ٽالپرن جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ پهرين چوءياري
جڏهن مير فتح علي خان کي سنڌ جي حڪومت جو پروانو مليو، تڏهن
اهو به سوچيو ويچاريو ويو ته مير عبدالله خان جا
پٽ مير غلام حسين کي سنڌ جو يڪراءِ حڪمران مڃيو
وڃي، سندس عاقل بالغ ٿيڻ تائين ان پاران مير فتح
علي سنڌ جي حڪومت هلائي. ان بحث مباحثي جو جواب
مير فتح علي هن نموني ڏنو، جو هو گهوڙي تي سوار ٿي
ڪچهري مان هليو ويو........ پاڻ ۾ ترارون ڪڍي بيهي
رهيا. نيٺ عورتون تلوارن ۽ بندوقن وچ ۾ ٽپي پيون.
مير عبدالله خان جي پٽ مير غلام حسين، فتح علي خان
کي سنڌ جو حڪمران ڪري مڃيو، جنهن بالغ ٿيڻ تائين
سندس نگهباني قبول ڪئي. مير فتح عليءَ، مير سهراب
۽ مير ٺاري کي به پنهنجن حصن ڏيڻ تي راضي ڪيو. هن
قسم جي جڙت کانپوءِ هن پنهنجي ٽنهي ڀائرن: مير
غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مير مراد عليءَ به سندن
رتبن موجب جاگيرون ڏنيون. کين پنهنجي اقتدار ۾ کين
ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ۽ پنهنجي مسند ڀرسان جدا جدا
پاسي کان ويهاريندو هو. مير فتح علي ويهڻ جي اها
ترتيب آخر تائين ائين رکندو آيو.
مير فتح علي ٽالپر سن 1801ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجو ملڪ ڀائرن وچ ۾
ورڇڻ جي وصيت ڪيائين. (حيدرآباد سميت ٻيا علائقا،
پر انهن علائقن ۾ مير سهراب ۽ مير ٺاري وارا
علائقا شامل نه سمجهيا وڃن) مٿي ڄاڻايل وصيت موجب
ورهاست هن ريت هئي: ملڪ جو اڌ حصو مير غلام عليءَ
کي ۽ چوٿون حصو باقي ٻين ڀائرن مير ڪرم علي ۽ مير
مراد علي کي مليو. ملڪ تي خرچ ۽ افغان درٻار کي ڏن
به ان حساب سان ادا ڪرڻو هو، جيڪو ساليانو تيرهن
لک هوندو هو. هن دور کانپوءِ حڪومت جو هڪ نئون
نمونو قائم ٿي ويو. ٽئي ڀائر سنڌ جي حڪومت گڏجي
هلائڻ لڳا. ڍل ۽ محصول پنهنجي مقرر ڪيل حصن موجب
ورڇيندا هئا. سندن گڏيل نالو ”سنڌ جا امير“ هوندو
هو........ هندستان جي انگريز حڪومت جي گورنر جنرل
وٽ به سندن اهو عهدو مڃيل هوندو هو. اهڙيءَ ريت
هندستان جا ٻيا حڪمران به کين انهيءَ خطاب سان
سڏيندا هئا. منجهن هڪ پڳدار هوندو هو. ٻاهرين ملڪن
سان لکپڙهه به هن جي صحيح سان ٿيندي هئي. ٽالپر
گهراڻي جو لٺ سردار به اهو مير هوندو هو. ملڪ جي
ڀلائي ٽالپرن جي بهتري ان جي ذات سان واڳيل سمجهي
ويندي هئي. اختيارن جي اهڙي ورڇ جنهن ۾ قبائلي سوچ
هجي، ذاتي حق کي وڌيڪ اهميت هوندي هئي. ڇيڙي نبير
به ٽالپرن جي لٺ سردار جي هٿ وس هوندي
هئي.......... ۽ اُن کي گڏيل مفاد مطابق هلائڻ
مناسب هو. هڪ هٿ هيٺ هلندڙ اهو طريقو وڌيڪ پائيدار
هوندو هو........ هرهڪ مير کي پنهنجا الڳ ڪاردار
منشي ۽ ٻيا عملدار هوندا هئا. جيڪي سندس علائقي جي
انتظام رکڻ لاءِ مقرر هوندا هئا.
