سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :68

 مير ته اڳيئي جنگ جو ميدان ڇڏي، حيدرآباد ڀڄي ويا هئا، پر تنهن هوندي به اتي ڪيترائي بهادر ماڻهو ڏٺا ويا، جن نهايت دليري سان مقابلو ڪيو. برطانوي فوجن مان جن سندن پٺ وٺي کين قتل ٿي ڪيو، اهي پاڻ به مارجي ٿي ويا. ڪئپٽن جيڪب جو گهوڙو سندن هٿان مارجي ويو هو. تنهنڪري هن ليفٽيننٽ فٽز گرالڊ کي سنڌي فوج جي پويان وڃڻ جو حڪم ڏنو. ٿورو اڳتي وڃڻ کان پوءِ هن کي سنڌي سپاهين جي هڪ وڏي جماعت ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جنگ ۾ حصو نه ورتو هو. تنهنڪري هو واپس موٽي آيو. سنڌي گهوڙي سوار فوج ان وقت اسان جي سامان جي بچاءَ تي مامور ڪيو ويو ۽ بنگال جي گهوڙي سوارن جي هڪ جٿي وري سنڌي فوج جي ڪئمپ تي قبضو ڪري ورتو. پر پوءِ جنرل جي حڪم ملڻ تي ڪئمپ کي باهه ڏيئي ساڙي خالي ڪيو ويو.

برطانوي فوج جڏهن هڪ بجي ڦليليءَ کي پار ڪيو، تنهن وقت جنگ ختم ٿي چڪي هئي، پر اڃا فائر ختم ڪونه ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته سنڌي فوج جا ڪيترائي ماڻهو اڃان هيڏانهن هوڏانهن پئي ڀٽڪيا. جيسين برطانوي توبون اُڪاري ٻي ڀر ٿياسين، ۽ ڳوٺ ۾ پڻ ٻن مورچن وغيره مان سنڌي فوج کي ماري ڀڄايوسين، تيسين اُهي تڪليف ڏيندا رهيا. جنرل پنهنجي ڪئمپ جنگ واري ميدان ۾ لڳائي ۽ سامان سڙو به وچ ۾ ڇڏيو ويو هو ۽ سپاهي به اتي ئي سمهي پيا.

اهڙيءَ طرح اهو ڏينهن ختم ٿيو. ڀانئجي ٿو ته سنڌي سپاهين انهيءَ ڏينهن جيڪا بهادري ڏيکاري هئي، سان هنن ڪا ورلي ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏيکاري هجي. يورپي به بهادريءَ ۽ عزم سان اڳتي وڌندا رهيا.

جنگ ۾ ٿورڙي فوج جي استعمال ڪرڻ سان وڏو نقصان ٿيو؛ يعني ته ٻاهٺ مارجي ويا ۽ هڪ سو چورانوي زخمي ٿيا، جنهن ۾ اڻويهه آفيسر هئا. ڇهه آفيسر مئا ۽ تيرنهن زخمي ٿيا.“ گهوڙا ته ڏاڍا مارجي ويا هئا ۽ ٻنهي طرفن انهن جو ڏاڍو ڳرو نقصان ٿيو. سنڌي فوج جي گهوڙيسوار ته ڏاڍا مارجي ويا هئا. سنڌي فوج جي گهُوڙيسوار فوج ڪا گهٽ ڪانه هئي، پر هُنن گهُوڙن تان لهي گهوڙن کي بچاءُ خاطر اڳيان قطاري بيهاريو هو ته جيئن گولا ۽ فائر انهن کي لڳن. سنڌي فوج جا چار سئو ماڻهو سپاهي ته رڳو ڦليليءَ ڀڏي ۾ مئل ڇڏيا، ۽ اوترائي ٻاهر ميدان ۽ شڪارگاهه ۾ مئل پيا هئا، جيڪي برطانوي توبخاني جي فائرن ۽ گهوڙي سوار فوج جي هٿان مارجي ويا هئا. ڪن خاص حالتن کان سواءِ جنهن ۾ امان ڏني ئي ويئي. جيئن ته امان ڪانه ٿي ڏني ويئي. تنهنڪري سنڌي فوجن نهايت بيجگريءَ سان مقابلو ٿي ڪيو. تنهنڪري برطانوي فوجن لاءِ اهو به ناممڪن هو ته کين جيئرو ڇڏيو وڃي.

