پوشاڪ ۽ زيورن جي نسبت ۾
ڪپڙا
نانو ۽ بابو مرحوم جڏهن ننڍيءَ عمر ۾ سنڌ منجهه آيا تڏهن سندن
پوشاڪ ايراني هئي، يعني اندران سٿڻ ۽ پهراڻ، ۽
مٿان ڊگهو ڪوٽ، قبا وانگي، ۽ مٿي تي پڳ، بابي
مرحوم جي قبا، جنهن ۾ هو آيو هو، اسان وٽ رکيل
هوندي هئي، جيڪا نيلي رنگ جي ڪپڙي جي هوندي هئي.
سڌو ايران مان آيا هئا ۽ ڪا مُدت اُتي رهيل ها.
تنهنڪري ايراني پوشاڪ هُين. هتي اچڻ کان پوءِ سنڌي
ڪپڙا ڍڪڻا پين، جيڪي مير صاحب پڻ ڍڪيندا هئا ۽
جيئن ٻيا مسلمان ماڻهو ڍڪيندا هئا، يعني اندران
پهراڻ ۽ سٿڻ ۽ مٿان صدري، جنهن جون ٻانهون ٺوُنٺين
تائين هونديون هيون. سياري ۾ اها صدري ، ڪپهه سان
ڀريل رهندي هئي ۽ ڪڏهن وري سياري ۾ لُبادا ڍڪيندا
هئا- يعني پيرن ۽ ٻانهن جي ڪاراين تائين اوورڪوٽ
وانگر، ڇيٽ يا ڪنهن ريشمي ڪپڙي مان ٺهيل ۽ ڪپهه
سان ڀريل ڪوٽ، جيڪو ڏاڍو گرم ٿيندو هو. پيرن ۾
سنڌي جُتي ۽ مٿي تي سنڌي ميراڻي ٽوپي ڪاغذ جي،
جيڪا ڪيمخاب مان به جڙندي هئي ۽ بخمل مان به، جنهن
کي سلام جي جاءِ ڇڏيل ٿيندي هئي ۽ پيشاني جي مٿان
رهندي هئي.
اها هئي سنڌي ميراڻي پوشاڪ، جيڪا مير صاحب ۽ سندن خاص ماڻهو به
ڍڪيندا هئا. اسين به اها ڍڪيندا هئاسين. پهراڻ جي
ڳچي، ساڄي پاسي کان هوندي هئي. هندو عامل به مير
صاحبن سان واسطو رکڻ ڪري اهڙي پوشاڪ ڍڪيندا هئا،
پر پهراڻ جي ڳچي کٻي پاسي ڪندا هئا، انهن لاءِ ته
هندو ۽ مسلمان جو تفاوت معلوم ٿي سگهي. جڏهن ٻاهر
سفر تي يا پري پنڌ تي وڃڻو ٿيندو هو تڏهن مير صاحب
بوڇڻ ڪلهي تي ڪندا هئا. ڪڇ جي هيٺان لنگهائي، انهي
جو هڪڙو ڇيڙو پُٺيان ۽ هڪڙو اڳيان لڙڪائي ڇڏيندا
هئا. بوڇڻ يا لُنگي ٻئي ڪُلهي تي کڻندا هئا ۽
چيلهه تي وڏي ڪمر ٻڌندا هئا. جنهن ۾ خنجر يا ڪاتي
هڻي ڇڏيندا هئا. ترار ٻڌڻي هوندي هين اها به ڪمر
جي مٿان ٻڌندا هئا. عامل يا منشي يا لکندڙ پڙهندڙ
وري قلمدان، ڪمر ۾ ٽنبي ڇڏيندا هئا.
