محمد بن قاسم جڏهن سيسم جي ڪم کان واندو ٿيو تڏهن حجاج جو حڪم
پهتس ته: ٻيون سڀ جايو ڇڏي نيرون ڪوٽ ۾ موٽي اچ، ۽
مهراڻ ٽپڻ جي تجويز ڪري، ڏاهر جي جنگ ڏانهن رخ ڪر؛
۽ الله کان مدد گهرج ته توکي فتح ۽ ڪاميابي
بخشي....... محمد بن قاسم هي حُڪم پڙهي، سندس
مضمون کان واقف ٿي نيرون ڪوٽ موٽي آيو ۽ اچي خط
لکيائين.... پوءِ منزلون ڪاٽي اچي قلعي ۾لٿو، جو
نيرون ٽَڪر تي آهي؛ ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي،
جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن
جو چراگاهه اِرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي:
انهيءَ تلاءَ وٽ اچي منزل ڪيائين. ۽ حجاج بن يوسف
کي خط لکيائين.... جيئن ته امير حجاج جو حُڪم
پهتو، جنهن ۾ موٽي اچڻ جو اشارو ڪيل آهي، تنهنڪري
نيرون ٽَڪر واري قلعي ۾ موٽي اچڻ ٿيو، هيءُ قلعو
دارالخلافه کي وڌيڪ ويجهو آهي. اُميد ته الله جي
مدد، بادشاهه جي اعانت ۽ امير معظم جي بخت ياوريءَ
سان سنڌ جا سڀ مضبوط قلعا فتح ٿيندا، شهر ۽ خزانا
هٿ ايندا..... اسان هن وقت هڪ اهڙي قلعي جي پناهه
۾ رهيل آهيون، جيڪو سڪندر روميءَ جي ٻنڌ تي پڻ فخر
ٿو ڪري، پر اسان جو ڀروسو ۽ پناهه الله عزوجل تي
آهي........
حجاج پنهنجي خط ۾ لکيو: درياهه ٽِپڻ لاءِ اهڙي جڳهه اختيار ڪج
جتي پير کوڙي سگهين ۽ سنئون سڌو لنگهه هجي. پوءِ
جاچ جوچ ڪري اُتان لنگهجو، ۽ دورانديشي ۽
خبرداريءَ کي هٿان نه ڇڏج. لنگهڻ وقت لشڪر کي تيار
رکج، ۽ لشڪر جو ميمنه (سڄو)، ميسره (کٻو)، قلب
(وچ)، مقدمه (اڳ) ۽ ساقه (پڇاڙي) سڌو رکج. حجاج جو
خط پهتو ته محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ ۾ پهچڻ جي
خبر پهتي..... ۽ هن نجومين کان پڇيو: هينئر خبر
ٻُڌي ويئي آهي ته محمد بن قاسم ظاهر ٿيو آهي، ۽
قلعي نيرون جي ويجهو زبردست لشڪر سان لڙائي لاءِ
تيار بيٺو آهي. ٻُڌايو ته توهان کي نجوم ۽ تاريخن
جي ڪتابن مان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ ۽ وقت جي ستاري ۽
سال جي تقويم مان ڇاٿو نڪري؟ نجومين تعريف، وصف ۽
ثنا کان پوءِ عرض ڪيو: راجا سلامت رهي! گذريل
تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۽ جاماسپ حڪيم جي نجوم مان
ائين معلوم ٿيو آهي،ته ٻيانوي هجري ۾ نيرون جو
قلعو اسلامي لشڪر جي حوالي ٿيندو ۽ ٽيانوي هجري ۾
پورو سنڌ. هي قلعا جيڪي سڪندر جي ٻنڌ کان به وڌيڪ
مضبوط آهن، سي عربن جي ملڪيت ٿيندا، اها فتح محمد
بن قاسم هٿان ٿيندي ۽ اهو واعدو پورو ٿيندو.
پوءِ راجا ڏاهر، ڀنڊر کو شمني کي، جنهن جي سنڀال ۾ نيرون جو
قلعو هو، موڪليو ۽ چيو ته: توکي نيرون ڪوٽ ۾ وڃي
انهن جي احوال کان اسان کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. شمني
انهيءَ اشاري تي نيرون ڪوٽ آيو ۽ پنج سردار ساڻ
ڪري حجاج جا پروانا پاڻ سان کڻي عربن جي ڪئمپ ۾
محمد بن قاسم وٽ ويو..... جڏهن درخواست ۽ نذرانو
پيش ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم فرمايو: هن پرواني
جي حڪم جي پيروي ڪرڻي اٿم. پر تو لشڪر جي پهچڻ وقت
دروازو بند ڪيو هو، جنهن اسان تي وڏو اثر ڪيو.....
