قلعي ۾ لُٽمار
انگريز فوج قلعي ۾ گهڙي شاهي خزانا لٽڻ شروع ڪيا. ميرن جي راڻين
نيپيئر کي چورايو ته: ”کين ٽن ڪپڙن سان قلعو ڇڏي
پالڪين ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ نيپيئر انڪار
ڪيو. نيٺ بيگمن جي جسم جا زيور لاهڻ بعد کين ڇڏيو
ويو. انهن حويلي ڇڏي پنج ڪوهه پنڌ ڪري هڪڙي ڳوٺ ۾
پناهه ورتي. ڪجهه ڏينهن تائين انگريزن حيدرآباد جا
سڀ خزانا، اوني ۽ نفيس ڪپڙا، هٿيار، رومي ۽
خراساني تلوارون، بندوقون، جواهردار خنجر، ڇريون،
ولائتي گهوڙا، اُٺ، مال، زيور جن جي قيمت لکين
رپيا هئي، بيدردي سان لُٽيا. انگريز ڪروڙ ٽيهه لک
رپيا نقد ۽ ٻيو قيمتي سامان به قبضي ۾ ڪيو.
دُٻي جي جنگ
مير شير محمد خان ماڻڪاڻي، چارلس نيپيئر جي جگر ۾ اڃان ڪنڊي
جيان پئي چڀيو. هو حيدرآباد کان ڇهن ميلن جي
مفاصلي تي پنجويهه هزارن جي لشڪر سان ڇانوڻي هنيو
ويٺو هو. نواب احمد خان لغاري ۽ هوش محمد قمبراڻي
مياڻي جي جنگ مان بچي اچي شير محمد سان مليا هئا.
نيپئر به پنج هزار لشڪر سان ڦليلي وٽ پهتو. 24
مارچ 1843ع تي ٽي ڪلاڪ جنگ جاري رهي. هوش محمد ”مر
ويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻندي
آخري دم تائين وڙهندو رهيو. نيٺ هڪ آئرش سپاهي
هٿان شهيد ٿيو.
هوشو جي قبر
انيس انصاري ’يادگيريون‘ ۾ ڪئپٽن معين الدين جي مضمون
The day Sheedee fell
(روزانو ڊان، 23 ڊسمبر 1962ع) جي حوالي سان لکيو
آهي:
”هن نيپئر جي ڪتاب ’سنڌ جي فتح‘ ۾ پڙهيو هو، ته هوش محمد جي
بهادري کان متاثر ٿي سندس لاش حيدرآباد قلعي ۾
آندو ويو، جتي کيس ملٽري اعزاز سان سپردخاڪ ڪيو
ويو ۽ سندس قبر تي توپ رکي وئي هئي ۽ هڪ پٿر جو
ڪتبو هنيو ويو هو، جنهن تي لکيل هو:
“ The Monument Marks the last resting place of
one of the Ameer’s soldiers, who was killed in
the battle of
Hyderabad
while bravely fighting.”
مسٽر معين الدين، هوش محمد جي قبر ڳولهڻ لاءِ حيدرآباد جي قلعي
۾ ويو، پر اُتي زمين هموار ٿيل هئي. نيٺ هڪ پوڙهي
جي ٻُڌائڻ تي هن هڪ هنڌ کوٽايو، ته هڪ توپ نڪري
آئي. اها هوش محمد شيدي جي قبر هئي. ڪيترا محقق
هوش محمد شيدي جي قبر جو قلعي اندر هجڻ کي قبول
نٿا ڪن.
انگريزن جا ظلم ۽ ڏاڍايون
انگريزن جي ڪيل ظلم ۽ ستم جي جهلڪ هن خط مان ظاهر ٿئي ٿي، جيڪو
ميرن جي راڻين، ملڪه وڪٽوريا کي لکيو هو. انهيءَ
خط تي بيگم مير ڪرم علي خان، بيگم نور محمد خان،
بيگم نصير خان، بيگم مير صوبدار خان ۽ بيگم مير
محمد خان جون صحيحون ٿيل آهن.