ننڍي هوندي اسين پڻ اهي ڪپڙا ڍڪيندا هئاسين؛ يعني سٿڻ، پهراڻ،
صدري، سنڌي جتي ۽ جمني ٽوپي ڪپهه جي وٽين سان –
گهر ۾ به ۽ ٻاهر به. بابو مرحوم ۽ ادي مرزا غلام
رضا بيگ ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ جن، جيڪي وڏا
هئا، سي سنڌي ميرياڻيون ٽوپيون ڍڪيندا هئا، بلڪ
جڏهن ممبئي ڪاليج ۾ پڙهڻ ويا تڏهن به انهن ٽوپين ۾
ويا هئا. مون کي ياد ناهي ته مون ڪڏهن اها ٽوپي
ڍڪي. اسڪول ۾ جمني ٽوپي ڍڪي ويندا هئاسين. انهن
سنڌي ٽوپين جا شهر ۾ ڪيترائي دڪان هوندا هئا. عامل
ماڻهو سڀ، اها ٽوپي ڍڪيندا هئا. انگريز سرڪار جي
صاحبيءَ ۾ به ورهين جا ورهيه اها ئي ٽوپي ڍڪيندا
آيا. اڃا تائين به ڪيترا مسلمان ۽ ڪي ٿورا عامل
اها ئي ميراڻي ٽوپي ڍڪيندا آهن، خصوصاً ميڙن مجلسن
۾ يا درٻارين ۽ ڪورٽن ۾، بابو مرحوم اهي سنڌي
ٽوپيون ۽ اسان جون جمنيون ٽوپيون پنهنجي هٿ سان
ڏاڍيون عمديون جوڙي سگهندو هو. بابو مرحوم، سياري
۾ اڪثر لُنگي مٿي تي ٻڌندو هو. ادي جن به اڪثر
بمبئي وڃڻ کان پوءِ پٽڪا ٻڌندا هئا ۽ آئون به جڏهن
بمبئي ويس تڏهن اڇو پٽڪو ٻڌندو هوس. هتي آرڙهه ۾
صدريون ۽ سياري ۾ ڪپهه سان ڀريل لبادا ڍڪيندا
هئاسين ۽ سنڌي جتيون ڍيڍ جون يا سرازن جون ڍڪيندا
هئاسين. بابا مرحوم هٿ ۾ هڪڙي چانديءَ جي مُنڊي
پائيندو هو، جنهن جي ٽڪ تي ”عبده الراجي فريدون
بيگ گُرجي“ لکيل يا اُڪريل هوندو هو. نانو مرحوم
به ائين ڪندو هو ۽ انهي جي مُنڊي جي ٽڪ تي به
”عبده الراجي خسرو بيگ گُرجي“ هوندو هو.
زناني پوشاڪ ۽ زيور
زناني پوشاڪ به اڪثر مڙس ماڻهن واري هوندي هئي، ورلي ننڍو
پهراڻ، سڄي پاسي واري ڳچي سان چيلهه تائين ۽
ٺونٺين تائين. اهو اڪثر پٽ سان ڀريندا هئا ۽ هيٺان
سُوسيءَ جي سُٿڻ چوڙين سان ۽ مٿان اڇو رئو. امان
مرحومه ۽ اديون به اهائي پوشاڪ ڍڪينديون هيون، جتي
زناني، ٽن ٽونئرن سان سرازڪي جُڙيل، جنهن جي پٻ ۾
رڳو ٽي يا چار آڱريون پونديون هيون، ٻيو سڄو پير
اگهاڙو رهندو هو ۽ هلڻ مهل اها زمين سان گسندي
ايندي هئي ۽ پير، مٽي ۽ ڊُسڙ ۾ ڀرجي پوندا هئا،
ٺونٺ کان وٺي ٻانهن، اگهاڙي رهندي هئي، سا به انهي
مطلب لاءِ ته عاج جي ٻانهين پائجي، جيڪا چوڙيگر
پاڻ اچي چاڙهيندو هو. چوڙيون يا ٻانهين ڍڪڻ مهل
زال چادر ۾ ڍڪجي ويهندي هئي. رڳو پنهنجي ٻانهن ڪڍي
ڏيندي هئي ۽ اهڙي طرح چوڙيگر چوڙا چاڙهيندو هو.
