سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :103

 روحاني جاڳرتا جي هڪ نمايان هلچل جي اڳواڻي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي (ڄم: 1878ع – ديهانت: 1966ع) ڪئي. هو وڏو ودوان هو، جنهن ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ وديا ساگر ڪاليج ڪلڪتي مان تعليم حاصل ڪئي هئي. پوءِ هو لاهور ۾ ديال سنگهه ڪاليج، ، ڪُوچِ بهار ۾ وڪٽوريا ڪاليج ۽ پٽيالا ۾ مهيندر ڪاليج جو پرنسيپال ٿي رهيو. پر ودوان کان وڌيڪ، هو سنت هو. هن 1910ع ۾ برلن ۾ ڪوٺايل عالمي ڪانگريس آف رليجنس ۾ هندستان جي نمائندگي ڪئي....... سندس ماءُ، دنيا تياڳڻ واري سندس خيال کي برداشت نه ڪري سگهي. هو رڳو ايترو ڪري سگهي جو کيس شاديءَ لاءِ زور نه ڪيائين، پر جڏهن سندس ديهانت ٿيو ته ساڌو ريشمي ڪپڙا پائڻ ڇڏي، کاڌي پائڻ لڳو ۽ پٽيالا ۾ پنهنجي شاندار نوڪريءَ تان استيعفا ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ هن ماهوار ڏهن رپين تي گذارو ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ ماڻهن کي ڌرم جي موضوع تي ليڪچر ڏيڻ لڳو. واسواڻيءَ ديرادون ڀرسان راءِ پور ۾ شڪتي آشرم، حيدرآباد ۾ ڇوڪرن لاءِ شڪتي اسڪول ۽ ڇوڪرين لاءِ ميران اسڪول قائم ڪيا.

جيئن ورهاڱو ٿيو ته هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضري ڏني. هن چيو: ”هن ويراني (دنيا) ۾، ڀٽ کان وڌيڪ ٻي ڪابه مقدس جاءِ ناهي.“

ورهاڱي کانپوءِ، ڪجهه مسلمان کيس دادا درويش جي حيثيت سان عزت ڏيڻ آيا. پر ڪي ٻيا پاڪستان ۾ هڪ ڌرمي ڪرزي کي برداشت ڪري نه سگهيا. جڏهن قائداعظم جناح وفات ڪئي ته ساڌو واسواڻي سندس روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دُعا گهُري، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾، حسبِ معمول ’ڪڻاهه پرساد‘ ورهايو ويو. پر ڪٽر پنٿن چيو ته هن قائداعظم جي موت کي ’ملهايو‘ آهي. حيدرآباد جي تڏهوڪي همدرد مسلمان ڪليڪٽر چيو ته: واسواڻي جي زندگي ايڏي قيمتي آهي جو ڪٽرپنٿين جي جُجڪيءَ جي رحم تي ڇڏي نٿي سگهجي. 10- نومبر 1948ع تي هن سنڌ کي خيرآباد چيو.

اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي ۾، سنڌ ۾ هڪ نرالي هلچل، جيڪا هندستان توڙي جپان جي اخبارن جي شهه سُرخي بڻي، ’اوم منڊلي‘ هئي جيڪا هاڻ ’برهم ڪمارين‘ جي تنظيم طور ڄاتي وڃي ٿي. اها هڪ سماجي – ڌرمي تنظيم هئي، جيڪا دادا ليکراج ڪرپالاڻي (ڄم: 1876ع- ديهانت: 1969ع) شروع ڪئي هئي. اوم منڊلي گهڻو ڪري عورتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، جيڪي رڳو حيدرآباد جي ڀائيبند واپاري طبقي سان وابسته هيون. منجهانئن جيڪي به ڪنواريون هيون، تن شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پرڻيل عورتن پنهنجي مڙسن کي لکي ڏنو، ته اُهي آزاد آهن ۽ ڀلي وڃي ٻي شادي ڪن. انهيءَ وچ ۾، اوم منڊليءَ بابت جادوئي ۽ عيش عشرت ڪرڻ جون گهڻيون ڳالهيون مشهور ٿي ويون، ۽ ڪانگريس ۽ آريا سماج جهڙين تنظيمن اوم منڊليءَ کي گهرو سڪون کي برباد ڪندڙ جي حيثيت سان رد ڪيو. موٽ ۾ دادا ليکراج ڪانگريس کي ’ڪنس‘ ڪوٺي رد ڪيو. هندو عام راءِ جي دٻاءُ هيٺ، سنڌ سرڪار بي دليو اوم منڊليءَ تي بندش وڌي، اوم منڊلي ڪورٽ کي رجوع ڪيو. جنهن بندش جو حڪم رد ڪيو.