مُنڍ ۾ قائم ڪيل هن طرز واري حڪومت کي ”چوياري“ سڏيو ويندو هو.
ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت جو پايو وجهندڙ
چار ماڻهو هئا. پر پوءِ ان حڪومت ۾ ٿوري مٽ سٽ ٿي.
ڇاڪاڻ ته هر گهراڻي ۽ درٻار اندر اهڙو ڏڦيڙ پيدا
ٿي ويو هو، جنهن کي سڄي سنڌ ۾ محسوس ڪيو ويو. هنن
اميرن ۾ هڪ گُڻ واهه جو نظر آيو، جو هونئن پاڻ ۾
ٻارن جيان پيا وڙهندا جهڙندا هئا، پر جڏهن سنڌ تي
ڏکن ڏوجهرن جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويندا هئا ته مِڙي
مُچو ٿي ويندا هئا......... ڪلهوڙا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ
به ميرن وسيلي پکيڙيندا هئا. پر هاڻي حڪومت سندن
هٿ وس ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهو ماٺ ۾ چوڌاري چپ ۽
سانت هئي.
راڄڌاني حيدرآباد جي حڪمران ٽالپرن سنڌ کان نڪري ڪنهن ٻئي ملڪ
تي حملو ڪونه ڪيو. باقي ڪراچي تي 1792ع ۾
حملو......... ۽ عمرڪوٽ تي 1813ع تي حملو ڪري فتح
ڪيو ويو. ٽالپر دور ۾ سنڌ سک ۽ سانت جو ساهه کنيو
هو، نه ته اڳي ٻاهريان حملا ۽ اندروني وڳوڙ ايترا
هوندا هئا جو هتان جي ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ هوندو
هو. ٽالپر دور ۾ هي پرامن ماحول پيدا ڪرڻ به
پنهنجي ليکي هڪ وڏو پسارو هو.
مير فتح علي ۽ سندس ڀاءُ مير غلام علي خاص ڪري خداآباد کي وڌيڪ
پسند ڪندا هئا.
هنن ٻنهي ڀائرن جو مزارون به اُتي هيون. خداآباد حيدرآباد کان
اُتر ۾ واقع هو. جيڪي ٻين مزارن کان وڌيڪ ٺاهوڪيون
هيون. پوءِ حيدرآباد وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا. ان جو
مکيه ڪارڻ قلعو هو، جو ميرن جي هتي اچي آباد ٿيڻ
کان پوءِ سندن گهراڻو ۽ نوڪر چاڪر اچي قلعي اندر
آباد ٿيا هئا. قلعي جي اڏاوت پراڻي قسم جي جڏي
سڏي ۽ اڻ سڌريل نظر ايندي. قلعو پنهنجي اڏاوت ۾
مضبوط نه هو. مٿي گهڻو اوچو ۽ ڏيک سهڻو هوندو هو.
اندر سائو باغ هو ۽ قلعي جي ڀت سان گهندي ڏئي
سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه وهندي هئي، جنهن ڪري ڏيک ڏاڍو
من موهيندڙ هوندو هو.
ٽالپر حڪمران
سنڌ جو آخري حڪمران مير نصير خان هو، جيڪو مير مراد علي جو پُٽ
هو. مرداني سونهن سوڀيا جو مالڪ ڏاڍو سلڇڻو، نماڻو
۽ نهٺو هو. تڏهن گهڻو ٿلهو به ٿي ويو هو، جو مشڪل
سان گهمي ڦري سگهندو هو. سندس ڄمار پنجيتاليهه
ورهيه مس هئي. هن مير ۾ وڏي اوڻائي هي هئي ته پئسي
ڏوڪڙ جو گهڻو پياسي هو، سندس اهڙي هلت چلت ۾
شاهاڻي ڊگهي نظر ڪانه هئي. تنهن ڪري مال ملڪيت کي
ڏاڍو هاڃو رسيو هو ۽ آمدني جي وسيلن ۾ گهٽتائي اچي
وئي هئي ۽ گهرو ڏڦيڙ جو اثر به پيداوار تي پيو هو.
