سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :69

 قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ مير محمد خان کي قيد ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن مير صوبدار خان کي ٻاهر آڻي قيد ڪيو ويو. پوءِ مير صوبدار خان جي ٻن پٽن مير فتح علي ۽ مير محمد علي ۽ منهنجي پٽن مير حسن علي ۽ عباس علي کي قيد ڪري اتي آندو ويو، جتي آئون اڳيئي نظربند هوس. منهنجي پٽن جي اهڙي حالت ڪئي هئائون جو نه ته کين شاهاڻو چوغو پيل هو، ۽ نه وري ڪا تلوار ٻڌل هئن. جن گهُوڙن تي چڙهي آيا هئا، تن کي سونا سنج پيل هئا، اُهي کانئن کسيا ويا ۽ سندن اصرار ڪرڻ تي به کين واپس نه ڪيا ويا. جيڪو به سون قيمتي شيون هٿ آيون انهن کي بند ڪري بمبئي موڪليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مير حسن علي، مير محمد ۽ مري يار محمد کي بمبئي موڪليو ويو. اُهو ڦر جو مال، جيڪو بمبئي ڏانهن موڪليو ويو، تنهن جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن ڪروڙ رپين جي هوندي.

اسان تي جيڪي ڪجهه گذريو، انهي جو تفصيل ڏيڻ بيڪار آهي. اسان جا غاليچا، پٿراڻيون، چادرون ۽ پائڻ جا ڪپڙا به اسان کان کسيا ويا. نه رڳو ايترو پر اسان جا ڪتاب جن سان اسين دل وندرائيندا هئاسون. اهي به اسان کان انگريز ڦري ويا. جيڪي اسان جي قسمت ۾ هو. اهو اسان سٺو. آئون ان ڪري نه ته لارڊ ايلنبرو يا سرچارلس نيپيئر جي شڪايت ٿو ڪريان ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي انگريزي اختياريءَ واري جي خلاف ڪجهه چوڻ ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته منهنجي تقدير ۾ اهو لکيل هو، ته جن سان مون دوستي رکي هئي، سي منهنجا دشمن ٿي ويا! سڀ ساراهون الله پاڪ کي ئي آهن. آئون سمجهان ٿو ته پنهنجي ڪٿا ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍي ڊيگهه ڪري ويو آهيان. انڪري اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اسان کي قيد ڪري پهرين بمبئي، موڪليو ويو، پوءِ سامور ۽ اتان پوءِ مير شهدادخان کي اڪيلو سورت ڏانهن موڪليو ويو. سال کن گذرڻ کان پوءِ اسان کي ڪلڪتي ۾ آندو ويو. پر اچرج جهڙي ڳالهه چئبي ته انهيءَ سڄي عرصي ۾ بمبئي جي گورنر کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو اسان کان اهو پڇڻ ڪونه آيو، ته اسان جو گناهه ڪهڙو آهي، جنهن ڪري اسين هي سزا ڀوڳي رهيا آهيون. (22)

 

 

حيدرآباد: سنڌ گزيٽئر (هيوز) جي روشنيءَ ۾

 

سنڌ صوبي جو هي ضلعو 27 ۽ 27 متواز اتر ويڪرائي ڦاڪ، ۽ 68 ۽ 70 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ واقع آهي. هي اُتر ۾ هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر علائقي سان؛ اوڀر کان ٿر ۽ پارڪر پوليٽيڪل سپرنٽينڊينسي سان؛ ڏکڻ کان مٿين ضلعي ۽ ڪوري درياهه سان ۽ اولهه کان سنڌو درياهه ۽ ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جي ڪجهه حصي سان ڳنڍيل آهي. هن جي اُتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه 216 ميل ۽ اوڀر کان اولهه جي ويڪر اٺيتاليهه ميل آهي. سروي کاتي طرفان ڪيل ڪاٿي موجب سڄي علائقي جي ماپ 9218 چورس ميل آهي. هي ٽن ڊپٽي ڪليڪٽوريٽن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ نمايان تعلقو حيدرآباد آهي.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي ڪُل آبادي 723883 ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ نوشهرو جي آبادي 219596، هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي آبادي 216139، ٽنڊي محمد خان ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي آبادي 189931 ۽ حيدرآباد تعلقي جي آبادي 98217 ماڻهو آهي.

