چونڊن کانپوءِ مون کي اسيمبلي جي ميمبر جو ماهوار پگھار اڍائي
سؤ رپيا هو. ڀانيان ٿو ته روزانو الائونس پندرنهن
روپيه هو ....... سماج هاڻي انهي در جي جو وڌيڪ
قدر ڪيو. تنهن ڪري مائٽن ۾ ۽ سماج ۾ به مانائتو
ٿيس...... پرهاڻي ٻي نياڻيءَ جيڪا شادي ڪرڻ جهڙي
هئي، تنهن ڪري بيچين ٿي پيس، ڇو ته سندس شادي
معنيٰ ٿورو گهڻو ڏاج ڏيڻ. نيٺ جڳهه وڪڻڻ جو ارادو
ڪيم. تن ڏينهن جڳهين جو اگهه وڌندڙ هو ۽ ڏهن هزارن
جي عمدي جڳهه سان ٻاويهه هزارن ۾ وڪڻڻ جو دلاسو
مليم ۽ هڪ گراهڪ هٿ ڪيم ۽ ٻه هزار سوٿي به
ورتم....... آئون ڏيتي ليتي جي رواج جو سالن کان
وٺي مخالف هوس. پر ڏيڻ بنا ڪو چاڙهو ڪونه سمجهيم.
ٻيو ته سمجهيم ته مسواڙي جڳهه ڏُکي ملندي ۽ سُهکي
هوندي ته مسواڙ ڳري هوندي.
انهي ڏس ۾ گانڌي جيءَ سان خط وسيلي صلاح ڪيم، جنهن وراڻيو:
جيڪڏهن ڏاج ڏيئي شادي ڪرائڻي اٿيئي ته شاديءَ تي
ڪنوار پيءُ ٿي نه ويهج ۽ ڪانگريس جي ميمبري تياڳ
ڪر: يا ته ڏاج ڏيڻ کان انڪار ڪر، پوءِ چاهي تنهنجي
نياڻيءَ جو وهانءُ ٿئي يا نه ٿئي.
صلاح ته هيتري ۾ ڏنائي پر مون لاءِ هضم ڪرڻ ڏاڍي ڏکي. پنهنجي
نياڻيءَ جي وهانوَ تي غير حاضر ٿيڻ ڪير قبوليندو ۽
جنهن سنسٿا مون کي ڇويهه سال پاڻ سان ڳنڍيو ۽
نپايو هو سا ڪيئن ڇڏي ڏيان! هوڏانهن ڏاج بنا شادي
اسان جي اڀاڳي سماج ۾ ڄڻ ناممڪن هئي......... ڪوشش
ڪيم ته ڏاج بنا شادي ڪرايان. نيٺ ڏاج ڏيڻ بنا ڪارج
سڌ ٿي ويو.
15 آگسٽ 1947ع جو آزادي ملي ۽ پاڪستان ڌار ٿيو، پر ملڪ ۾ هندو –
مسلم فساد بند نه ٿيا...... آڪٽوبر ۾ ڪراچي ۾ هڪ
مرڪزي صلح ڪاميٽي ٺهي، جنهن جو سڀاپتي سرڳواسي
جمشيد مهتا ۽ آئون سيڪريٽري هوس. ڊسمبر 1947ع ڌاري
هڪ وڏي ۽ گڏيل ٽولي ٺاهي ۽ ٻه ٽي موٽرون هٿ ڪري
ڪراچي کان حيدرآباد پهتاسين. ٽوليءَ ۾ سيد غلام
مرتضيٰ شاهه ۽ راشدي صاحب به هئا. واٽ تي ڳوٺ ڳوٺ
۽ شهر شهر ۾ پرچار ڪيوسين، ۽ هندن کي آٿت ڏنوسين
ته ڊپ ۽ حراس ۾ گهر مال ڇڏي وطن جو ترڪ نه ڪن.
