سائين جن کي گذارش پيو ڪيان ته ليفٽيننٽ ٿامپس کي پنهنجي محافظن
جي اٽالي ۾ شامل ڪري...... منهنجي جنگ جي ميدان ۾
ملٽري سيڪريٽري ميجر مڪفرسن هر قسم جي مدد ڪئي.
ليفٽيننٽ برائون منهنجو ايڪسٽرا نگران رهيو. مان
سندس ٿورائتو آهيان، خاص ڪري هن دشمن جي فوجي
وانڍ کي ڳولي لهڻ ۾ منهنجي گھڻي مدد ڪئي. ڪئپٽن
ٽڪر، ليفٽيننٽ رنبورن، هِل، نارٿ ۽ بئٽرسبي جو به
ٿورائتو آهيان، جن جنگ جي محاذ تي ڀليون خدمتون
انجام ڏنيون، جنگ دوران ليفٽيننٽ پيلي قائم مقام
اسٽنٽ نگران جنرل رهيو هن پنهنجي کاتي ۾ نمايان
خدمتون انجام ڏنيون ، جنهن لاءِ آئون سندس اڪيچار
ٿورا مڃيان ٿو.
ليفٽِيننٽ مئڪمروڊو هتي اسسٽنٽ ڪواٽر ماسٽر جنرل ٿي رهيو، آئون
هن جي گھڻي واکاڻ به ٿوري ٿو سمجھان، کيس هڪ سنڌي
فوجي هٿان گھرا گھاءُ رسيا آهن، هڪ ئي حملي ۾ هن
گھڻو ڪجھ ڪري ڏيکاريو آهي. ميجر لائيڊ توبخاني جو
مهندار هو، سندس اختيار ڪيل حڪمت عملي لاءِ آئون
سندس ٿورائتو آهيان. ميجر ليسلي، ڪئپٽن ولوبي ،
وٽلي ۽ هٽ سندس ٻانهن ٻيلي هئا. مختلف برگيڊن ۽
ريجمينٽن جي ڪمانڊرن، نان ڪميشنڊ آفيسرن ۽ خانگي
ماڻهن جو به ٿورائتو آهيان، جن هنن فوجي عملدارن
جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو .
ميجر ويڊنگٽن دشمن جي فوجي وانڍ ڳولي لهڻ ۾ منهنجي وڏي مدد
ڪئي آهي، هي وڏو بهادر انسان آهي . ڪئپٽن هيڊرسن
ليفٽيننٽ آئوٽ لا ۽ بٽاليو جو ذڪر نه ڪبو ته ڏاڍي
کوث محسوس ڪبي. هنن اورچ انسانن جي ننڍڙي جٿي پيش
قدمي دوران رستن جوڙڻ ۾ ڏاڍي ڦڙتائي ڏيکاري.هنن
جي پورهيئي سان اٺ انچ موڪري منهن واريون توبون
جنگ ۾ آنديون ويون ، ڪئپٽن بلينڪس جون سر انجام
ڏنل خدمتون به ڪي وسارڻ جھڙيون ڪونه آهن، هن
عملدار فوج جي کاڌي خوراڪ جو اعلي بندوبست ڪيو.
صحت کاتي جي فوجي عملدارن به گھڻو پاڻ ملهايو آهي
، جنهن لاءِ سرجن بيل جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان.
ليفٽيننٽ ليسن،گھربل سامان وڙهندڙ فوجين جي بلڪل
ويجهو رکيو ۽ گھرج مهل ترت پهچائڻ جو نهات سهڻو
بندوبست ڪيل هو، هندستان جي فوج ۾ بئگيج ماسٽر
طور سندس خدمتون ڏاڍيون ڏکيون هيون ، ۽ انهن کي
سرانجام ڪرڻ ۾ هو جس لهڻي ٿو.
آءٌ هن فهرست کي انهن رڄ ڀلوڙ مڙسن جي نالن ڏيڻ کان اڳ مڪمل
ڪونه ڪندس، جن جو آءٌ گھڻو ٿورائتو آهيان. علي
اڪبر عرب جو هڪ اورچ ۽ شريف انسان آهي، جنهن هن
جنگ م پنهنجي اهليت جو سڪو ڄمايو. سندس اهڙي
نمايان ڪارڪردي ڪري آءٌ ان جو ڏاڍو احسان مند
آهيان. عملدارن مان هر هڪ ماڻهو انفرادي طور مثالي
بهادري جا ڪم ڪري ڏيکاريا آهن. هندستان جي خانگي
ماڻهن به فوجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن
سڀني جو احوال سائين جن کي ٻئي ڀيري موڪليو
ويندو.