هن مير ۾ اهي عام اوڻايون نظر ڪونه اينديون جيڪي
گهٽ پڙهيل ۽ نيم مهذب ذاتين ۾ ڏسبيون. عام ماڻهو ۽
سرڪاري عملدار به سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. هي مير
صاحب اصولن جو پڪو ڪونه هو ۽ سازشي ماڻهن جي هٿن ۾
کيڏوڻو هو ۽ خاندان جي ننڍي وڏي ڳالهه ۾ کيس پيا
آڏو آڻيندا هئا.
آءٌ جڏهن مير نصير خان سان ملڻ ويو هوس ته هو تڏهن انگريزي سکي
رهيو هو. پڇاڪرڻ تي مير نصير خان ٻڌايو ته انگريزي
سکڻ سان هو ڪنهن منشي مڙي جو محتاج نه رهندو نه
وري کيس انگريزن سان ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن ترجمان جي
لوڙ پوندي. مير نصير خان پنهنجي وڏي ڀاءُ مير نور
محمد جي وفات کان پوءِ مسند تي ويٺو هو، پر هن
پنهنجن ٻن ڀائيٽن کي به درٻار ۾ سندن پيءُ وارا
ساڳيا حق ڏنا هئا. اهڙيءَ ريت مال ملڪيت مان به
کين حصو ڏنائين. اڳي جيان سندن نالن کي فهرست جي
آخر ۾ ڪونه رکيو ويو هو، انهيءَ ڪري ڪن وڏن ميرن
جي اثر رسوخ تي گهڻو اثر پيو. ڇاڪاڻ جو هن طريقي
سان هو انگريزي سرڪار سان سڌي نموني ڳالهائڻ جا
حقدار هئا. انهن ٻنهي نوجوان ميرن کي پنهنجي چاچي
جي لالچي طبع جي خبر هئي، تنهن ڪري سندس مفاد کي
نقصان رسائڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن جو هڪ الڳ گروهه
جوڙي ورتو هو. مير نصير خان کي پنهنجن ڀائيٽن مان
اهڙي مخالفت جو وهم گمان ڪونه هو. هن پنهنجي
خاندان کي ڀاءُ جيان خواهش موجب هلائڻ پئي چاهيو،
ٻين جي جذبن کي پٺي پاڏئون اڇلائي رڳو پنهنجي
مفادن جو تحفظ ڪرڻ پئي گهريو.
مير محمد، مير غلام عليءَ جو پُٽ ۽ نصير خان جو سوٽ هو. سو
مرتبي ۾ مير صوبدار سان هڪ جهڙائي رکندو هو، جيڪو
ٽالپر حڪومت جي پائي رکندڙ مير فتح علي خان جو پٽ
هو. هن جي عمر گهڻي هئي، اولاد وغيره ڪونه هو.
وڏتڻ ڪري عقل جو ڪمزور هو. مير نصير جي هٿن ۾
کيڏندو هو، جنهن جي مرضي هئي ته مرڻ کان پوءِ سندس
ڌن دولت مال مڏي شل هن جي قبضي ۾ اچي. مير صوبدار
ڌيرج وارو ماڻهو هو. انگريزن لاءِ سندس رويو
دوستاڻو هو.