سنڌي فوج سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويئي. تنهنڪري چئي نٿو سگهجي ته جيڪي زخمي ٿي ڀڳا هئا، انهن جو انگ ڪيترو هو. پر ڀائنجي ٿو ته اهو مئلن جي انگ کان وڌيڪ هوندو. سنڌي فوج سندن مارجي ويل ماڻهن جو انگ تمام وڌيڪ ٻڌائين ٿا، پر اهو اجايو وڌاءُ آهي. ٻروچن جو نقصان انگريزن جي نقصان جي ڇهوڻ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪونه هو، جيڪو حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ڇيهو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن فوجن جي بيهڪ جنگ جي ميدان ۾ نهايت فائديمند پوزيشن تي هئي. گڏوگڏ هنن جي فوج به تمام گهڻي هئي، ساڳئي وقت منظم به هئي، اها ثابتي اسان کي سندن فائرن مان ملي ٿي جيڪي انهن تڪڙا ۽ نهايت برجستا ڪيا هئا.

سنڌي فوج جو سڄو توبخانو جنهن جو انگ پندرهن هو، سندن جهنڊو، بارود، تنبو ۽ ڪجهه خزانو برطانوي فوجن جي هٿ اچي ويو، جنگ جا پهريان نتيجا اهم ثابت ٿيا. ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڇهن اميرن اچي پاڻ کي قيد ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ حيدرآباد تي قبضو ڪيو ويو. حيدرآباد تي 21 تاريخ تي ميجر آئوٽرام جي وڃڻ کان پوءِ قبضو ڪيو ويو. چون ٿا ته قلعي ۾ ويهن لکن جو خزانو پيل هو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خزاني جو وڏو حصو پاسيرو پيل ٿو ڀائنجي، برطانوي فوجن کي جيڪو خزانو هٿ آيو سو انهي خزاني جي چوٿين پتي مس هو. ڏکڻ سنڌ کي پوءِ برطانيا جي سلطنت جو هڪ علائقو قرار ڏنو ويو.

 

مير نصير خان جو بيان

مير ڪرم علي خان جي وفات کانپوءِ منهنجو پيءَ مراد علي تخت تي ويٺو. اسان جي تخت نشين ٿيڻ کان ٿورو پوءِ ڪرنل هينري پاٽنجر اسان ڏانهن اهو ساڳيو ٺاهه بحال ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيڪو اسان جي عزت ماب پيءَ مراد علي ۽ گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ جي وچ ۾ ٿيو هو. انهي ٺاهه مطابق اسان جي  والد مراد علي خان انگريزن کي پڻ ڪمپني جي واپارين کي واپار لاءِ اچ وڃ جون سهولتون ڏنيون، اهڙي موڪل ڏيارڻ ۾ سچ پڇو ته اهڙي ٺاهه ڪرائڻ ۾ منهنجو وڏو هٿ هو،ڇا ڪاڻ ته مون ئي پنهنجي پيءُ ( مراد علي ) تي اثر وجھي اها اجازت ڏياري هئي. جڏهن ڪرنل پاٽنچر حيدرآباد ۾ گورنر جنرل پاران اهڙي  اجازت وٺڻ آيو هو، تڏهن منهنجو والد  اهڙي موڪل ڏيڻ کان نٽائي رهيو هو.پر منهنجي زور رکڻ تي  هن اهڙي اجازت ڏني.گڏو گڏ جڏهن سر اليگزينڊر برنس، لاهور وڃڻ لاءِ منهنجي پيءُ کي لکيو هو تڏهن به مون ئي پيءُ کي راضي ڪري کيس اکر سفر ڪرڻ جي اجازت ڏياري هئي. پر افسوس  اهو آهي ته جيتوڻيڪ  مون انگريز سرڪار  لاءِ  پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري کين سهوليتون  ڏياريون، پر مون سان  نهايت اڍنگو رويو رکيو ويو.

