مهيني ذوالقعد 1182 هه ۾، نيرون ڪوٽ جي وسندي تي، هڪ سگهارو جبل
آهي، تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي. ”نيرون
ڪوٽ“ جيڪو ملڪ جو هڪ جھونو ۽ مشهور قلعو آهي، سو
گھڻي وقت کان ڊهي ويو ۽ سندس شهرت وڃي هڪ ڳوٺڙي
جيتري بيٺي هئي. 1182هه ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
هن جاءِ کي پنهنجي خاص رهڻ جي لاءِ پسند فرمائي
مضبوط قلعي ۽ شاندار شهر جو بنياد رکيو. قلعي ٺهڻ
وقت ڪن لاشن جي نڪرڻ وقت ماڻهن کي ڪي عجائبات نظر
آيا. هتي ستل ڪيترن ئي بزرگن، جن کي فوت ٿئي سوين
سال گذري ويا، تن جا لاش صحيح سلامت نڪتا. انهن
مان هڪ زال ۽ مرد پراڻين قبرن مان اهڙا تازا نڪتا
جو ڄڻ ته جيئرا هجن. چون ٿا ته اهي عاشق ۽ معشوق
هئا. نئين قلعي ۽ شهر جو نالو”حيدرآباد “ مقرر
ٿيو. قلعي جي مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! واقعي هن
کان اڳ سنڌ ۾ اهڙو قلعو ڪو ورلي نظر ايندو.“ ”قلعو
1182 ھ ۾ جڙي راس ٿيو. ان جي آڏو سامهون ٽڪر جي
مٿان شهر اڏائي، رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾
رهايائون. ذوالحج مهيني ۾ ديري غازي خان موٽڻ تي،
ميان غلام شاهه جن اچي انهي قلعي ۾ رهيا“.
مير علي شير جي هن معتبر بيان موجب، ذوالقعد 1182هه ۾ قلعي تيار
ڪرڻ جي تجويز عمل ۾ آئي. ۽1182ھ ۾ ئي قلعو جڙي راس
ٿيو جو ذوالحج ۾ ميان غلام شاهه اچي هتي رهيو. انهي مان ظاهر
آهي ته وڏي همت ۽ محبت سان ڪم ٿيو هوندو، جو ٻن
مهينن ۾ هي عاليشان قلعو جڙي راس ٿيو.
اها تاريخي حقيقت انوقت جي حڪومت جي حسن انتظام ۽ آفيسرن جي همت
تي شاهد آهي.ويچاريو وڃي ته باوجود وسائل،پئسي،
وڏي سرڪاري عملي ۽ ڌار ڌار کاتن جي، جيڪر هن وقت
حڪومت طرفان اهڙي قلعي جي تعمير جي تجويز منظور
ٿئي ها، ته ٻن مهينن تائين اهڙو قلعو تيار ٿي سگھي
ها؟ جي تيار ٿي سگھي ها ته گھڻو وقت جٽاءُ ڪري ها؟
پر ان وقت جي، حاڪم کان وٺي مزور تائين، سڀني
سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو.
خود قلعي ۽ شهر بڻجن وارو سال 1182ھ، هن قراني آيت مان نڪتو ته
”يا رب اجعل هزا البدا آمنه“ يعني ته ”اي ڌڻي هن
شهر کي امن وارو ڪر!“ اهوئي ماده تاريخ سنگ مرمر
جي تعويذ تي اڪرايو ويو. جيڪو ”سنگ بنياد“ طور تي
قلعي جي دروازي مٿان هڻايو ويو.
هيٺيان انهي تعويذ تي قلعي جي بناء بابت هي لفظ ڏنل آهن:
”بامر عالي مظهر ولايت ميان غلام شاهه خان عباسي بن ميان
نورمحمد يار محمد بن ميان نصير محمد عباسي بنا
يافت“.