برطانيا سرڪار جي فوج جڏهن 1839ع ۾ سنڌ مان لنگهي افغانستان تي
حملو ڪيو هو ته ٻين مقامي ٽالپرن اکيون ڦوٽاريون
هيون پر هن ڏاهي مير ساڻن اختلاف راءِ جو اظهار
ڪيو هو. ان ڳالهه ڪري کيس افغان سرڪار جي ڏن جو
حصو معاف ڪيو ويو هو. باقي ٽن ميرن پنهنجو حصو ڀري
ڏنو هو. ٻيا مير جڏهن برطانيا سرڪار خلاف سازشون
جوڙيندا هئا، ته هو شريڪ ڪونه ٿيندو هو ۽ اهڙين
ڳالهين ۾ سدائين انهن جي مخالفت ڪندو هو. هن جي ڏن
جي حصي معاف ٿيڻ ڪري ٻيا ٽالپر ساڻس ساڙ ڪرڻ لڳا
هئا. هو انگريز دوستيءَ ڪري گهڻو نالي چڙهيل هوندو
هو ۽ عام ماڻهو کانئس بڇان ڪندا هئا. کيس ٻه پُٽ
هوندا هئا.
مير نور محمد جو پٽ مير شهداد اُڻٽيهن ۽ مير حسين علي ويهن سالن
جو هو. سڀاءَ ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان نرالا هئا. وڏو
پنهنجي چاچي مير نصير خان کي چاهيندو هو ۽ سندس
گهڻي عزت ڪندو هو. ان جي نگهباني به قبولي هئائين.
مير حسين علي پنهنجي چاچي کان ونئن ويندو هو. مير
شهداد ۾ گهڻيون ڳاليهون پيءُ واريون هونديون هيون،
ڏاهپ ٻه چاپڙائي ۽ ٻين اوڻائين جو مرڪب هوندو هو.
سدائين پنهنجين ڳالهين ۾ رُڌل هوندو هو. پر ملڪي
معاملن ۾ به گهڻي دلچسپي وٺندو هو، مير حسين علي
خان عمر ۾ ننڍو هو. اهو ڪجهه ڪندو هو، جيڪو کيس
پنهنجا ماڻهو چوندا هئا. احمد خان لغاري سندس
اتاليق سنڀاليندڙ هوندو هو. پنهنجي وقت جو ڏاهو
ماڻهو ۽ مير محمد ٽالپر جو وزير هوندو هو. منجهس
ڪيئي خوبيون هونديون هيون. اهڙو ڏات ڌڻي هو جو
هندستان جي ڪنهن درٻار جي سونهن سينگار بنجڻ لائق
هوندو هو. هن لغاري سردار جو ٽالپرن تي وڏو اثر
هوندو هو. سندس صلاح مشوري ۾ وڏو وزن هوندو هو.
سندس پيءُ ولي محمد خان هو. سندس اثر هن جي پيءُ
ڪري به هوندو هو. آخر عمر ۾ هو درٻار جي سازشن کان
بيزار ٿي لاڙڪاڻي پنهنجي جاگير تي وڃي
رهيو........ ڪوپو ۽ ڪنڌار مڙس هوندو هو. آخر ۾
جڏهن ٽالپرن کي سوڙهه پئي ته تلوار کڻي اچي پڙ ۾
پهتو هو. مير حسن عليءَ، احمد خان سان گهٽ نه ڪئي
هئي، اصلي لائي ٻاري ڏني هئائينس. کيس سندس وڏتڻ
جي لالچ ڪانه پئي هئي. پُٺي ورائي اهو ڪونه ڏٺائين
ته اهو سندس پيءُ جو پڳ مٽ يار ولي محمد خان لغاري
جو پٽ هو، جيڪو مهان مڙس ۽ سنڌ جو سپوت هو. جنهن
جي ساراهه حڪمران، عام ماڻهو به ڪندا هئا، جيڪو
غريب ۽ مسڪين هوندو هو. هاڻي احمد خان لغاري جي
هيڻن حالن جو ٻُڌي هنيانءُ ٻُڏي ٿو وڃي. تڏي جو
ملوڪ، رڃ چڱو مڙس، ٻاجهارن ٻولن ڪري سندس ٿورن مڃڻ
کان سواءِ رهي ڪونه ٿو سگهجي. عام ماڻهن سان به
سندس سلوڪ مان مرجاتا وارو هو. هو ڪيڏو نه مٿاهون
۽ اعليٰ ظرف وارو انسان هو پنهنجي سڀاءَ ۽ گڻن
ڪارڻ.