سنڌي فوج جي پيادل ۽ توبخاني سان لاڳاپيل فوج ڏاڍي سورهيائي سان
وڙهي. انهن جا گھوڙي سوار ڪو خاص ڪارنامو سرانجام
ڏيئي نه سگھيا. البت سندن پنج هزار ماڻهو واهه
جو وڙهيا، کين سٺي سکيا ڏنل هئي ۽ برطانوي فوجن
کان پنجوڻ تي هئا. تنهن هوندي به سنڌي فوجي سندن
مقابلي ۾ بيهي نه سگھيا.
مٿئين حال احوال لکڻ کانپوءِ به ڪي حقيقتون معلوم ٿيون آهن ته
سندن دشمنن جو گھڻو نقصان ٿيو آهي. پنج هزار لاش
ته جنگ جي ميدان ۾ ڳڻيا ويا آهن ، اهو به ٻڌايو
وڃي ٿو ته اوسي پاسي ڳوٺ به لاشن ۽ زخمين سان ڀرجي
ويا آهن. گھاري واري مورچا بندي ۾ دشمنن جون يارهن
توبون ۽سترنهن جھنڊا اسان جي قبضي ۾ اچي ويا
آهن،هي ڳالهه ٻڌائيندي مونکي دلي خوشي ٿئي ٿي،
ته دشمنن جي پاسي جا جنگي باندي به اسان وٽ آهن
،پر سندن انگ ٿورو آهي، اهو به ڏٺو ويو آهي ته
سنڌي فوجي گھائجڻ کانپوءِ ڏاڍو وڙهيو آهي. سندن
جنگي طريقي ڪار به پنهنجو آهي،اهي جنگي قيدي
ميدان ۾ وڙهيا آهن. هن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته
اهي جنگي ميدان ۾ڪا رعايت ڪرڻ وارا ڪونه آهن،
هينئر رڳو ان گھايل سنڌي فوجين جا انگ اکر گڏ ڪيون
پيا، جن تائين اسان جا ماڻهو پهچي سگھيا آهن. جنهن
مان اسان جو مقصد کين طبعي سهوليتون ڏيڻ آهي.
ڪئپٽن گئريٽ، 9- نيم مسلح گھوڙيسوار دستي سان لا ڳاپيل هو، جنهن
دشمن سان وڙهندي ميدان تي جان ڏني.ڏاڍو بهادر
انسان هو ، سندس موت تي مون کي دلي صدمو رسيو
آهي.بابل آرٽلري جو ليفٽيننٽ سمٿ به جنگ جي ميدان
تي مارجي ويو، هن به بهادري جون روايتون قائم ڪري
ڇڏيون آهن ، هو توبخاني اڳيان اڳيان هلندو وڃي
گھاري جي ڪناري تي پهتو هو، جتي دشمنن جا ڪٽڪ بيٺا
هئا. هن جو اتي پهچڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن ڏسي
سگھجي ته اها ڪهڙي وڌيڪ مناسب جگھ آهي،جتي انگريزي
فوج گولاباري ڪري دشمنن کي وڌ ۾ وڌ نقصان پهچائي
سگھي ٿي ۽ ان جاءِ تي هو جھونجار جوان ماريو ويو.
اهي سنڌي جيڪي پنهنجي حڪمرانن ۽ سندس سردارن کان تنگ هئا سي
هاڻي ڏاڍو خوش آهن، ۽ مختلف علائقن کان اسان جي
وانڍ ۾ واڌاين ڏيڻ لاءِ پهچي رهيا آهن، اُهي اسان
کي ويساهه پيا ڏيارين ته سنڌي فوجي هاڻي ٽڙي پکڙي
ڪک پن ٿي ويئي آهي، مير شير محمد به پنهنجي ڪٽٻ
سان گڏ ٿر ڏانهن هليو ويو آهي، ساڻن رڳو چاليهارو
نوڪر چاڪر گڏ آهن. لڳي ٿو اهو ٿورڙي وقت کانپوءِ
رڻ پٽ جي گرمين کان تنگ ٿي مٿي ڇانو لاءِ ضرور
ڪيڏانهن ويندو. نظر ايئن اچي پيو ته سندس ڪوششون
ملتان وڃڻ جون آهن.آءُ خيرپور جي هز هائينس مير
علي مراد ڏانهن لکي موڪليو آهي ته جيڪڏهن ممڪن
ٿي سگھي ته مير شير محمد کي ملتان ويندي جھلي وجھي
ته ڀلو ٿيندو.