جيڪڏهن سنڌ ڇڏڻي پيئي ته به سهانستيءَ ۾ ۽ سوچي
ويچاري ڇڏبي. هتي پنجاب جهڙيون حالتون نه ٿيڻيون
هيون ۽ جان جو جوکو بلڪل گهٽ هو.
حقيقت ۾ جڏهن جنوريءَ کان پوءِ سرڪاري طور لڏپلاڻ ٿي ته به جان
جو گهڻو خطرو ڪونه هو. ٻيو ته اُتر ۽ وچ سنڌ جا
ماڻهو سڀ حيدرآباد اسٽيشن تان چڙهي راجسٿان ڏي
ويندا هئا. ڪانگريس هڪ ٽولي ٺاهي جيڪا روز
سانجهيءَ جو اسٽيشن تي وڃي مسافرن کي مدد ڪندي هئي
۽ مان به انهن سان گڏ ويندو هوس. ڪڏهن هٿ کس ۽
سامان جي چوري به ٿيندي هئي. پر لٿي پٿي هيڏي
پيماني تي لڏپلاڻ ۾ تڪليفون ته ضرور سهڻيون پيون.
انهن سان گڏ مکيه سنڌ ڪانگريس جا ڪم ڪندڙ به نومبر
کان اڳ ٻاهر نڪري ويا هئا ۽ انهن جي نڪري وڃڻ ڪري
ماڻهن تي به ساڳيو اثر پيو........ وري ڪراچيءَ ۾
سکن جي قافلي تي حملي ۽ کين گردواري ۾ باهه لڳائي
مارڻ کانپوءِ ته حالتون ويتر خراب ٿي
پيون......... پوءِ به فسادي اڪثر ڪري مقامي ماڻهو
نه هئا، پر دکي نرواسي جيڪي اُترپرديش ۽ خاص ڪري
بهار کان آيل هئا.
ڪراچي جي جهيڙن، ماراماري ۽ لُٽمار کان پوءِ سڀني جو يڪو رايو
بيٺو ته هاڻي هندو سنڌ ۾ رهي ڪين سگهندا ۽ وقت آيو
آهي، جڏهن هند سرڪار هنن جي لڏپلاڻ جي ڪم جو
بندوبست سرڪاري طور ڪري.
آئون جنوري 1948ع تي ائڊيشنل ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو
ويس...... ٿورن ڏينهن ۾ نئين آفيس ٺاهڻ جو ۽ سنڌ ۾
انتظام ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيم. حيدرآباد سميت هرهڪ
ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ نائب آفيسر رکيم، جيڪو
نرواسين کي ٻاهر اماڻڻ ۾ مدد ڪري ۽ انهن جو سامان
سڙو سلامت رکي........ سرڪار طرفان روز هڪ جهاز
ڪراچي بندر تان نرواسن سان ڀرجي بمبئي ويندو هو، ۽
بنا ڀاڙي ڏيڻ. ساڳيءَ طرح روز هڪ اسپيشل ٽرين
حيدرآباد کان جوڌپور ويندي هئي. خاص نرواسين لاءِ.