ڪرنل پاٽنجر جڏهن ٺاهه ڪرڻ لاءِ آيو هو ته تڏهن هن منهنجي والد مراد علي خان جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو هو، پوءِ هو ڪڇ هليو ويو ۽ گورنر جنرل لارڊ  آڪلنڊ  جي مهر سان هڪ خط اسان ڏانهن ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ لکيل هو هونر جنرل اسان ميرن کي پنهنجو دوست  ٿو تصور ڪري  ۽ ڪڏهن به ڪنهن سبب يا عذر جي ڪري اسان جي ملڪ يا حڪومت سنڌ تي بُري نظر نه وجهندو، اهو خط ڏسي اسان جي دل کي يقين ٿيو ته انگريز اسان سان ڪڏهن به نه کؤسندا. ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جو ذري جيترو به شڪ دل ۾ نه رهيو. انهي يقين سبب اسين اهو محسوس نه ڪري سگهياسين، ته قسمت جي قلم اسان جي نرڙ تي ڇا لکيو آهي.

انهي کان پوءِ اسان ميرن هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ انهي ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته انگريز حڪومت جو هڪ وڪيل يا سفير اچي اسان جي درٻار ۾ رهي. انهي ڏس ۾ اسان سر هينري پاٽنجر کي به لکيو، جنهن جواب ڏنو ته هو اسان وٽ سفير رکڻ جي ڪابه گهُرج محسوس نٿو ڪري. پر ان هوندي به هو اسان جي انهي خواهش کي گورنر جنرل جي ڄاڻ لاءِ سندس اڳيان رکندو ۽ انهيءَ جو سربستو احوال ڏياري موڪليندو.

ٿورو پوءِ ڪرنل اسان ميرن سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اسان وڏي خوشي سان سندس اها عرضداشت قبول ڪئي ۽ پنهنجي درٻار جا امير ڏياري موڪليا، جي کيس عزت ۽ احترام سان وٺي آيا. ملاقات جي هلندي ڪرنل اسان کي چيو ته انگريز فوج کي ڪابل جي مهم تي وڃڻ لاءِ ان کي درياهه ۽ پڻ خشڪي جي رستي لنگهڻ جي اجازت ڏني وڃي. جڏهن انهي ڳالهه جي ميرن ۽ سڀني سردارن کي خبر پئي تڏهن سڀني گڏجي ان جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته انگريزن کي ننڍين ننڍين سهوليتن ڏيڻ سان هو پاڻ کي ڪنهن وڏي آزار ۾ وجهي ڇڏيندا. پر جيئن ته اسين دل جا صاف ماڻهو آهيون، ۽ هر ڪنهن کي اهڙو ئي سمجهون ٿا، تنهنڪري مون ۽ منهنجي ڀاءُ، ڪرنل پاٽنجر جي انهي گذارش کي قبول ڪيو ۽ ٻروچن کي به گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ مس مس راضي ڪيوسون. انهي اجازت ڏيڻ وقت اسان ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع ڏنو ته اها اجازت اسان وڏي ڏکيائي کان پوءِ ڏيئي سگهيا آهيون. اجازت ملڻ کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد مان هليو ويو ۽ هن درياهه جي ڪپ تي ڪئمپ لڳائي، انگريز فوج کي بمبئي مان ڪابل ڏانهن سنڌ جي رستي وڃڻ جو حڪم ڏنو. انهي اجازت ڏيڻ جي ڪري اسان تي ڏاڍي نڪته چيني ٿي. ۽ اسان ماڻهن جا ڪيترائي ڏوراپا سٺا. اهو انهيءَ ڪري جو اسان اها اجازت پنهنجي ملڪي ماڻهن جي مرضي خلاف ڏني هئي. اسان اها اجازت انهي ڪري ڏني هئي، ته انگريز سرڪار اسان تي ڪنهن به طرف کان ٿيل اڳرائي کان وقت سر مدد ڪندي. پر آزمودي ڏيکاري ڇڏيو ته جيڪي اسان سوچيو هو، انهي جي بلڪل ابتڙ ٿيو. انگريزن جي فوج جڏهن باري گارا وٽ پهتي، تڏهن اسان کي چيو ويو ته رڳو رسد جو سامان پهچايون، پر ان سان گڏ اسٽيمرن لاءِ ٻرندڙ ڪاٺيون به رسايون. ڪهڙي طرح اُهي شيون مون انگريزن کي رسايون، انهي جو هتي ذڪر ڪرڻ فضول آهي. انهي ضرورت وقت آئون جيڪو انگريزن سان وهيس اهڙو ڪوبه ڏيهي حاڪم نه وهيو هوندو.