ڪارائيءَ وارا تنگ چوڙا، ڏاڍن زورن سان مٿي
چاڙهيندا هئا، بعضي ته ٻانهون ڦٽجي پونديون هيون ۽
ڏنهن جا ڏينهن نه ڇٽنديون هيون. ٻيا سنڌي زيور،
زالون اڪثر پنهنجين ڇوڪرين جي ڪنن ۾ گهڻيون واليون
پائينديون هيون، جن لاءِ ننڍي هوندي هنن کي ڪنن ۾
ٽُنگ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ نڪ ۾ بولا وجهندا هئا،
ننڍڙين ڇوڪرين کي به ٻانهيون چاڙهائيندا هئا ۽
بانهن ۾ ڪنگڻ وجهندا هئا، تنهن کان سواءِ ڪارائي ۾
دستيون وجهندا هئا ۽ ٺونٺ وٽ به تعويذ ٻڌندا هئا.
مٿي تي وارن ۾ سڳيون ۽ چوٽي ڦُل ۽ ڳچي ۾ دُهري ۽
هار ۽ نڪ ۾ شاديءَ کان پوءِ نٿ هڪڙي پاسي، ته بولو
وچ ۾ پائيندا هئا ۽ نٿ جي جهلڻ لاءِ وري هڪڙي
موتين جي سر به هوندي هئي، جيڪا وارن ۾ اٽڪائبي
هئي. هٿ ۾ ڇلا ۽ منڊيون ۽ شادي کان پوءِ ويڙهه،
ٽنگن ۾ ڪڙيون، پازيب ۽ نورا جيڪي هلڻ مهل ڇمڪندا
هئا. ننڍين ڇوڪرين کي ۽ ٻين ٻارن کي گهنگهرو ٻڌبا
هئا، پيرن جي آڱرين ۾ مُنڊيون پونديون هيون.
اهي سڀ زيور هتي جون سڀ معزز توڙي عام زالون ڍڪينديون هيون.
اڪثر اهي زيور چانديءَ جا هوندا هئا، پر دُهري،
نٿ، بولو، هٿ جون مُنڊيون ۽ پنڙا وغيره سون مان
ٺهيل هوندا هئا.
زناني پوشاڪ ۽ زيورن ۾ سُڌارا
اها مٿين پوشاڪ ورهين جا ورهيه هلندي آئي. جڏهن آئون بمبئي ويس
۽ ممبئي ۾ آغا خان جي پُٽن – اڪبر شاهه ۽ ٻين جي
صحبت ۾ ايراني پوشاڪ، يعني ايراني ڪاري مُغلي ٽوپي
۽ ڪمر چين نموني لاءِ وٺي آيس ۽ ڍڪيم. مون کي ياد
آهي ته اها پهرين پوشاڪ سائي اطلس ڪمر چين جي ڍڪي
آئون ميرپورخاص ويو هوس ۽ اُٺ تي چڙهي، جو اُتي
ادو مرزا غلام رضا بيگ، مير شير محمد خان جي پُٽن
۽ ڏُهٽن جو ماستر مقرر ٿيل هو. ٻه ٽي ڏينهن گذاري
پوءِ موٽيس، اهو ڪمر چين، اها پتلون ۽ ايراني ٽوپي
سڀني کي پسند آئي. پوءِ ادي جن توڙي مامي مرزا علي
محمد بيگ مرحوم ۽ انهي جي پٽن جوڙائڻ شروع ڪيون.
ٽوپيون ته پاڻ پنهنجن هٿن سان نهايت عمديون جوڙي
سگهندا هئا ۽ ڪمر چين، درزين کان، مون واري نموني
تي سبائڻ لڳا. پوءِ ته انهي پوشاڪ جو اهڙو اچي
رواج پيو جو شهر جا درزي، ٻين ماڻهن کي به ٺاهي
ڏيڻ لڳا. ۽ مسلمان توڙي هندو عامل به اها ڍڪڻ لڳا.
ساڳئي وقت وچ وارين ڳچين سان پهراڻ به شروع ٿيا ۽
قميصون ۽ شلوارون به. انهي کان اڳي مڙس ماڻهو
سوڙهن پانچن سان سُٿڻون ڍڪيندا هئا ۽ ٻارن جي
طهورجڻ کان پوءِ نير ۾ رڱائي ڍڪيندا هئا، پر انهي
وقت کان پوءِ سُٿڻ جي بدران پائجامو يا ڪانچ
ايراني نموني تي ڍڪڻ لڳا ۽ مٿان پتلون.