آئون نه رڳو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ واري وٽيءَ سان
ڪم تپاسيندو هوس، پر سنڌ جي ٻين شهرن جو به گشت
ڪندو هوس......... (31)
اي. جي. اُتم
حيدرآباد منگهارام ملڪاڻيءَ جي نظر ۾
منگهارام ملڪاڻي (ڄم: 14- ڊسمبر 1896ع – وفات: 1980ع) جديد سنڌي
ننڍي ناٽڪ جو باني هو. هن ساهت جي اُن شاخ کي
پوران پنجاهه سال پالي تاتي هڪ ميويدار وڻ
بڻايو.......... پروفيسر ملڪاڻي پنهنجي يادگيرين ۾
ٻڌائي ٿو ته: مون کي تن ڏينهن ۾ چار پايون روزانو
خرچي ملندي هئي، جنهن مان هرو دال واري کان ٽي
پوريون ۽ مٿان رُونگ ۾ دال چٽڻي وٺي کائيندو هوس ۽
باقي پائي شام جو بئنڪ (ڏيارام گدومل جي غريبڙي
بئنڪ) ۾ رکائي گهر موٽندو هوس........... ديوان
ڪوڙومل پنهنجون نياڻيون وديا پرائڻ لاءِ بنگال
موڪليون هيون. هو وئڪيشن ۾ حيدرآباد موٽنديون هيون
۽ ساڙهيون پائي پردي بنا هوا خوري لاءِ نڪرنديون
هيون ته لانگهائن جون اکيون وڃي منجهن اٽڪنديون
هيون......... ڦليليءَ تي زميندارن جي چانهه پارٽي
۾ منهنجو پتا مون کي به وٺي هليو ويو........ مان
تازو ٽاءِ ڪالر وارو ڪاليجي نوجوان بڻيو هوس. بابي
چيو، ته هل ته مرزا قليچ بيگ سان ملون. منهنجي
ساڻس واقفيت ڪرايائين. هن چيو: جوان سنڌي لکندڙ
پيدا ٿين......... منهنجو ماسات پرمانند ميوارام
رامچنداڻي عيسائي ٿيو، شُڪر جو مان ڪجهه وقت مائي
آئني بيسنت جي اثر هيٺ ناستڪ ٿيڻ ڪري ڌرم بدلائڻ
کان بچي ويس!
حيدرآباد سنڌ جي فوجداري گهٽيءَ ۾ ناناڻي گهر سان لاڳيتو ٻيو هڪ
گهر هوندو هو. راند ڪندي مان ڏسندو هوس ته اندرئين
صفحي ۾ هڪ وچولي اوسٿا وارو شخص سمورو وقت لکندو
رهندو هو. کيس دادا ڀيرومل ڪوٺيندا هئاسين. منهنجي
ناني جو ننڍو سئوٽ لڳندو هو...... وچولي ڄمار ۾ ٻي
شادي ڪئي هئائين، جنهن تان پُٽس پرڀُور رُسي هليو
ويو هو ۽ سک پنٿ اختيار ڪري هرنامسنگهه نالو رکايو
هئائين.
مون اسڪولي تعليم حيدرآباد جي هڪ وڏي ۾ وڏي اسڪول ”گورنمينٽ
هاءِ اسڪول“ ۾ ورتي. اُهو اسان جي گهر جي ڀرسان ئي
هو. اُتي مون تي خاص ڪري ٻن ماسترن جو ڏاڍو اثر
ٿيو. جيڪي ”آدرشي استاد“ هئا – هڪ نانا غلام علي،
جيڪو ٻيون درجو پاڙهيندو هو ۽ ٻيو وليرام آئلمل
ٿڌاڻي، جنهن وٽ آئون چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هوس.
هي ٻئي اُن زماني جي رواج موجب ٻين ماسترن جيان
مار تي زور ڏيڻ جي ڀيٽ ۾ شاگردن لاءِ پيار ۽
همدرديءَ تي زور ڏيندا هئا. پهرين استاد مون کي
انگريزي ٻولي، صحيح نموني ڳالهائڻ سيکاري ۽
انگريزي ساهت لاءِ چاهه جاڳايو ته ڪپڙي لٽي جي
صفائي ۽ سُٺائيءَ تي به خاص ڌيان ڏياريو..........
نانا صاحب جي رهڻي ڪرڻي اڪثر هندن سان هوندي هئي،
جنهنڪري مسلم ڀائر کيس هندو نواز هئڻ جو مهڻو
ڏيندا هئا. پر هي شينهن مڙس ڪابه پرواهه ڪانه ڪندو
هو.