عرضداشت جو متن هيٺين ريت هو:
” پورا ٻه سال گذريا آهن، جڏهن سر چارلس نيپيئر حيدرآباد آيو.
انهيءَ سان گڏ هڪ زبردست فوج ۽ توب خانو هو. هن
اسان جا سڀ زيور، جواهر ۽ ٻيون قيمتي شيون لٽيون.
انهيءَ لٽ مار کان سواءِ هو اسان جي اميرن ۽ ٻارن
کي به کسي کڻي ويو ۽ انهن کي قيد ڪري هندستان
موڪلي ڇڏيو. اسان لاچار ۽ زور قوت کان محروم سر
چارلس نيپيئر جي اچڻ محل پنهنجي محلن ۾ رهيل
هيونسين. الله ڄاڻي اها ڪهڙي شرافت هئي، جو هو
اسان جي رهائش گاهن ۾ داخل ٿي ويو ۽ اسان کي اهڙي
نموني لٽيو جو جيئرو رهڻ لاءِ هڪ ڪک به نه
ڇڏيائين. پورا ٻه سال ٿي ويا آهن، جڏهن کان هن
اسان کي اباڻن گهرن ۽ شهر کان بي گھر ڪيو آهي ۽
مجبور ڪيو ته اسان حيدرآباد کان ٻاهر جهوپڙين ۾
لاڏڙو جيان رهون. اسان جنهن قسم جون ڏکيائون پيون
سَهون، اهو الله ئي ڄاڻي ٿو. اسان کائڻ کان وٺي
پوشاڪ تائين تڪليف ۾ آهيون. اميرن جون زالون هئڻ
ڪري اسان کي ايتري قدر شديد روحاني اذيت ۽ مايوسي
آهي، جو اسان لاءِ زندگي بدمزه ٿي وئي آهي، انسانن
کي موت تڏهن ايندو آهي، جڏهن الله تعاليٰ کي منظور
هوندو آهي، انهيءَ لحاظ کان اها ڪا تڪليف ده ڳالھ
نه آهي، پر اسان کي هر نئين ايندڙ ڏينهن تي موت
جهڙي هڪ نئين اذيب،ڪرڀ ۽ بيچيني سان واسطو پوي ٿو.
ملڪه معظمه! اسان اميد ڪيون ٿا ته اوهان بحيثيت ملڪ، جيئن ڪڏهن
اسان به هيونسين، اسان مظلومن سان همدردي ڪندؤ ۽
رحم جي نظر ڪندؤ. سر چارلس نيپيئر اسان کي جن شين
کان محروم ڪيو آهي، اُهي واپس وٺرائي ڏيندو. جيئن
ته اسان جون دليون پنهنجي ٻچن ۽ اميرن جي جدائي جي
ڏک ۾ مجروح آهن، تنهنڪري اسان مايوسيءَ جي
انتهائي منزل ۾ داخل ٿي ويون آهيون.
اسان کي وڏي اميد آهي، ته اوهان اسان جي بيچينيءَ جا سبب دور
ڪندؤ، نه ته اسان جي حق ۾ اهو بهتر آهي، ته اسان
پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيون......“
قلعي ۾ ڌماڪو
15 فيبروري 1904ع تي، آچر جي ڏينهن رات جو ساڍي اٺين وڳي پڪي
قلعي ۾ اوچتو بم جو ڌماڪو ٿيو. خوفناڪ آواز ٿيڻ
ڪري سڀ ماڻهو شهر ڇڏي ڦليلي طرف ڀڄڻ لڳا، جلد ئي
شهر جي مٿان دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا. ڪڪرن
مان لوھ ۽ پٿرن جا ذرڙا به مينهن جيان وسڻ لڳا.
