ادا مرزا صادق علي بيگ، جيڪو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو
اسان ٻنهي کي گهر ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو. سگهو ئي
پوءِ اسين انگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ وڃي ويٺاسين.
اسان اڳيئي ٻه ڪتاب انگريزي گهر ۾ پڙهيا هئا.
تنهنڪري اسان کي هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائون ۽ سگهو
ئي پهرين ڪلاس ۾ آياسين هيڊماستر مسٽر لڪشمن وشنو
مرهٽو هو. انهي اسڪول ۾ اسان چڱو نالو ڪڍيو. ۽ چال
چلت اهڙي چڱي رکيسين، جو ماستر اسان جي تعريف ڪندا
هئا............ انگلو ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت
اها آهي، جت هاڻي هاءِ اسڪول آهي. اتان چڙهي پوءِ
اسين هاءِ اسڪول ۾ آياسين، جا تڏهن ڪلاڪ واري
عمارت ۾ هئي، جتي هاڻي ٽريننگ ڪاليج آهي. تڏهن
هيڊماستر وهامن آباجي مووڪ هوندو هو. پوءِ مسٽر
ڪشيوراءِ هيڊماستر آيو، ۽ مسٽر راما ڪنٺ پهريون
اسسٽنٽ هو......... شام جو چيئن پنجين بجي موڪل
ملڻ ۽ اسڪول بند ٿيڻ کان پوءِ به اسڪول جي در وٽ
دڪيءَ تي ويهي، ٻئي ڏينهن جي سبق جون معنائون ڪڍي
۽ ياد ڪري، گهڻو ڪم لاهي ڇڏيندا هئاسين. جڏهن
اوندهي ٿيڻ لڳندي هئي، تڏهن اتان هلندا هئاسين ۽
ڏيئن ٻرڻ مهل گهر ايندا هئاسين......... پوءِ ماني
کائي، ٿڪ ڀڃي، وري رات جو ويهي پڙهندا هئاسين. تڏو
وڇائي، وچ تي شمعدان يا ڏياٽي رکي، يا دلو اونڌو
ڪري انهيءَ تي ڏيئو رکي، ويهي پڙهندا هئاسين. تڏهن
ڪروسن تيل ڪونه هو، ڪڙو تيل ٻرندو هو، بتيون ۽
چمنيون به عام نه هيون. اسان جون ڀيڻون به اتي
ويهي پڙهنديون هيون، بلڪ پاڙي جو ڪي عزيز ڇوڪريون
به اتي اچي پڙهنديون هيون. انهن کي امان پڙهائيندي
هئي. اڪثر قرآن ۽ سنڌي پڙهنديون هيون. صبح جو وري
سياري ۾، اس تي تڏو وجهي، ويهي پڙهندا هئاسين، ۽
جڏهن اسڪول ڏي وڃڻ جو وقت ٿيندو هو تڏهن سنڀري
هليا ويندا هئاسين.......
ڇنڇر جي ڏينهن تمام سويل وڃڻو ٿيندو هو، ۽ آرڙهه ۾ وقت ڦرڻ ڪري،
هر روز صبح جو سوير اُٿڻ ٿيندو هو. دائي گلچمن
ويچاري اڌ رات جو اُٿي اٽو پيهي، ماني پچائي ڏيندي
هئي ۽ سا انبن سان يا مرُبي سان يا ڪنهن ٻي شيءِ
سان کائي اسڪول روانا ٿيندا هئاسين. چاءِ جو تڏهن
رواج عام نه هو. نانو ۽ بابو ڪڏهن ڪڏهن پيئندا هئا
۽ چاءِ بمبئي مان گهرائيندا هئا ۽ جا سوکڙي ٿي
ايندي هئي. چاءِ ۾ تڏهن کير ڪين وجهندا هئا، پر
کير کان سواءِ ئي لذت جهڙي ٿيندي هئي اهڙي لذت
هينئر جي چاءِ مان نٿي اچي.