وقت اوم منڊلي کي هڪ سچي پچي سماجي تنظيم ثابت ڪيو. ظاهر آهي ته ڀائيبند عورتون، خاص ڪري ڌرم ڏانهن گهڻو لاڙو هئڻ ڪري، اوم منڊلي ڏانهن ڇڪجي ويون هيون. انهيءَ صورتحال ۾ ٻيو سبب هيءَ حقيقت هئي، ته سندن مرد/ مڙس ٽي سال هانگ ڪانگ کان وٺي سموري دنيا جي چوڌاري هونولولو تائين پرڏيهه ۾ گذارڻ کانپوءِ، رڳو ڇهه مهينا حيدرآباد ۾ گذاريندا هئا. اوم منڊلي انهن جي زندگيءَ ۾ خال ڀريو......... هوڏانهن ساڌو واسواڻي، ميران هلچل جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ۾ فيشن ايبل ڇوڪرين کي کاڌي پائڻ، ماس خوريءَ جي بدران ڀاڄيون واپرائڻ ۽ ڀڳتي ڀاوَ تي آماده ڪيو.

پر جنهن هلچل سچ پچ طوفان کڙو ڪيو، اها هئي: ”راشٽريه سيوڪ سنگهه“ هيءَ هلچل سنڌ ۾ سيالڪوٽ جي رهواسي، راجپال پُوري (ڄم: 1917ع- ديهانت: 1977ع) شروع ڪئي. جيڪو پوءِ پوئلڳن پاران ’شري گُروجي‘ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. شري گُروجي 1943ع کان 1947ع تائين هرسال خاص ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت ٻين شهرن جو دورو ڪندو هو. انهن دورن دوران هو مختلف ڌرمي اڳواڻن ساڌو واسواڻي ۽ رنگاناٿ، ڪانگريس اڳواڻ ڊاڪٽر چوئٿرام، پروفيسر گهنشيام ۽ پروفيسر ملڪاڻي، عوام دوست واپاري لالجي مهروترا، شو رتن موهٽا، ڀائي پرتاب، سنڌ سرڪار جا وزير نهچلداس وزيراڻي، ڊاڪٽر هيمن داس واڌواڻي، مُکي گوبندرام ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا وڪيل ۽ تعليمي ماهر اچي وڃن ٿا.

راشٽريه شيوڪ سنگهه عاملن ۽ ڀائيبندن، حيدرآبادين ۽ غير حيدرآبادين، شهرين ۽ ڳوٺاڻن، سناتنين ۽ سماجين، پوءِ چاهي اُهي آريا سماجي هجن يا برهمو سماجي، جي اڳوڻي فرق کي دور ڪيو. ڪانگريس ۽ مهاسڀا جي پوئلڳ ڪٽنبن جا ڇوڪرا گڏ کيڏندي ۽ ساڳئي ’ڀگوادواج‘ کي نمندي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. راشٽريه شيوڪ سنگهه سنڌي هندن کي هندوپڻي جو احساس ڏياريو.  اڳ ۾ نوي سيڪڙو شاگرد فارسي پڙهندا هئا. راشٽريه  شيوڪ سنگهه جي اچڻ کان پوءِ پنجانوي سيڪڙو شاگرد سنسڪرت پڙهڻ لڳا. ايتريقدر جو گهڻن شاگردن سنڌيءَ جي بدران هندي کنئي، جو اُنهن مطابق، انهن سنڌي اڳيئي چڱي طرح ڄاتي ٿي.

