۽ مسجد پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. شهر رستي وسيلي هالا، حيدرآباد ۽ نصرپور سان ۽ سنڌو درياهه وسيلي درياهه جي ٻئي ڀر وارن شهرن انڙپور ۽ شيخ طاهر سان ڳنڍيل آهي. هي تپيدار جو هيڊڪوارٽر، پوءِ ٺهرايل مسافر بنگلو، هڪڙو ڌرمشالا، گورنمينٽ ورنيڪيولر اسڪول ۽ ڪيترائي نجي مڪتب توڙي اسڪول، پوليس لائين ۽ ڍڪ آهن. شهر جي آدم شماري 4920 ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 4149 مسلمان ۽ 729 هندو آهن. مسلمانن ۾ ميمڻ، سيد، شيخ ۽ خاصخيلي گهڻا آهن. جڏهن ته هندوئن ۾ گهڻو ڪري لوهاڻا ۽ برهمڻ شامل آهن. مٽياري ۾ ميونسپالٽي پڻ آهي، جيڪا آڪٽوبر 1868ع ۾ ٺهي راس ٿي، 74-1873ع ۾ ڪنهن صاحب سمي جوڙايو هو،  ۽ هتي هڪڙي اٽڪل هڪ صدي جهوني شانائتي جامع مسجد ۽ ٻن درويشن- پير هاشم شاهه ۽ رڪن شاهه – جي مزارن کي گهڻو تقدس مليل آهي. انهن مزارن تي ساليانو ميلا لڳن ٿا. جنهن ۾ اٽڪل ٻه کان ٽي هزار عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا. هتي رهندڙ مکيه ماڻهن ۾ پير الهه يار شاهه، فضل علي شاهه، سيد محمد علي شاهه، محمد حسين، آخوند حبيب الله ۽ عزيز الله شامل آهن.

ٽنڊو محمد خان

جنهن کي عام طور تي ”ٽنڊو“ چيو ٿو وڃي، سو حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي وڏي ڊويزن آهي. اهو 17 ء 25 اُتر ويڪرائي ڦاڪ، 22ء 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي اُتر ۾ حيدرآباد تعلقي سان، سندس ڪجهه حصو هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ سان ۽ اوڀر ۾ ٿر ۽ پارڪر ضلعي سان ڳنڍيل آهي ۽ سنڌو درياهه جي پراڻي پاٽ پُراڻ سان پڻ حدبندي ٿيل اٿس، جڏهن ته ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ ۽ ڪراچي ضلعي جي شاهبندر ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ سان ۽ اولهه ۾ سنڌو درياهه سان ڳنڍيل آهي. روينيو سروي کاتي موجب ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪل ايراضي 3177 چورس ميل آهي، ۽ هي چئن تعلقن – گوني، بدين، ٽنڊوباگو ۽ ديرو محبت ۾ ورهايل آهي. هن جا ستاويهه تپا آهن، جنهن جي ڪُل آبادي 189931 ماڻهن تي مشتمل آهي.

تعلقي گوني جي تپن ۾ سعيدپور، ڪاتيار، کوکر، ڍنڍي، بلڙي، کورواهه، اگڙي، جمع جاکرو ۽ غلام حيدر؛ تعلقي بدين جي تپن ۾ تلهار، کڏو، بدين، نندو شهر، ڪڍڻ، ٻهڊمي، سيراڻي، لنواري شامل آهن؛ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ سومرو ڪلوئي، ونگو، پنگريو، ڏاڏاهه، ڪرم خان  جمالي  ۽ تعلقي ديرو محبت ۾ گُجو، سرمت لغاري، گل محمد زنئور ۽حاجي سانوڻ شامل آهن......... هن ضلعي ۾واهن جو نظام  هر هنڏ ڦهليل آهي، هتي مختلف ماپن جا اٽڪل هڪ سئو واهه آهن، جنهن مان ٻه واهه زميندارن جي هٿ وس آهن ، مکيه  فيڊرست آهن ،جن مان ٻيون شاخون ڪڍيون  ويون آهن.منجھائن ضلعي ۾ سڀني واهن کان وڏو واهه گوني آهي، جنهن  جي وڏي ايراضي  پوکي وڃي  ٿي.