ڪن ورهين کان پوءِ ايراني ٽوپين جي بدران تُرڪي ڳاڙهيون ٽوپيون،
ٽونئرن سان ۽ ڪمر چين جي بدران ڊگها ڪوٽ ڪم اچڻ
لڳا. پر اها پوشاڪ جي ڦير گهير منهنجي پُٺيان
ٿيندي هئي. يعني انهي پوشاڪ جي سُڌاري جو شروع
ڪندڙ آئون ئي هوندو هوس. ڪن ڏينهن کان پوءِ تُرڪي
ٽوپي جو ٽونئر ڇڏي، انهيءَ جي جاءِ تي چانديءَ جي
ڦُلڙي مون ڪم آندي، جيڪا اڃا آئون پيو ڪم آڻيندو
آهيان ۽ ٻيا به آڻيندا آهن. شادي ۾ مون کي اها
ڦلڙي، ڪنوارين کان سوني ملي ۽ پائجامو ريشم جو ۽
ڊگهو اڇو ڪوٽ ريشم جو ترڪي ٽوپي ملي هئي. ساڳئي
وقت ۾ سنڌي جتي به ڇڏي ڏني ويئي ۽ انگريزي بُوٽ،
شوز، ننڍا ۽ وڏا سليپر ڪم اچڻ لڳا، جيڪي اڃان
تائين ڪم پيا اچن، نير جون رڱيل سوٿڻيون به پوءِ
مون ڇڏي ڏنيون ۽ سُٿڻ توڙي پهراڻ به رڳو اڇا آڻبا
هئا، سي به مون ڇڏي ڏنا ۽ اڇا اڳٺ ڄاري جا يا ٻيا
ڪم ۾ آڻڻ لڳس، جيڪي ڪپڙن سان گڏ ڌوپڻ ويندا هئا،
نه ته اڳي اڳٺ ڌوٻيءَ ڏي ڌوپڻ لاءِ ويندا هئا.
هاڻي ته ڄاري واري اڳٺ جي بدران ٿُلهي ڦيٿ جهڙو
اڳٺ، جهڙو وڏن لاءِ تهڙو ٻارن لاءِ ڪم آڻيندا
آهيون.
زناني پوشاڪ ۾ سڌارو به مون ئي وڌو ۽ انهن سڌارن لاءِ مون رول
ٺاهيا، جيڪي اڃا اسان جي فيملي بڪ يا رجسٽر ۾
موجود آهن. زالن جو پهراڻ، جيڪو اڳي مٿي ٺونٺين
تائين ۽ هيٺ چيلهه تائين هو، سو مٿي ڪاراين تائين
۽ هيٺ چيلهه کان هيٺ ڀرو ڪيو ويو ۽ سٿڻ اها ئي
چوڙين سان سُوسين جي هلي آئي ۽ مٿان رئو به. ڳهن
جي نسبت ۾ پهريون سڌارو اهو ڪيو ويو ته نٿ ڇڏي،
ڦُلڙي وجهڻ لڳاسين، جيڪا رسم اسان جي گهرن ۾ پسند
اچي ويئي ۽ ڪنن ۾ پنڙن جي بدران ايرنگ يا درُ،
انگريزي نموني جا ڪم آڻڻ لڳاسين. اهي ٻيا به ڪم
آڻڻ لڳا. ٻانهين اصل ڇڏي ڏنسيسن، ۽ ٻيا زيور به،
سواءِ ڪنگڻن ۽ هٿ جي منڊين ۽ دُهري يا هار جي ڇڏي
ڏناسين. پيرن ۾ توڙا چانديءَ جا، اڃا به ڪم ايندا
هئا ۽ پيرن جون منڊيون اصل ڪڍي ڇڏيونسين. سنڌي
زناني جتي جي بدران ننڍا سليپر گهر لاءِ ۽ وڏا
سليپر ٻاهر لاءِ ڪم آڻڻ لڳاسين.
