سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :122

 فوجداري روڊ تي هڪ وڏي ورانڊي ۾ کوڙ سارن ڪاريگرن ٽين جون پيتيون ۽ ٽرنڪون ئي ٺاهيون. کليل اڱڻ ۾ سيون پيتيون هيٺ وڏيون مٿي ننڍيون رکيل هيون. ڪارخاني جو مالڪ جميل احمد صاحب دهلي کان لڏي هتي آيو هو. ٻين ڌنڌن ۾ ناڪام ٿي وڏڙن جو ڌنڌو ڪيائين. هن ٻڌايو: هي ڪارخانو نه پر گھريلو صنعت آهي. هن ۾ ڇهه ست ڪاريگر آهن ۽ ٻٽي واهرو آهن. شهر ۾ اهڙا پنجويهه ٽيهه ڪارخانا آهن، جنهن ۾ ڇهه ست ڪاريگر ڪم ڪندا آهن. انهن ۾ سياري ۾ گرمين جا بسترا رکيا ويندا آهن. پر اڄڪلهه ماڻهو منجهن ٻيون ننڍيون شيون به رکندا آهن. گڏو گڏ غريب ماڻهو پنهنجي نياڻين جو ڏاج به انهن ۾ گڏ ڪندا آهن ۽ شادي جي موقعي تي هي ٽرنڪ ڏاج طور ڏيندا آهن. پهرين وڏين پيتين جي گھرج گھٽ هئي، پر هاڻي جيئن زندگي اڳيان وڌي پئي، تئين ڏاج جي ڊمانڊ گھڻي ٿي  آهي. تنهنڪري وڏين پيتين جي ڊمانڊ گھڻي آهي.“

قرباني جي عيد ويجھي هئي ۽ حيدر آباد جي ريشم گھٽي ۾ خريدارن، خاص طور تي عورتن جي پيهه گھڻي هئي. چمڪ سان ٻوٽا ۽ تارا پئي ٺهيا. ڪارخاني جي مالڪ غلام حسين ٻڌايو: عورتون ڪپڙو شوخ رنگ جو هوندي به چمڪندڙ ڪم ڪرائين ٿيون، اهو ڪم اڳي نه هو، پر جڏهن چمڪندڙ پاؤڊر جپان کان اچڻ لڳو آهي، تڏهن عورتون لباس تي هي ڪم ڪرايئن ٿيون. انهي ڪم ۾ دڪان وارن جو سڄو گھر ڪم ڪندو آهي.

ٻئي پاسي، ريشم گھٽي ۾ جيڪو ماڻهو عورتن کي تنگ ڪندا آهن، عورتن کر هلندي ڌڪو ڏيندا آهن، تن کي جھلي ماڻهو مارڪٽ ڪندا آهن. اهڙو ئي هڪڙو نظارو مون ڏٺو، جنهن ۾ ڪجھ ماڻهو ٻن نوجوانن کي ڌڪن مڪن سان مارڪٽ ڪري رهيا هئا ۽ آواز ڪجھ اهڙي قسم جا اچي رهيا هئا: سينو تاڻي ڇو پيو هلين، ماءُ، ڀاءُ جا...........

شهر ۾ چيني تالا، سُٺا هئڻ ڪري گھڻو هلندا آهن. تالي واري ماڻهو چيو ته ماڻهو چاٻيون گم ڪري ڇڏيندا آهن يا گهر ۾ وساريايندا آهن. پر انهن تالن ڪري چوريون گھٽ ٿين ٿيون.

هوڏانهن هڪڙي استاد پرويز راجپوت چيو: ” جڏهن اسين پڙهندا هئاسين، تنهن زماني ۽ اڄ جي زماني ۾ فرق آهي. ان وقت استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ پيءُ پُٽ جو رشتو هوندو هو. هاڻي اهو ختم ٿي چڪو آهي. احترام ختم ٿي ويو آهي. هاڻي استاد شاگرد هيٺان آهي. استاد به انهن جيچوڻ هيٺ ڪم ڪري ٿو. تعليمي ادارن جو حالتون سڌرڻ لاءِ ڪجھ گھرجي گھرجي.

جڏهن ته نديم ڊاڪٽري جو امتحان ۾ ڪامياب ٿي ڊاڪٽر هوندي به رڪشا هلائيندو آهي. تنهن چيو: ”آءٌ ڪو افلاطون جو پٽ نه آهيان، گڏو گڏ محنت ۾ عظمت آهي. گھرج مهل بار به کڻندس. هن وٽ وسيلا نه آهن، جو ڪنهن وزير کي منهن ڏئي سگھي، ڇاڪاڻ ته وزير کي منهن ڏيڻ لاءِ ’قائد اعظم‘ گھرجي.