هن ضلعي جي اهم خاصيت هي آهي جو، چُن جي پٿرن تي مشتمل گنجي ٽڪري کان سواءِ، سمورو علائقو درياهي ٻوڏ کان پوءِ ڇڏيل سيلابي زمين آهي. انهي ٽڪر جو سلسلو حيدرآباد تعلقي ۾ موجود آهي، جيڪو اتر کان ڏکڻ تائين، درياهه سان متوازي هلندي اٽڪل تيرهن ميلن ۾ ڦهليل آهي. جن ۾ ٽنڊي ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ ۾ ٻه ننڍڙيون ڌار ٽڪريون، سنڌو درياهه لڳ ۽ جهرڪ جي سامهون، شامل آهن. انهي حصي ۾ سنڌو درياهه سان لڳ ٻيلا موجود آهن، پر زمين جو وڏو حصو اُتر ڊويزن ۾ نوشهرو واري علائقي ۾ آهي، جيڪو ڏاڍو زرخيز آهي، پر باقي جيڪو ٻيو علائقو آهي، سو بيابان هئڻ ڪري زراعت کان آجو آهي. اها ساڳي حالت هالا ۽ ٽنڊي ڊويزن ۾ پڻ آهي، جتي اوڀر ڏانهن وارياسي ۽ اڻ لاڀائتي جوڳي ڪافي زمين موجود آهي. ٽنڊي ڊويزن جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ جيڪا زمين آهي، تنهن مان گهڻي زمين لوڻياٺي آهي. جڏهن ته حيدرآباد تعلقي ۾ ڦليلي جي ڀرپاسي وارا علائقا ڏاڍا زرخيز آهن.

سنڌ جي ٻين ڪليڪٽوريٽ جيان، روينيو ۽ مئجسٽريٽ جا مکيه اختيار ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ کي سونپيل آهن، جنهن جي مدد ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ضلعي جي ڊويزنن جا مئسجٽريٽ ۽ حضور ڊپٽي ڪليڪٽر ڪري ٿو، جيڪو مستقل طور تي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. هتي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج پڻ آهي، جيڪو نه رڳو حيدرآباد سڪرنڊ، هالا ۽ محمد خان ٽنڊي ۾ سال جي مختلف موقعن تي سيشن ڪرڻ سميت عمرڪوٽ، ٿر ۽ پارڪر جي عمرڪوٽ پوليٽيڪل سپرنٽينڊنسي ۾ سال ۾ هڪڙو ڀيرو سيشن ڪن ٿا. مختلف ڊويزنن جي واهن جي سنڀال ۽ نگراني لاءِ پبلڪ ورڪس کاتي جا ڪيترائي ايگزيڪيوٽو انجنيئرس ۽ ٻيو مناسب عملو رکيل آهي. ڪليڪٽوريٽ جو اتريون اڌ ڀاڱو روهڙي ڪينال ڊويزن ۾ شامل آهي. جيڪي ڪينال ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موجود آهن، تن جي گڏجڻ سان ڦليلي ڊويزن ٺهي ٿي، جڏهن ته نارا ماٿري ۾ موجود ڪينالن کي ايسٽرن نارا ڊويزن چئجي ٿو. هتي لوڪل فنڊ انجينئر پڻ هوندو هو، جنهن کي سڄي ڪليڪٽوريٽ ۾ مقامي ڪارج وارن ڪمن کي ڪرڻو پوندو هو. پر پوءِ هن جي مقرري کي ختم ڪيو ويو. حيدرآباد ضلعي جي پوليس فورس گهوڙي سوار دستي، هٿياربند ۽ غير هٿياربند پيادي پوليس تي مشتمل آهي، جيڪا يورپين ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ جي ماتحت آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ آهي. گڏوگڏ هتي شهر ۽ ضلعي ميونسپل پوليس به آهي.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ ضلعي پوليس، شهري پوليس هٿياربند پيادي فوج ۽ ميونسپل پوليس جو انگ 876 آهي، جنهن ۾ چار انسپيڪٽر، اوڻيهه چيف ڪانسٽيبل، اوڻانوي هيڊ ڪانسٽيبل، 611 ڪانسٽيبل، گهوڙي وارا سپاهي 116، اُٺن واري پوليس جا ستٽيهه سپاهي شامل آهن.

حيدآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ پوليس جو ڪُل انگ 876 کي ڏسندي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته علائقي جي يارهن چورس ميلن تي هڪڙو پوليس وارو مقرر ٿيل آهي، ۽ 824 ماڻهن پويان هڪڙو پوليس وارو آهي.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي سڄي محصول- امپيريئل ۽ مقامي- ڌيان ۾ رکي، ويچارڻ سان اها ڳالهه سامهون ايندي ته اهو محصول سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ سٺو نه آهي. 69- 1868ع کان 74- 1873ع تائين ڇهن سالن ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ مان ڪُل 1116556 رپيا وصول ٿيا.