نوڪري ملڻ ۽ شادي کان پوءِ حيدرآٻاد ۾ پنهنجي اصلوڪي گهر جي اتر
۾، ٻه خانگي گهر جيڪي اصل ميان ابراهيم ۽ سندن پٽن
جا هئا، تن کان زمين وٺي، انهي تي هڪڙو پڪو گهر
پنهنجي ننڍي ڀاءُ ادي مرزا علي قلي بيگ جي معرفت
جوڙايوسين، جنهن تي پنج هزار رپيا لڳا، جنهن ۾
پوءِ وقت بوقت اچي رهڻ لڳاسين ۽ اڃا تائين اسين
انهي ۾ رهندا اچون. انهي کان ٻاهر وري اوطاق
جوڙائيسين، جيڪا اڃا ڪم ۾ پئي اچي.
1904ع ۾، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پليگ هئي، اها پهريون
دفعو پئي هئي، تنهنڪري شهر ۾ لڏپلاڻ گهڻي هئي. ادو
مرزا علي قلي بيگ اڳيئي بيمار هو، سوريءَ جي
بيماري کان پوءِ ڪراچي کان موڪل وٺي آيو هو، پوءِ
گهڻو اگهو ٿي پيو ۽ نيٺ 1904ع ۾ وفات ڪيائين. اسان
جي گهرن ۾ ڪُئا مرڻ لڳا. تنهنڪري اسين پنهنجا گهر
ڇڏي، پنهنجي باغ ۾ وڃي ويٺاسين. اتي منهنجي زال کي
پليگ جي بيماري ٿي پئي. پيٽ سان هئي تنهنڪري ويمي
پئي. ڌيءَ ڄڻيائين، پر اها به ترت مري ويئي.
ناني ۽ بابي جي سنگتين ۽ انهيءَ وقت جي نامدار ماڻهن کي مون
ڏٺو، ۽ گهڻن سان صحبت ڪيم؛ جيئن ته ميرحسين علي
خان، مير حسن علي خان، مير محمد خان، آغا زين
العابدين شاهه، آغا صادق شاهه، آغا جعفر شاهه، آغا
گدا علي شاهه، آغا امام علي شاهه، آغا غلام نبي
شاهه ۽ آغا محمدعلي شاهه ۽ ٻيا، جن مان گهڻا قابل
حڪيم، عالم ۽ شاعر هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي مير
صاحبن جي ديرن سان واسطو رکندڙ پير مرد هئا، سي به
مون ڏٺا. جڏهن حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهياسين،
تڏهن ميان محمد مخدوم، جو پهريون نارمل اسڪول جو
ماستر هو ۽ پوءِ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو،
جنهن وٽ آئون ڪي ڏينهن پڙهيس به قاضي حاجي احمد ۽
آخوند ولي محمد جيڪو منهنجا استاد هئا ۽ پوءِ ٻئي
ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيا. انگريزي اسڪولن ۾
پڙهندي ماستر وشنو گهنشام، مسٽر ڀنڊارڪر، مسٽر
رانادي، مسٽر ڪيشوراءِ ۽ مسٽر راما ڪنٺ ڏٺم، وٽن
پڙهيس. مسٽر ڪوڙومل، مسٽر غلام علي، مسٽر تاراچند
شوقيرام، مسٽر چوهڙ مل ۽ مسٽر جهمٽ مل سان به وقت
گذاريم ۽ پهرين ٻن وٽ ته ٿورو وقت پڙهيس به.