منهنجي پهرين شادي کانپوءِ جيڪو اسان سڌارو ڪيو سو هيءُ ته سنڌي
چوڙين وارين سُٿڻن جي بدران لهنگا، گائون وانگي ڪم
آنداسين. انهي جي اندران ڪانچن جهڙيون سُٿڻون به
ڍڪي سگهبيون هيون. پهراڻ، ڪارائي تائين ۽ چيلهه
کان هيٺ، انهي جي مٿان ساڙهي يا دوپٽو ۽ ڊگها
جوراب ۽ بوٽ يا وڏا سليپر ٻاهر وڃڻ لاءِ ۽ گهر ۾
ننڍا سليپر، اها پوشاڪ ٻين شادين کان پوءِ به آئون
پنهن جي گهر ۾ رکيو اچان ۽ انهي سان گڏ هندستاني
يا اردو ٻولي ڳالهائڻ جي به. پوءِ ته ڪنن جا
ايئرنگ به ڇڏي، رڳو سونا بٽڻ ڪم ۾ آنداسين ۽ پوءِ
ته پنهنجين ڌيئن جي ڪنن ۾ اڳي وانگر دُرن لاءِ به
ٽُنگ ڪڍڻ يا ڪن ٽوپائڻ بند ڪياسين؛ جيڪي دُر،
ٽُنگن ڪڍڻ يا ڪنن ٽوپائڻ کان سواءِ ڍڪي سگهبا آهن،
سي هاڻي ڪم آڻيندا آهيون. ٻارن کي نڪ ۾ ڪو زيور
پائڻ اصل بند ڪري ڇڏيوسين، پر وڏين زالن کي به
اڳتي نڪ ۾ ڦُلڙي وجهڻ به بند ڪري ڇڏي اٿئون.
منهنجي زال، گهڻن ڏينهن کان نڪ مان ڦلڙي لاهي ڇڏي
آهي. انهي لاءِ ته ٽنگ ميٽجي وڃي. اڳي نٿ، سُهاڳ
جي نشاني سمجهيل هئي ۽ نڪ مان نٿ لاهڻ، ڄڻ مڙس جي
مرڻ جي نشاني هئي؛ پر اسان اهي وسوسا، شيطاني
ڄاڻي، انهن جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيو. مٿي جيڪي ڪجهه
چيو ويو آهي، سو مون رڳو پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي
نسبت ۾ چيو آهي، اسان جي ٻين مائٽن لاءِ نه.
هندن ۽ ٻين ماڻهن جي پوشاڪ
اها ميرن جي ڏينهن واري مرداڻي يا زناني پوشاڪ، جنهن جو ذڪر مٿي
ڪيو ويو هو ۽ اُهي زيور، جيڪي زالن جا مٿي ڏنا ويا
آهن، سي هندو ماڻهو به ڪم آڻيندا هئا، خاص عامل
ماڻهو رڳو پهراڻ جي ڳچي، مسلمانن جي ابتڙ، کٻي
پاسي رکندا هئا ۽ ڪاري نير واري سُٿڻ نه ڍڪيندا
هئا. پوءِ قميص، ڪوٽن، پتلونن، بوٽن ۽ سليپرن جو
رواج انهن ۾ گهڻو دير سان پيو. واڻيا ماڻهو اصل
وانگر انگرکو، ڌوتي ۽ پڳڙي ٻڌندا آيا. انهن به
پوءِ به قميصون، ڪوٽ، پتلونون وغيره ڍڪڻ شروع ڪيون
سوبه ٻاهر لاءِ، گهر ۾ اهي ڌوتيون ڍڪيندا هئا.