شهر ۾ فقيرن جي به گھڻائي آهي. هڪڙو ويو. ٻي لهجي ۾ فقير صدا لڳائي رهيو هو: اکين وارو، اکيون وڏي نعمت آهن، ڪنهن کي الله اکين کان محروم نه ڪري.

حيدر آباد چوڙين جي صنعت آهي، جنهن تي دنيا ريس ڪندي آهي. شيشي جون جيتريون سُٺيون چوڙيون حيدرآباد ۾ ٺهن ٿيون، اهڙيون ڪٿي به نه ٿيون  ٺهن. چوڙين ۾ اهڙي نزاڪت، نفاست ۽ سُٺو ذوق ۽ سليقو رڳو حيدرآباد ۾ ملندو آهي، جن چوڙين کي عورتون پنهنجي ٻانهن ۾ پائين ٿيون. تنهن وقت چوڙي جا واپاري ڪاوڙ ۾ ورتل هئا. هو واڳ ڌڻين کان سخت ناراض هئا، جيڪي چوڙين جي صنعت کي ترقي ته نٿا ڏين، پر مورڳو تباهي ڏانهن پيا ڌڪين. چوڙي ٺاهيندڙ جي انجمن جي واپارين ٻڌايو: ”ڪا به بينڪ هن صنعت کي قرض نٿي ڏي، امداد نٿي ڏي. چوڙين کي پرڏيهه موڪلڻ سان ڪنهن کي دلچسپي نه آهي. سياستدان چوڙي جو نالو رڳو ان وقت وٺندا آهن،  جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي شرم ڏيارڻ لاءِ چوڙين پائڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

هڪڙو چوڙين جو ڪارخانو گھرن ۾ ٺهيل  پوئي جيتري ننڍي ۽ سوڙهي ڪمري ۾ هو. جنهن ۾ نه هوا هئي ۽ نه ئي روشني جو لنگهه هو. هر پاسي گئس جا شعلا نانگن جيان ڦڻڪار پئي ڪيائون. انهن چڻگن جي گرمي سان چوڙين جو منهن بند ڪبو آهي ۽ مزدورن جي ٻارن جو پيٽ ڀربو آهي. باقي حالتون ڪجھ منهنجي ۽ ڪجهه مزدورن جي زباني ٻڌو ۽ حالتن جي سرد خاني ۾ زنگي جي گرمي آءُ به ڳوليان ٿو، ته اوهان به ڳوليو.

مزدور ٻارنهن تيرهن ڪلاڪ روزانو ڪم ڪن ٿا. صبح جو ڇهين وڳي ويهن ٿا ۽ شام جو ستين وڳي تائين ڪم ڪن ٿا. کين سڄو ڏينهن گرمي سهندي باهه جي سامهون ويهڻو پوندو آهي. پگهار ڪم جي حساب سان ڏني وڃي ٿي.(44)

 

بدر ابڙو

 

حيدرآباد: سنڌ جي دل

 

سنڌو جي هن پار حيدرآباد جو شهر آهي. حيدرآباد، سنڌ جي دل ۽ صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر، اڄڪلهه سنڌي-پناهگير وڳوڙن ۾ رتوڇاڻ تي نڍال ٿي پيو آهي. جڏهن 1768ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي هن شهر جو بنياد وڌو، تڏهن هڪ دعا قلعي جي دروازي تي هڻائي ڇڏي هئائين: ” يا رب اجعل هذا بلد امنا.“

”اي رب هن شهر کي امن وارو ڪر“ پر هن شهر جي تاريخ ۾ امن ٿوري ٿوري وقفي سان ڦٽندو رهيو. ان دعا مان قلعو ۽ شهر ٺهڻ جي تاريخ 1768ع ڪڍي وئي آهي.

اهو 59-1758ع جو جاگرفيائي واقعو آهي، جڏهن سنڌو پنهنجو وهڪرو ڦيرايو. انهي کان اڳ درياءِ، هالا کان نصرپور طرف وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغلن، پٺاڻن ۽ ايرانين به ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌو ڪيو. هو پنهنجي دؤر ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون پئي بدلائيندا رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن 1758ع ڌاري درياءِ پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سر ڏکڻ سفر شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌو جو وهڪرو گدو بندر وٽان جاري ٿيو  ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليلي جي صورت ۾ حيدرآباد کان اتر کان ڦٽي هليو.