انگريزن جي فوج جڏهن حيدرآباد کان چوڏهن ڪوهه پري جهرڪن وٽ ڪئمپ هنئي، تڏهن سرجان ڪئن ٺاهه ۾ ڏنل فقرن جي خلاف ورزي ڪندي، اسان کان فوج جو خرچ ايڪيهه لک رپيا جنس ۾ اوڳاڙن جي طلب ڪئي، ۽ پڻ ٽي لک ساليانو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. انگريزن وٽ اها ڳالهه عام رهي آهي ته هو پنهنجي ٺاهن ۾ اهو فقرو ضرور شامل ڪندا هئا ته، اهو ”هڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهي تائين رهندو.“ پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ٺاهه جو مُدو پنهنجي مرضي ۽ سولائي خاطر وڌائيندا ۽ گهٽائيندا رهيا آهن. اُهو ئي سبب آهي جو اسان کي انهيءَ جو نهايت اُگرو نتيجو ڀوڳڻو پيو.

انهي کان پوءِ هڪ نئون ٺاهه منهنجي صحيحي لاءِ موڪليو ويو، جنهن ۾ چوويهه فقرا هئا، انهي کي به مون قبول ڪيو. پر اڃا منهنجي صحيحي ۾ استعمال ڪيل مس سُڪي ئي ڪانه هئي ته ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر پنهنجي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ منهنجي منظوري لاءِ هڪ ٻيو ٺاهه ڏياري موڪليائين. انهي ٺاهه جا شرط نهايت ڪريل هئا ۽ انهن کي قبول ڪرڻ ۾ اسان جي پڄاڻي هئي. تنهنڪري اسان هڪ وڪيل سکر ڏانهن ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جيئن هو کيس سڄو مامرو وڃي سمجهائي. پر هُن ڪا ڳالهه ڪانه ٻڌي ۽ صاف طور چيائين ته هو ڳالهيون ڪرڻ ڪونه آيو آهي. هو رڳو لارڊ ايلنبرو جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ آيو، ۽ جيڪڏهن اسان انهي ٺاهه جي شرطن کي قبول نه ڪيو، ته پوءِ هو برباديءَ جي باهه ٻاري ڏيندو. هُن پوءِ سکر وٽ ندي اُڪري لاهوريءَ وٽ ڪئمپ هنئي ۽ خيرپور جي رئيس مير رستم خان کان حڪومت تان هٿ کڻائڻ جي گهُر ڪئي. نيپيئر کيس اهو به دڙڪو ڏياري موڪليو ته جيڪڏهن هن ايئن نه ڪيو ته پوءِ پاڻ صبح جو خيرپور تي حملو ڪندو. هُن پڻ سندس خانگي رهائشگاهه تي فوجين جي حملي جو به ڪو جواب ڪونه ڏنو. مير رستم خان، ويچارو پير مرد ۽ ڪمزور ۽ بي يارو مددگار هو، تنهن ڏٺو ته خبر نه آهي ته ڇا ٿئي، سو خيرپور ڇڏي بائجيءَ هليو ويو ۽ اُتان ناري کان ٿيندو وڃي ڪاٺوڙيءَ کان