مير غلام علي سگهارو ۽ ارادن جو پڪو انسان هو. سندن پاڻ ۾ دلي
يا ظاهري سلوڪ تمام سهڻو هوندو هو. انڪري دشمن
کانئن ڪوء کائيندا هئا. انهن جي اهڙي ٻڌيءَ ۽ ايڪي
ڪري ماڻهو کين ”چار- يار“ ڪري سڏيندا هئا. پوءِ
ميان فقيرو اهڙو ماڻهو هوندو هو، جنهن جي گهڻي عزت
ڪئي ويندي هئي. ٻيو ماڻهو مير ابراهيم شاهه هو،
جيڪو ايراني ۽ ذات جو سيد هو. درٻار ۾ سندس تمام
گهڻي هلندي پُڄندي هئي.
مير غلام علي 1811ع ۾ وفات ڪئي. کيس شڪار ڪندي هرڻ گهائي وڌو
هو. مير محمد نالي کيس هڪ پُٽ هوندو هو. مير فتح
علي کي به پٽ هو، جنهن جو نالو صوبدار هو. هنن
پنهنجي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ مٿا مونا
هنيا، پر مير ڪرم علي ۽ مير مراد عليءَ کين تريءَ
تيل لائڻ ئي ڪونه ڏنو. جيڪي اڳيئي سياست ۾ پير
کوڙي چڪا هئا ۽ ماڻهو به کين حڪمران ڪري مڃيندا
هئا. مير ڪرم علي بنا اولاد وفات ڪئي. جڏهن ته مير
مراد علي کي نور محمد ۽ مير نصير خان نالي ٻه پٽ
هئا. هنن ٻنهي وڏن ميرن جي مرتئي کان پوءِ ميان
نور محمد پَڳ ٻڌي. باقي مير نصير خان ۽ سندس سوٽ
مير صوبدار ۽ مير محمد ساڻس اقتدار ۾ شريڪ ٿيا.
سندن حڪومت 1840ع تائين هلي.
مير نور محمد 1841ع ۾ وفات ڪئي، کيس ٻه پٽ مير شهداد ۽ حسين علي
هئا، جيڪي وفات مهل ننڍا هئا. پيءُ جي مال مڏي کين
ملي ۽ پنهنجي چاچي نصير خان جي سنڀال هيٺ رهڻ لڳا.
ان وقت ٽالپرن جو وڏو نصير خان هو. 1839ع ۾
برطانيا سرڪار ميرن سان ٺاهه ڪيو هو، تنهن هن
گهراڻي جي اختيارن کي هڻي ڀڃي ڀروڙي رکيو هو. ۽
انگريزن جي سگهه هڪ نمايان حيثيت ڄمائي چڪي هئي،
تاريخي خيال کان پڳدار مير جي وفات سان ٽالپرن جي
پڳدار مير کي وسيع اختيار هوندا هئا، جڏهن ٽالپرن
جو گڏيل مسئلو هوندو هو، يا ذاتي مونجهارو هوندو
هو، ته وڏي مير کي وسيع اختيار هوندا هئا. جڏهن
ٽالپرن جو گڏيل مسئلو هوندو هو، يا ذاتي مونجهارو
هوندو هو، ته وڏي مير کي فيصلي ڪرڻ جا مڙيئي
اختيار هوندا هئا. پر هاڻي اهڙا سڀ اختيار برطانيا
کانئس کسي پاڻ وٽ رکيا هئا ۽ وٽس ڪجهه به ڪونه
رهيو هو. نه ته اڳي ٻاهرين ملڪن سان عهدناما ۽
سماجي مسئلا حل ڪرڻ به وڏي مير جي هٿ وس هوندا
هئا. اڳيئن مير جو اقتدار ۽ جائداد سندن ٻن پُٽن ۾
ورهائجي وئي هئي. ميان نصير جو اثر به مير نور
محمد جي پٽن جي اچڻ ڪري گهٽجي ويو هو. ڪنهن زماني
۾ مير غلام علي سنڌ جي سياست جو واڳ ڌڻي هوندو هو.