انهن لوهه جي ٽُڪرن لڳڻ ڪري ڪيترائي ٿڏي تي مري
ويا ۽ ڦَٽجي پيا، تڏهن حيدرآباد جو ڪليڪٽر پرائٽ
هو. هن ڪجهه دير بعد اعلان ڪرايو ته: ”خطرو ٽري
ويو آهي. ماڻهو واپس پنهنجي گھرن ۾ وڃن. ماڻهن جو
جيڪو به نقصان ٿيو آهي، سو سرڪار ڀري ڏيندي.“
اهڙي طرح سرڪار ٿيل واعدي جي پورائي لاءِ سوا لک
رپيا ڀري ڏنو. قلعي اندر لڳاتار باهه ٻرندي رهي،
جنهن کي نيٺ چئن ڏينهن کان پوءِ وسايو ويو. انهي
کان سواءِ قلعي ۾ جيڪو باروت موجود هو، اهو درياهه
۾ لوڙهائي ڇڏيو ويو. ڌماڪي ڪري قلعي اندر ڪيتريون
پراڻيون جايون ڪري پيون. شاهي مسجد کي پڻ نقصان
پهتو. جن عمارتن جا ڪجھ حصا ڪري پيا هئا، تن جي
بچيل حصن کي به بارود سان ڪرايو ويو.
انهي واقعي کان پوءِ برطانوي فوج کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي، هاڻوڪي
ڇانوڻي ۾ وسايو ويو. برطانوي حڪومت 1904ع ۾ قلعي
اندر لينڊ رڪارڊ آفيس کولي. ڪجھ سالن بعد حيدرآباد
ميونسپالٽي حڪومت کان قلعي جي گھر ڪئي. حڪومت هن
کي اوڀر وارو حصو ڏنو، جتي هينئر ڪجھ خوبصورت
عمارتون آهن. اهي جايون 1918ع ۾ ڀائيبندن زمين
خريد ڪري ٺھرايون هيون. قلعي جي دروازي جي سامهون
جيڪو منارو هو، جنهن تي چڙهي بيهبو هو، ته ساري
حيدرآباد جو وڻندڙ ڏيک نظر ايندو هو، تنهن مناري
کي ڊهرايو ويو. جاءِ جي تنگي سبب قلعي حهڙي تاريخي
يادگار کي پڻ هڪڙي پاسي کان ڊاهي نيون جايون
جوڙايون ويون. قلعي ۾ هن مهل رڳو مير نصير خان جي
ماڙي ۽ قلعي جون ديوارون پنهنجون مُنهن مٿو
پِٽيندي نظر اچن ٿيون.
1920ع ۾ انگريزن قلعي ۾ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ
بندوبست ڪيو، جنهن ڪري قلعي ۾ هڪ وڏو حوض ۽
ٽانڪيون ٺاهيون ويون. پاڻي گدو بندر کان درياهه
مان ڇڪي پڪي قلعي ۾ آندو ويندو هو. جتي ٽانڪي ۾
جمع ڪيو ويندو هو. بعد ۾ وڏن پائيپن وسيلي شهر ۾
موڪليو ويندو هو. ان ٽانڪي کي حيدرآباد جا ماڻهو
’ٺُلهه‘ چوندا هئا. ان زماني ۾ حيدرآبادي ماڻهو
چوندا هئا ته، ”حيدرآباد شهر ۾ گهر گهر پئي گنگا
وهي.“
ورهاڱي کان پوءِ
صنعت واپار جو مرڪز هئڻ سبب ورهاڱي واري لڏپلاڻ ۾ هندستان کان
وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي آيا، جن قلعي ۾ عامل ۽
ڀائيبندن جي جڳهن تي قبضو ڪيو. باقي بچيلن کي قلعي
جي خالي حصن ۾ ويهاريو ويو. قلعو شهر جي وچ ۾ ۽
بازاريون ٻيا ڪاروبار مرڪز ويجها هئڻ ڪري کين ڪافي
پسند آيو، ڇو ته انو قت قلعي ۾ رهندڙ پنجهتر سيڪڙو
ماڻهن جو ڌنڌو بوٽ ٺاهڻ هو.