1908ع ۾ شري رام بوس کي ڦاسي ڏني ويئي ته سندس تصوير حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي سڀني محب وطنن جي گهرن ۾ پنهنجو رستو ڳولهي ورتو. ساڳئي سال حيدرآباد ۾ لوڪرام شرما سوديشي اسٽور قائم ڪيو....... جڏهن ساڳئي سال ٻال گنگاڌر تلڪ کي ڇهه سال قيد جي سزا ڏني ويئي ته گهڻن نوجوانن فرش تي سُمهڻ شروع ڪيو، جيڪا غيرمعمولي ڳالهه هئي، جتي فقير به کٽن تي سُمهندا هئا.

1910ع ۾ آچاريا ڪرپالاڻي، ڪاڪا ڪاليلڪر، سوامي گووندانند، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ٻين حيدرآباد ۾ ’برهم چاريه آشرم‘ قائم ڪيو، جيڪو اڀرندي ڪچي ۾ ڊاڪٽر تاراچند جي اسپتال جي ڀرسان هو. اهو آشرم راڳ، ناٽڪ ۽ ورزش وسيلي نه رڳو محب وطن نوجوان پيدا ڪرڻ جو ادارو هو، پر ٻين محب وطن سرگرمين جو فورم پڻ هو، جنهن ۾ روپوش انقلابين کي پناهه ڏيڻ شامل هو. ڊاڪٽر چوئٿ رام، سوامي آلارام، دين ديال ورهسپي ۽ سوامي ستيه ديوَ، ’گئو رکشا‘ (ڍڳين جي بچاءُ) مهم تي ’بيل صاحب ڪو ڪرو سلام‘ ڳائيندا، سنڌ جي دوري تي نڪتا ۽ انهن ’برهم چاريه آشرم‘لاءِ ٽي هزار رپيا گڏ ڪيا.......... بابا گردت سنگهه جي سر تي چاليهه هزار رپين جو انعام مقرر ٿيل هو. هن کي حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٽي سال پناهه ڏني ويئي. انهيءَ ساڳئي ’ڪوما گاتا مارو‘ جهاز جي واقعي ۾ گووندانند کي پنج سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني ويئي.

1913ع جي هڪ آڌي رات جو، هڪ منڊو مسلمان، پيٽ جي سُور جي شڪايت سان، ڪوٽڙيءَ کان هڪ ڍڳي گاڏيءَ ۾ حيدرآباد ۾ لوڪرام شرما جي گهر پهتو. جڏهن هو اندر آيو ته خبر پيئي ته هو مشهور روپوش انقلابي راش بهادري بوس هو، جنهن 1912ع ۾ دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ لارڊ هارڊنج تي بم اُڇلايو هو.......... ڊاڪٽر چوئٿرام، راش بهاريءَ لاءِ پيسن جي بندوبست ڪري کيس افغانستان رستي جاپان وڃڻ لاءِ امرتسر روانو ڪيو........ انهيءَ کان اڳ، حيدرآباد وارن پنڊت مدن موهن مالويه جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ کيس مان – پتر سنسڪرت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنت ڪانگريس جي صدر مقرر ٿي ته هن سنڌ جي قوم پرست مسلمان، غلام محمد ڀرڳڙي (ڄم: 1878ع- وفات: 1924ع) کي ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو.