آبڪاري محصول کي ڌيان ۾ رکندي هتي شايد اها ڳالهه ڄاڻائي سگهجي ٿي، ته حيدرآباد ۽ ڪنڊيارو ۾ شراب ٺاهڻ جون جيڪي بٺيون (Distilleries) هيون، تن کي 1863ع ۾ ضبط ڪيو ويو، تڏهن کان شراب جو وڪرو ساليانو وڌيڪ ٻوليءَ ڏيندڙ کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

لوڪل فنڊ محصول ٽن ٽيڪسن تي ٻڌل آهي، جنهن کي 1865ع جي ايڪٽ اٺين هيٺ قانوني شڪل ڏنل آهي، سي هي آهن: (1) هڪ آنو سيس، (2) رستن لاءِ ٽي سيڪڙو جاگير سيس ۽ (3) اسڪولن لاءِ ٻه سيڪڙو جاگير سيس. انهيءَ ڏس ۾ محصول جا ٻيا وسيلا مڇي، ڍڪ ۽ پتڻ، فنڊ ۽ مسافر بنگلو فيس وغيره آهي.

هن ڪليڪٽوريٽ ۾، ڪينالن جي گهڻائي ڪري، ڪينالن جي آمدني ۽ واهن جي کاٽي تي خرچ ٿيندڙ مامرا ڌيان جوڳا آهن، ڇو ته کاٽي پنهنجي ماهيت ۾ خرچ گهرندڙ هوندي آهي. 74- 18737ع ۾ روينيو تحت 958506 رپيا وصول ٿيا، جڏهن ته واهن جي کاٽيءَ تي 217478 رپيا خرچ ڪيا ويا.

هن ڪليڪٽوريٽ ۾ ٻٽيهه ٻيلا آهن، ۽ سندن ايراضي 183 چورس ميلن تي ڦهليل آهي. اُهي سنڌو درياهه کان ويندي نوشهرو ۽ ٽنڊو ضلعي تائين پکڙيل آهن، جن مان ڪجهه وڏا ٻيلا، خاص ڪري نوشهرو ڊويزن ۾ آهن، جن ۾ ڀنور، ڀورٽي، خيرو ديرو ۽ مري شامل آهن. جنهن مان هرهڪ حصي جي ايراضي اٽڪل ڏهه هزار ايڪڙ آهي.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي نوشهرو ۾ محبت ديرو، ڀنور، سامٽيا، ڪمال ديرو، ڀورٽي، دل، پوٽا، خيرو ديرو، لليا، مري، محرابپور، مڏ، ناصري، ڪيٽي، هالا ڪليڪٽوريٽ ۾ جکري، مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي، کاڻوٺ، راڻو، نور ڪيٽي، ڀاڻوٽ، ٽنڊي ڪليڪٽوريٽ ۾ کاٽڙو، ڪاتيار، ٽکڙ، کوکر، کيرڏوهي ۽ حيدرآباد تعلقي ۾ مياڻي، ڪاٺڙي، گهليان، کٿڙ ۽ هوسڙي ٻيلا شامل آهن.

حيدرآباد ضلعي ۾ جيتوڻيڪ تعليم چڱي موچاري حد تائين وڌي آهي. پر پوءِ به اهو نٿو چئي سگهجي ته اها شڪارپور ڪليڪٽوريٽ جي خيان کان سٺي آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ هندو – سنڌي ڪردار کي متعارف ڪرڻ مان حڪومت کي اميد آهي، ته واپاري طبقي جي ٻارن جي حاضري ۾ واڌارو ايندو، پر وقت ۽ تجربي مان اهو ڏسڻو پوندو، ته اهو نئون ڪردار منجهن مقبول ٿئي ٿو يا نه. جن اسڪولن ۾ اهو ڪردار سيکارجي ٿو تن جي شاگردن جو انگ وڌي 600 تائين پهتو آهي. عورتن جي تعليم وڌي پئي، جيتوڻيڪ اها رفتار سست آهي، ۽ ڪليڪٽوريٽ جي مکيه شهرن ۾ ڇوڪرين جا ڪيترائي اسڪول کوليا پيا وڃن. گڏوگڏ ضلعي ۾ ڪيترائي نجي مڪتب ۽ اسڪول کليل آهن. جن ۾ ٻارن کي پڙهايو وڃي ٿو. حيدرآباد جي چرچ مشنري سوسائٽي جي ماتحت هلندڙ اسڪول ڏاڍو چڱو پيو وڃي. انهي اسڪول ۾ هڪ سئو کان مٿي شاگرد پڙهندڙ آهن، جن کي ميٽرڪ تائين پڙهايو وڃي ٿو.