پر سندس وفات کان پوءِ هن جي پٽ جي حيثيت نصير خان
کان گهٽجي ويئي هئي. هن جي ڀيٽ ۾ مير نور محمد جا
پٽ وڌيڪ طاقتور هئا، جيڪي مير نصير خان جا جيسي
هئا. کيس پنهنجن معاملن اڪلائڻ جي سگهه ڪانه هوندي
هئي، نه وري دانهن ڪُوڪن ڪرڻ جو کيس حق هوندو هو.
سنڌ جو حڪمران مير فتح پنهنجو مال پاڻ جهنگ ۾ وڃي چاريندو هو ۽
پاڻ ماني پچائي کائيندو هو.......... ڪلهوڙن جا ڪي
ماڻهو رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ رُڌل هوندا هئا.
عام ماڻهو منجهن عقيدت رکندا هئا ۽ کين مرشد هادي
ڪري مڃيندا هئا. هو ڌاڳو ڦيڻو ڪندا هئا..........
حڪمران، افغان بادشاهه جي چرپر تي ڌيان رکڻ ۽
قنڌاري عملدارن کي وڍي (رشوت) ڏئي ڏن ۾ مهلت يا
معافي وٺڻ پنهنجي ڏاهپ جو ڇيهه سمجهندا هئا. کين
سدائين اها جهوري لڳل هوندي هئي ته پنهنجو شخصي
بچاءُ ڪيئن ڪجي، ڌن ميڙي گهر ڪيئن ڀرجي.
شاهي درٻار ۽ حڪومتي ڪار وهنوار
حيدرآباد جي شاهي درٻار ۾ جڏهن به اچبو هو ته نرالا ڏيک پيا ڏسڻ
۾ ايندا هئا. گوڙ گهمسان ايڏو هوندو هو، جو ڪنن ۾
آڱريون وجهڻيون پونديون هيون. درٻاري ملازم به
واهه جا واتراڌا- سمجهيو ايئن ته خدا کين وات ڏنو
ئي رڙين ڪرڻ لاءِ هو. ساڻن گڏ ناچڻين جو آواز
هوندو هون، جيڪي طبلن ۽ چپڙين وارن سان گڏ ديوارن
جي ڪُنڊ ۾ شيدي خواجه سراين جي ساٿ سان بکيڙي ۾
مگن هونديون هيون.
جيڪڏهن ڪو ميرن جي ملاقات لاءِ معزز ماڻهو ايندو هو ته چاليهه
پنجاهه گهوڙيسوار ۽ پيادن جو هڪ عملو، جنهن کي پيش
خدمت سڏيو ويندو هو، ان سرڪاري مهمان جي آجيان
لاءِ قلعي کان ٻاهر ٿوري پنڌ تي نڪري ايندو هو.
اُهي سڀئي هٿياربند وڙهسان وڙهسان ڪندا پيا ايندا
هئا. ان ٽولي جي اڳ ۾ ميرن جا درٻاري امير يا نواب
هوندا هئا ۽ ميرن جي پاران مهمان جي آجيان ڪندا
هئا. جيڪڏهن مهمان ميرن جي هيسي جيسي هوندو هو ته
مير ان جي اچي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر به ٻاهر
نڪري ايندا هئا. مهمان جي آجيان ڪندڙ ماڻهن کي
ملاقاتي جي مان ۽ مرتبي کي ڏسي مقرر ڪيو ويندو هو.