انهي جاگرفيائي واقعي کان پوءِ حيدرآباد جي ٽڪري جي اهميت وڌي وئي. هاڻي ٽڪري کان اولهه طرف درياء جو وهڪرو رڳو چار ميل هو ۽ اوڀر ۾ ڦليلي ڦاٽ  جو وهڪرو هڪ هزار کن قدم پري هو. ڦليلي ڦاٽ مان، هڪ واه ڦٽي حيدرآباد واري ٽڪري جي ڏکڻ وٽ، جتي هاڻي پڪو قلعو آهي، پهتو ٿي هي ڪنهن شهر لاءِ ڏاڍي محفوظ جاءَ هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي کي ان کان بهتر ڪا به جاءِ ملي نٿي سگهي. انهي کان اڳ هن ڊسمبر 1758ع ۾ اورنگا بندر جي ويجهو، گجي جي وسندي تي شاهه ڳڙهه نالو رکيو ۽ پوءِ اتي ئي سامهون بند ٻڌائي، ان جو نالو شاهه بندر رکيائين۽ اهل عيال آڻي رهايو هئائين. پر درياءِ وري ٻيو رستو ورتو. اهڙي ريت 59-1758ع ۾ نصرپور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شرع ٿي ڏکڻ اوڀر پئي وهيو، سو سڪي ويو  اهو ستر مهل وهڪرو هو . سنڌو آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي سال مسلسل وهڪرا بدلايا هئا.

جڏهن 1768ع (1182 هجري) ڌاري غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد تي قلعو ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن هڪ واهه ڦليلي کان قلعي تائين پئي آيو. قلعو رڳو ٻن مهينن ۾ ٺهي راس ٿيو. ان واهه کي اڳي رڳو واهه سڏيندا هئا، پر انگرزن جي وقت ۾ ان کي ’ڊومڻ واهه‘ سڏيو ويو. ان واهه ۾ ٻيڙيون هلنديو هيون، جيڪي قلعي جي ويجهو مال لاهينديون چاڙهينديون هيون. اڄڪلهه ان واهه جي حيثيت حيدرآباد جي گندي نالي واري آهي، جنهن مان شهر جو ڪنو پاڻي خارج ٿئي ٿو.

1843ع ۾ حيدرآباد جي آبادي ويهه هزار ماڻهن تي ٻڌل هئي، جڏهن 1808 ڌاري به پنڌرنهن هزار کن هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي کان سواءِ، ٻين ڪلهوڙن حيدرآباد کي گھٽ اهميت ڏني، پر جڏهن مير فتح علي خان  1789ع ۾ ڪلهوڙن کان سنڌ ڇڏائي، ان کان پوءِ حيدرآباد اؤج طرف وڌيو. اهو ئي وقت هو جڏهن گدو بندر به ٺهيو.

حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي

ٽالپر سگهار حاڪم هئا. ٿورڙن ڏينهن ۾ هڪ لک ماڻهن تي ٻڌل فوج جمع ڪري ٿي سگهيا. ٽالپرن جڏهن حيدرآباد جي شهر ڏانهن ڌيان ڏنو، ته اڳوڻن تخت گاهن مان هنرمندن کي گهرائي حيدرآباد ۾ پاڙا ٺاهي ڏنائون. ’واڍن جو پڙ‘ اڄ به مشهور آهي. مير فتح علي خان، خداآباد مان واڍا گهرائي هتي آباد ڪيا ۽ ڪاٺ جي هنر کي هٿي ڏياري. اڄ به ٽالپرن وٽ ڪاٺ تي اُڪر واري فرنيچر جو وڏو ۽ شاهڪار  ذخيرو آهي، جيڪو سنڌي واڍن جي هنر جو شاندار مثال آهي. انهن واڍن جو ڪم ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ نٿي رهي.

شهر جون چاڙهيون

قلعي جي اوڀر کان اتر طرف، ڏتل شاهه جي چاڙهي، هيمو جي چاڙهي، ٺوڙي چاڙهي، چٽيل چاڙهي، سخي پير چاڙهي، ڪاري موريءَ واري چاڙهي آهي.