جڏهن توهان تابعداري ٿا ڪريو ته پوءِ قلعي جا
دروازا بند ڪرڻ ۽ لشڪر کي روڪڻ چڱو ڪم نه هو، جو
انهي ڪري لشڪر ۾ اناج اڻ لڀ ٿي ويو هو. اُتي شمني
معذرت ڪرڻ لڳو: جنهن صورت ۾ اسان جي ڪاروبار جون
مصلحتون راجا ڏاهر سان تعلق رکن ٿيون ۽ آءٌ هتي
حاضر ڪونه هئس، تنهنڪري توهان جي پهچڻ تي رعيت
متردد ٿي ۽ ڊني ته متان موٽڻ وقت قلعي وارن کي ڪو
نقصان پهچايو. هاڻي جڏهن آءٌ خدمت ۾ پهتو آهيان،
ته فرمانبرداريءَ ۽ اخلاق جو رستو بجاءِ آڻيندو
رهندس، ۽ جيڪا توهان جي مرضي هوندي انهيءَ موجب
عمل ڪندس.
پوءِ محمد بن قاسم، نيرون جي شمني کي سروپاءِ پهرائي عزت افزائي
ڪئي ۽ مٿس گهڻيون مهربانيون فرمائي کيس واپس ڪيو.
شمني موٽي وڃي قلعي جو دروازنو کولي، تحفظ ۽
سوکڙيون موڪليون، ۽ سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾
ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن ستارن جي بادشاهه جو جهنڊو
لاجوردي ڇت تي لهرائڻ لڳو، ته محمد بن قاسم گهوڙي
تي سوار ٿي مکيه ماڻهن ۽ بزرگن سان گڏجي قلعي ۾
آيو، ۽ بتڪده جي جاءِ تي مسجد ٺهرائي انهيءَ ۾ ٻه
رڪعتون نفل پڙهيائين. تنهن کان پوءِ ذهل جي قبيلي
۽ اهل بصره مان هڪ ماڻهو اُتي نائب مقرر
ڪيائين....... هوڏانهن محمد بن قاسم، راجا ڏاهر
سان مقابلي ڪرڻ واسطي، درياهه ٽپڻ جو پڪو ارادو
ڪرڻ کانپوءِ ، قلعي نيرون جي سردار شمني ميگهڌنيه
کي فرمايائين ته رستي تي اَناج ۽ گاهه موجود رکي،
متان لشڪر کي اُن جو احتياج پوي.(5)
مير علي شير قانع
حيدرآباد جي تاريخ ۽ شخصيتون
نيرون ڪوٽ جو نالو اصل سنڌ جي هڪ راجا نيرون ڏانهن منسوب آهي.
ديول وٽ بُديل جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ، هتان جي حاڪم،
جنهن جو نالو شمني هو، پاڻ ئي حجاج وٽ پناهه وٺي،
تابعداري قبول ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيو هو. ۽ جڏهن
سُتت ئي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آيو ديول
فتح ڪري، هيڏانهن (نيرون ڪوٽ) ڏانهن رخ رکيائين،
تڏهن انهي امان جي دستاويز جي ذريعي، محمد بن قاسم
جي حاضري جو شرف حاصل ڪري، مددگار بڻيو. هن ملڪ جو
هڪ جهونو ناليرو قلعو آهي. جيڪو گهڻي وقت کان ڊهي
ويو هو ۽ سندس شهرت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي.
1182هجري ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جاءِکي
پنهنجي خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي، مضبوط قلعي ۽
شاندار شهر جو بنياد رکيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان، جيئن ته هن کان اڳ، مهيني ذوالقعد
1182 هجري ۾، نيرون ڪوٽ- جيڪو هڪ مضبوط جبل آهي-
جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي،
تنهنڪري حيدرآباد جو مضبوط قلعو 1182 هجري ۾ جُڙي
راس ٿيو، ۽ مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکيو ويو. قلعي جي
سامهون سامهون ٽَڪر جي مٿان شهر اڏائي رعيت کي
قلعي جي حفاظت ۾ رهايائون. ذوالحج مهيني ۾ ديري
کان موٽڻ تي اچي انهيءَ قلعي ۾ رهيا.