ٻئي استاد وليرام وٽان، وري مون راڳ ۽ ڪرڪيٽ راند جو شوق پرايو
ته گهڻيون گهڻيون آکاڻيون ٻڌي ۽ گهڻا گهڻا ناول
پڙهي ڪتاب به لکڻ سکيس........ هڪ ڀيري مون استاد
کان انگريزي ناول جي ٻڌل آکاڻي تي سنڌي ناول جي هڪ
باب جا پنجويهه صفحا لکي وڃي کيس ڏيکاريم، ته هن
اُهي سڀ ڦاڙي چيو: ”ڪتاب ايئن نه لکبا آهن. پهرين
گهڻا وڌيڪ سنڌي ڪتاب پڙهه ۽ مائٽن ۽ دوستن کي
سنڌيءَ ۾ خط پٽ لک. گڏوگڏ سولا انگريزي ناول پڙهڻ
شروع ڪر....... جڏهن ڪاليج ۾ وڃين تڏهن ڪنهن
دلپسند انگريزي ناول تان سڌو سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪجان.........“ پوءِ مون ڪاليج ۾ وڃڻ شرط برابر
رينالڊس جو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”گم ٿيل
صندوقڙي“ نالي شايع ڪيم.
اُن اسڪولي زماني ۾ هنن ٻن استادن کان سواءِ مون تي ٻين ڪن وڏين
سنڌي هستين جو به اثر ٿيو. اسان جي گهر ۾ منهنجون
ٻه پڦيون رهنديون هيون، جن کي ساڌو هيرانند ۽ رشي
ڏيارام گدومل، گهر ۾ ئي انگريزي ۽ سنسڪرت پاڙهي
هوشيار ڪيو هو. ديوان ڪوڙومل، جيڪو منهنجي پيءُ جو
دوست هو ۽ گهر جي ويجهو رهندو هون، وري پنهنجون
نياڻيون اڪثر شام جو اسان جي گهر وٺي ايندو هو،
جيڪي منهنجي پُڦين سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائينديون
هيون. لغت نويس پرمانند ميوارام، منهنجو ماسات هو،
ته دوست به هو. ٻئي چوٿين ڏينهن موٽ وٽ ايندو ئي
پيو هو. منهنجي ناناڻي ڀرسان وري ڪاڪي ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي جو گهر هو، جيڪو منهنجي ناني جو
سئوٽ هو. ان سمي اسان جي گهر ڀرسان، برهمو سماج
مندر ۾، مشهور ڀڳت روپچند جا گيت ٻڌي آئون مگن ٿي
ويندو هوس. حقيقت ۾ مون کي سريلي ڳائڻ ۽ سهڻي شڪل
ڪري ناٽڪن ۾ پارٽ ڪرڻ جو وجهه اصل ڇهين درجي ۾
مليو هو، جڏهن هيروئن جو رول ڪاميابيءَ سان ادا
ڪيو هوم......... منهنجو ننڍپڻ جو گهاٽو دوست
پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻي هوندو هو.
اسڪولي زماني جي آخرين ساهتڪ سرگرمي، جنهن منهنجي ساهتڪ سوجهه
ٻوجهه وڌائي، سا هئي ادي لعلچند امرڏني مل ۽ ڄيٺمل
پرسرام طرفان شروع ڪيل پهرين ”سنڌي ساهت سوسائٽي“
جو مهورتي جلسو. ان سوسائٽيءَ پاران ڪيترا سال
سنڌيءَ ۾ ماهوار رسالو ڪڍيو ويو هو. ان جلسي جي
صدارت، سنڌي نثر جي هڪ بانيءَ مرزا قليچ بيگ ڪئي.
هن سنڌيءَ ۾ تقرير ڪئي. مون تي ان جلويدار جلسي جو
ڏاڍو اثر ٿيو: جلسو هومسٽيڊ هال ۾ شاندار نموني
ملهايو ويو، جتي سوين سنڌيءَ جا پيار وارا اچي ڪٺا
ٿيا هئا.... مرزا قليچ بيگ سنڌي شعر تي عالماڻو
مقالو پڙهيو. تن ڏينهن ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو فئشن
ايترو ته وڌيل هو، جو سنڌي لوڪن کان سنڌي ۾
ڳالهائڻ وسري ويو هو. گڏجاڻين ۾ وڏا عالم اڪثر
انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندا هئا ۽ لاچار ڪو سنڌيءَ ۾
تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته هٻڪي هٻڪي اڌ انداز
انگريزي اکرن جو ڪم آڻي تانگهه لاهيندو هو. پر
لعلچند جي ڪوٺايل هن ميڙ ۾ جن به تقريرون ڪيون،
لعلچند پاڻ، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر چوئٿرام، سنتداس
منگهارام وڪيل وغيره، تن سڀني ٺيٺ سنڌيءَ ۾
ڳالهايو۽ هڪڙو به انگريزي لفظ ڪتب ڪونه آندائون.