نڪتو. سندس ڏوهه رڳو اهو هو ته انگريزن جي فوجي ٽپال مان هڪ خط گم ٿي ويو هو ۽ اهو شڪ ڪيو ويو ته ڪنهن بدمعاش چورايو آهي. سرچارلس نيپيئر انهيءَ تي مير رسم خان کي انهي چور جي ٻانهن گهُري. پر جيئن ته مير رستم خان ڪشف جو علم ڪونه ڄاڻندو هو، تنهنڪري انهي نامعلوم ڏوهاري کي پيش ڪري نه سگهيو. ميجر جنرل انهي تي کيس حڪومت ڪرڻ جو لائق نه سمجهي، کيس سندس حڪومت مان ڊوڙائي ڪڍيو. مير رستم خان جي منٿن ۽ ايلازن سر چارلس نيپيئر تي ڪوبه اثر نه ڪيو. تنهنڪري هُن رڳو هڪ سهاري سارو حيدرآباد جو رخ رکيو، ته من اتي سندس معاملو طئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميجر جنرل پاڻ به ته حيدرآباد ڏي اچي رهيو هو.

اسان ميجر جنرل جو دشمني وارو رويو ڏسي ميجر آئوٽرام کي انهي تفصيل کان واقف ڪيو. ميجر آئوٽرام انهي تي يڪدم خيرپور کان حيدرآباد پهتو ۽ اسان کي اطلاع ڏنائين ته جيسين اسين هن ٺاهه تي، جيڪو ميجر جنرل اسان کي موڪليو آهي، صحيحون نه ڪنداسين، تيسين اسان ڪابه ڳالهه نه ٻُڌي ويندي. اسان نيٺ ميجر جي اها خواهش به پوري ڪئي. هو اسان وٽ نائين فيبروري تي وري آيو ۽ اسان جون ڳالهيون ٻڌي چيائين، ته هو اسان وٽ هڪ يورپي موڪلي رهيو آهي، جنهن کي هڪ تکي اُٺ تي چاڙهي، سرچارلس نيپيئر ڏانهن موڪلجي، ته جيئن پنهنجن فوجن جي اڳرائي کي روڪي. اسان به ايئن ڪيو. پر يارهين فيبروري جو اُهي اٺ سوار جيڪي انهي يورپي سان گڏجي ويا هئا، سي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته انهي يورپي جي پهچڻ کانپوءِ سرچارلس نيپيئر ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ حيدرآباد ڏانهن پيو اچي. اسان اها خبر به ميجر آئوٽرام کي پهچائي ڏني. جو هڪدم اچي اسان سان قلعي ۾ مليو، ۽ قسم تي ويساهه ته سرچارلس نيپيئر جي اسان ميرن سان ڪا دشمني ڪانهي ۽ اسان جيڪڏهن انهيءَ ٺاهه تي سيل مُهر هڻنداسين ته هو واپس هليو ويندو. مون جڏهن اهو ٺاهه کيس سيل مُهر ڪري ڏنو، تڏهن هُن چيو ته، ”هاڻي دلجاءِ ڪريو، آئون هڪدم هي ٺاهه سرچارلس نيپيئر ڏانهن پنهنجي طرفان هڪ خط سميت  ڏياري موڪليان ٿو، مون کي پڪ آهي ته انهيءَ جي ملڻ سان هڪدم واپس هليو ويندو.“