قلعي جي اولهه کان اُتر طرف، قدم گاهه واري چاڙهي، هوم اسٽيڊ هال چاڙهي،  پکين پير جي چاڙهي، بلال جي چاڙهي، زناني اسپتال واري چاڙهي، ڀوچالو شاهه چاڙهي، ڇوٽڪي گهٽي چاڙهي، سيد گاهه چاڙهي، تلڪ چاڙهي، سرفراز چاڙهي، حُر (ڪيمپ) چاڙهي ۽ سينٽرل جيل واري چاڙهي آهي. ٻيون به ننڍيون وڏيون چاڙهيون شمار ڪري سگهجن ٿيون.

قديم آثار

هاڻي ته سڀ کان وڏو قديم آثار، خود پڪو قلعو آهي، جنهن ۾ ٽالپرن جا محل هئا. قلعي جي ڏاکڻين ديوار ۾، ڪنهن به مورچي جا نشان نه آهن، البت اُتر واري ديوار ۾ ڇهه ست مورچا هئا. هڪ وڏو مورچو، جنهن تي ڇٽي به هئي. ٺيڪ ان جاءِ تي  هو، جتي هاڻوڪي پڪي قلعي وارو جوهو آهي. ان مورچي جي وڏي اهميت هئي. ڇاڪاڻ ته اولهه اُتر ۽ اوڀر طرف اتان چڱي نظر رکي ٿي وئي.

قلعي جي آڏو کاهي هئي، جنهن تي ڪلدار پل هئي. وڏو مورچو شاهي در آڏو وڪڙ يا اوٽ ڪري ٿي بيٺو، ته جيئن دشمن جي لشڪر جي در تي سڌو زور نه پوي. قلعي جو هڪ حصو اوڀر طرف آهي. جنهن ۾ قبرون آهن، اتر اوڀر طرف هڪ ننڍو دروازو هو، جنهن کي ’چور دروازو‘ چئجي ٿو. اهو در به اڃا قائم آهي. البت 1947ع کان پوءِ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن، قلعي تي قبضا ڪري شهر جي شڪل صورت ڦٽائي تباهه ڪري ڇڏي آهي. ڪن ڪن هنڌان ته ديوارون به جهوري وڌيون اٿن. اها صورتحال برقرار رهي ته قلعو باقي نه رهندو.

قلعي جي مرڪز ۾ هڪ ٻيو اوچو بُرج هو، جنهن تان چئني پاسي نگراني ممڪن هئي. ٽالپرن جي حويليءَ ۾ اڄ ڪلهه آرڪيالاجيءَ کاتي جي آفيس آهي. کاتي، حويلي کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪن وڳوڙين تازو لساني، سياسي ۽ مذهبي جنون پکيڙي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. قديم ورثو يا ته ساڙي ڇڏيائون يا پاڻ سان گڏ کڻي ويا. قلعي جي هڪ ڪمري ۾ پڇاڙي تائين ديوارن تي چترڪاري ٿيل هئي، جن ۾ مير صاحبن کي وڏي شان شوڪت سان ويٺل ڏيکاريو ويو هو. انهن تصويرن ۾ ديوَ، جِن ۽ پَريون، مير صاحبن جي خدمت ڪندي ڏيکاريا ويا هئا، ڄڻ اُهي به سندن رعيت ۾ شامل هجن.!

حيدرآباد ۾ ٻه ڪچا قلعا به آهن. انهن جي تعمير به ڪلهوڙن جي سر تي آهي. هڪ ڪچو قلعو پڪي قلعي جي اوڀر طرف آهي. جنهن ۾ شاهه محمد مڪيءَ جو مقبرو آهي. چون ٿا ته اُهو درويش ٻارهين صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ هتي آيو هو. شاهجهان جي وقت ۾ ٺٽي جي نوابن، سندس قبر تي مقبرو اڏايو، جڏهن ته غلام شاهه ڪلهوڙي 1158هه ۾ ان کي ڪچو ڪوٽ ڏياري ان کي الهندي پاسي واري حفاظتي چوڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. غلام شاهه ٻيو ڪچو قلعو هاڻوڪي سينٽرل جيل وٽ ٽڪري جي اُتر ۾ ٺهرايو ۽ خواهشن ڏيکاريائين ته مرڻ کان پوءِ کيس اتي ئي دفن ڪيو وڃي. هن 1772ع ۾ وفات ڪئي ۽ ساڳئي جاءِ تي سندس پُٽ ميان سرفراز، سندس مقبرو ٺهرايو. ٽالپر اميرن جا ڪجهه قبا هاڻوڪي سول اسپتال جي اُتر ۾ ٽڪري جي الهندي ڪنڌي تي آهن. جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن. گنجي ٽڪر تي راڄو ليکي ۽ تاجو ليکيءَ جا مقبرا آهن، جيڪي ڪلهوڙن جا ڪن ڀريندڙ هئا ته ٽالپر سندن سڄڻ ناهن.