74- 1873ع جي انگن اکرن موجب حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ هڪڙو هاءِ اسڪول، نارمل اسڪول، انجينئرنگ اسڪول، اينگلو ورنيوڪلر اسڪول (فرسٽ گريڊ) ۽ اينگلو ورنيڪولر اسڪول (سيڪنڊ گريڊ) ٻه، ورنيڪولر اسڪول اٺيتاليهه ۽ ڇوڪرين جا ٻارهن اسڪول موجود هئا. جن ۾ پڙهندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو انگ 3595 هو. جڏهن ته 74- 1873ع ۾ سڄي ڪليڪٽوريٽ ۾ نجي پئسي تي هلندڙ اسڪولن جو انگ ڇهه هو، جن ۾ 622 شاگرد پڙهندڙ هئا.

حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي تاريخ کي، سڄي صوبي جي تاريخ کان ڌار ڪري نٿو ڏسي سگهجي، ڇو ته اها گڏ وچڙ لڳي پئي آهي. 1843ع کان وٺي حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي حدن ۾ وسعت ۽ گهٽتائي ٿيندي رهي آهي. سنڌ کي فتح ڪرڻ وقت پهرين عمرڪوٽ ضلعي کي حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو تڏهن ميرپور ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي حيثيت سان سڏبو هو، تنهن کان پوءِ حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو، پر 60- 1859ع کان کيس ڌار ڪيو ويو آهي ۽ ٿر ۽ پارڪر پوليٽيڪل سپرنٽينڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو. 82- 1851ع ۾ انڊين حڪومت طرفان خيرپور جي هز هائينس مير علي مراد کان جيڪي علائقا ڦريا ويا. تن ۾ نوشهرو ۽ ڪنڊيارو جا پرڳڻا شامل هئا، جيڪي هينئر حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جا لازمي جز آهن. انهي کان اڳ شاهبندر ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو هو، پر اهو 1861ع ۾ ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ڏانهن موٽايو ويو، جنهن کان وٺي حيدرآباد جي حدن يا ايراضي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڪئي وئي آهي.

حيدرآباد

حيدرآباد ساڳئي نالي سان ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو آهي؛ اهو هالا ڊويزن جي هالا تعلقي سان اتر، اولهه کان سنڌو درياهه، ڏکڻ کان ٽنڊي ضلعي جي گوني تعلقي ۽ اوڀر کان هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي ٽنڊوالهيار سان ڳنڍيل آهي. هن تعلقي جي ڪل ايراضي 416 چورس ميل آهي، ۽ سندس ست تپا ۽ منجهس اوڻهٺ ڳوٺ آهن. تپن ۾ هٽڙي، گوندر، هوسڙي، کٿڙ، ڀينڊو، ڪاٺڙي ۽ ٽنڊو فضل شامل آهن.

هن تعلقي جو سمورو علائقو، گنجي ٽڪر کان سواءِ، جنهن جي ڊيگهه اتر کان ڏکڻ تائين اٽڪل تيرهن ميل ۽ ٽڪرين جي اوچائي سئو فوٽ کان مٿي نه اٿس. ميداني آهي، تعلقي جو جيڪو علائقو سنڌو درياهه جي ڪناري سان آهي، اتي ڪجهه سرڪاري ٻيلا آهن، جن مان مياني ڏاڍو سهڻو ٻيلو آهي. هن تعلقي ۾ ڪيترائي واهه آهن، جن جي ڪنارن سان وڻڪار لڳي پيئي هندي آهي، ۽ تعلقي ۾ ڪيترائي باغ پڻ آهن، جنهن کي ڪنهن اوچائي تان، خاص طور تي حيدرآباد شهر جي قلعي تان ڏسبو اهو علائقو ڏاڍو سهڻو پيو لڳندو.

هن علائقي ۾ واهن جو وسيع ڄار ڦهليل آهي. هتي حڪومت جا ننڍا توڙي وڏا ٽيتاليهه ڪينال آهن، جنهن سان زمينون آباد ڪيون وڃن ٿيون. منجهن ست وڏا فيڊر آهن، جڏهن ته ٻيا واهه سندن ڇاڙهون يا شاخون آهن. هن تعلقي ۾ ڪوبه زمينداري واهه نه آهي. تعلقي ۾ شامل واهن ۾ سرفراز واهه، لاکير واهه، ڦليلي (پراڻي) ڦليلي (نئين)، واڌو واهه، فسادي واهه، سنگت واهه، ڪمال واهه، امام واهه، کوکر، نور واهه، سنڌ (ننڍو) وهندڙي، لُنڊو، سهوڙو، سنڌ (وڏو)، بهاول واهه، خير واهه، ڪرم واهه، موري واهه، نصير واهه، اشهد واهه، امام واهه هوسڙي، خير واهه، جاڳير، ڪڙيو قاسم، باغ واهه، علي بحر واهه، هوسڙي واهه، آڍو واهه، ٻانڌي واهه، خير واهه، کٿڙ،  ميرواهه کٿڙ، ڇنڊڻ واهه، ڦليلي گوندر واهه، بگهياڙ واهه، فريد واهه، ڇنڊ ڏار، ڪانگڻ کاڌي، ڪاسگي واهه، جنڊو واهه، علي ٿهيم واهه، شيطان واهه، هزاري واهه ۽ ڪافي واهه شامل آهن.