ٽنڊي ۾ ڪو به دائمي واهه نه آهي، پر اهي سنڌو درياهه جي چاڙهه سان مئي ۾ ڀرجن ٿا.اُهي آڪٽوبر جي شروعات تائين  ڪنان تان وهندا رهن ٿا پوءِ جيئن ئي پاڻي  جھڪو ٿئي ٿو،  ته واهه پڻ  تيزي سان  سڪي  وڃن ٿا. واهن جي کاٽي، روينيو اختيارن ۽ پبلڪ ورڪس کاتي طرفان گڏيل طور تي کنئي وڃي ٿي.  گوني، گاجيا، ۽ نصير ڪئنال  واهه ۾ ٻيڙين جي اچ وڃ گھِڻي رهي ٿي. نصير ڪئنال ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين ٻارهن کان چاليهه خرار واري ٻيڙي هاڪاري سگھجي ٿي.هتي ڪجھ ڍنڍون پڻ آهن، جن ۾ سڄو  سال پاڻي بيٺل رهي ٿو.انهن مان مکيه گوني  تعلقي ۾ ٻاريچي ۽ بدين تعلقي ۾ سار بڊي  ۽ جھلار آهي.

حيدرآباد ڪيلڪٽوريٽ جي هن ڀاڱي جي آبهوا، ٻوڏ ختم ٿيڻ واري حالت کانسواءِ، مجموعي طور تي صحتمند سمجھي وڃِي ٿي،جو هتي به ان رت ۾،  سنڌ جي ٻين ڀاڱن جيان، عام طور بخار جو  لڙهو شروع ٿئي ٿو. هتي  اتر سنڌ  جي ٻين علائقن جيان نه گرمي گھڻي ٿئي ٿي ،۽ نه ئي سيءُ تنگ ٿو ڪري. ٽنڊي محمد خان ۾ جنوري واري مهيني ۾ وڌ ۾وڌ ايڪيهٺ ڊگريون سيءُ پوي ٿو، ۽  جون ۾ ٿيندڙ گرمين جودرجو وڌ ۾ وڌ 100ڊگريون هجي ٿو.   

1874 تائين چوڏهن سالن جي انگن اکرن کي ڏسندي اها  ڳالهه سامهون ايندي ته هتي ساليانو ڇهه انچ برسات وسڻ جو تناسب رهيو آهي. هتي جو ڪاڙهو توڙي سيءُ سهڻ جوڳو ٿئي ٿو. تنهن هوندي به اونهاري ۾ ورلي مٽيءَ جا ڌوڙيا لڳن ٿا، پر اهي گهڻو وقت جٽاءُ نٿا ڪن  ۽ موسم وري معتدل ٿيو وڃي. هتي ماڪ به پوي ٿي، پر اها ايڏي هاڃيڪار نه آهي. ٽنڊي ۾ عام طور تي ٻيڙ بخار گهڻو ٿئي ٿو. هي ملڪ خشڪ آهي، هتي ڪالرا هر سال ڪونه ٿي اچي، پر ڪڏهن ڪڏهن منهن ڏيکاري ٿي ۽ ڏاڍي سخت انداز سان پلاند ٿي ڪري. 1869ع ۾ ايندڙ ڪالرا جا اٽڪل 540 ماڻهو کاڄ ٿيا.

ٽنڊي ضلعي ۾ جهنگلي جانور گهڻا نه آهن. پوءِ به هتي بگهڙ، لومڙ، گدڙ ۽ هرڻ ۽ سوئر ملن ٿا. پکين ۾ طوطو، ڪوئل، ڪبوتر، بدڪون، تلور، گهريلو جانورن ۾ اُٺ، گهوڙا، ڍڳا، سانَ، گڏهه، رڍ، ٻڪريون ۽ ڪڪڙ شامل آهن. جڏهن ته اونهاري ۾ ڪيترن ئي قسمن جا نانگ ٻرن مان نڪري ٿا اچن، جيڪي انساني زندگي لاءِ ڏاڍا هاڃيڪار هوندا آهن.

ٽنڊي جي مکيه فصلن ۾ ڪڻڪ، مڪئي، جوار، مُنڱ، مٽر، ڄامڀو، تماڪ، ڪپهه، ڪمند، گوبي، تر، گجر، سرنهن، ڇانهيون، هنداڻا ۽ باغن جي پيداوار شامل آهي. هتي چانورن جون ڇهه جنسون پوکيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ؛ ڳاڙهن چانورن ۾ موتيون، گاگو ۽ ڪمٻڙو، ۽ اڇن چانورن ۾ نئين داي، سُڳداسي، ۽ ستڙيا شامل آهن. ٽنڊي ضلعي جي مکيه ميون ۾ انب، ڏاڙهون، صوف، ٻير، هنداڻا، ڇانهيون، نارنگيون، کجيون، ڄمون، گيدوڙو، ليار وغيره شامل آهن.

هتي پنج ٻيلا آهن، جن ۾ کٿڙ، ڪاتيار، ٽکڙ، کوکر ۽ کير ڏوهي شامل آهن. ٻيلا سرڪاري ملڪيت هئڻ ڪري ٻيلي کاتي جي تحويل ۾ آهن، جن جي سار سنڀال ٻيلي کاتي جو تپيدار ڪري ٿو. مٿي ڄاڻايل ٻيلن مان پهريان چار، حيدرآباد سان واسطو رکندڙ سنڌ جي ٽالپرن حڪمرانن طرفان، 1807ع، کان 1836ع واري عرصي جي وچ واري عرصي ۾ پوکيا ويا هئا. جڏهن ته کير ڏوهي وارو ٻيلو ٽنڊي ڊويزن جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪنرل ليمرٽ 1859ع ۾ پوکايو هو.