ايندڙ مهمان کي ڏسي ايڏو اچي ميڙ ۽ هُل مچائيندا
هئا، اها عادت هئي، جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي
وينديون هيون. گهوڙا سَرپُور پيا هلندا هئا، سوار
جي اِڙي جو زپڪو پيو پوندو هو. پيادا به گهوڙن سان
گڏ ڊوڙندا سهڪندا پيا ايندا هئا. ميرن طرفان مقرر
ڪيل ماڻهو مهمان جي چوڌاري ڪڙو ٻڌي ويندا هئا. هٿ
ڏئي ايئن پيا سٽون ڏيندا هئا جو سمجهبو به هو ڄاڻ
مهمان هني کان هيٺ ڪريو. روايتي سنڌي طريقي سان
کيڪاريندا ۽ آڌرڀاءُ ڪندا هئا. پر ڳالهاءُ ڳورو ۽
خشڪ هوندو هو، ڄڻ وڙهندي دير نه ڪندا- پر ڪندا دل
جي گهراين سان- کيڪارڻ ۾ اهائي روايتي سنڌي ڊيگهه
هوندي هئي.
هتان جو حڪمران به ساڳئي نموني کيڪاريندو ۽ خير عافيت پڇندو هو.
هن پهرئين مرحلي طئي ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو هو.
ڇاڪاڻ ته ڏهه ٻارهن ماڻهو خير عافيت پُڇندا ۽ ڏهن
ٻارهن کي مناسب جواب ڏبو هو. مهمان به ساڳي ريت
خير عافيت پُڇندو ۽ ميزبان به مناسب جواب ڏيندو
هو. اوٽ موٽ اهڙي باهمي ڪاروائي وقت جي زبان جو
خيال ڪرڻ آدابن جي خلاف سمجهيو ويندو هو. پوءِ
مهمان جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ آجيان وارا ماڻهو خاص
تربيت ۾ بيهندا هئا ۽ وچ تي مهمان سڳورو هوندو هو.
انهن سڀني جا مهمان جي گهوڙي تي هٿ رکيل هوندا هئا
۽ بار کان گهوڙي جي چيلهه چٻي هوندي هئي. مهمان
ويچارو پنهنجي مرم ۾ مئل هوندو ته شايد سندس گهوڙو
جَڙو ۽ گهِرُ آهي. جيڪڏهن ميزبان مٿانئس هٿ کڻندا
ته پستيون هڻي ڪُڏائي کيس ڪيرائي رکندو هو. کين
ڪيترو ڏڏو ڏيکر ٻَڌبو يا ايلاز منٿون ڪبيون ته به
ٿورو وٿير ڪا ٿي ڪونه بيهندا هئا. انهيءَ لاءِ
جيئن پنهنجي گهوڙي کي ڏسي سگهي ته ويچارو پسون
جيئرو آهي يا خير سان پرلوڪ پڌاري ويو. سمجهه ۾
ايئن ايندو هو ته جيڪڏهن کين وڌيڪ چيتاري چئبو ته
رهندو به مٿس تَرين جو وڌيڪ زور ڏيندا ۽ اهو به
اُڊڪو هوندو ته مٿان وري نه کيڪار ۽ ڀليڪار شروع
ڪن.
اهڙيءَ ريت آجيان لاءِ آيل اهو ٽولو رڙيون ڪُوڪون
ڪندو هڪ ٻئي کي ٺوُنٺيون ٺوڪيندو قلعي واري
سِرڪڻيءَ پُل وٽ پهچندو مس، ته اُتي وري تازو ٽولو
ساڻس گڏجي ويندو. جيڪو معزز مهمان جي اوسيئڙي ۾
اصلي سيڙهيو بيٺو هوندو هو. پهرين ملاقات مير وڏي
سان ڪئي ويندي هئي. سندس ديوارن جي سامهون پهچي
سواريءَ تان هيٺ لهبو ته اٽالي اڙد جا جي حضور
پنجاهه کن ماڻهو رڪيب کي چنبڙي پوندا هئا ۽ معزز
مهمان کي لهڻ لاءِ آڌر ڏيندا. پير جڏهن زمين کي
کُپندو هو ته ٻيا پنجاهه ماڻهو بسم الله چوندا
هئا. هتي ٿورو وقت ترسڻ آدابن ۾ شامل هوندو هو.
جيئن شاهي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ باقاعدي تيار رهڻ
گهرجي. معزز ماڻهن جو خاص انگ دروازي تي بيٺل ڏسڻ
۾ ايندو هو. |