اهو پڻ ظاهر آهي ته نئون قلعو قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي
ٻڌو ويو، جو بنيادن کوٽڻ وقت هتان اڳوڻي وقت جا
لاشا نڪتا. سامهون جيڪو شهر ٻڌايو ويو، ان بابت
هاڻوڪين روايتن مان ايتري ڄاڻ ملي ٿي ته شهر جي
اها ايراضي اُتر طرفان قلعي لڳ ۽ هاڻوڪي شاهي
بازار کان اوڀر طرف، ”طاهر بازار“ جي لڳ ڀڳ ويجهو
هئي.
ابتدا ۾ جيڪي ماڻهو اچي شهر ۾ ويٺا، تن مان لڳي ٿو ته هڪڙا
”ناهيان“ هئا، جي سڀ فوج جا ماڻهو هئا ۽ ٻيا هئا
توبن جا گولي انداز، جن کي پوءِ ”گلِ انداز“ ڪري
سڏيو ويو. چون ٿا ته گولي اندازن جو وڏو شهباز خان
هو، جيڪو قنڌار مان آيو هو. ڪي ڪاسبي ۽ ڪاريگر ۽
دڪاندار ۽ واپاري به شهر ۾ تڏهن وسايا ويا هئا.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڪيل ديوان گدومل، خداآباد کان ٻيڙين
۾ چڙهي اچي اُلهندي طرف حيدرآباد جي سامهون لٿو.
گدومل اتي ئي رهائش اختيار ڪئي ۽ اهڙي ريت گدو
بندر ۽ گدوءَ جي ٽنڊي جو بنياد پيو.
1185هه ۾ ميان غلام شاهه، حضرت سيد محمد مڪيءَ جي مزار جي حفاظت
لاءِ ڪچو قلعو ٺهرايو، جنهن کي اُتر طرف گهڻي ڀاڱي
۾ وڌايو ويو. انهيءَ اُترئين ڀاڱي جو دروازو
اُڀرندي طرفان جدا آهي، ۽ انهن برجن ۾ شايد ميان
صاحب هتي پنهنجا فوجي دستا رکيا هوندا. ته جيئن
ڏکڻ طرفان ٿيندڙ حملي کي منهن ڏيئي سگهجي. ٽڪري،
جي اُترئين ڇيڙي تي، هاڻوڪي جبل کان اتر اولهه
طرف، ميان صاحب پنهنجي مقبري جي جاءِ چونڊ ڪئي ۽
ان جي بچاءَ لاءِ چوڌاري ڪچو قلعو ٺهرايو. انهيءَ
قلعي جي دروازي وارا برج ڏيکارين ٿا ته اُتي به
انهي اترئين پاسي جي چوڪسيءَ خاطر فوجي چوڪي قائم
ڪئي ويئي هئي.
ميان غلام شاهه جي وقت ۾ مجموعي طور سان، حيدرآباد جي لڳ ڀڳ اها
ئي پکيڙ ۽ آبادي هئي.
قلعي جي تڪميل کان پوءِ چوٿين سال 1186هه ۾ ميان غلام شاهه جهڙي
باهمت ۽ نيڪ ڪردار حاڪم وفات ڪئي ۽ وڃي دارلبقا ۾
آرامي ٿيو. ڪنهن چيو ته ”ميان خُفة“ (يعني ميان
آرامي ٿيو)- ۽ انهيءَ فقري مان ئي، ابجد جي حساب
موجب سن وفات ”1186 “ نڪتو. کيس شهر جي اتر ۾ تيار
ڪرايل ڪچي قلعي اندر دفن ڪيو ويو. سندس پُٽ ميان
سرفراز مٿس روضو ٺهرايو، جيڪو فن عمارتسازي جي
لحاظ کان خاص اهميت رکي ٿو.
ميان غلام شاهه جي توجهه سان حيدرآباد جو بخت کليو. ميان غلام
شاهه جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ ميان سرفراز هالن
لڳ ”خدا آباد“ کي 1186هه ۾ پنهنجي گادي بنايو. پر
جيئن ته غلام شاهه حيدرآباد ۾ دفن ٿيو هو، تنهنڪري
ڪلهوڙي خاندان جو مقام وري به حيدرآباد ئي ٿيو.