هن جنگ ۾ ٽي سنڌي قيدين جا سردار به مارجي ويا جن مان حَاجي
(هوش) محمد شيدي به هو ۽ اهو ئي جنگ جو وڏو ڪارڻ
هو. مون کي هاڻِي پڪ آهي ته سنڌ ۾ ٻيهر تلوار ۽
توب ڪانه هوندي.(15)
ڪيپٽن ايسٽوڪ
حيدرآباد جو ڏُکارو داستان
حيدرآباد جي آبهوا ٿڌي ۽ فرحت ڏيندڙ هئي. تنهن هوندي به آئون
ڀانيان ٿو ته ڪن ٿورن ماڻهن به حيدرآباد جي آبهوا
کي ڏکڻ سنڌ ۾ صحت جي خيالن کان پسند ڪيو هجي.
سامونڊي هير، حيدرآباد ۾ چڱي طرح محسوس ڪئي ويندي
هئي.........ايجنسي ميجر آئوٽرام جي دفاع جي ڪري
مشهور ٿي ويئي هئي، تنهن هاڻي وڃي هڪ ننڍڙي ڪوٽ جو
نمونو ورتو هو. اها ننڍڙي لانڍي هئي، جيڪا درياهه
کان سئو والن جي مفاصلي تي ٺاهي ويئي هئي. انهي جي
اڳيان اوڀر طرف هڪ ويڪرو ميدان هو، جيڪو حيدرآباد
تائين پکڙيل هو. ان جي اولهه ۾ درياهه هو ۽ وڻن جا
جهڳٽا.......... ۽ باغ سندس ڏکڻ ۾. انهيءَ جي اوڀر
۾ هڪ ننڍڙو واڙو به هو، جتي هر قسم جا پالتو هرڻ
ڪوٽاپاچا کان وٺي ديوَ جهڙا سڱ اهڙا تکا هئا، جهڙي
ڇُري. جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ڪنهن کي سڱ هڻي ڪڍي ته
جيڪر پلڪ ۾ وڍي وجهيس.
حيدرآباد شهر ڏکڻ سنڌ جي ٻين شهرن کان چڱيرڙو هو ۽ هو به ڳتيل.
شهر جي آبادي جهجهي هئي. اُتي جيڪي جايون هيون سي
قلعي کان سواءِ ٻيون سڀ اهڙيون جهڙيون ٻين هنڌن تي
ڏٺل هيون. گهر گهڻو ڪري مٽيءَ جا ٺهيل هئا، پر
انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته اُهي رڳو جهوپڙيون
هيون. اُهي حقيقت ۾ تمام وڏيون اڏاتون هيون، جن جو
ڀتيون موڪريون هيون ۽ هرڪا جاءِ ست- اٺ ماڙ هئي،
جهڙا ٽمبڪٽو جا محلات!.............. هتي مکين ۽
مڇرن جو آزار هو........... شهر جا گهر گهڻو ڪري
مٽيءَ جا ٺهيل هئا ۽ سندن ڇتيون سنويون سڌيون
هيون. رات جو سڀڪو وڃي مٿي ڇت تي سمهندو هو، تنهن
ڪري ڪڏهن ڪڏهن اڻوڻندڙ نظارا پيا پسبا هئا.
قلعو بي ترتيب ڪنڊن وارو پنج ڪُنڊو ڪوٽ هو، جنهن جون ڀتيون پڪين
سرن سان اڏيل هيون. انهن تي ڪوبه ٻاهريون ڪم يا
کاهي وغيره ڪانه هئي. پر ڪن هنڌن تي ته غفلت سبب
قلعي جي ديوار به ڪمزور ٿي وئي هئي.
ميرن جي حڪومت ۾ ڏوهارين کي پنڃرن ۾ بند ڪيو ويندو هو. عمر قيد
جي سزا کاڌل کي سڄي عمر هڪ پنڃري ۾ بند رکبو هو.