عامل، ٽوپيون به پهرين سنڌي ڍڪيندا هئا. جيڪي پوءِ
ڇڏي ترڪي ڍڪڻ لڳا. تنهن کان پوءِ ايراني ڪاريون
ٽوپيون ۽ هاڻي ته انگريزي به ڍڪيندا آهن. خصوصا
سنڌورڪي، جيڪي ٻاهرين ولايتن ۾ ويندا آهن. هندن جو
زالون، اڃا به چوڙين واريون سُٿڻون ڍڪينديون آهن،
جيتوڻيڪ جوان زالون، بوٽ ڍڪينديون آهن ۽ ڇوڪريون
ڀريل ٽوپيون پارسين واريون ڍڪينديون آهن، ۽ ڪي
ٿوريون ڇوڪريون ۽ جوان زالون ساڙهي به ڍڪينديون
آهن. ٻاهر هلڻ مهل، هندن يعني عاملن جون زالون،
چادر يا اجرڪ ڍڪي، برقعو منهن تي وجهي ۽ پرو ڍڪي
هلنديون هيون ۽ اڃا به ايئن ڪنديون آهن، پر ٿورن
سالن کان چادر ۽ برقعي جي بدران چادري ڍڪينديون
آهن جنهن ۾ برقعو اصل لڳو پيو هوندو آهي انهي قسم
جو پردو، اصل مسلمانن جو هو، جيڪو هندو ماڻهو به
انهن کان سکيا، پر هاڻي ڪي انگريزي پڙهيل هندو،
پنهنجون زالون کلئي منهن وٺي گهمندا آهن. مسلمانن
۾ بروچ ماڻهو، اڃا به زالن کي گهگها ڍڪائيندا آهن
۽ مير صاحبن ۾ زالون، ٻروچڪا گهگها نه ٿيون ڍڪين،
پر شاديءَ ۽ ويم مهل، ڪنوار کي گهگهو ڍڪائينديون
آهن. اهڙو رواج، مير صاحبن جي پٺيان خود اسان ۾ به
هوندو هو. پر هاڻي اهو نڪري ويو آهي. ٽوپيون
ميراڻيون، هينئر مسلمانن مان به نڪري ويون آهن.
اهي اڪثر هاڻي ترڪي ٽوپيون يا پٽڪا ڪم ۾ آڻيندا
آهن ۽ سنڌي جتيون به اڪثر نڪري ويون آهن. انهن جي
جاءِ تي انگريزي شوز، بُوٽ ۽ سليپر يا گهيتلا ڪم
اچن ٿا.
رسمن ۽ دستورن جي نسبت ۾
شادي
پرڻي يا شادي جو رسمون، اڳي اسان ۾، مير صاحبن واريون
هونديون هيون. اڪثر سڱ بندي ننڍي هوندي کان مائٽ
ڪري ڇڏيندا هئا، بلڪ ڄمڻ سان نالي ڪري ڇڏيندا هئا.
گهوٽ جا مائٽ پوءِ عيدن يا وڏن ڏينهن تي شئي شڪل،
ڪپڙو گندي يا خرچي، ڪنوار يا ڇوڪري لاءِ پيا
موڪليندا هئا، جيسين وڃي شادي ٿئي. شادي، ننڍي عمر
۾ به ڪندا هئي پر اڪثر سامائجڻ تي مڱڻو شادي کان
گهڻا مهينا بلڪه سال کن اڳي ٿيندو هو ۽ پوءِ شادي
ٿيندي هئي. مڱڻي تي مٽ مائٽ گڏ ٿيندا هئا ۽ مٺائي
ورهائيندا هئا. ڪواريتا گهوٽ کان ڪپڙا ڍڪائيندا
هئا ۽ گهوٽيتيون زالون، ڪنوا جو وڃي نَڪ ٽوپي ۽
ڪپڙا ڍڪائي اينديون هيون. ورلي مڱڻي تي دهل به
وڄائيندا هئا. شاديءَ کان ٿورو اڳي گهوٽيتيون
زالون، ڪنوار کي وڃي ونهه ۾ ويهاري اينديون هيون ۽
آکيا چاڙهي، ويهاري ڇڏينديون هيون. ڪنوار کي اڪيلو
نڪرڻ نه ڏينديون هيون. هفتي کن جي اندر مقرر ٿيل
تاريخ تي وڃي ڪنوار کي ميندي لائينديون هيون.
