سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :16

سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن ۾ غلام شاھ هڪ وڏو عمارتون اڏائيندڙ ٿي گذريو آهي. هن سورنهن سالن جي حڪومتي د‎ؤر ۾ ڪيئي بندر، مسجدون، مقبرا،۽ ڪوٽ ٺهرايا. ’تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپرن ۾ حيدرآباد قلعي جي بنياد  پوڻ جي باري ۾ آهي ته، ”ميان هڪ ڀيري فرمايو،ته سنڌ جي حڪومت پيڙھين کان اسان جي خاندان ۾ آهي..پر اڃان تائين ڪا به اھڙي جاٰءِ نه ٺهرائي ويئي آهي، جيڪا اسان جي خاندان لاءِ يادگار طور قائم رهي. اهڙي طرح اهو هنڌ مقرر ٿيو، جتي قديم زماني ۾ نيرون ڪوٽ هو. ميان هڪ ڀيري شڪار جي خيال لاءِ نڪتو ۽ جڏهن انهيءَ هنڌ وٽان مَٽيو، تڏهن ڏٺائين ته اُتي پاڻي جي ڪمي نه آهي. آس پاس زمين سيراب آهي، گاھ تمام گھٽ ٿئي ٿو ۽ قلعي جي ٺهرائڻ لاءِ هڪ مضبوط ٽڪر آهي. اهڙيءَ ريت هن انهيءَ هنڌ تي قلي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. “

’دي انڊس ڊيلٽاڪنٽري‘۾ آهي، ته راڄڌاني سنڌو ڪناري يا ان جي ڀر ۾ ئي ٺهي سگھي پئي. جيئن مرادآباد، شاهپور ۽ ان کان اول

برهمڻ آباد، ٺٽو ۽ منصوره وغيره به دريا جي ڪپر تي آباد  هئا. انهن مان ڪي شهر دريا جي اٿل سبب ناس ٿي ويا، ته ڪي وري درياءِ جي رُخ مٽڻ ڪري ويران ٿي ويا. هيگ لکي ٿو ته، ”سنڌو پنهنجو اوائلي وهڪرو مٽائي نئون وهڪرو شروع ڪيو. هن وقت درياهه حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچان وهي ٿو. پر سال 59_1758 ع کان اڳ انهي هنڌان درياءِ جي شاخ وهندي هئي. جنهن ۾ پاڻي ايترو تراکڙو هوندو هو، جو ماڻهو سولائي سان ان مان لنگھي ويندا هئا. هاڻوڪي درياءِ جو اصل وهڪرو حيدرآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو. درياءِ جي انهي ڦيرڦار سنڌ جي جاگرافيائي صورت حال تي تمام وڏو اثر ڇڏيو........ هو اڳتي لکي ٿو ته، ”ميان  صاحب کي هڪ اهڙي هنڌ جي ڳولها هئي جيڪو درياءِ جي اٿل پٿل کان بچيل رهي. درياءِ جو وهڪرو بدلجڻ ڪري محفوظ هنڌ اهو ئي هو، جتي اوائلي دور ۾ نيرون شهر آباد هو. سنڌ واسي هن کي نيرون ڪافر به چوندا هئا.“

نيرون ڪوٽ جا باقي کنڊر رهجي ويا هئا، جن جون ڀتيون زبون ٿي مٽي جو ڍير ٿي پيون هيون. هي هنڌ آسپاس جي مرتبي وارن پيرن ۽ بزرگن جي آخري آرمگاهه هو. مسلمان هن هنڌ تي دفن ٿيڻ باعث نجات سمجھندا هئا. ثلام شاهه ان جڳهه کي پٽ ڪرائي ڇڏيو هو. هن مقدس بزرگن جي قبرن جو احترام به نه ڪيو، نه وري نيرون ڪوٽ جي باقي نشانين جو خيال ڪيائين. اُتي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايائين. جنهنجو نالو حيدرآباد رکيائين. هي ڪلهوڙن جو آخري ۽ سڀ کان وڏو تعميري ڪارنامو آهي.