1920ع ۾ جڏهن لوڪمانيه تلڪ سنڌ جي دوري دوران  حيدرآباد ۾ آيو ته نوجوانن سندس گاڏي ڇڪي؛ عورتون پهريون پنهنجي گھرن مان ٻاهر نڪري آيون ۽ کيس آرتي پيش  ڪيائون. تلڪ ڏاڍو خوش ٿيو. هن پنهنجي اخبار ۾ ’ڪيسري‘ ۾ لکيو: . جيڪڏهن هر صوبي ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام  جھڙا ماڻهو هجن ته جيڪر اسين جي غلامي جون زنجيرون بنا دير ٽو‎ڙي سگھون ٿا. هوڏانهن جڏهن گانڌي رولٽ ائڪٽ جي مخالفت ۾ سڏ ڏنو، ته سرگم ٿيا سافسٽ جيٺمل پرسرام ماڻهن کي مصيبتن ۽ قربانين جي راڳ ڪال جي هٽ ڪسڻ جوڪوپ  وهي - ۾ شامل ٿيڻ جي  دعوت ڏني، جنهن ڪري کيس ٻه سال سخت پورهئي سان  قيد جي سزا ڏني ويئي.

32-1930ع جي ’ستياگرهه‘ هلچل سنڌ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ماڻهو شهر شهر وڃي ولايتي ڪپڙو گڏ ڪري  گڏهن تي ڍوئي، تيلي ڏيندا هئا ۽ تماشبين پنهنجا ٽوپلا وغيره لاهي ٻرندڙ باهه ۾ اڇلائيندا هئا..........  سنڌي عورت پڻ  وڏي  پيماني تي  جلوس ۽ بهشڪاري  ٽولي ۾   حصو وٺڻ لاءِ  پهريون ڀيرو  گھر جي  چوديواري کان ٻاهر نڪتي. ان کان ٿورو ئي پوءِ،  بمبئي  پريزيڊنسيءِ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد  وڏي ۾ وڏا طوفاني مرڪز ٿي پيا.  تڏهن سنڌ جي  آدمشماري  چاليهه لکن کان به گھٽ هئي،  جنهن  جو ٽيهه سيڪڙو  هندو هئا........  رڳو 1930ع واري سال 427 ماڻهو جيل ۾ ويا.

سڀاش بوس جي معاملي ۾ ،ٻنهي طرفن کان محبت هئي. 1938ع ۾، پتاڀي سيتا راميا جي  مقابلي ۾، سنڌ سڀاش کي ڪانگريس جي صدر  حيثيت  ۾ ٻيهر چونڊن ۾ متفق طور ووٽ  ڪيو. هڪ ڀيري جڏهن سڀاش بوس حيدرآباد مان ريل رستي  روانو ٿي رهيو هو ، ته ڪنهن مذاق ۾ کيس صلاح ڏني ته کيس ڪنهن سنڌي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ گهرجي . ائين ڪرڻ سان کيس قومي مقصد لاءِ چڱو ڏاج ملي ويندو. سڀاس وراڻيو ته: هو ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بشرطيڪ ڊاڪٽر چوئٿرام رهنمائي  ڪري، پڇا مان پتو پيو ته جيڪي اتي ان وقت موجود هئا.سي سڀ ڪنوارا هئا.  انهيءَ تي سڀاش چيو: ” اچو ته هندستان جي ڪنوارن جي هڪ  پارٽي ٺاهيون، جنهن جو صدر چوٿرام ٿئي  ۽ سيڪريٽري مان. اسان انهي پارٽي  کي  ’ جئي هند پارٽي ‘ ڪوٺينداسين. اسان جو مقصد  ملڪ جي خدمت جي خوشي لاءِ شادي جي  مزن کي قربان  ڪرڻ هوندو.“ ظاهر آهي  ته انڊين نيشنل آرمي  جو بنياد  وجھڻ کان گھڻو اڳ سندس ذهن ۾  ’جئي هند‘ جي سوچ  هئي.