انهيءَ گڏجاڻي ۾ منهنجو سنڌيءَ ساهت لاءِ پيار
پيدا ٿيو. ماهوار رسالي جو چندو ڀريم.
ماهوار رسالن جو باني لعلچند امرڏنومل هو، جنهن 1914ع ۾ ”سنڌيءَ
ساهت سوسائٽي“ برپا ڪئي. ان جي مهورتي جلسي ۾ چندو
ڀريم .... مون کي ننڍي هوندي يادگيري آهي ته مرزا
قليچ بيگ جي ”فيروز دل افروز“ ۽ ”نيڪي بدي“ ۾ سندس
(لعلچند جي) سچائي ۽ بردباري وارا پارٽ مونکي ڏاڍو
متاثر ڪندا هئا.... 1923ع ۾ سندس ناٽڪ ”عمر ماروي“
ڏهه ڀيرا کن اسٽيج تي آندو ويو، جيڪو ان زماني جو
رڪارڊ هو........
مون کي ياد آهي، ته سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي اهڙي
شاندار مرحبا نه ڪئي ويئي هوندي جهڙي ڄيٺمل پرسرام
جي. 1919ع ۾ انگريز سرڪار کيس بغاوت جي قلم هيٺ
جيل اماڻيو هو. جڏهن جيل جو مدو ڪاٽي هو وطن وريو،
تڏهن حيدرآباد اسٽيشن تي کيس مکي پريتمداس جي
مشهور لئنڊو گاڏي ۾ چاڙهيائون. حيدرآباد جي برک
نگر واسين ۽ عملدارن گاڏيءَ مان گهوڙا ڇوڙي پاڻ
قطار ٺاهي گاڏي گهلڻ لڳا! حيدرآباد واسين ۽
عملدارن گاڏيءَ مان گهوڙا ڇوڙي پاڻ قطارون ٺاهي
گاڏي گهلڻ لڳا، حيدرآباد واسين جو هجوم، واري
وٽيءَ سان ڄيٺمل سورمي کي تخت تي ويهاري سندس گاڏي
گهليندو هليو. اهڙو عاليشان جلوس سنڌ ۾ ڪونه نڪتو
هوندو. اسين ڪاليجي شاگرد به ٽولي ٺاهي جلوس ۾
شامل ٿيا هئاسين......
مون، خانچند درياڻيءَ، لعلچند امرڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽
هيرانند آڏواڻي جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾
”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪئي. ان
سنسٿا جو مهورت به گرديو ٽئگور پاڻ پنهنجن مبارڪ
هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو. مون ان اتسو کي
ڪامياب بنائڻ لاءِ ڏاڍي اتساهه ۽ امنگ سان مهينو
کن خوب محنت ڪئي. خاص ڪري جيڪو گرديو کي آءٌ ان
وقت پنهنجي ٽنڊي محمد خان واري ٻني تي هوس، تڏهن
به اها ذميواري منهنجي دل وٽان هئي. تنهنڪري مون
پروگرام جي تيارين وارن ڏينهن ۾ اچي حيدرآباد ۾
ديرو ڄمايم.