قلعي تي نالو

هڪ روايت آهي ته نيرون ڪوٽ حضرت علي فتح ڪيو هو، تنهنڪري ان جي نالي تي شهر منسوب آهي. ماڻهو ثبوت جي طور تي قلعي جي ڀر ۾ قدم گاهه ۾ رکيل حضرت عليءَ جي قدم جو مثال ڏين ٿا. پر حقيقت ۾ مير ڪرم علي ٽالپر کي اهو قدم وارو پٿر، حضرت امام رضا جو ڪوفي ۾ لکيل خط ۽ قرآن مجيد فتح علي شاهه قاچار سوکڙي طور ڏنو هو. پهريائين مير ڪرم علي قدم مبارڪ وارو پٿر قلعي اندر هڪ پڙ ۾ لڳرايو هو. پر پوءِ ماڻهن جي اسرار تي مير نصير خان قدم مبارڪ کي قلعي کان ٻاهر عام زيارت  لاءِ هڻايو ۽ ان جي مٿان قبو تعمير ڪرايو. اڄ به اهو قدم مبارڪ قلعي جي اتر ۽ سيد عبدالوهاب جيلاني جي مزار جي ڀرسان انهيءَ ئي هنڌ تي موجود آهي.

هڪ روايت اها به آهي، ته نيرون راجا جي دور ۾ هڪ اصحابي هتي سنڌ ۾ اچي رهيو، جنهن جو نالو گل حيدر شاهه هو. هن اصحابي لاءِ مشهور آهي، ته ڏاڍو ڊگهو جوان هوندو هو. ايترو ته قدآور هو جو جڏهن نيرون ڪوٽ ڊاهي ان جي جاءِ تي ٻيو ڪوٽ ٺاهيو ويو هو، تڏهن هو همراهه هيٺ بيٺي سرون ۽ تغاريون مٿي ڪوازن تي ويٺل اوساري کڻندڙ اوستن کي ڏيندو ويندو هو. هن شخص جي وفات بعد کيس ساڳي قلعي جي اُترئين دروازي وٽ دفن ڪيو ويو. هن جي قبر به سندس قد مطابق ڊگهي آهي. پر ويڪر ۾ سوڙهي آهي. حيدرآباد جا سنڌي هن کي اصحابي سڳوري جي قبر ڪري چوندا آهن. ورهاڱي بعد آيل ماڻهو هن کي ’نو گزا پير‘ ڪري چون ٿا. اڳي شهر ۾ جيڪو به قدآور ماڻهو ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته: ” قد ته ڏسوس ڄڻ اصحابي سڳورو.“

انهي ڪري ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته حيدرآباد شهر تي  نالو انهيءَ گل حيدر شاهه جي ڪري پيو. ڪي ماڻهو انهيءَ قبر لاءِ چون ٿا ته، اها انهن سپاهين جي اجتماعي قبر آهي، جيڪي محمد بن قاسم سان گڏ آيا ۽ هتي شهيد ٿيا.

سي. اي. ڪنڪيڊ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ ۽ گجرات جون لوڪ ڪهاڻيون‘ ۾ لکي ٿو ته، ”پراڻي زماني ۾ سنڌ تي راجا نيرون راڄ ڪندو هو. جنهن کي نگار نالي سان هڪ سهڻي ڌيءَ هوندي هئي. شاهه محمد مڪي پنهنجي دوست حضرت علي رضه سان گڏ دنيا جو سير ڪندو هڪ ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ پهتو. شاهه محمد مڪي شهزادي نگار جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويو. هن راجا کان سڱ گهريو، پر راجا انڪار ڪيو. نيرون پنهنجي ڌيءَ کي کوهه ۾ وجهي کوهه جي مُنهن تي هڪ وڏو پٿر ڏئي ڇڏيو. شاهه محمد مڪي ڏاڍو پريشان ٿيو. هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟ حضرت علي رضه پنهنجي ڪرامت ۽ طاقت سان هن جي مدد ڪئي.

حضرت علي رضه جنهن کي حيدر علي به سڏيندا هئا، راجا نيرون تي ڦٽ لعنت ڪري کوهه مٿان پٿر پري ڪري، ’ڀونڊو‘ نشان ٺاهيو. شاهه مڪي هڪ تيز رفتار گهوڙي تي شهزادي کي ويهاري وٺي ڀڳو. هن جي ڪڍ ڪيترائي ڪافر رڙيون ڪرڻ لڳا. نيٺ حيدر علي رضه ۽ شاهه مڪي ڪيترائي ڪافر ماري شهزادي نگار کي کڻي ڀڄي ويا. چون ٿا ته حيدرآباد تي اهو نالو حضرت علي رضه حيدر جي پٺيان پيو.“