حيدرآباد شهر جي قديم مسلمانن مان ڪي ٿورا جهونا
واقف ڏيندس. سيد قطب شاهه جهانيان وارو، سيد قاضي
يوسف شاهه، سيد فاضل شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد
ثابت علي شاهه ثاني، سيد تقي شاهه، آخوند محمد
قاسم هالائي، مخدوم حبيب الله، مرزا لُطف علي ۽
سندس ڀائر، مرزا علي اڪبر شيرازي فوجدار، آخوند
خدا بخش، آخوند حبيب الله، نواب دوست علي خان
ٺوڙهو ۽ مرزا خورشيد لکنوي، اميد علي نقاش، آخوند
محمد صديق، آخوند لطف الله، آخوند عبداللطيف ۽
ٻيا، اُهي سڀ وفات ڪري ويا آهن.
ديوانن مان ديوان شوقيرام سان به صحبت ڪيم جو آئون مسٽر تاراچند
۽ مسٽر نولراءِ جن وٽ ويندو هوس، ديوان شوقيرام
بابي جو گهاٽو دوست هو، ۽ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا به
هئا ۽ ديوان شوقيرام به بابي جيان تمام چڱا اکر
لکندو هو، ديوان مولچند منسکاڻي جيڪو مسٽر
اُڌارام، مسٽر عيدن مل ۽ پنجومل جن جو پيءُ هو، سو
به ڏٺم ۽ انهيءَ سان صحبت ڪيم، جو پويان ٻئي اسڪول
جا سنگتي هئا، ديوان ڪيولرام سوکڙيءَ وارو به ڏٺو
هوم ۽ ديوان اُڌارام ٿانورداس، ديوان پرڀداس
ديپوٽي انسپيڪٽر، ديوان ڀوڄراج ولد ٽوپڻ مل جو
اسان جي ڪٽنب جو منشي هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ
چندن مل هو، ۽ ديوان چئنراءِ شاهاڻي، ديوان چندا
سنگهه، ديون خوشيرام ۽ ٻيا.
16- مئي 1914ع تي مسٽر پرڀداس ۽ بولچند، نو ودياليه هاءِ اسڪول
وارا، مون کي ”بئنڊ آف هوپ“ (آس جي ٽوليءَ) وارن
کي انعام ورڇڻ لاءِ وٺي آيا، اُتي گهڻا ماڻهو هئا.
سيڪريٽريءَ منهنجي نسبت ۾ گهڻو ئي ڪجهه ڳالهايو ۽
تعريف ڪئي، ۽ مسٽر پرڀداس به اُٿي مون لاءِ
ڳالهايو مون کي هڪ ميڊل هنيائون ۽ وڏو هار
پارايائون. راند روند کان پوءِ، مون ٻارن کي انعام
ڏنا ۽ ننڍي تقرير به ڪئي، ۽ جيڪو شعر لکي آيو هوس،
سو به پڙهيم، پوءِ کير جو هڪ گلاس پياريائون آخر
مون کي موٽائي گاڏيءَ تي چاڙهي، گهر ڇڏي ويا.
12- آگسٽ تي ٻن ڏينهن کان درياءَ جو پاڻي چڙهيو هو، جنهنڪري
ڦليليءَ جي مُنهن تي گهلين وارو بند ٽُٽي پيو ۽
پاڻي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو. ريلوي جو بند به ٽُٽي پيو.
ڳوٺ ۾ ڀٽين جا گهر ڪري پيا ۽ چوڌاري پاڻي جي اڇ
لڳي ويئي. انهي ڪري اسين ٻارن ٻچن سميت شام جي وقت
ڳوٺ مان نڪري، وڃي محمد سليمان واري گهر ۾
رهياسين. ٻيا مرزا صاحبان پڻ ڳوٺ خالي ڪري ويا.
پنج سيپٽمبر تي آئون فجر جو ويس ۽ مسٽر آدرجيءَ کي پنهنجي
گاڏيءَ ۾ وٺي ميرن جا قُبا گهمائڻ ويس. موٽڻ وقت،
مسٽر ٽيڪچند وٽ پڻ وياسين. مسٽر ليلارام سنگ، جو
پڻ ڪاليج جو استاد هو، اتي گڏيو، ويٺاسين، خوب
صحبت ڪئيسين. چانهه پيتيسين، ميوو کاڌوسين ۽ پوءِ
مسٽر آدرجيءَ کي سندس رهڻ واري جاءِ تي ڇڏي. آئون
موٽي گهر آيس. مسٽر آدرجي ڪراچي ڏانهن وڃڻو هو.
18- سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن، اسد بيگ جي پهرين
سالگرهه هئي. شادي جهڙو عمدو کاڌو ڪيوسين. آسپاس
وارن گهرن ۾ ورهايوسين. ٻارن کي پنهنجي گهر ۾
سڏائي بسڪيٽ، ڪيڪ، ميوو کارايوسين ۽ هار وڌاسين.
مون ۽ سڊني ٻاهر اوطاق ۾ کاڌو کاڌو.
پنج مئي 1917ع تي اسان جي گهر جي ڪوٺين مان پندرهن ڪوئا مئل
لڌا، ڪوٺين کي ڊاڪٽر جي معرفت دوائن سان صاف
ڪرايوسين. جڏهن ته ڏهين آگسٽ تي مکي پريتمداس جي
باغ ۾ شام جو پارٽي ۾ ويس. هوم رول ڪانفرنس وارا
ماڻهو آيا هئا. مسز سروجني نيڊو ۽ مسٽر غلام علي
چاڳلا، يوسف علي ڀائي ۽ ٻين سان گڏيس............
پنج آڪٽوبر تي مسٽر پرڀداس جي چوڻ تي ايني بيسنت
هال ۾ ڊاڪٽر هرنامداس جو ليڪچر هو، ان تي ويس، مون
کي پريزيڊنٽ ڪيو هئائون. مون کي وٺڻ لاءِ گاڏيءَ
تي ماڻهو آيا ۽ گاڏي تي مون کي گهر پهچايائون.
29 مئي 1918ع تي شام جو ٻار؛ افضل بيگ جي ڇٺي هئي، مٽيءَ جو
طوفان ۽ آنڌي اهڙي آئي جو ڏينهن مان رات ٿي ويئي.
ٿوري وقت کان پوءِ مٽي جو طوفان بند ٿي ويو ۽ چڱي
برسات پيئي، جنهنڪري ڇٺي تي ڪو ماڻهو اچي ڪونه
سگهيو. پر تنهن هوندي به پتاشا، مٺائي وغيره
ورهائي ويئي. ٻئي ڏينهن تي زالون آيون.
پهرين مارچ 1920ع تي ٽنڊي ۾ ڪو آپريٽو اسٽورس سوسائٽي جاري
ڪئيسين. هڪ سئو رپين جا شيئر ۽ هڪ سئو رپيا امانت
رکيم 26- اپريل 1921ع تي اجمل بيگ جي ڇٺي جو ڏينهن
هو. شام جو آئون جج ڪميٽي جي لاءِ ويس. اتان موٽڻ
بعد گهر ۾ زالون، ماڻهو ۽ ٻيا عزيز خويش آيا.
ڏينهن جو پتاشا ۽ مٺائي نياز طور ورهائي وئي. رات
جو ماني، پان سوپاري ۽ عطر ورهايو ويو. ڏهين بجي
رات ڌاري سڀ ماڻهو موٽي ويا. ٻار جو صدقو به ڪڍيو
ويو. ڇهه آگسٽ 1922ع تي شام جو مسٽر بولچند
ڪرمچند، نوودياليه هاءِ اسڪول جي هيڊماستر پاڻ سان
سئنيما جي مشن، فلم ۽ پنهنجا ماڻهو آندا ۽ رات جو
اٺين بجي کان ڏهين بجي تائين فلم ڏيکاريائين. مرزا
منوچهر بيگ جي گهر جي ايوان ۾ بندوبست ڪيو ويو هو.