ڀلا جن جڳ---
مشهور ڪويءَ جي ڪوتائن، منهنجو اصل چت چريو ڪري
ڇڏيو هو، تنهن محبوب سان مکاميلو ڪرڻ تي منهنجو من
ڪيئن نه گدگد ٿي جهوميو هوندو ۽ هن جي آڌرڀاءُ ۽
آجيان لاءِ اکيون وڇائي ويٺو هوندو! مون گرديو جي
دل کنڀڻ لاءِ، اصل چيدا چيدا اسم چونڊيا. انهن ۾
هن جي ڪوتائن ۽ ناٽڪ جي ننڍي حصي سميت سنڌي ٻوليءَ
جو سواد وٺائڻ وارو هڪ مذاقي چهچٽو وغيره به شامل
هو. نه رڳو ايترو، پر مون پاڻ به گر ديو جي لکيل
چهچٽي ۽ ٻئي مذاقي سنڌي چهچٽي ۾ پارٽ به ورتو.
اهڙو ته سڀاويڪ ۽ سچائيءَ واري اداڪاريءَ سان
نباهيم، جو گر ديو مون کي خاص پاڻ وٽ گهرائي داد
ڏنو هو.
ٽئگور جهڙي اعليٰ هستءَ اڳيان ثقافتي پروگرام ڏيکارڻ ۾ جگر
کپندو هو. تنهنڪري سڄو سارو مهينو صبح شام هڪ ڪري
اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۾ گهاٽي پرئڪٽس ڪندا هئاسين.
مها ڪويءَ اڳيان اسٽيج تي آڻڻ جا اسم ڏاڍي خيال
سان چونڊياسون، جن ۾ سنڌي تهذيب جي جهلڪن ڏيڻ سميت
پاڻ ٽئگور جي لکيتن مان به ڪي انگريزي اسم وڌاسون.
انهن مان مکيه اسم هو سندس مشهور ناٽڪ ”چترا“ مان
محبت وارو مرڪزي نظارو، جنهن ۾ سنياس جو سُنهن
کنيل ارجن، جهنگل ۾ شڪار ڪندي راجڪماري چترا سان
پريم ۾ ٿو ڦاسي. ارجن جو پارٽ مون کنيو هو ۽ چترا
جو پارٽ ننڍي دوست ٽهلرام آڏواڻي کان ڪرايو هوم.
نيٺ اهو شڀ ڏينهن اچي ويو، جڏهن مها ڪوي بنگال مان ڏور ديش مان
ڊگهو سفر ڪري، حيدرآباد ۾ اچي وارد ٿيو ۽ اسان جي
نئن ناٽڪ منڊليءَ جي مدبرن جيٺمل پرسرام، لعلچند
امر ڏنو ۽ سنتداس منگهارام سندس شاهاڻي آجيان ڪري،
کيس ڀائي نارائڻ جي عاليشان نارائڻ محل ۾ مهمان
ڪري اچي ٽڪايو. ان رات اڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال ۾
گر ديو سامهون اسان جو پروگرام ٿيڻو هو.
معزز مهمانن جي آجيان ۾ سارو هال گُلن ڦلن سان سينگاريل
هو........ پوري ٺهرايل وقت تي هال تاڙين جي ڦهڪي
سان گونججي اُٿيو. ننڍا وڏا ناظرين سپاهين جيان
قطارن ۾ باادب اُٿي بيٺا ۽ اسٽيج تان پردي جي چير
مان لياڪو پائي ڏٺم ته جيٺمل ۽ ٻين مدبرن ان
شاندار صورت جو سواگت ڪري ان کي اندر آڻي ڪرسيءَ
تي ويهاريو.
منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ته مٿان لعلچند اسٽيج تي گهڙي آيو
۽ اشارو ڏنائين ته کيل شروع ڪر. بس پردي چڙهڻ
کانپوءِ ڇا ٿيو، تنهن جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانه پيئي.
مغز چڪر ڏيندو رهيو ۽ اسم پُٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽
هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ”چترا“ واري
درشيه ۾ ارجن جو پارٽ ڪندي به سماءُ ڪونه پيم ته
ڇا پيو ڪريان!.......... ٻه ڪلاڪ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ختم
ٿي ويا. پردو آخر دفع ڪريون. تاڙيون وڳيون ۽ شاعر
موٽر ۾ چڙهي وڃي نارائڻ محل ۾ آرامي ٿيو.