ٽنڊي ضلعي جي ڪُل آبادي گهڻو ڪري مسلمانن ۽ هندوئن تي مشتمل آهي، جن جو انگ 189931 آهي، منجهانئن 21982 هندو ۽ 167949 مسلمان آهن. اهڙي ريت هتي في چورس ميل تي سٺ ماڻهو رهن ٿا. جنهن مان اهو نتيجو ڪڍجي، ته انهي علائقي جو وڏو حصو گهڻو ڪري ڪُڙمت کان آجو آهي.

ويس وڳن ۾ هندو ڌوتي، پهراڻ ۽ مٿي تي، عاملن کان سواءِ پڳڙ پائين ٿا. مسلمان پورهيت عام رواجي ويس ۾ شلوار ۽ پهراڻ ٿو پائي، ۽ پنهنجي ڪلهن تي بوڇڻ ٿو اوڍي. مٿيئن طبقي جا ماڻهو مهانگي سنڌي ٽوپيءَ سان اوني وڳا ۽ پڳڙي پائين ٿا.

ماڻهن جي کاڌي ۾ عام طور تي چانور، ٻاجهري، جوار، دال، ڪڻڪ، مڇي گيهه ۽ مکڻ شامل آهي. ڪي ڪُڪڙ، ٻاڪرو يا وڏي جو گوشٽ پڻ واپرائين ٿا. گهڻو ڪر عام ماڻهن جا گهر سادا سودا ۽ جهُريل حالت ۾ آهن. اُهي مٽي، سج جي تپش تي پڪل سرن سان، جنهن ڇت تي مٽي ليپو ڏين ٿا، ۽ قاعدي موجب هڪڙي ماڙ جاءِ ئي ٺاهين ٿا. انهن جا گهر اڪثر ڪکن ۽ ڇپرن جا ٺهيل آهن، جنهن جي مٿان عام رواجي گاهه وڇائي ڇڏين ٿا. جڏهن ته اڪثر ڳوٺن ۾ ماڻهو ٻير يا ڪنهن ٻئي وڻ جون ٿوڻيون کوڙي، مٿان ڇپر ڪري پنهنجو گهرڙو ٺاهين ٿا. مٿئين طبقي جي ماڻهن جا گهر عام طور تي سٺا ۽ وڏا ٿين ٿا. اُهي ساڳي مواد مان ٺاهيل هجن ٿا، مٽي ۽ سج جي روشني تي سڪايل سرن، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته اهي گهر آبهوا موجب مناسب آهن. گڏوگڏ ڪجهه ويجهو سوڙا، ۽ منگهن بنا سوڙها سيڪڙا ڪمرا هجن، ننڍڙو صفحو جنهن کي اوطاق چون، جتي دوستن سان ڪچهريون ۽ واپاري ڳالهيون ٻولهيون ٿين ٿيون. انهن گهرن ۾ جيڪو فرنيچر ڏٺو وڃي ٿو. تنهن ۾ هڪڙي کٽ، غاليچو، حُقو ۽ گهُگهي پاڻي لاءِ کاڌي پچائڻ لاءِ، هڪڙو سنڌي عام طور تي گهر جي آرائش تي ايڏو خرچ نٿو ڪري. هو گهڻو ڪري عيدن برادن، هولي دسهڙو يا ڪنهن ٻئي مذهبي ڏينهن تي خرچ ڪري ٿو. ۽ ان ڏينهن تي عورتون پنهنجي سينگار ڪندي ايرنگ، سون ۽ چاندي جا زيور پائين ٿيون.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي ٽنڊي ضلعي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ گهڻو ڪري مال جي چوري کاٽ شامل آهن. 1874ع ۾ جهيڙن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا.، ۽ 173 زخمي ٿيا. جڏهن ته چورين، کاٽ هڻڻ، مال چورائڻ، ڦرن، ڌاڙن جون 1115 وارداتون ٿيون. 1874ع ۾ سول ڪورٽن ۾ 1248 زميني، پئسن، ۽ ٻين قسمن جا ڪيس داخل ڪيا ويا. هندوئن طرفان مسلمان خلاف ڪيل ڪيسن جو انگ، هندوءَ جو هندو خلاف داخل ڪيلن کان ٻيڻو آهي. ۽ مسلمانن طرفان هندن خلاف داخل ڪيل ڪيسن جو انگ، ساڳئي مذهب خلاف داخل ڪيل ڪيسن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org