ميجر انهي تي هڪ خط انهي ٺاهه سان گڏي ڏنو ۽ مون اهو هڪدم هڪ اوٺي سوار جي هٿان سر چارلس نيپيئر ڏانهن ڏياري موڪليو. چوڏهين تاريخ تي اهو اوٺي سوار به واپس موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته انهي خط به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. مون انهيءَ تي بنا ڪنهن دير جي اها خبر ميجر آئوٽرام کي پهچائي، پر هُن انهيءَ تي ڪوبه وڌيڪ خيال ڪونه ڏيکاريو. انهي روش تي سنڌي سپاهي بگڙي پيا، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪري ئي هنن انگريزن کي سندن ملڪ مان، ڪابل جي مهم وقت رستو ڏنو هو، منهنجي ڪري هنن انگريزن کي ايڪيهه لک رپيا خرچ طور ۽ ٽي لک رپيا ساليانو ڏيڻ به قبول ڪيو هو، ۽ آخر ۾ جڏهن انگريزن پهرين ، ٻئي ۽ ٽئين ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي، تڏهن به اُهي ماٺ رهيا. پر جڏهن ڏٺائون ته هيترين رعايتن ۽ لحاظ کانپوءِ به انگريز دشمنيءَ تي ڪمرڪشي بيٺو آهي، تڏهن سندن ڪاوڙ دٻجي نه سگهي، ۽ هو چريا ٿي پيا ۽ منهنجي حڪمن جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيائون.

کين جڏهن اها خبر پيئي ته سرچارلس نيپيئر، حيات خان کي قيد ڪيو آهي، تڏهن هنن اهو وچن ڪيو ته انهيءَ جو پلاند ميجر آئوٽرام کان ورتو وڃي. جڏهن مون اهو ٻڌو، تڏهن جهان خان ۽ حاجي غلام محمد کي ٻارهن هٿياربند ماڻهن سان ميجر آئوٽرام جي همراهه ڏياري موڪليم، ته متان بگڙيل سنڌي سپاهي مٿس حملو نه ڪري ڏين، ۽ هو کيس حفاظت سان سندس ماڳ تائين پهچائي اچن. اهڙي طرح کيس تمام سٺي نموني ۾ سندس ڪوارٽرن تائين پهچايو ويو. جيتوڻيڪ ان وقت سنڌي سپاهين جا ڪي جٿا کانئس وير وٺڻ جي ارادي سان هيڏانهن هوڏانهن پئي وڙڪيا. آخر ۾ جڏهن مون کي اها خبر پئي ته سنڌي سپاهي ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪرڻ وارا آهن. تڏهن مون وقت تي اها خبر ميجر آئوٽرام تائين پهچائي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ميجر کي اها خبر وقاتئاتي  نه پهچي ها ته پوءِ کيس جان جو وڏو جوکو هو. انهن مثالن مان ئي منهنجي انگريزن ڏانهن نيڪ نيتي پوريءَ طرح پڌري ٿيل آهي.

14- تاريخ اٺ سوار واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته سرچارلس نيپيئر ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪندي، جنگ جي نيت سان حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌي رهيو آهي. انهي تي سنڌي سپاهي جن جو انگ چار پنج هزار هو، سي سندس حملي کي روڪڻ لاءِ حيدرآباد کان ٻاهر نڪتا. مون جڏهن اهو ٻڌو تڏهن سندن پٺيان ويس ۽ کين سمجهايم ته انگريز ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندا ۽ سر چارلس نيپيئر ڪڏهن به هڪ دوست ملڪ تي اهڙي طرح حملو نه ڪندو. آئون پاڻ به ساڻن گڏ هوس.