گهڻن ماڻهن ڀت سان گڏ ئي گهر ٺاهيا. انهن گهرن جي چوٿين ڀت قلعي
جي ڀت کي بڻايو، جنهن ڪري قلعي جي پراڻي ڀت تي
وڌيڪ وزن پيو. ان کان سواءِ قلعي جي ڀت ۾ ٽُنگ ڪري
روشندان ۽ دريون ٺاهيون ويون، جنهن ڪري ڀتين کي
وڏو نقصان رسيو، ۽ منجهس ڏار پئجي ويا. ڪن هنڌن تي
ڀتين کي ڀڃي ان مان ڪني پاڻي جي نيڪال لاءِ
موريون ٺاهيون ويون.
قلعي ۾ پاڻي جي لاءِ ٽي وڏيون ٽانڪيون – پنج لک گيلن، ٽي لک
گيلن ۽ ست لک گيلن- ترتيبوار آهن. جنهن ڪري انهن
مان سوين گيلن پاڻي سِمي زمين هيٺ وڃي ٿو. اندر
پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري به قلعي جي جاين کي نقصان
پهتو آهي. ان ڪري اڪثر اوائلي ڀت ۽ جايون ڪرنديون
رهن ٿيون. جولاءِ 1983ع ۾ به ڀت جو وڏو حصو ڪرڻ
ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. حڪومت متاثرن کي
لطيف آباد ۾ پلاٽ ڏنا هئا. هينئر به قلعي ۾ چار
سيڪڙو ڪچا گهر آهن. ۽ ٽيتاليهه سيڪڙو گهر قلعي مان
نڪتل سرن سان ٻيون سرون ملائي ٺاهيا ويا آهن. باقي
ٽيتاليهه سيڪڙو گهر سيمينٽ جا ٺهيل آهن.
قلعي کي اسان هاڻوڪي وقت ۾ مکيه چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: (1)
تاريخي ۽ اهم حصو: هن حصي ۾ قلعي جو دروازو،
ٻاهرين ڀت، ميرن جا حرم ۽ ميوزيم وغيره اچي وڃن
ٿا. (2) کليل حصو: هن ڀاڱي ۾ ميدان ۽ باغ اچي وڃن
ٿا. (3) آب رساني وارو حصو: هن حصي ۾ پاڻي جون
ٽانڪيون، پمپ، مشينون وغيره لڳل آهن. (4) رهائشي
حصو: حڪومت هي ٽڪرو ٻاهران آيل ماڻهن کي رهڻ لاءِ
ڏنو هو.
حيدرآباد جو قلعو ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي 1904ع جي ’تحفظ
پراڻا يادگار‘ جي ايڪٽ هيٺ 21 آگسٽ 1965ع جي
’نوٽيفڪيشن نمبر
F- 31/57- E VI (A&M)
وزارت تعليم حڪومت پاڪستان‘ مطابق آثارِ قديم کاتي
جي حوالي ڪيو آهي. لڳاتار رهائشي استعمال هيٺ ۽
ديوارن ۾ غير ماهراڻي سوراخ ڪرڻ ڪري تاريخي يادگار
جي زندگي خطري ۾ پئجي چڪي آهي.
اهو سڀ ڪجهه هوندي به قلعي جي مرمت جو ڪو جوڳو بندوبست نه آهي.
مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ ٻاهرين ايجنسين
جي رهنمائي هيٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪ مفصل منصوبو
رٿيو ويو هو، جنهن مطابق قلعي جي رهواسين جي مناسب
مدد وسيلي کين قلعي کان ٻاهر آباد ڪري، قلعي جي
نقصان ٿيل حصن جي مرمت ڪري، غير تاريخي ۽ ٻين
آلودگين کان پاڪ ڪري، ماضيءَ جي ان عظيم ورثي کي
محفوظ ڪري، سياحت جي واڌ ۽ تاريخ جي مطالعي لاءِ
مخصوص ڪرڻ هو. پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ هر سٺي
شيءِ ۽ هر بهتر منصوبو سياسي مصلحتن جو شڪار ٿي
ويندو آهي. انهيءَ منصوبي سان پڻ اهڙو ڪو ڪارڻ
لاڳو ٿيو هوندو، جو اڄوڪي ڏينهن تائين ان تي عمل
ناهي ٿي سگهيو.(9)
مراد آباد
ابدالي جي سنڌ تي حملي وقت (1186- 1753ع) ميان نور محمد جيسلمير
نڪري ويو. مرادياب پڻ ٿر هليو ويو. مرادياب امرڪوٽ
۾ هو ته ديوان گدومل سندس نالي حڪومت جو پروانو
حاصل ڪيو. مرادياب نئين تختگاهه ٺاهڻ لاءِ چيو.