اوڙي پاڙي جون زالون به گهڻي انداز ۾ فلم ڏسڻ
آيون. وچ ۾ پردو ٽنگيو ويو. اسان ويهه رپيا خرچ
پکي لاءِ ڏياري موڪليا، جيتوڻيڪ هن وٺڻ کان انڪار
ڪيو، پر آخر زور ڀرڻ تي هن قبول ڪيا.
24- فيبروري 1923ع تي مسٽر غلام علي نانا جي چوڻ تي ٽريننگ
ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم. مضمون هو: ”دل ۽ دماغ جو جسم
تي اثر“ گهڻا شاگرد ۽ ماستر اچي جمع ٿيا هئا. 27-
مارچ تي ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽئگور سان گڏ وڃي چانهه
پيتم ۽ صحبت ڪيم. چڱو ماڻهو ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
15- سيپٽمبر 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ گورنر صاحب بمبئيءَ جي درٻار
هئي. مون کي ”شمس العلماءَ“ جي خطاب جي سند، تمغو،
چُغو ۽ دستار ملي........... 16- ڊسمبر تي مسلمانن
جي ڪانفر هومسٽيڊ هال ۾ شروع ٿي. سر رحمت الله
پريزيڊنٽ هو ۽ صاحبزادو آفتاب احمد، اردو ترقي
ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ هو ۽ مير ايوب خان سنڌي ۽
اردو مشاعري جو پريزيڊنٽ هو. ٻه ڏينهن ڪانفرنس
چالو رهي. مشاعرو رات جي وقت ٿيو. اردو ۽ سنڌي جا
گهڻا شاعر حاضر هئا، جن پنهنجا غزل پڙهيا. مون ۽
منوچهر بيگ به غزل لکيو هو ۽ همايون پڻ.
29- جنوري 1926ع تي مسٽر دهلوي، ويهن ورهين کان پوءِ، گورنر
بمبئيءَ جو وزير مقرر ٿي سنڌ ۾ آيو. هُن پنهنجي
اچڻ جو احوال، بمبئي کان لکيو هو. اُن کي بسنت هال
۾ گڏيس. ٽيهين تاريخ مسٽر نورمحمد وڪيل جي دعوت تي
وياسين ۽ ايڪٽيهين تاريخ ڪانفرنس ۾ هُن سان
ملياسون؛ شام جو وري عظيم خان سان گڏ منهنجي اوطاق
تي آيو ۽ چانهه وغيره پيتائين. ٻئي ڏينهن نوابشاهه
روانو ٿيو.......... 20- جون حج جو ڏينهن ۽ آرتوار
جو روز ٿيو. ٻار صبح جو شاهه مڪائيءَ جي ميلي تي
گاڏيءَ ۾ چڙهي ويا. جاني بابا جي سالگرهه هئي. شام
جو گهر ۾ پارٽي ڪئي ويئي، جنهن تي عزيز خويش،
زالون ۽ ٻار آيا ۽ ڳايائون وڄايائون ۽ بسڪيٽ، ڪيڪ،
ليمنڊ، سوڍا وغيره پيتائون. ڏهين بجي پارٽي ختم
ٿي. چاشني ٺاهي، گهرن ۾ ورهائي ويئي.
ٻه جولاءِ 1927ع تي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو ساليانو جلسو ٿيو.
آئون پريزيڊنٽ هوس. جلسو هومسٽيڊ هال ۾ ٿيو. ماڻهو
گهڻا آيا.......... 21- جولاءِ تي اڳينءَ رات اصغر
بيگ عرف علي بابا جي ڇٺي ڪئيسين ۽ اڄ عقيقي جو
نيازو ورهايوسين. ٻار جي مٿي جي جهُنڊ به لهرائي
ويئي ۽ ڊاڪٽر محمد خان کان ختنو به ڪرايو ويو.