ميان غلام نبي، جڏهن مير بجار خان جي مقابلي ۾
لياري (لڳ جهول، تعلقو سنجهورو) واري ويڙهه ۾
مارجي ويو، تڏهن کيس هتي آڻي دفن ڪيو ويو. ميان
غلام نبيءَ جو قبو، ميان غلام شاهه جي مزار ۽ گرلس
ڪاليج جي وچ تي هڪ وسيع ايوان ۾، هڪ ڪشادي ٿلهي جي
وچ تي، نهايت سهڻي سٽاءَ سان اڏيل آهي. ميان غلام
شاهه جو ڀاءُ ميان عطر خان پڻ هتي ئي دفن ٿيو.
سندس قبر گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي حدن اندر هڪ
چوديواري ۾ گڏ بيٺل، ٻن وڏين قبرن مان اُڀرندي طرف
واري آهي. ان بعد جڏهن ميان عبدالنبي، ميان سرفراز
۽ ٻين ڪلهوڙن صاحبزادن کي قلعي جي هڪ قيدخاني ۾
قتل ڪرايو ۽ انهن کي ٽڪريءَ کان هيٺ الهندي پاسي
دفن ڪيائون. اهو ”شهيدن جو قبرستان“ سڏجڻ لڳو، جتي
پوءِ طاهر خدمتگار، الهداد چنڊ، ۽ ٻيا مشهور ماڻهو
به دفن ٿيا. ميان غلام شاهه جو ڀاءُ ميان عطر خان،
ميان غلام نبي لڳ دفن ٿيو. سندس قبر گورنمينٽ گرلس
ڪاليج جي حدن اندر هڪ چوديواريءَ ۾ ٻن وڏين گڏ
بيٺل قبن مان اڀرندي طرف واري آهي.
1198هه، 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جو درو شروع
ٿيو. 1789ع ۾ مير فتح علي خان، خداآباد کي هميشه
لاءِ ڇڏي، هڪ باقاعدي تجويز ۽ تياريءَ سان اچي
حيدرآباد کي تخت ۽ طاقت جو مرڪز بنايو. پهريائين
شهر جي سٽاءَ ۽ آباديءَ طرف ڌيان ڏنائين.
خداآباد ۾ جيئن وچان سڌي بازار هئي، تيئن حيدرآباد جي قلعي جي
دروازي جي سامهون سڌي بازار قائم ڪيائين. جيئن ته
اڳين آبادي انهي شاهي بازار جي منڍ کان اوڀر –
اُتر طرف هئي ۽ اها سڄي مسلمان آبادي هئي، انهي
ڪري شاهي بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي آباد
ڪيائين. شاهي بازار جي اولهه طرف، قلعي جي سامهون
شايد اڳ به ڪجهه مسلمان آبادي هئي، جا گاهڻي اڳتي
جمن شاهه جي پڙ تائين وڌي. جڏهن ته انهيءَ ٽڪر ۾
ديوان گدومل ۽ سندس ڪٽنب کي، جي گدو بندر مان لڏي
آيا. ”مير محمد خان جي پڙ“ جي ڀرسان اڀرندي طرف
جاءِ ڏني وئي- گدواڻي گهٽي انهيءَ ڪٽنب جي اصلي
جاين جو يادگار آهي.
وڏو ڌيان ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جي آباديءَ تي ڏنو ويو، جيئن هنر جي
ترقي ٿئي ۽ ڪارخانن ذريعي شهر شاهوڪار ٿئي. واڍا ۽
رازا خدا آباد مان آندا ويا، ۽ انهن خدا آباد واڍن
کي ”واڍن جي پڙ“ واريءَ اراضي ۾، ۽ رازن کي کاهي
روڊ واري زمين تي آباد ڪيو ويو. فوجي ضرورت لاءِ-
”تيوَرا“ قبيلي جا ماڻهو، جي تراريون صاف ڪندا
هئا: رتناڻي، جي خيما دور يا تنبو ٺاهيندڙ هئا:
نال بند ۽ نوبتون نغارا مڙهيندڙ ”بزرگر“ آڻي
ويهاريا ويا. ”گولي انداز“ جيڪي ڪلهوڙن جا فوجي
ماڻهو هئا، تن کي پهريائين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو
ويو، جنهن ڪري شهباز خان روپوش رهيو (۽ چون ٿا ته
وفات به اتر سنڌ ۾ ڪيائين، ۽ کيس آدم شاهه جي
ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو)، پر پوءِ گولي اندازن جي
دلجوئي ڪري کين آباد ڪيو ويو.
بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار تاڙي ”خاطو بند“ ڪاريگر
وري هٿيارن جي ڳنن توڙي عاج ۽ ڪاٺ جي سامان تي
جڙاوت جو ڪم ڪندا هئا، تن کي وسايو ويو. ڀائي خان،
جنهن جي نالي چاڙهي سڏجي ٿي، سو ترارين ٺاهڻ جو
ڪاريگر هو.
بهرحال، مير فتح علي خان جي عهد ۾ کانئس پوءِ حيدرآباد ڪاسبين،
ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو مرڪز بنجي ويو. ڪوري، کٽي،
کهنباٽي، رنگريز، زري دوز، پاٽولي، زرگر (سونارا)،
وينجهر، چوڙيگر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر يا نقاش،
لوهار، ٺاٺارا، ۽ ڪاسائي شهر جي آباديءَ جو اهم
حصو بنجي ويا. انهيءَ عام آبادي کان سواءِ ٽالپر
حڪمرانن پنهنجن نوابن، خدمتگارن، آخوندن ۽ طبيبن
کي به موزون جايون سندن حويلين، سرائن ۽ اوطاقن
لاءِ ڏنيون. شهر جي آباديءَ جا خاص حصا شاهي بازار
جي ٻنهي پاسي گهٽين، پاڙن يا پڙن جي نالن پويان
مشهور ٿيا. ٽالپري عهد ۾ خاص شهري آباديءَ جو
تفصيل لڳ ڀڳ هيٺينءَ طور هو.
(الف) شاهي بازار جو الهندو پاسو (ڏکڻ کان اُتر): قلعي جي
دروازي آڏو وڏو برج هوندو هو، جنهن تان سڌو شاهي
بازار تي توڙي اُلهندي ۽ اُڀرندي پاسن طرف نظر
پيئي پوندي هئي. انهيءَ برج جي الهندي طرف ”مير
نصير خان جو پڙ“ هو، جنهن جي ڀرسان اتر طرف ”مير
محمد خان جو پڙ“ هو. انهيءَ جي ڀرسان جمعدار ڪَوڙي
ناريجي جون حويليون هيون، جتي ناريجن واري مسجد
اڃا تائين موجود آهي.
هيٺ اولهه طرف ڀائي خان لوهار جو پاڙو ۽ پِڙ هو، جنهن تان
”ڀائيخان جي چاڙهيءَ“ جو نالو پيو. انهي چاڙهي جي
مٿان ٺاٺارن جو پاڙوهو. مٿي ”اصحابي جي قبر“ لڳ ،
نال بندن جي مسجد ۽ پاڙو هئا. مير محمد خان پِڙ وٽ
زرگر يا سونارا آباد هئا. ساڳيءَ جاءِ تي کٽين جو
پاڙو هو، جي مير صاحبن جا ڪپڙا ڌوئندا هئا.
منجهائن آخر ۾ حسين بخش کٽي هو، جو هزهائينس حاجي
نور محمد خان وارن جا ڪپڙا ڌوئيندو هو.
اُتان اُتر طرف اڳتي ”پرور شاهه جو پڙ“ هو، جنهن جي ڀرسان
خاطوبندن جو پاڙو ۽ خاطو بندن جي گهٽي هئي، جا
”چوڙيگرن جي گهٽي“ پڻ سڏبي هئي: پاڪستان کان پوءِ
اها ”ريشمي گهٽي“ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي.