اسان کي جنگ ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو، جيڪڏهن منهنجو اهڙو ارادو هجي ها ته پوءِ آئون شروعات کان وٺي اهڙو قدم کڻان ها، آخري وقت تائين ڪونه ترسان ها. انهيءَ صورتحال مان پڻ منهنجي بيگناهي ثابت ٿي ٿئي.  ٻه راتيون ۽ هڪ ڏينهن جي سمجهائڻ کانپوءِ مس مس سنڌي سپاهي انهي ڳالهه تي راضي ٿيا، ته هو وڙهندا ڪونه. پر جيئن ته انگريزن جون فوجون اڳرائي ڪري وڌي رهيون هيون، تنهنڪري هو ميدان ڪونه ڇڏيندا. هو انهيءَ ڳالهه تي به راضي ٿيا ته سرچارلس نيپيئر ڏانهن هڪ وڪيل موڪلي کيس آگاهه ڪجي ته اسين اڃان تائين انگريزن جا دوست آهيون.

ٽئين ڏينهن پرهه ڦُٽي جو جنرل سر چارلس نيپيئر جي فوجن اسان جي مٿان توبون ڇوڙي گولن جا وسڪارا ڪري ڏنا. سنڌي سپاهين به لاچار جواب ۾ توبون هلايون. اسان جي طرف هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻيا ٽڙي پکڙي ويا. آئون ميدان تي رڳو ارڙهن ماڻهن سان وڃي رهيس. پر جڏهن مون ڏٺو ته سڀ ڀڄي ويا آهن ۽ انگريز به ظلم ۽ تشدد تي سندرو ٻڌيو بيٺو آهي، تڏهن آئون حيدرآباد واپس هليو ويس.

حالتن کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. منهنجا پنهنجا ماڻهو مون کي ڇنبي رهيا هئا: انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن آئون شروعات کان وٺي انگريزن کي سنڌ مان لنگهڻ نه ڏيان ها، ته جيڪر هيءُ ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها. جيڪڏهن مون کي انگريزن سان وڙهڻو هجي ها، ته پوءِ آئون حيدرآباد ڇڏي جبلن ۾ هليو وڃان ها. ۽ فوجون گڏ ڪري ساڻن جنگ جوٽيان ها، پر مون کي دل ۾ اهڙو ڪوبه خيال ڪونه هو. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي ڏينهن آئون پاڻ انگريز ڪيمپ ۾ هليو ويس ۽ پنهنجي تلوار جنرل سرچارلس نيپيئر کي پيش ڪيم ۽ چيومانس ته، ”تو مون سان ڇو جنگ ڪئي آهي. جڏهن ته مان تنهنجو سڀ ڪو چوڻ مڃيندو آيس.“ جنرل مون کي تلوار واپس ڪندي کلي چيو ته، ”پريشان نه ٿيءُ. پنجويهن ڏينهن اندر تنهنجي مامري جو فيصلو ڪيو ويندو.“ ۽ وڌيڪ چيائين ته، ”فوجن کي واپس ڪري ڇڏ ۽ مير رستم خان کي گهرائي وٺ. مون کي ساڻس ملڻو آهي.“

مون فوجن کي هٿيار کولي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ مير رستم خان به اچي حيدرآباد پهتو. مون سان گڏ کيس ۽ پڻ مير شهدادخان کي قيد ڪيو ويو. سرچارلس نيپيئر، ميجر ريڊ ۽ ٻين انگريزن کي انهي بهاني سان قلعي ۾ موڪليو ته اُهي قلعي جو معائنو ڪندا. سياڻا ماڻهو جڏهن اها خبر ٻڌندا تڏهن اچرج ۽ افسوس وچان ڏندين آڱريون اچي ويندن. قلعي کي ڏسڻ جي بهاني تي هنن مٿس قبضو ڪري ورتو، ۽ اهڙي طرح ته ڦرلٽ ۽ تباهي مچائي ڏنائون، جو سپاهين جي ٻانهن هيٺان هيرا ۽ جواهر اهڙي طرح ڪرڻ لڳا جهڙا واري جا داڻا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org