محب الله بکري پنهنجي مختصر تاريخ (قلمي) جي ٻئي باب ۾ حيدرآباد لاءِ لکيو ٿو ته ”حيدرآباد اصل ۾ نيرون جي نالي سان مشهور آهي..... مغلن جي فتح کانپوءِ هي حيدرآباد سڏجڻ لڳو، ڇو ته حيدر قلي ارغون هن کي نئين سر تعمير ڪرايو.“ ڪلهوڙا پاڻ کي عباسي سڏائيندا هئا ۽ حضرت عباس جو اولاد چوائيندا هئا، حضرت عباس، حضرت عليءَ جو چاچو هو، تنهنڪري حضرت عليءَ سان سندس تمام گهڻي عقيدت هئي. جيئن ته حضرت علي جو لقب حيدر آهي، ان ڪري انهن نئين اڏيل قلعي کي به ’حيدر‘ جو نالو ڏنو. ڪلهوڙن بعد سنڌ جا والي ٽالپر هئا. ٽالپرن به ان قلعي ۾ ورهين جا ورهيه راڄ ڪيو. اهي به حضرت علي سان عقيدت ڪري مشهور هئا.


ٽالپرن جو قلعي تي قبضو

’شاهنامه سنڌ‘ ۾ آهي ته 1783ع ۾ جڏهن ٽالپرن جو دور شروع ٿيو، حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان عبدالنبي خان جي ماڻهن کان سواءِ مرزاڻي بلوچ رهندا هئا ۽ ميان عبدالنبي پاران شالمين شيدي قلعدار هو. قلعي اندر مٺي پاڻي جا پنج کوهه هئا، هر قسم جي اناج جا انبار، گاهن جون دنيون هيون. بارود جام هو. قلعي وارن کي ٻاهرئين دشمن جي حملي جو ڪو خطرو نه هو. مير فتح علي، حاجي احمد خان کي لشڪر ڏئي قلعي ڏانهن روانو ڪيو. ٻن سالن تائين ٽالپرن جي لشڪر قلعي تي گهيرو ڪيو، پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو. آخر مرزاڻين بارود کي باهه ڏني، نهن جي ٺڪاءُ ڪري قلعي جي اوڀر واري ڀت جو وڏو حصو ڀڃي پيو. حاجي احمد خان لشڪر سميت قلعي اندر ڪاهي آيو. شالمين کي گرفتار ڪري مير جي سامهون پيش ڪيو ويو. مير سندس نمڪ حلالي ۽ بهادري جي واکاڻ ڪندي هن تي گهڻيون نوازشون ڪيون. تنهن کانپوءِ شالمين شيدي سرائين جي حرم کي ساڻ ڪري جوڌپور ڏانهن روانو ٿيو.

قلعي جي بناوت

هي شاهي قلعو 22 ، 25 اُتر ۽ 41، 68 اوڀر حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان موجود آهي هن قلعي جو قطر هڪ ميل ۽ اوچائي اسي فوٽ آهي. ڀڳوانداس ڀڳوان هن قلعي جي ويڪر ڇٽيهه ايڪڙن تي ٻڌائي ٿو. لطف الله مالوي ’سنڌ جي سفر‘ ۾ لکي ٿو ته، ”شاهي قلعو هڪ پنج ڪُنڊي ۽ بيضوي شڪل جو آهي، جيڪو پڪين سرن ۽ گچ مان ٺهيل آهي.“

مهر ڪاڇيلوي قلعي جو ذڪر ڪري ٿو ته، ”قلعي جي اتر طرف هڪ وڏو در ۽ هڪ چور دروازو هو. ست، اَٺ بي ترتيب مورچا آهن. اوڀر ۽ ڏکڻ واري فصيل اوچائي تي آهي. اولهه واير پاسي تي به فصيل آهن. ٻاهر وري فصيل گول ڪمان جيان بيضوي شڪل ٺاهي ٿي. انهن فصيلن جي وچ ۾ هڪ ڪمرو لانڍي جيان آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇت لاهين تي آهي. چون ٿا ته اهو باروت خانو هو. ڪن جو خيال آهي، ته اهو اناج لاءِ گودام آهي. انهن فصيلن جي وچ ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. اندرئين فصيل ۾ هڪ چور دروازو گودام طرف وڃي ٿو.“