(28)
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
حيدرآباد جو سير
حيدرآباد کي اصل نيرون ڪوٽ سڏيندا هئا. نيرن نالي هڪ هندو راجا
هتي راڄ ڪندو هو، جنهن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ ڪوٽ
اڏايو هو، تنهنڪري شهر تي اهو نالو پيو. نيرن جي
نياڻي جو نالو نگار هو. نگار معنيٰ چٽيل يا سهڻي
سُندري. نگار سونهن جي کاڻ هئي. هن جي سونهن هزارن
کي حيران ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ جهڙي تهڙي مڙس کي
قبولڻ واري ڪين هئي. هوءَ رڳو سونهن سُڀُر هئي، پر
دل جي به ڏاڍي دلير هئي. هوءَ شينهن تي سواري ڪندي
هئي ۽ چوندي هئي ته آئون انهي سان شادي ڪنديس،
جيڪو مون جيان شينهن تي سواري ڪندو هوندو ويجهيءَ
ڇڪ ۾ اهڙو ته ڪو مُڙس ئي ڪونه هو، جو جهنگ جي
بادشاهه (شينهن) کي پنهنجي سواريءَ جو وهٽ بڻائي،
شرط کٽي ۽ هيءَ مُومل ماڻي.
چون ٿا ته انهي وقت ۾ حضرت علي عه سنڌ ۾ آيو ۽ هن سان گڏ هڪ سيد
به آيو. اهو سيد مڪي شريف کان آيو هو، تنهنڪري اڄ
تائين عام طرح شاهه مڪئي سڏجي ٿو. هن کي ڪاملن جي
قطار ۾ ڳڻي چون، ته هو سدائين جيئرو آهي. تنهنڪري
هن کي جيئي شاهه به سڏيندا آهن. حقيقت ۾ هن سيد جو
نالو محمود هو ۽ هو جوڌو جوان هو، تنهنڪري مل
محمود ڪوٺيندا اٿس. انهي سيد نيرون ڪوٽ ۾ اچڻ سان
نگار جي سونهن جي هاڪ ۽ هن جي شادي جي شرط جي
ڳالهه ٻڌي مل محمود (شاهه مڪئي) چوي ته زال ماڻهو
مردن کي للڪاري ۽ مرد ماٺ ڪري ويهي، سا ارمان جي
ڳالهه آهي. هن پوءِ سگهو ئي سعيو ڪري هڪڙو شينهن
هٿ ڪيو ۽ اُنهي تي سوار ٿي نيرن جي ڪوٽ وٽان
لنگهيو. ڪنهن وقت نگار جي هن تي نظر پيئي. سا
اُمالڪ وٽس ڊوڙي ويئي ۽ چيائينس ته مون ڳولهيو ئي
تو جهڙو مانجهي مڙس ٿي ۽ هاڻ آئون توسان شادي
ڪنديس. شاهه مڪئي چيس ته آئون شادي ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان، پر تون اول پنهنجن مائٽن کان پُڇ، متان
پوءِ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پوي. نگار بي حجاب ٿي
پيءُ سان پنهنجي مائٽي جو ذڪر چوريو. ڳالهه ٻڌڻ
شرط نيرن تپي باهه ٿي ويو، چي نڀاڳي، اسين هندو،
هو مسلمان؛ پوءِ تنهنجي شادي هن سان ڪيئن ٿي
سگهندي؟ نگار هيڪاري لڄ لاهي چيس ته انهي سورمي
کان سواءِ ٻيو ڪانڌ آئون ڪونه ڪنديس. نيرن ڏٺو ته
هيءَ پنهنجي ارادي تي پڪي آهي ۽ هن مسلمان سان
ڳجهه ڳوهه ۾ شادي ڪندي به ڪين گُسندي، تنهنڪري ڌي