گڏوگڏ جمن شاهه جي پڙ کان پوءِ وينجهرن جي پاڙو
هو، جي مڻيا موتي مونڌيندا هئا. ان جي لڳ يتيم
شاهه جي مزار هئي، جتي مير صاحبن طرفان مسجد
جوڙائي ويئي. جيڪا مير غلام عليءَ جي نالي سان
مشهور ٿي. ڀرسان مرزا لطف علي جو پڙ، ۽ بوچالي
شاهه جو پڙ هو. جنهن تان ”بوچالي شاهه جي چاڙهيءَ“
تي نالو پيو. هيٺ وري ”پکا پير وارو اوتارو“ هو،
جتي بلوچ سردان جي وڏي اوطاق هئي. جمن شاهه جي پڙ
کان وٺي ڇوٽڪي گهٽيءَ تائين خداآبادي هندو
ڀائيبند، ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ کان وٺي سري گهاٽ تائين
خدا آبادي هندو عامل آباد هئا. هيٺ اُلهندي طرف
ڪاساين جو پڙ ۽ احسان علي شاهه جو اوتارو هئا. جتي
پڻ ٻاهريان قومي سردار اچي اوطاقي ٿيندا هئا.
(ب) شاهي بازار جو اُڀرنديون پاسو (ڏکڻ کان اُتر): قلعي جي
سامهون شاهي بازار کان اوڀر طرف جيڪا گهٽي اُتر-
اوڀر رخ تي وڃي ٿي، اها ”طاهر بازار هئي، جنهن تي
اهو نالو نواب سرائي طاهر خدمتگار جي نالي تان
پيو. سرائي طاهر خدمتگار پاڻ قلعي اندر رهندو هو.
طاهر بازار کان اندر تي اشرف شاهه بخاريءَ جي مزار
وارو محلو هو. انهي لڳ، ”لونگ ڀڳت جي گهٽي“ واري
اراضيءَ ۾ صيقل گر تيوَرا رهندا هئا، جي تراريون
صاف ڪندا هئا. انهن مان عبدالڪريم تيوَرو، مير
حاجي نور محمد خان واري وقت ۾ هو. تيوَرن جي ڀرسان
ڦڻي گر رهندا هئا، جن جي پاڙي لڳ ”نهال شاهه جو
پڙ“ هو.
انهيءَ جي ڀرسان زري دوزن جو پاڙو هو. هتي جي ڪاريگرن جو زري
دوزيءَ جو ڪم مشهور هو، ۽ ٽالپري عهد جي خاتمي بعد
سال 1875ع ۾ پڻ هتي هڪ سئو ڪاريگر هئا، جي سون ۽
چانديءَ جي زري جو ڪم ڪندا هئا. هن پوئين زماني ۾
اوستو محمد صالح ۽ اوستو عبدالله زري دوزيءَ جي
هنر جا آخري ڪاريگر ٿي گذريا. زري دوزن سان لڳ،
”کهنباٽي گهٽيءَ“ وٽ کهنباٽين جو ويڙهو هو، جي
رڱاوت جو ڪم ڪندا هئا. ان جي ڀرسان فقير جوڻيجي
خدمتگار جو پِڙ هو، جو هينئر عام طور تي ”فقير جو
پِڙ“ سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان ميان يونس وارن جون
حويليون هيون. ميان يونس جي نياڻي مير محمد نصير
خان جي گهر ۾ هئي، ۽ ڏانهنس نظربنديءَ واري حالت ۾
مير صاحب جيڪي ڪلڪتي مان خط لکيا، سي ادبي لحاظ
توڙي خانه داري تعلقات جي نقطي نظر سان وڏي اهميت
رکن ٿا.