ناٿن ڪرو 1799ع سنڌ ۾ آيو ۽ هو هتي سترهن مهينا رهيو. هو لکي ٿو: ” حيدرآباد جي ڪوٽ کي هڪ وڏي ڀت آهي ۽ منجهس هڪ وڏو قلعو آهي. جنهن تي ڪجهه ڳريون توپون رکيل آهن. ڀت سنهي آهي. پر اندران مٽي جو ٿلهو ڀراءُ اٿس. ڪجهه مٽي اصلوڪي ۽ ڪجهه هٿرادو پيل آهي، تنهنڪري ڀت کي ٽوڙڻ مشڪل آهي. سمورو قلعو سرن جو ٺهيل آهي. ٿلهي قلعي جي شڪل گول آهي ۽ سئو والن کان وڌيڪ ويڪر نه  اٿس. ڪوٽ جي ڀت جي ڊيگهه اٽڪل مُنو ميل ٿيندي. ان ۾ توپن رکڻ لاءِ جايون آهن. مورچا وغيره ڪونه اٿس. هن جي شڪل مستطيل نموني جي آهي ۽ اهو هڪ ڊگهي سوڙهي ٽڪري جي ڪُنڊ تي ٺهيل آهي. جيڪا سڀني پاسن کان اُڀي آهي. ٽڪري جي آسپاس واري ايراضي سنڌو ندي جو هڪ ٻيٽ آهي، جنهن جي موڪر ڇهه يا اٺ ميل ۽ ڊيگهه ويهه يا ٽيهه ميل ٿيندي. اها ايراضي آباد ۽ زرخيز آهي ۽ آبڪلاڻي ۾ پاڻي جي اُٿل هيٺ ايندي آهي.“

والٽر هملٽن هن قلعي بابت 1820ع ۾ بيان ڪري ٿو ته: ” هي قلعو هڪ  ٽڪري تي آهي ۽ هڪ هزار قدم ڊگهو آهي. ان جي هڪ طرف ڦليلي ۽ ٻئي طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو ندي آهي. قلعو پنج ڪُنڊو ۽ ٽڪري جي بيهڪ مطابق آهي. قلعي جون ڀتيون سرن جون آهن ۽ منجهن بندوقن لاءِ ٽُنگ آهن. ڪيترن هنڌن تي ٽڪري جي لاهين ۽ اُتاهين آهي، جو جيڪڏهن هن ڀت کي ٽوڙي ڇڏجي ته به قلعي تي چڙهڻ ناممڪن آهي.“ جيمس برنس 1828ع ۾ لکي ٿو ته: ” ميرن جو قلعو جنهن تي هو فخر ڪندا آهن، جيڪو ٽڪري جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، اها پڪين سرن جي هڪ حقير عمارت آهي. ان جون سرون آهستي آهستي ڳرنديون وڃن ٿيون. اهو قلعو هڪ منظم فوج جي حملي اڳيان هڪ ڪلاڪ به ڌڪ جهلي نه سگهندو.“

ليفٽيننٽ ايڊورڊ ڊلهوسي 32- 1831ع ۾ هتي آيو. هن جو چوڻ آهي ته: ” حيدرآباد جو قلعو شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ پنجٽيهه فٽ کن اوچي ٽڪري تي آهي. کيس چاليهه فوٽ اوچي، پڪين سرن جي ڀت ڏنل آهي، جنهن ۾ گول ۽ چورس برج آهن. ڪوٽ جي ڀت ٽڪري جي ڇيڙي کان مٿي اُڀي کنيل آهي. مٿس چُن ۽ مٽيءَ جو ليپو ٿيل آهي.“

جي.ايف.هيڊل جنهن 1836ع ۾ قلعو ڏٺو هو، هو پنهنجي ’ميمائرس آف دي رور انڊس‘ ۾ ذڪر ڪري ٿو ته: ”حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ ڪوٽ آهي. ڪوٽ جي ڀت اٽڪل پنجاهه فوٽ کن اوچي آهي. ڀت اندر جي طرف کان مٽيءَ جي دِڪن سان پختي ڪئي وئي آهي. جيڪا اندرين پوٺي کان ويندي ڳڙکي تائين ڪجهه فوٽ مٿي کنيل آهي. تنهنڪري دفاعي نقطي نظر کان هڪ مضبوط اڌ ٺاهي ٿي.“

هينري پاٽنجر ’بلوچستان ۽ سنڌ جو سفرنامو‘ ۾ ٻُڌائي ٿو ته؛ ”حيدرآباد هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو قلعي کان هڪ هزار قدمن تي ٿيندو. پر انهيءَ مان هڪ شاخ قلعي جي بلڪل ويجهو وهندي هئي. جنهن ۾ ٻيڙيون وغيره اچي لنگر هڻنديون هيون.“ ڪيپٽن ايسٽوڪ جي ڪتاب ’نئين مصر جا پراڻا ورق‘ ۾ آهي ته؛ ” لاڙ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هي شهر تمام وڏو آهي ۽ پڻ ڳتيل به آهي. قلعو پڪسرو ۽ سُٺو ٺهيل آهي، پر شهر جون جايون ڪي خاص نه آهن.“ اي. ڊبليو هيوز ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جو قلعو ڪنهن سُٺي رٿا موجب جوڙيل آهي ۽ مضبوطي ۾ سنڌ جو ٻيو ڪوبه قلعو ساڻس مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته قلعي جو بنياد پنجاهه فوٽن تائين هيٺ وڃي ٿو ۽ ٽڪري جي مٿاڇري کان پوءِ به پنجاهه فوٽ کن مٿي آهي.“