ٻئي ڏينهن ڀنڀرڪيءَ جو مايوسيءَ مان چانهه پي رهيو هوس ته ڄيٺمل
نياپو موڪليو، چي: ساڍي نوين بجي نارائڻ محل ۾ اچي
حاضر ٿيءُ. واٽ تان ٽهلرام آڏواڻي کي به گهران
وٺندو اچجانءِ، ٽئگور توهان ٻنهي سان گڏجڻ ٿو
چاهي! ٽئگور جهڙي اعليٰ هستي اسان جيتامڙن سان
گڏجڻ ٿي چاهي!!....... نارائڻ محل ۾ پوري ساڍي
نائين وڳي گهڙڻ سان ڄيٺمل اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. اسان
کي ڪويءَ جي ڪمري واري ورانڊي ۾ وٺي هليو ۽
چپڙاسيءَ هٿان اندر نياپو موڪليائين ته ڪالهوڪا
ائڪٽر توهان سان ملڻ لاءِ آيا آهن........... شاعر
ٽئگور پنهنجا ٻئي جاڏا هٿ وڌائي، اسان ٻنهي جو هڪ
هڪ پتلو هٿ کڻي پڪڙيو. ڄيٺمل اسان جي واقفيت
ڪرائي. هي ٻئي جوان به توهان جيان زمينداري گهراڻي
جا آهن ۽ سندن پتا به پاڻ ۾ اهڙائي جگري دوست هئا.
جهڙا هي ٻئي آهن.
شاعر منهنجي ٻانهن کي جهٽڪو ڏيندي چيو: شاباس! آئون به ٻهراڙي ۾
پتا جي زمينداري سنڀاليندو هوس ۽ ڪلڪتي ۾ اچي ناٽڪ
۽ ناچ ڪندو هوس. هاڻي اندر هلي مونسان ناشتو ڪريو،
ته ڪالهوڪي ناٽڪ بابت ڳالهيون ٻولهيون به ڪريون.
پوءِ ته اسان کي ٻانهن کان وٺي کاني جي ڪمري ۾ وٺي
هليو. دسترخوان جي هڪ پاسي اسان ٻنهي کي
ويهاريائين ۽ ٻئي پاسي پاڻ ۽ ڄيٺمل ويٺا.
ناشتي ڪرڻ مهل شاعر چيو: توهان منهنجي ”چترا“ سان پورو انصاف
ڪيو....... هڪڙو ته جيڪو اسم توهان اسٽيج تي آندو،
تنهن ۾ سڄي ناٽڪ جو تت سمايل هو. ٻيو ته جهنگل جي
جهنجهيل رنگ برنگي نظارو ڏيکارڻ بدران، سادا سودا
هلڪن رنگن وارا پردا ڪم آندا. جيڪي آئون پسند ڪندو
آهيان....... ٽيون ته توهان ٻنهي ڊريسون به پنهنجن
پارٽن واريون ۽ ٿڌن رنگن واريون پاتيون. (ٽهلرام
جي مُنهن جو پنو لهي ويو) پر تون بيهڪ ۾ صغير آهين
۽ تنهنجو آواز به اڃا مرداڻو ڪڙڪ نه بڻيو آهي،
جنهن ڪري مون کي تنهنجو زنانو پارٽ به ڪافي سڀاويڪ
لڳو....... گڏوگڏ توهان جي ايڪٽنگ وڻيم. تڏهن ته
توهان سان گڏجڻ تي دل ٿيم........... سچ پچ ته مون
پنهنجو ”چتر“ ناٽڪ انگريزيءَ ۾ گهڻا ئي ڀيرا
اسڪولن، ڪاليجن ۽ سنٿائن ۾ ڏٺو آهي، پر توهان جنهن
اندروني جذبي ۽ صداقت سان پنهنجا پارٽ ادا ڪيا، سي
مون ٻئي هنڌ نه ڏٺا آهن. اشارا ٿورا، پر آواز ۽
چهري جي ڦيرگهير گهڻي. توهان ٻنهي ارجن ۽ چترا جي
اندر ۾ گهڙي منهنجن ڪردارن کي جاندار بڻائي
ڇڏيو!........ توهان جا انگريزيءَ جا اُچار به
بلڪل درست هئا، جي ٿورا هندستاني ڪري سگهندا آهن.