مير علي شير قانع لکيو آهي ته: حڪم ملڻ تي ڪامورن
اُتان اچي نصرپور جي سامهون (نواب جي) ڪئمپ لاءِ
هڪ زمين تيار ڪئي. نواب جي انهيءَ زمين تي تشريف
فرما ٿيڻ کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ مراد آباد نالي
هڪ وڻندڙ شهر تيار ٿي ويو.
مرادياب معزول ٿي گرفتار ٿيڻ بعد (1170هه – 1757ع) باقي ڏينهن
خدا آباد ۾ رهيو. ان بعد ميان غلام شاهه ڪلهڙو تخت
تي ويٺو، پر ڪجهه عرصي بعد هن شهر کي 1171هه-
سيپٽمبر 1757ع ڌاري درياهه غرق ڪري ويو. ڊاڪٽر
لئمبرڪ هن شهر کي نڀاڳو سڏيندي چئي ٿو، ته هي ٻن
سالن کان به گهٽ عرصي ۾ تباهه ٿيو. هيگ جو خيال
آهي ته هي شهر مرادياب جي ڏينهن ۾ ئي تباهه ٿيو.
مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو ته هي شهر ميان غلام
شاهه جي دور ۾ ناس ٿيو ۽ ميان صاحب ان بعد الهه
آباد شهر ٻڌايو. مير قانع ان شهر جي محل وقوع جي
باري ۾ ٻُڌائي ٿو ته: ” هي مراد آباد جو شهر
نصرپور جي ڀرسان هو ۽ لڳ ڀڳ چار سال سنڌ جو تخت
گاهه رهيو.“
شاهه پور (اول)
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ٽيون دفعو سنڌ جون واڳ ڌڻي ٿيو، ته هن
نئون شهر وسايو. ان لاءِ قانع لکيو آهي؛ هاڻي جڏهن
دشمن توڙي ملڪ جي فتح جي پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن
25- محرم الحرام 1173هه جي نئين وسايل شهر شاهه
پور ۾ ڇانوڻي هئي. صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره
کان پاڻ وٽ گهرايائين. هي شهر ڇهه سال سنڌ جو
تختگاهه رهيو. ميجر هيگ هن جو ماڳ مڪان نصرپور جي
ڀرسان ٻڌايو آهي، جنهن سان ٻيا به ڪافي محقق متفق
آهن. هي شهر اڄ به نصرپور ڀرسان ”شاهپور- درپور“
نالي سان موجود آهي.
خدا آباد (ثاني)
گلان ڪوٽ جا آثار خدا آباد ثاني ۾ هئڻ ڪري اسان ان شهر جي باري
۾ مختلف محققن جي قلمي ڪاوشن جو ذڪر ڪنداسين، ته
خدا آباد جو باني ڪير هو. ان شهر جو بنياد ڪهڙي
سال ۾ پيو. ان کان سواءِ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ
معلوم ڪنداسين. آخر ۾ باقي بچيل آثارن جي هاڻوڪي
صورتحال تي نظر وجهنداسين. ڪافي تاريخدان خدا آباد
ثاني شهر جو پايو وجهڻ جي پڳ ميان سرفراز ڪلهوڙي
تي رکن ٿا. ڪجهه محقق وري ان راءِ سان متفق نه
آهن. انهن جو خيال آهي ته ان شهر جو بنياد نور
محمد ڪلهوڙي رکيو. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني
ميان مرادياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شهر کي
خدا آباد ثالث لکن ٿا.
تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي ته ميان سرفراز 1188هه- ڊسمبر
1774ع ۾ هن شهر کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. ميان
سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙا حڪومت سُٺو نالو ڪمايو.
ساڳئي وقت هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪلهوڙا خاندان جي وچ ۾
ويڙهه شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلهوڙن پنهنجو تخت وڃايو.
سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. هوڏانهن ڪافي محقق ميان
سرفراز کي خدا آباد جو باني نٿا مڃين.
مرحوم دين محمد وفائي جو خيال آهي، ته خدا آباد جو بنياد ميان
نور محمد ڪلهوڙي وڌو هو، جيئن هو ’لُطف اللطيف‘ جي
اٺين باب جنهن جو عنوان ” وقت جي ڪن ماڻهن جون
مخالفتون“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ميان نور محمد ڪلهوڙي
هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي. ڊاڪٽر گربخشاڻي به
هڪ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته خدا آباد ۾
ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. پر هن ڪٿي به
ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر نه ڪيو آهي.
هو لکي ٿو: شاهه جو ٽيون دشمن ميان نور محمد
ڪلهوڙو (1718ع – 1755ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽
ڪلهوڙن جو مهندار هو. ڪلهوڙا تن ڏينهن ۾ وڏي اوج
تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن
گادي جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن عاليشان شهر
ليکبو هو.
ڀيرومل مهرچند ان شهر کي خدا آباد نئين سڏيندي لکيو آهي ته؛ خدا
آباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ۽
ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي.
هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو
هو. انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جو تختگاهه اهو حد آباد
جو شهر هو، جيڪو دادو پاسي آهي. علي محمد سيال،
عطر خان ولد ميان نور محمد خان جي ڪتاب ”نگيران
سنڌ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي: چون پدرم بزرگوار خيال کرد که
پکي ميانوالي نزده موريا (موره) تعمير کنند، شيخ
نجيب الدين کبير ۽ افرمود که برو ولنو خدا آباد
نزديکه مخدومان ما هاله کنده تعمير کنند که آن
بهتر باشده. انهيءَ مان هي مطلب نڪري ٿو ته: شيخ
نجيب الدين ڪبير منهنجي والد بزرگوار کي حُڪم ڏنو
ته هالا ڪنڊيءَ جي ڀرسان نئون خدا آباد وڃي اَڏ.
مختلف ڪتابن جو اڀياس ڪندي ۽ تاريخي حوالا جاچيندي اهو پڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته؛ خدا آباد ثاني کي تخت گاهه
بنائيندڙ سرفراز ڪلهوڙو ئي هو. تاريخي اڀياس ۽
مڪاني شاهديون ووڙيندي اهو ثبوت به ملي ٿو، ته هن
خدا آباد شهر وٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاهه
بنائڻ کان پهريائين به ڪا وسندي آباد هئي، ڇو ته
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ به هن شهر جو ذڪر
مائي گلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نورمحمد جي
وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن ته ميان غلام شاهه
ڪلهوڙو، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جو پُٽ هو.
ميان غلام شاهه 1153هه- 1740ع ۾ يرغمال ٿي پنهنجن
ڀائرن سميت نادر شاهه سان ايران ويو، جتي اٺ سال
گذاري 1163هه- 1749ع ۾ واپس وريو. ميان نور محمد
جي وفات بعد ميان غلام شاهه 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم
ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام
شاهه جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيهه سال بيهي
ٿو.
جيئن ته خدا آباد شهر جو بنياد غلام شاهه جي مرڻ
کان ٻه سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنهن ڪري غلام
شاهه جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاهه بنجڻ
وارو عرصو چوٽيهه سال بيهي ٿو. ان مهل تائين مائي
گلان جيڪڏهن جيئري هجي ها ته اها پيريءَ ۾ پير
پائي چُڪي هجي ها. گلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا
آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اُتي ڪوٽ
ٺهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو ته هتي
اڳ ئي ڪو شهر آباد هو. مائي گلان ان کي سرفراز
ڪلهوڙي جي تخت گاهه بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو
ويٺي هئي. |