پنڃري ۾ بند ڪيل مون هڪڙو ڏوهاري ڏٺو ته الف
اگهاڙو هو ۽ سالن کان وٺي کيس ان حالت ۾ رکيو ويو
هو، تنهنڪري جهنگلي جانورن جيان، سندس عقل جو ڏيئو
وسامي چڪو هو. ڏوهاري جيڪو سيد هو، تنهن ملڪيت هٿ
ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيو هو ۽ جڏهن ڏوهاري
ثابت ٿيو، تڏهن ميرن کيس عمر قيد جي سزا ڏني.
جيئن ته مير شيعا فرقي سان واسطو رکندڙ هئا. تنهنڪري حڪمران
ميرن جو چوڻ هو ته اسين نبي (سڳوري) جي اولاد کي
قتل نٿا ڪري سگهون.
حيدرآباد جي ڀرپاسي ميرن جي شڪار جون جويون (شڪارگاهه) هيون.
حيدرآباد ڀرسان جيڪي ٻيلا هئا، تن جي گهاٽين سائين
ٽارين سان ماڻهو جا نيڻ ئي ٺري پوندا هئا.
حيدرآباد ۾ 1834ع ۾ ست ڏينهن لڳاتار مينهن وسندو رهيو. جنهن ڪري
ڪيترائي گهر ۽ پڻ قلعي جي ديوار جو ڪجهه حصو ڪري
پيو. اهو واقعو ٺيڪ انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن اميرن
تيرهن فقرن واري عهدنامي تي صحيحون پئي ڪيون.
انهيءَ ڪري ميرن سمجهيو ته اهو خراب سئوڻ
آهي......... تنهن مهل ٿرماميٽر هڪ سئو ڊگرين
(فارنهائيٽ) تان ڪري وڃي ڇاهتر ڊگرين کي پهتو هو.
ٿڌڪار جي ٿوري وقفي کان پوءِ وري سخت گرميءَ اچي
منهن ڪڍيو. حيدرآباد ۾ سپاهين جون ٻه ڪمپنيون ميرن
جون هيون ۽ ٿورن بيقاعدي سوارن جو جٿو، جيڪي
ايجنسي جا چوڪيدار هئا.
سنڌي ناکئا نه رڳو آزموديگار روسيءَ کي ٺڳي وڃن، پر زوري پئسا
کسي وٺندڙ يهودي کان به گوءِ کڻي وڃن. منهنجو
ٽنڊيل موسيٰ هڪ ڳنڀير ۽ ماٺيڻو شخص هو. هن پنهنجو
ڳالهائڻ اتفاقي ڳالهين تائين محدود رکيو، جن جو
موضوع سياڻپ، خدا جي وڏائي ۽ مهرباني هئي. هن ڪنهن
سبب بنا بخشش يعني انعام يا سوکڙي طور پئسا ڏيڻ جي
طريقن تي به پئي ڳالهايو.
مون ڪيترائي درياهي گهڙيال ڏٺا، جن کي هتي ماڻهو ٻُلهڻ ڪري
ڪوٺين. اهي متارا ۽ لسا جانور ٿين، جن جي ڊيگهه
چار فوٽ کن ٿيندي ۽ کين تمام ڊگهيون ڄاڙيون هيون،
جن ۾ اڇا ۽ تکا ڏند اٿن. جيڪا هوبهو ڊولفن مڇيءَ
جهڙي هئي. ڇو ته جيڪڏهن کين ڊگهي ۽ سنهي سونڊ نه
هجي ته پوءِ ٻئي جانور هڪجهڙا آهن. اهي واڳن جو
کاڄ آهن. پر پنهنجي ڀيري هيءَ به پلي کي هڙپ ڪيو
وڃن، جيڪو سنڌوءَ جو سالمن آهن. هتي پلو جام ٿئي،
پر بي سوادي مڇي البت گهٽ هئي. درياهه ۾ لڌڙا ۽
ڪُميون جام هيون.
درياهه جي ٻي پار تارو ماڻهو هٿان خط پٽ موڪلڻ جو هتي عام رواج
هو. اهو ماڻهو (يعني قاصد) ڪاغذ وجهندو هو پٽڪي جي
ور ۾، ۽ پوءِ ڪپڙا لاهي، سيڻاهه ساڻ ڪري، پاڻي ۾
گهڙي پوندو هو. کلي رکندو هو ڇاتي جي هيٺان ۽ پوءِ
ان تي ترندو وڃي منزل مقصود تي پهچندو هو.