پڪي قلعي آڏو هڪ ڊگهي قبر اصحابي جي قبر سڏجي ٿي. اتي ئي ويجهو، مولا عليءَ جي قدمن جا نشان ٻڌايا وڃن ٿا. مولا عليءَ جي قدمن ويجهو حضرت الوهاب جيلانيءَ جو مقبرو آهي، جيڪو حضرت عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان آهي.

گنجو ڏونگر گام

شاهه لطيف، گنجي ڏونگر گام کي ڳاتو آهي. گنجو ڏونگر اصل ۾ اڄوڪو هل پارڪ آهي. جتي ڪالي ۽ شوِ جا قديم مندر آهن. قديم وقتن ۾ هنگلاج توڙي دوراڪا وارا قافلا هن تيرٿ کان ويندا هئا.

ڪالي مندر جي ويجهو هڪ قديم غار پٿر جي دور جي اهي، جنهن کي پوءِ تپيسا لاءِ جوڳين ۽ سنياسين استعمال ڪيو. هتي اهڙيون چار غارون هيون. جن مان هن وقت باقي ٻه بچيون آهن.

هڪ غار صنعتي ترقي جي نذر ٿي ويئي. ٻي هل پارڪ جي تعمير وٽ هٿرادو بند ڪئي ويئي ۽ ٽين هاڻوڪي ڪسٽم روڊ تي قائم صنعتي علائقي ۾ ڪارخانن جي پُٺيان الهندي ڪنڌيءَ تي آهي. اُن غار کي ٻه دروازا آهن ۽ هڪ قديم ڏاڪڻ ان جي ڀر ۾ آهي، جنهن تان لهي غار تائين پهچي سگهجي ٿو. هتان لڌل قديم شيون هاڻي پرنس آف ويلز ميوزم بمبئي  ۾ رکيل آهن.

گنجي ٽڪر تي سنياسين ۽ درويشن جا وڏا ميڙ ٿيندا هئا. شايد ان ڪري چوندا آهن: ”گنجو پيرن جو مَنجو“ هڪ روايت موجب، ڪالي مندر غار ۾ ڀٽائيءَ به چله ڪشي ڪئي آهي.

خبر ناهي ته ڪهڙي آڌار تي محققن حيدرآباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ قرار ڏنو آهي. نيرون ڪوٽ ارغونن ۽ ترخانن جي دور (سمن جي زوال کان 1738ع – 1151هجري تائين) ۾ سندن تاريخ موجب، مرزا باقي نيرون وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي ساربان جي حوالي ڪيو هو. ان دور جو ٺڪراٽو ۽ ٻيا آثار رني ڪوٽ ۾ برابر موجود آهن.

سياسي ماضي

ڪلهوڙا، سنڌ ۾ داخلي طور تي خودمختيار حاڪم سهي، پر خارجي طور تي دهليءَ جي ماتحت هئا. ڪلهوڙن جا آخري حاڪم، ٽالپرن سان دشمني سبب ٽالپرن هٿان ئي ماريا ويا. جيڪي اصل ۾ سندن فوجي هئا ٽالپرن، سڄي سنڌ تي 1198هجريءَ ۾ قبضو ڪيو. سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائي کنئي ويئي ۽ ٽي حڪومتون ٺاهيون ويون.

سنڌ کي ڪُل ستن حصن ۾ مير فتح عليءَ ورهايو، جنهن مان چار حصا پاڻ رکيائين. باقي ٽن مان ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنائين، جنهن خيرپور ۾ گادي ٺاهي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين، جنهن ميرپور ۾ پنهنجي گادي ٺاهي. فتح خان، پاڻ سان ٽن ڀائرن کي شامل ڪيو. مير غلام علي، مير ڪرم علي، مير مراد خان ۽ چوٿون پاڻ. اُن کان پوءِ چئني ’چار يار‘ ۽ سنڌ جي اميرن جي نالي سان حڪومت جو فيصلو ڪيو. مير کُلي ڪچهري ڪري فيصلا ڪندا هئا، جيتوڻيڪ حڪومت هلائڻ جو سندن باقاعدي سرشتو موجود هو.