ڪن لاشن جي نڪرڻ وقت ماڻهن کي ڪي عجائبات ڏسڻ ۾ آيا. هتي سُتل
ڪيترن بزرگن، جن کي فوت ٿئي سوين سال گذري ويا
هئا. جا لاش بلڪل صحيح سلامت نڪتا. انهن مئلن مان
هڪ زال ۽ مرد پراڻين قبرن مان اهڙا ته تازا نڪتا
جو ڄڻ ته جيئرا هجن. چون ٿا ته اُهي هڪٻئي جا عاشق
معشوق هئا. نئين قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد مقرر
ٿيو. قلعي جي مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! واقعي هن
کان اڳ سنڌ ۾ ههڙو قلعو ڪو ورلي لڀندو هوندو. هتي
جي بزرگن ۾ هيٺيان ماڻهو شامل آهن:
شيخ مڪائي (شاهه مڪئي): هڪ وڏي ۾ وڏو ولي ۽ پهريون عرب حاڪم
آهي، جيڪو سنڌ فتح کانپوءِ هتي حڪومت ڪرڻ ويٺو.
سندس درگاهه الله جي ولين ۽ الله جي معرفت وارن جي
زيارتگاهه ۽ مرجع آهي.
شاهه بخاري: شاهه بخاري پڻ مٿئين شهر کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ
برڪت ڀري درگاهه ۽ زيارتين جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي!
گنجي ٽڪر تي آرامي بزرگ
هن ٽَڪر کي ”گنجو- ولين جو مَنجو“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو
آهي. جيئن ته انهن سڀني جي احوال جي معلومات
ناممڪن آهي. تنهنڪري جيڪي هٿ آيو سو تبرڪا لکجي
ٿو.
شيخ ڀريو ويرداس: هڪڙو موحد مجذوب، وجد ۽ مستيءَ جي راهه جو
سالڪ هو. اصل ۾ برهمڻ هو. هميشه جهنگلن ۽ جبلن ۾
ڳائيندو ۽ جهنگلي جانورن سان گذاريندو هو. آدمين
کان ٽَهندو هو. پوئين وقت ۾ اچي گنجي ٽڪر جي دامن
تي رهيو. ماڻهو هڪڙو هڪڙو ٿي سندس زيارت تي ويندا
هئا ۽ هو هر هڪ جو دلي مطلب، ٻڌائڻ کان سواءِ
معلوم ڪري، شافي جواب ڏيندو هو. ’حديقة الاولياء‘
جي مصنف روايت ڪئي آهي ته مان سندس خدمت ۾ حاضر
ٿيو هوس. هو هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو. دل ۾ خيال
آيم ته خبر ناهي اهو بيت سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو.
منهنجي پُڇڻ کان سواءِ ئي چيائين ته هي بيت اسحاق
لوهر جو آهي. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون دل ۾ آندم ۽
جواب ورتم.
نقل آهي ته هڪ ماڻهو سندس زيارت لاءِ ويو ۽ هو بکيو هو. چيائينس
ته فلاڻي ٿوهر جي وڻ وٽ رکيل ديڳڙي کڻي اچي چُلهه
تي رک. هن ائين ڪيو ته پٿرين جي مُٺ انهي ۾ وجهي
ڍڪڻ ڏيئي ڇڏيائين.ايتري ۾ جهنگل مان هرڻين جو ولر
آيو. انهن مان کير ڏڌائين ۽ ديڳڙي مان عمدو طعام
ڪڍي هن کي کارايائين. سندس وفات 903 هجري ۾ ٿي ۽
سندس قبر گنجي ٽڪر جي دامن ۾ آهي.
درويش بديڻ: درويش بديڻ ولد راهو سنڌ جو هڪ ڪامل مشائخ، گنجي تي
آرامي آهي، گهڻيئي مالدار اولاد ڇڏي ويو آهي. جيڪي
انهي بزرگ جي برڪت سان ڪنهن ڌنڌي ۽ پوک پلاهه بنا
چڱيءَ طرح گذاري رهيا آهن ۽ پير جي دعا سان وٽانئن
کير ڪونه کُٽندو آهي.
درويش ڇتو: درويش بديڻ جي اولاد مان درويش ڇتو، وڏين ڪرامتن جو
ڌڻي، مٿئين درويشن جو جانشين ٿيو، هاڻي سندس پٽ
موليڏنو انهيءَ جو گادي نشين آهي.
نهال شاهه مداري: متاخرن ۾ هڪ وڏو ڪامل ولي آهي.
هو ويجهڙائيءَ ۾ وڏن مناقبن سان موصوف ۽ طالبن جي
مرادن جو مرڪز هو. |