جڏهن سڀاش بوس ڏور – اوڀر ۾ انڊين نيشنل آرمي قائم ڪئي ته سنڌ سُٺا ۽ وڏا حمايتي اُتي جا سنڌي واپاري هئا. سڀاش بوس ۽ گانڌي، ٻنهي ڄڻن سنڌين کي’عالمي شهري‘ ڪوٺيو آهي، جو اُهي هرهنڌ موجود ملن ٿا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته گانڌي جا سنڌ ۽ سنڌين سان تعلقات سڀنيءَ کان وڌيڪ ويجها هئا. هن پنهنجي 27- مئي 1947ع جي پرارٿنا ۾ چيو هو: ”سنڌ جي هندن کي ڇو ڊڄڻ گهرجي؟ کين هراسان ڇو ٿيڻ گهرجي؟ ڊڄڻ بدران اُهي رام جو نالو ڇو نٿا وٺن؟ سنڌ واسي چاهين ٿا ته مان وٽن وڃان. مان گهڻن سالن کان سنڌ نه ويو آهيان. پر مون سنڌ واسين سان اهڙا ويجها رشتا رکيا آهن، جو ڪنهن وقت مان پاڻ کي سنڌي سڏائيندو هوس.“

گانڌي سنڌين وچ ۾ هڪ نهايت گرمجوشيءَ وارو رشتو قائم ڪيو هو. هو سنڌ ۾ (حيدرآباد سميت) 1916ع کان 1934ع تائين ست ڀيرا آيو........ اهو حيدرآبادي جيئرامداس ئي هو، جنهن 1930ع ۾ گانڌي کي پنهنجي آتم ڪٿا ”سچائي جا تجربا“ مڪمل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. پر گانڌي جي زندگي ۽ ڪارنامن ۾ سڀني کان اهم اڳواڻ هو. حيدرآباد جو آچاريا جيوترام ڀڳوان داس ڪرپالاڻي. جنهن جي گانڌي سان پهرين ملاقات 1915ع ۾ شانتي نڪيتن ۾ ٿي هئي....... گانڌيءَ جا واسطا آچاريا گدواڻي سان پڻ اوترا پيار ڀريا هئا.

گانڌي خاص ڪري حيدرآبادي عاملن ۾ ڏيتي – ليتي (ڏاج) جي سنڌي رسم کان ڪافي هراسيل هو. هن 1934ع ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن کي چيو: ”هتي هو صاحبلوڪن ۽ پارسين جي نقل ڪرڻ جي ڪُوشش ڪن ٿا. جڏهن مون سنڌ جي پهرين دوري  دوران ڇوڪرين کي ڏٺو ته مان حيران ٿي ويس ته اُهي ڪيئن نه پارسي ڇوڪرين ۾ گهيريل آهن. پوءِ مون کي خبر پئي ته اهي عامل طبقي جون ڇوڪريون آهن. مونکي ’ڀائيبندن‘ جي باري ۾ خبر هئي. البت ’عامل‘ نالي کان ڊنل هئس. مون کي تجسس هو ته اهي الائجي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هوندا. جڏهن مون عاملن کي ڏٺو ته اهي بلڪل صاحبلوڪن جهڙا هئا.“

گانڌي وڌيڪ چيو: ”سنڌ جا عامل گهڻو ڪري انهيءَ صوبي جي سڀني ذاتين کان ترقي يافته آهن. پر سندن سموري ترقيءَ جو هوندي به منجهن ڪجهه اهڙيون گنڀير خرابيون آهن، جيڪي رڳو وٽن ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن خرابين ۾ ڏيتي ليتيءَ جي رسم گهٽ گنڀير آهي....... مائٽن کي پنهنجي ڌيئرن کي اهڙي تعليم ڏيارڻ گهرجي، جو اُهي اهڙن نوجوان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪن، جيڪو شادي ڪرڻ جي قيمت وصول ڪري، ۽ انهيءَ نيچ رسم ۾ حصيدار ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ ڪنوارو رهي.“