کنبها وڳا ڍڪائينديون هيون، ڳانا ٻڌيون هيون ۽
ڪپڙا ڍڪائينديون هيون، ٻيون اڪثر سنڌي رسمون-
پاڻي ڀرڻ وغيره جون پوريون ڪنديو هيون. گهوٽ کي
سرگس گهمائڻ جون ۽ مسجد ۾ وٺي وڃڻ جون رسمون پڻ
پوريون ڪيون وينديو هيون، اڪثر ساري رات جاڳي، اسر
ڌاري نڪاح پڙهبو هو. نڪاح کان پوءِ گهوٽ کي مڙس
ماڻهو گڏجي اندر ڪنوار وٽ لائن ڏيارڻ لاءِ وٺي
ويندا هئا ۽ وچ ۾ ويهاڻو رکي پوءِ، ڪنوار جو ڪنڌ
انهي تي رکندا هئا ۽ ڪنوار جي هٿ مان گهوٽ کارڪ
ڇڌائيندو هو ڦل به چونڊائيندا هئا ۽ ڪنوار جو
منهن، مصحف ۾، ۽ آرسي ۾ گهوٽ کي ڏيکاريندا پوءِ
گهوٽ ۽ ڪنوار کي اڪيلو ڪمري ۾ ڇڏيندا هئا. انهن
رسمن ۾ دايُون ۽ حجامڻيون هٿ وجھنديون هيون ۽
گهورون به اهي کڻنديون هيون. لنگهاڻين کي به گهُور
ملندي هئي. ٻاهر مڙسن ۾ وري دايا حجام اهو ڪم ڪندا
هئا ۽ گهور کڻندا هئا، کهبي مهلم زالون هڪ ٻئي کي
کنبهو ۽ قيصر هڻي، ڪپڙا ڀڄائي خراب ڪري ڇڏينديون
هيون، جيئن هندو ماڻهو گلال وغيره هڻندا آهن. اڳي
اڪثر ڪڃريون به هونديون هيون ۽ اندر توڙي ٻاهر
نچنديون ڳائينديو هيون. شادي کانپوءِ مبارڪ ڏيڻ
لاءِ کدڙا، دايا، حجام ۽ لنگها ايندا هئا.
ساٽياڻيون ۽ قاصائڻيون يا اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي
زالون ڊوهڻا آڻينديون هيون ۽ پئسا وٺنديون هيون.
مون کي ياد آهي ته مامي مرزا غلام مرتضيٰ بيگ ۽ ادي مرزا غلام
رضا بيگ ۽ مامي مرزا محمد رحيم بيگ جي شادي تي
ڪڃريون نچيون هيون ۽ شادي جي سامان يعني ڪپڙن ۽
زيورن خريدڻ لاءِ بابو مرحوم، جهاز ۾ چڙهي بمبئي
ويو هو، تڏهن آگبوٽ ڪونه هئا ۽ ڪن مهينن کان پوءِ
پيدا ٿيا هئا. اسان جو نانو مرحوم بيمار هو. گهڻو
سامان بابي مرحوم پاڻ سان ممبئي مان آندو هو ۽
ڏاڍا پئسا خرچ ٿيا هئا- جهڙو شادي تي يعني کاڌي
پيتي، زيورن ۽ ڪپڙن لٽن تي تهڙو ماڻهن کي ڏيڻ وٺڻ
تي...........مَهر يا ڪَابَين، سئو ٻه مس ٻڌڻ ۾
ايندو هو، سو به نالي جو. نڪاح اڪثر آخوند محمد
شفيع پڙهندو هو. ادي مرزا علي قلي بيگ جي شاديءَ
جو نڪاح سو مامي مرزا علي محمد بيگ پڙهيو هو. ٻيا
پويان نڪاح ته شهر جي قاضي يا ٻين ماڻهن پڙهيا.
آغا صاحبن جو نڪاح، شيعن جي دستور موجب، اڪثر بابو
مرحوم وڃي پڙهندو هو ۽ گهوٽ طرفان قبالو لکي تيار
ڪري ڪنوار کي ڏيندو هو.
طُهر
ٻارن جو طهر به وڏي عمر ۾ ٿيندو هو، يعني ڏهن
ٻارهين ورهيه جي عمر ۾ مون کي ۽ پنهنجي ادي مرزا
علي قلي بيگ جو طُهر ياد آهي، جيڪو ادي غلام رضا
بيگ جي پهرين شاديءَ ڀيري ٿيو هو. ٻار کي ڳاڙهي
ڌوتي ٻڌائيندا هئا ۽ ڪاٺ جو چمٽو هٿ ۾ ڏيندا هئا.
طُهر تي به ايترو ئي خرچ ٿيندو هو، جيترو ڪنهن
شاديءَ تي ٿئي؛ بلڪه اڳي طهر تي به ڪڃريون
نچائيندا هئا، دُهل ۽ ڍولڪون وڄارائيندا هئا. |