ڊگهين ڏاڙهين وارا فقير اچي الله ۽ رسول جي نالي تي گهرندا هئا
۽ چوندا هئا، ”جيڪي مون کي ڏنو اهو ڄڻڪ الله جي
واٽ ۾ ڏنو.“ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کيس ڏيندو هو ته اهو
به منهن ۾ گهنڊ وجهي ناراضگيءَ مان کانئس وٺندو
هو، پر جيڪڏهن ڪنهن نه ڏنو ۽ انڪار ڪيو ته ان کي
بددعائون ڏيڻ شروع ڪندو.
حيدرآباد جي ايلچين جو ته نمونو ئي پنهنجو هوندو هو. ابراهيم
شاهه جو چوڻ هو، ته مير امير هن لاءِ ديوتا آهن جن
لاءِ نه هو رڳو ماڻهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار
هو، پر جنن ۽ ڀوتن سان به هٿين پوڻ لاءِ تيار هو.
پوءِ اُهي ڀل اڇا هجن يا ڪارا. سندس خاندان ميرن
جي طفيل پئي پليو. جڏهن هو ايران مان آيو هو. تڏهن
سڃو ۽ ڪنگال هو. پر ميرن جي حڪومت جي وڏن عهدن تي
رهڻ ڪري هو شاهوڪار ٿي ويو هو ۽ سندس ڪافي عزت
پيدا ٿي چڪي هئي. ابراهيم شاهه جو چوڻ هوندو هو ته
هو جنگ وقت ميدان ۾ رڳو سندس خاندان جا ئي سئو
گهوڙيسوار آڻي سگهي ٿو ۽ منجهائن هر هڪ اهڙو ئي
بهادر آهي جهڙو پاڻ. هو هڪ قداور سهڻو جوان هو،
جنهن کي مون ڪئين ڀيرا گهوڙي تي، تکي رفتار ۾ نيزي
کي ڦيرائيندي ڦيرائيندي، ان کي وري اُڇلائي
جهٽيندي ڏٺو هو، ۽ ان سان گڏ انهي جي نوڪ سان
نارنگيءَ کي پڻ کڻندي ڏٺو هو، پر جڏهن مياڻي جي
ميدان ۾ نازڪ وقت آيو، تڏهن سڄي خاندان مان رڳو
هڪڙي ميرن جو ساٿ ڏنو، جيڪو هو ابراهيم شاهه جو
وڏو ڀاءُ زين العابدين، جنهن جو نالو هڪ وفادار
انسان جي حيثيت ۾ هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
حيدرآباد جو ٻيو گورنر تقي شاهه هو، جيڪو پڻ ابراهيم شاهه جو
ڀاءُ ۽ عمر ۾ کانئس وڏو هو. هو ٿورو ميسڻو هوندو
هو، گڏوگڏ نه رڳو ڪنجوس پر مورڳو مکي چُوس هو ۽
مذهبي مامرن ۾ پڻ ڪٽر مسلمان. ڪنهن به ڌارئي
ماڻهوءَ سان تيسين ماني ڪونه کائيندو هو، جيسين
اُهو پُڇي پڪ نه ڪري ته انهيءَ ماني ۾ پيل گيهه
مسلمان کان ورتل هو يا ڪنهن ٻئي کان.