جڏهن اڳوڻي وڏي وزير الله بخش سومري جي قتل جو الزام مسلم ليگ جي وزير ايوب کهڙي تي لڳو ته هن پنهنجي بچاءُ جو وڪيل محمد علي جناح کي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جناح انڪار ڪيو...... پر پوءِ جناح اهو مقدمو رڳو وسنت. ٽي. ڪرپالاڻي جي اتفاق سان آگري جي سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ کڻڻ لاءِ آماده ٿيو........ پوءِ ڀولاڀائي نالي هڪ وڪيل کهڙي جو وڪيل ٿيو، جنهن تي گانڌي، ڀولا ڀائي کي لکيو: ” توکي اها گذارش ڪرڻ ۾ مون کي هٻڪ ٿئي ته کهڙي جي مقدمي جا ڪاغذ چڪاسڻ کانپوءِ، جيڪڏهن تون محسوس ڪرين ٿو ته هو بيگناهه آهي، ته پوءِ تون بيشڪ هن لاءِ وڙهه، پر جيڪڏهن تون محسوس ڪرين ٿو ته هو ڏوهاري آهي، ته کيس ڏوهه قبولڻ جي صلاح ڏي يا کيس معاف ڪرڻ لاءِ چئو.“ ڀولا ڀائي مقدمو ڇڏي ڏنو. پوءِ کهڙي کي ڏيئل مل نالي هڪ حيدرآبادي وڪيل ڦاسيءَ کان بچايو. جلد ئي سيشن جج ويلس، جيڪو اهو مقدمو هلائي رهيو هو، وقت کان اڳ ۾ پُراسرار حالتن هيٺ رٽائرڊ ڪيو ۽ برطانيا هليو ويو.

1947ع ۾ جڏهن سنڌي هندن لڏڻ شروع ڪئي، ته گانڌي لکيو: ”جيڪڏهن هڪڙو به سنڌي سنڌ (حيدرآباد سميت) مان لڏي ٿو ته گورنر جنرل جي حيثيت سان مسٽر جناح لاءِ اها شرم جي ڳالهه آهي.“ هن وڌيڪ لکيو: ”سنڌي – هندو اول درجي جا واپاري آهن. اهي ممبئي، مدراس يا ٻين هنڌن ڏانهن ڇو ٿا ڀڄن؟ کين ڪوبه نقصان نه رسندو. پر سنڌ گهاٽي ۾ رهندي، ڇو ته اُهي ڪٿي به ويندا اُتي پنهنجي لاءِ پئسا ڪمائيندا. سنڌي ڏکڻ آفريڪا ۾ موجود آهن. دنيا جو اهڙو ڪو هنڌ ناهي، جتي سنڌي نه هجن. هو ڏکڻ آفريقا ۾ گهڻو پيسو ڪمائين ٿا ۽ انهيءَ مان فراخدليءَ سان غريبن تي به خرچ ڪن ٿا.“

سنڌ ۾ هندو – مسلم ڇڪتاڻ ۾ وڏي ۾ وڏو واحد عنصر مذهب مٽائڻ جو هو، جيڪو برطانوي راڄ ۾ پڻ جاري رهيو. انهن واقعن صوبي کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ ٻنهي فرقن جي ناتن کي زهريلو ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڏس ۾ جيڪو سڀ کان سنسني خيز واقعو ڄاتو ويو - ۽ شايع  ٿيو اهو هو ’شيخ جو مقدمو‘. 1881ع ۾ حيدرآباد جي هندن جي مکي شوقيرام آڏواڻي جو سئوٽ مورج مل آڏواڻي مسلمان ٿيو. ساڻس گڏ سندس ٽي پُٽ پڻ مسلمان ٿيا. منجهانئن هڪڙي ميوارام، پنهنجي زال مٺي ٻائي سندس چئن ٻارن سميت –خوشحالي، نهالي، پرمانند ۽ هيميءَ کي پاڻ سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو، پر هنن انڪار ڪيو. ميوارام گارجين اينڊ وارڊس ائڪٽ هيٺ حيدرآباد جي انگريز سيشن جج وٽ ٻن وڏن ٻارن جي قبضي لاءِ مقدمو داخل ڪيو. هندن انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي لاءِ للڪار ڄاتو. شوقيرام جي پُٽن نولراءِ ۽ تاراچند مقدمي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجويهه هزار رپين جي رقم گڏ ڪئي. چيو وڃي ٿو ته مسلمانن چاليهه هزار رپيا گڏ ڪيا. هندن پاران جئرامداس جي پيءُ تولارام مقدمي جي پيروي ڪئي ۽ مسلمانن ڪراچيءَ جي مدرستہ الاسلام جي حسن علي آفنديءَ کي وڪيل ڪيو. باهه تي تيل پئجي چڪو هو.