لڳي ٿو ته توهان ڪنهن ڪانوينٽ ۾ پڙهيا
آهيو.......... توهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل
(فارس) به پسند پيوم ٻوليءَ سمجهڻ کان سواءِ به
مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم........ پهرين ته مون
توکي بورچيءَ جي پارٽ ۾، ڏاڙهيءَ ۽ مُڇن سان
سُڃاتو ئي ڪونه، پوڙهي بيمار جو آواز به چڱو
ڦيرايو هوءِ، پر پوءِ هلڻ چلڻ مان سمجهي ويس ته
ساڳيو ارجن وارو ائڪٽر آهي.
انهيءَ دوران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي مون چيو: سائين، ڪانوينٽ
۾ ته اسين ڪونه پڙهيا آهيون، باقي مون کي اسڪول ۾
انگريزي اُچار هڪ مسلم استاد غلام علي نانا
سيکاريا ۽ ڪاليج ۾ اسين ٻئي پرنسپال شاهاڻيءَ کان
سکياسون............”گارڊنر“ جي هڪڙي گيت جو پارٽ
ادا ڪندڙ منهنجو ننڍو ڀاءُ هو ۽ انهيءَ کي مون
ڪوتا – پاٺ سيکاريو هو. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ
نقل (فارس) جو ٽُڪرو اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ
بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ مان ورتل هو.
اُتي ناشتو ختم ٿيو. گُر ديو ٻانهن کان وٺي ٻاهر اُماڻڻ آيو ۽
موڪلاڻي ڪندي چيائين: شال، نانڪ ڪلام وڌو ويجهو،
منهنجي آسيس اٿو.“
گر ديو ٽئگور جي مبارڪ هٿن سان مهورت ڪيل هيءُ
ناٽڪ منڊلي سنڌي ادبي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ هڪ حد نشان
لکيجي ٿي. اُن پنهنجي پندرهن – سورهن سالن جي عرصي
۾ پنجويهه – ٽيهه وڏا جديد حقيقت نگاريءَ وارا
گنڀير سماج، آرٿڪ، راڄنيتڪ آديش وارا (جن مان اڌ
کان مٿي اصلي هئا) ناٽڪ پيش ڪرڻ جو يگانو ڪارنامو
ادا ڪيو. انهن مان ٿورا منهنجا ۽ گهڻا خانچند
درياڻي جا هئا. مون انهن مان ڪيترن جي اداڪاري
ڪئي، ته ڪن جي هدايتڪاري.
درياڻي جي ناٽڪ ”عجيب انصاف“ (1929ع) ۾ ڪن ائڪٽرن
جي شخصي ڪاميابي ٿي. خاص ڪري ڪماري نئن
ميرچنداڻيءَ جو پارٽ، جيڪو هن ننڍڙي ڇوڪريءَ اهڙي
ته ڦڙتائيءَ ۽ حشمت سان ڪيو، جو هڪدم نالو وڄي ويس
۽ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ پهرين ائڪٽريس نڪري نروار
ٿي........ حيدرآباد ۾ ”زمينداري ظلم“ جي ريهرسل
تي هيمنداس چنديرام هڪ ٺاهوڪي جوان جي مون سان
واقفيت ڪرائيندي چيو: هي اٿيئي اسان جو ليکراج
عزيز، جيڪو حيدرآباد جي مشاعرن ۽ محفلن جو مور
آهي. ناٽڪ جا راڳ سڀ هن جوڙيا آهن........ چيم:
مون کي ته سندس راڳ ڳائڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو،
جو پارٽ اٿم پوڙهي هاريءَ جو، تنهن تي عزيز چيو:
تنهنجي ائڪٽنگ ئي ڪافي آهي. راڳ جي محتاج
ڪانهي....... (32) |