حيدرآباد ۾ ميرن جي پهرين چوياري 1782ع ۾ قائم ٿي. اهو امن امان جو زمانو هو. ٻي چوياريءَ جي آخر ۾، ملڪ جون حالتون خراب ٿيون. انگريز، هندستان تي قبضو ڪندا ٿي ويا. هندستان ۾ رڳو سنڌ، پنجاب ۽ اؤڌ سندن حڪومت کان ٻاهر هئا. ڪپڙي جي صنعت پنهنجو عروج ۽ زوال ڏسي چڪي هئي. ماڻهن کي ميرن جي بيوسيءَ جو احساس ٿي چڪو هو ۽ انگريزن جي قوت کان ڊنل هئا...........

مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون

ڄامشوري وٽ سنڌو جي اڀرندي ڪنڌيءَ ويجهو اهو مياڻيءَ جو ماڳ هو، جتي سنڌ جي سورهيه هوشو شيديءَ بي جگريءَ سان ويڙهه ڪئي ۽ سنڌ کي هڪ لازوال نعرو ڏيئي ويو. سنڌ جي ماڻهن ڪيتري بي جگريءَ سان ويڙهه ڪئي؟ ڪيپٽن ايسٽوڪ لکي ٿو ته، ”ڀائنجي ٿو ته سنڌي فوج انهي ڏينهن جيڪا بهادري ڏيکاري، سا هُنن ورلي ڪنهن موقعي تي ڏيکاري هجي!....... اسان جي فوج کي ٽي ڀيرا روڪي پُٺتي هٽايو ويو ۽ جيڪڏهن اهڙا آفيسر نه هجن ها ته پوءِ سپاهين لاءِ ميدان جهلڻ محال هو....... مير ته اڳي ئي جنگ جو ميدان ڇڏي حيدرآباد ڀڄي ويا هئا، پر تنهن هوندي به اُتي ڪيترائي بهادر ماڻهو ڏٺا ويا، جن نهايت دليريءَ سان مقابلو ڪيو.“

مياڻي واري جنگ جو ذميوار ڪير؟

سنڌ کي شڪست ته برابر ملي ته ان شڪست لاءِ ذميوار ڪير هو؟ چارلس نيپيئر، ٽالپر حڪمران يا سنڌي قوم؟ انگريز ليکڪ پاڻ مڃين ٿا ته، ٽالپرن، انگريزن سان سرچاءَ جون وڏيون ڪوششون ڪيون. ٽالپر پنهنجون سفارتي ڪوششون اڳ ئي ڪري بيٺا هئا، پر وريو ڪي به ڪين. هوڏانهن ميجر آئوٽرام به چارلس نيپيئر کي جهلي نه سگهيو. ٽالپر حوصلي ۽ سياسي حڪمت عملين ۾ هارائي چڪا هئا. جيڪڏهن هو حوصلو هارڻ بدران قوم تي ڀروسو ڪري تياري ڪن ها ته شايد ايئن نه ٿئي ها، جيئن پوءِ ٿيو.......

هوشو شيدي جي قبر بابت اڪثر تڪرار ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته هوشوءَ جي قبر حيدرآباد واري پڪي قلعي ۾ آهي، جتي انگريز کيس وڏي اعزاز سان دفن ڪيو هو. حقيقت اها آهي، ته ايئن ممڪن ئي ڪونه هو. انگريز، هڪ مڪار ۽ دوکي باز شڪاريءَ واري صفت رکندڙ قوم طور سامهون آيو آهي. انهيءَ جو اندازو اسان کي ان صورت ۾ وڌيڪ ٿئي ها، جڏهن سنڌي حڪمران يا ماڻهو پنهنجي تاريخ پاڻ لکن ها. پر خود ڪن انگريزن جون لکڻيون ۽ ڪتاب انگريزن جي ٺڳين، منافقتن، ڪوڙن ۽ بي رحمين جي داستان طور پڙهي سگهجن ٿا. انهيءَ ڏس ۾ ۾ چارلس نيپيئر جو پوليٽيڪل ڪمشنر ميجر آئوٽرام جي ڪتاب ”سنڌ جي فتح“ ۽ ڪيپٽن ايسٽوڪ جو ڪتاب ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جيڪو 1894ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ثبوت لاءِ ڪافي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org