3 ڊسمبر تي حيدرآباد وارو مير نورمحمد گذاري ويو. هن شروعات ۾
انگريزن سان سچي دل سان ناتو رکيو. سندس درٻار ۾
جيڪي به سياسي عيوضي انگريزن طرفان موڪليا ويا، تن
جي ٺاهوڪي خدمت ۽ آسائش جو خيال رکندو هو. هن وفات
وقت ريزيڊنٽ آئوٽرام کي پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجا ٻئي
پٽ سندس حوالي ڪيا ۽ ننڍڙي مير جي پارت ڪري چيائين
ته سندس بچاءُ ڪيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيڙيءَ کي ٽڪرجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان
درياهه کي حيدرآباد کان ويهه ميل مٿڀرو ڇڏي، ڦليلي
۾ ٻيڙيءَ کي لاهي وڌو ۽ حيدرآباد تائين، انهي جي
رستي سفر ڪيوسون، سياري ۾ ڦليلي گهڻو ڪر سُڪي
ويندي هئي، پر آبڪلاڻي وقت منجهس وهڪرو تکو ٿي
پوندو هو، جنهن جي ويڪر هڪ سئو وال ۽ اونهائي اٺن
کان ڏهن فوٽن تائين ٿي ويندي هئي. ڦليلي جا ٻئي ڪپ
باغن ۽ ڳوٺن سان جهنجهيل هئا ۽ جنهن هنڌان اسان جو
لنگهڻ ٿيو ٿي، اتي ماڻهو به جام ڏسڻ ۾ ٿي آيا. جتي
ڦليلي اچيو سنڌوءَ سان ملندي هئي، اُتي هڪ سهڻو
شڪارگاهه ٻيلو به هو، جيڪو تنهن وقت مير نور محمد
خان جي ملڪيت هو ۽ هو حيدرآباد جي مکيه ميرن مان
هو. انهي شڪارگاهه کان پوءِ وري ٻيو شڪار گاهه
آيو، جيڪو محمد خان ٺوڙهي جي ملڪيت هو.
صبح جو ڪناري تي هڪ سُٺي پوشاڪ واري سنڌي کان سوال تي گهوڙو
گهُريم ته جيئن ايجنسي تائين انهي تي چڙهي وڃان.
همراهه هڪدم پنهنجو گهوڙو جهلي منهنجي حوالي ڪيو ۽
جيئن مان هيٺ لٿس تيئن مون لاءِ کير کڻي آيو ۽
ڪچهري به ڪيائين. ٻُڌايائين ته: سندس پگهار رڳو
ٻارهن رپيا في مهينو آهي، جنهن مان هو ڏاڍي تڪيلف
سان پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو گذر ڪري ٿو. هن ٻڌايو
هو احمد خان واري لغاري قبيلي مان آهي، جنهن جا
اٽڪل پندرهن ماڻهو حيدرآباد ۾ آهن. اسان جيئن پاڻ
۾ پئي ڳالهايو تيئن ابراهيم شاهه به اُتي پهتو ۽
آئون سندس هڪ همراهه جي گهوڙي تي چڙهي ڏهه ميل
سواري ڪري، حيدرآباد جي قلعي وٽان لنگهي منجهند
ڌاري وڃي ايجنسي وڃي ايجنسيءَ تي پهتس.........
مير، ميجر آئوٽرام جي ريزيڊنٽ طور مقرريءَ تي ڏاڍو
خوش هئا.
پوليٽيڪل ايجنٽ اڪثر ڪنهن نه ڪنهن معاملي بابت ميرن سان ڳالهائڻ
واسطي ساڻن ملاقات ڪندا رهندا هئا....... پوليٽيڪل
ايجنٽ، ميرن جي ذاتي مامرن ۾ پڻ ڀائيوار ٿيندا
هئا. ميجر آئوٽرام ۽ آئون مامري کي حل ڪرڻ واسطي
قلعي ۾ ويا هئاسين. مامرو هي هو: مير نور محمد
وصيت ڪئي هئي ته سندس ڀاڱي وارو ملڪ سندس ٻن پُٽن
شهدادخان حسن علي خان ۾ هڪجيترن حصن ۾ ورهايو
وڃي. پر شهدادخان، جيڪو وڏو هو ۽ عادتن جو کوٽو به
هو، تنهن جي مرضي هئي ته ننڍي ڀاءُ کي سندس جائز
حصي کان محرم ڪري. انهي ڪُڌي ڪم ۾ کيس مرزا باقر ۽
اسماعيل شاهه جي ڪٽنب جي پٺڀرائي هئي، جن جو ڪيترن
ئي طاقتور سردارن سان ناتو هو. ٻئي طرف نواب احمد
خان لغاري، جيڪو هڪ بهادر ۽ آزمودگار سپاهي هو،
تنهن حسن علي خان جو پاسو ورتو. ميجر آئوٽرام جو
طريقيڪار شاهاڻو هوندو هو ۽ منهنجو اڳئين بالادست
کان بلڪل نرالو هو. سندس خيال هو ته ميراڻي ڪٽنب ۾
ٿيل ناسازي کي ختم ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري هن ٻئي
ڏينهن درٻار ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. |