کي بلائتي ڪرڻ جو بندوبست ڪيائين. هن وقت حيدرآباد
جي قلعي اندر ٽي کوهه آهن؛ پوءِ انهن مان ساڳيو
هڪڙو کوهه هو يا وچان ئي ڪو ٻيو کوهه هو، تنهن ۾
نيرن پنهنجي نياڻي کي، کڻي بند ڪيو ۽ هڪ شاهي ڇپ
جنهن جي تور ڪي سئو مڻ آهي ۽ اڄ تائين موجود آهي،
سا اُنهي کوهه جي مٿان کڻي رکيائين. هن هيڏي ساري
ڇپ رکڻ ڪري کوهه جي سڄي ڀڳ ڍڪجي ويئي، پر تنهن
هوندي به پاسن کان ٿوري ٿوري هوا اندر وڃي سگهي
ٿي. شاهه مڪئي کي پوءِ سگهو ئي سڌ پيئي، ته نگار
سان ههڙي جبري جُٺ ٿي آهي. تنهن اُمالڪ حضرت علي
کي دانهن ڏيئي چيو ته ”يا حضرت، مون مسڪين جي ڪري
نگار سان ناحق ٿيو آهي، تنهنڪري توهين هن جي واهر
ڪريو!“ حضرت علي امالڪ دُلدل (خچر) تي سوار ٿي
نيرن ڪوٽ ۾ اندر ويو ۽ نگار جون آهون دانهون ٻڌي
کيس رحم آيو. حضرت علي اول انهي ڇپ تي بيهي نماز
پڙهي ۽ پوءِ دلدل اتي نچائي ويئي، جنهن ڇپ کي لت
هنيائين ته ڇپ چار ٽڪر ٿي پيئي! ڇپ جو هڪڙو ٽڪر
نيرن جي ڪوٽ اندر رهيو، ٻيو اڏامي ڪراچي طرف منگهي
پير تي اُنهي هنڌ وڃي پيو جتي مور بادشاهه (وڏو
واگهو) آهي، ٽئين ٽُڪر بابت چون ٿا ته چئي نٿو
سگهجي ته ڪيڏانهن ويو، باقي چوٿين ٽڪر لاءِ پڪ سان
چيائون ته عرش ڏي اڏامي ويو! اهڙيءَ طرح حضرت علي
سڄي پڇ اڏائي ڇڏي، ته نگار هڪدم کوهه مان نڪري
آئي. حضرت علي پوءِ نيرن کي بُجو ڏيئي چيو، ته تو
پنهنجي نياڻي سان ناحق ڪيو آهي، تنهنڪري نه تنهنجو
راڄ نه تنهنجو ڪوٽ قائم رهندو. نگار جي شادي پوءِ
شاهه مڪئي سان ٿي ۽ نيرن پاڻمرادو شهر ڇڏي ڀڄي
ويو. سنڌ گزيٽئر ۾ ايترو ڄاڻايل آهي ته نيرن ڀڄي
ويو، پر ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڀڳو، سا ڄاڻايل ڪانهي ۽
نڪا هي ڏند ڪٿا اُن ۾ ڏنل آهي.
نيرن کان سواءِ به ڪيترا سال هي شهر سندس نالي
پٺيان سڏبو هو. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ جڏهن ميان غلام
شاهه ڪلهوڙو نيرن ڪوٽ ۾ آيو، تڏهن ماڻهن حضرت
عليءَ جي اچڻ جي ڳالهه، جيڪا پنهنجن وڏن کان ٻڌي
هئائون. سا ٻڌايائونس ميان غلام شاهه کي پهريائين
اعتبار ئي ڪين ٿي آيو، پر پوءِ اها ڇپ
ڏيکاريائونس، تڏهن پڪ ٿيس. هن پوءِ اهو ڇپ جو ٽڪر
نيرن جي ڪوٽ مان کڻائي قلعي واري چاڙهي جي هيٺان
رکايو ۽ اُتي اڄ تائين درگاهه ٺهيل آهي. جيڪا قدم
شاهه جي نالي سان مشهور آهي. قدم شاهه نالي مان ڪي
ايئن سمجهندا ته اهو ڪنهن سيد جو نالو آهي، پر
ايئن نه آهي. اُتي رڳو انهي ڇپ جو ٽڪر رکيل آهي.