’سنڌ جا تاريخي قلعا‘ ۾ شمس الدين جتوئي لکي ٿو ته: ”ڪوٽ ٽالپرن جي رهائش توڙي حفاظت طور ڪم ايندو هو. جيستائين انگريزن کين شڪست نه ڏني. اندريون جايون قيدخاني طور تي ڪم اينديون هيون. ڪوٽ جي ڀت چاليهه کان پنجاهه فوٽ اوچي آهي ۽ گولائي ۾ ڏيڍ ميل کن ٿيندي. ڀت ۾ پڪيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر هيٺ کان وٺي مٿي تائين مختلف آهي.  هيٺ بنياد وٽ پنج فوٽ آهي. جيڪا مٽي چوٽيءَ وٽ پهچي 209 فوٽ بيهي ٿي. ڀت جي چوٽيءَ وٽ سينگاريل ڪنگريون آهن. اُهي پري کان ايئن ٿيون لڳن ڄڻ سپاهي مٿي تي خود پايون بيٺا آهن. ڪوٽ جي ڀت ۾ اڌ گول جي شڪل جا برج ٺهيل آهن. اُهي برج رڳو قلعي جي اترئين ڀت تي آهن.“ آرڪيالاجسٽ هينري ڪزن ڪوٽ جي ڪنگرين لاءِ لکي ٿو ته: ” پري کان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ماڻهن جا انبوهه ڀالن جي چنهبن تي ماڻهن جون کوپڙيون کنيو بيٺا آهن.“

منهنجي مشاهدي مطابق قلعي ۾ ٻن ٽن قسمن جون سرون استعمال ٿيل آهن. انهن سرن مان ڪي ترڪي دور جون آهن، ته ڪي وري مغل دور جون لڳن ٿيون. قلعي جي اڏاوت جو ڪافي حصو مغلن جي طرز تعمير جهڙو آهي. قلعي جي ڊگهي ۾ ڊگهو حصو اوڀر کان اولهه 2430 فوٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر اُتر کان ڏکڻ 900 فوٽ آهي. قلعي جي اُتر واري ٻانهي (ڀڳل ڀت سميت) 3100 فٽ ۽ ڏکڻ واري ٻانهي 3080 فوٽ آهي.

ڪوٽ جي وچ ۾ هڪ ٽاور هو، جنهن جو ڪوٽ جي ڪنهن به حصي سان تعلق ڪونه هو. ساري ڪوٽ تي نگاهه رکڻ جي ڪم ايندو هو. ان گول ٽاور جي شڪل ذري گهٽ اوائلي ميراڻي ٽوپي جهڙي هئي، جيڪا اڪثر ميرن جا سپاهي به پائيندا هئا. برج هيٺان کان وٺي اونچائي ۾ گولائي ۾ سوڙهو ٿيندو وڃي. برج جي هيٺين حفاظتي ديوار ۾ مارا هئا ۽ ان جون ڪنگريون به خوبصورت ڏيک ڏينديون هيون. ڪنگرين هيٺان ڪارنس نڪتل هئي. برج جي چوٽي تي هڪ چوُڪور سهڻي ڪوٺي ٺهيل هئي، جنهن کي ڇت سان گئلري هئي. گئلري کي هر پاسي کان پنج سهڻا ڪمانيدار دروازا هئا. دروازن جي مٿان اس ۽ مينهن جي بچاءُ لاءِ ٿورو ڇڄو ٻاهر نڪتل هو. ٽاور تان ڪوٽ اندر توڙي ٻاهر پري پري تائين نظر رکي سگھبي هئي. اتان ڦليلي واهه، حيدرآباد شهر صاف ظاهر ٿيندو هو. ساون وڻن سان ڍڪيل ڦليلي جا ڪنارا اکين کي راحت ڏيندا هئا. ٽاور تي چڙهي بيهڻ سان کٻي طرف ڪوٽ جي اتر اولهه پاسو برجن سميت مار ۾ هوندو هو ۽ سڄي پاسي شهر جي پسگردائي ۾ ايندڙ ويندڙ تي نظر رکي سگھبي هئي. ٽاور تان ڪجهه ميلن تي وهندڙ درياءِ سنڌ جو ميٽائو پاڻي سج جي ڪرڻن تي چمڪندو نظر ايندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org