انهي کان پوءِ نواب محمد خان ٽالپر جي نالي پويان جيڪا ”نواب جي
چاڙهي“ يا ”ٺوڙهي جي چاڙهي“ سڏجي ٿي، ان جي ڏکڻ
طرف رتناڻين جو پاڙو هو، جي ”خيمه دوز“ هئا، ۽ مير
صاحبن جا تنبو ٺاهيندا هئا. منجهانئن بهادر خان
مشهور ٿي گذريو آهي. انهن جي ڀرسان ڪمانگرن يا
نقاشن جو پاڙو هو. چاڙهيءَ جي اُتر کان نواب صاحب
جون سرائون ۽ اوطاقون هيون، جتي بعد ۾ جناب قاضي
امام علي صاحب مختيارڪار ۽ مئجسٽريٽ جن رهڻ لڳا.
ان جي ڀرسان طبيبن جو پاڙو هو، جن مان وڏو حڪيم
محمود انصاري، سندس پٽ محمد حسن ۽ حڪيم محمد جعفر
ٿي گذريا. اتان اڳتي ” گنج بخش جو پڙ“ هو، جتي پڻ
نقاش رهندا هئا، ۽ اڃا تائين رهن ٿا.
انهي بعد شيراڻي مُلن جو پاڙو ۽ اڳتي هاشماڻين ۽ حميراڻين جا
پاڙا هئا. ان بعد ”ناهين جو پڙ“ هو، جتي ناهيان
رهندا هئا. جي ڪلهوڙن جي ڏينهن کان فوج ۾ هئا ۽
ميرن جي ڏينهن ۾ پڻ فوج ۾ شمار ٿيل هئا. ناهين جي
پڙ جي اولهه ۾ کٽين جو ويڙهو هو، ۽ ان جي اولهه ۾
”سانول شاهه جو پڙ“ ۽ ”مڇي هٽ بازار“ هئا. ساٽي
انهيءَ مڇي- هٽ بازار ۾ اچي مڇي وڪڻندا هئا. ناهين
جي پڙ جي اتر ۾ ”امير شاهه بخاري جو پڙ“ ۽ ”دينوءَ
جو پڙ“ هئا. امير شاهه اُچ جي ساداتن مان هو ۽ مير
نصير خان جي ڏينهن ۾ هتي آيو. دينو شيخ نيروٽي هو،
۽ سندس اولاد مان ميرن جو مشهور خفتي شڪاري ” محمد
شينهن مار“ ٿيو.
انهي بعد قاضين ساداتن جو پاڙو هو، جن مان مشهور شاعر فاضل شاهه
ٿيو. انهن جي ڀرسان ”گل اندازن“ يعني گولي اندازن
جو پاڙو هو، جن مان هن پوئين دور ۾ ميان علي بخش،
ڊرائينگ جو استاد مشهور ٿيو. جيڪو هن وقت رٽائرڊ ۽
پيرسن آهي. گل اندازن جي اتر ۾ ڪوري رهندا هئا ۽
سندن ”ڪورين جو پڙ“ اڃا تائين مشهور آهي. ان جي
اتر ۾ ”واڍن جو پڙ“ هو، جتي سندن ”واڍن جو پڙ“
مشهور آهي. واڍن جي پڙ کان اوڀر طرف ”خير شاهه جو
پڙ“ هو، ۽ اتر طرف اوتارو هو، ۽ ٽيئن نمبر تلاءُ
طرف سرازن جو ويڙهو هو.
قلعي جي سرن لاءِ اوڀر طرفان مٽي ڪڍي وئي هئي، ۽
اُهي کڏو پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي کاهي جي صورت ۾ بنجي
پيو. جنهن کي ”ڪانگن کاڌي“ ڪري سڏيندا هئا. انهي
تي اهو نالو چون ٿا ته انهي ڪري پيو جو اُتي ڪا
ٻاجهريءَ يا جوئر جي پوک هئي، جا هاريءَ کان
زوريءَ ڪانءَ کائي ويا. انهيءَ ڪري اها ٻني، جا
کاهيءَ جي ڪپ تي هئي، ”ڪانگن کاڌي“ سڏجڻ لڳي ۽ نيٺ
کاهيءَ تي ئي اهو نالو پئجي ويو. انهيءَ ”ڪانگن
کاڌي“ تي به بلوچ سردارن جون اوطاقون هونديون
هيون. |