خوشحالي، جيڪا ان وقت اٺن ورهين جي هئي، ڪورٽ اڳيان چيو ته هن لاءِ سندس پيءُ تڏهن ئي مري چڪو هو، جڏهن هن پنهنجو ڌرم ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورٽ کي کيس پڻس جي حوالي ڪرڻو ئي آهي ته اول کيس ڦاسي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي وڃي. ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ٻنهي ڇوڪرين کي ميوارام جي حوالي ڪرڻ ڏوهه ٿيندو. ميوارام هاءِ ڪورٽ ۾ ويو، پر انهيءَ وچ ۾ ٻنهي ڇوڪرين جي شادي ڪرائي ويئي ۽ ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي. ميوارام پوءِ چاليهن اُٺن تي هٿياربند مسلمان آندا، ته جيئن ٻنهي ڇوڪرين کي زوري کڻائي وڃي سگهي، پر ٻئي پُٺين در مان نڪري ڀڄي ويون. مٺي ٻائي ۽ سندس ٻار پوءِ امرتسر درٻار جي سنڀال ۾ هليا ويا، جو مسلمانن سکن کان ڪن ٿي هنيو. سندس پُٽ پرمانند ميوارام آڏواڻي ڪراچي جي انڌن جي اسڪول جي پرنسپال جي حيثيت سان نالو ڪڍيو.

جلد ئي پوءِ آچاريه ڪرپالاڻي جو وڏو ڀاءُ ڏيئو مل مسلمان ٿي شيخ عبدالرحمان ٿيو. جيئن ته هن پنهنجي وڏي ڀاءُ، ٺاڪرداس جي جيئري مسلمان ٿيڻ جي همٿ نٿي ڪئي. تنهنڪري هو کيس پنهنجي مسلمان دوستن سان گڏ ڦليلي واهه ۾ ترڻ لاءِ وٺي ويو ۽ اُتي کيس ٻوڙي ماريائين. ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن سندس ودوا ڀاڄائي پنهنجي ماءُ سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري ته کيس زوري ڇڪي ٻاهر آيو - ۽ کيس مسلمانن جي پاڙي ۾ وٺي ويو. ان کانپوءِ سندس  ڪابه سُڌ نه پيئي. جلد ئي پوءِ، ڏيئومل پاڻ مسلمان ٿيو. پوءِ هن پنهنجي ٻارهن سالن جي ڄمار واري ننڍي ڀاءُ نانڪ کي اسڪول مان اغوا ڪيو ۽ کيس مسلمان ڪرائي، سرحد ڏانهن موڪلي ڇڏيائين. نانڪ 1911ع ۾ اٽليءَ خلاف ترڪن لاءِ وڙهندي مارجي ويو.

اُهي پناهگير ئي هئا، جن 26- ڊسمبر 1947ع تي حيدرآباد ۾ ۽ 7- جنوري 1948ع ۾ هندن کي قتل ڪيو ۽ لُٽيو. جڏهن وڏي وزير ايوب کهڙي فسادين  جي خلاف قدم کنيو ۽ کانئن لُٽيل ڦُريل سامان واپس ورتو ته پناهگيرن جو وڏو اڳواڻ لياقت علي خان سندس مخالف ٿي پيو. سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظر“ ۾ لکي ٿو ته: سنڌي اڳواڻن سندن چڱائي ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪرڻ لاءِ جناح کي آڇ ڪئي، پر لياقت علي خان ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي حيدرآباد منتقل ٿيڻ لاءِ چيائين. جڏهن سنڌين کيس ڪراچيءَ جي نقصان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عيوضو ڏيڻ لاءِ چيو ته کين چيو ويو ته اها ’فتح ڪيل سر زمين‘ آهي، جنهن لاءِ ڪوبه عيوضو نه ٿيندو آهي. (35)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org