حضرت علي انهيءَ ڇپ تي بيهي نماز پڙهي هئي ۽ سندس
قدمن جا نشان اُن تي آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو
آهي. شاهه (حضرت علي) جي قدمن (پيرن) جي نشانن کان
سواءِ هن جي هٿن، گوڏن ۽ پيشاني جا نشان به انهي
ڇپ تي آهن، ۽ ڇپ تي جيڪا دُلدل نچائي هئائين، تنهن
جي سُنبن جا نشان به اُن تي آهن. حضرت عليءَ نيرن
کي بُجو ڏنو هو، اُن بجي جو نشان به ڌار پٿر تي
آهي. اهي سڀيئي نشان اتي ڏسي سگهجن ٿا. مسٽر ڪنڪيڊ
سنڌ جي جُڊيشل ڪمشنر سان هيءَ ڳالهه ڪيم، سو امالڪ
مون سان گڏ شاهه جي قدمن ۽ شاهه مڪئي جي درگاهه
جي زيارت ڪرڻ هليو. درگاهه جي مجاور کان پڇيائين
ته نگار جي تربت ڪهڙي آهي؟ مجاور چيس ته شاهه مڪئي
۽ نگار ٻئي گڏ دفن ٿيل آهن ۽ مٿان پڪي قبر ٺهيل
اٿن. درگاهه ۾ اندر هڪ کٻڙ جو وڻ آهي، جنهن جي پاڙ
گهڻو ڪري سڄي سڙي ويئي آهي، جنهنڪري سڄو نمي پيو
آهي، پر ٿوري لام زمين ۾ کُتل اٿس، جتان وڻ کي
خوراڪ ملي ٿي. جنهنڪري اهو وڻ مٿي چڱي چوٽي ڪڍي
بيٺو آهي، مجاور چيو ته شاهه مڪئي ڏندڻ ڪري ڦٽو
ڪيو هو، تنهن مان هي کٻڙ جو وڻ پيدا ٿيو آهي!!!
درگاهه ۾ اندر هڪ اونداهي ڪوٺي آهي، جنهن کي قلف
پيل هئا، جن مان هڪڙو قلف مجاور جي چوڻ موجب شاهه
مڪئي جي هٿن جو پاتل آهي ۽ ان جي ڪُنجي ڪانه ٿي
لڀي. تنهنڪري اها ڪوٺي اڄ تائين ڪنهن ڪانه کولي
آهي. مجاور چيو ته شاهه مڪئي انهي ڪوٺي ۾ عبادت
ڪندو هو. درگاهه جي ٻاهريئن اڱڻ ۾ هڪ ڪنڊي جو وڻ ۾
اڳڙيون ٻڌل ڏسڻ ۾ آيون. مجاور چيو ته هندو ماڻهو
ٻارن جي جهنڊ هتي اچي لهرائيندا آهن ۽ اڳڙي ۾ وار
ٻڌي هن ڪنڊي ۾ لٽڪائي ڇڏيندا آهن. هر درگاهه ۾ ڪي
سال شينهن بيٺل هو، اڳي سنڌ ۾ ٽن درگاهن ۾ شينهن
بيٺل هوندا هئا؛ هڪڙو سيوهڻ ۾ شهباز قلندر جي
درگاهه ۾، ٻيو سکر پراڻي ۾ شاهه خيردين جي درگاهه ۾ ۽ ٽيون هتي شاهه مڪئي جي
درگاهه ۾. هن ڪنڊيءَ وڻ جي هيٺيان شينهن ٻڌل هوندو
هو. پر مون ڳالهه ٿي ڪئي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
جي. |