انهن واهن جي نگراني ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪري ٿو، جنهن وٽ ڦليلي ڊويزن جي چارج آهي، هن جي ماتحت هڪڙو ڪينال سرويئر ۽ هڪڙي داروغي سميت هڪڙو سزاوالڪار (يا سب اوور سيئر) آهي ۽ تيرهن مشتري سال جي ڪجهه حصي لاءِ پڻ ملازم رکيا وڃن ٿا. هن جو کاتو ۽ ضلعي جون روينيو اختياريون، واهن جي سالياني کاٽي گڏيل طور ڪرائين ٿيون. هن سڄي تعلقي ۾ رڳو هيٺاهين ديهه سري ۽ ديهه ڄام شورو ۾ ٻوڏ اچي ٿي، ڇو ته درياهه ۾ چاڙهه وقت پاڻي بندن تان وهي ٿو وڃي. هتي ٽنڊو فصل ۽ آدم خان جي ڳوٺن وچ ۾ وڏي ڍنڍ آهي، جنهن ۾ نور واهه ۽ سندس شاخ سنڌ (ننڍي) مان پاڻي مهيا ٿئي ٿو.

حيدرآباد تعلقي جي آبهوا سنڌ جي ٻين ڀاڱن کان مختلف نه آهي، مقامي ماڻهن جو خيال آهي، ته سال چئن موسمن ۾ ورهايل هوندو آهي؛ (1) بهار، جيڪا فيبروري کان مارچ تائين (2) اونهارو، جيڪو اپريل کان جولاءِ تائين؛ (3) سرءُ، آگسٽ کان آڪٽوبر تائين؛ ۽ (4) سيارو، نومبر کان جنوري تائين هلي ٿو، پر عام طور تي ٻن موسمن- اونهارو ۽ سيارو کي ڳڻيو ويندو آهي. سياري جي موسم ۾ هوا عام طور تي اتر- اوڀر کان لڳندڙ هوائن ڪري خشڪ رهي ٿي. سياري جي گرمي جو درجو ايڏو ته گهٽجي ٿو وڃي، جو پاڻي رات جو اڪثر ڄمي وڃي ٿو، ۽ وري ٻئي ڏينهن منجهند جو گرمي جو درجو پنجهتر ڊگرين تي پهچي وڃي ٿو. اهڙي پوهه پاري ۽ ساڙيندڙ ڪاڙهي واري صورتحال، هڪڙي ڏينهن ۽ رات دوران، حيدرآباد جي سول سرجن ڊاڪٽر هومسٽيڊ جي مشاهدي ۾ آئي هئي. اونهاري جي مهينن ۾ گرمي وڌيڪ ٿيندي آهي. حيدرآباد ۾ شديد گرمي جي ڇهن مهينن دوران ڪاٿو لڳايو ويو، ته اهو درجو وڃي اٺانوي ڊگري بيٺو.

هن تعلقي ۾ گذريل ڏهن سالن کان 1874ع تائين، وسندڙ برسات جو ڪاٿو 6.76 انچ لڳايو ويو آهي، پر اصلي حقيقت هي آهي، ته برسات وسڻ واري حالت ۾ هڪجهڙائي نه آهي. هن ضلعي ۾ نومبر کان مارچ تائين اتر جون هوائون لڳن ٿيون، جڏهن ته باقي مهينن ۾ گهڻو ڪري ڏاکڻيون هوائون گهلن ٿيون. ۽ خاص ڪري مئي مهيني ۾- گرم جهولو لُڪ ۽ بياباني هوا محسوس ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان گڏ مٽي واچوڙا لڳن ٿا. آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن کان سواءِ ڏند ڪوهيڙو نٿو ٿئي.

هن ضلعي ۾ جهنگلي جانورن ۾ بگهڙ، لومڙ، گدڙ، هرڻ ۽ ڦاڙها ۽ سوئر؛ پکين ۾ باز، ڪانو، تلور، ڪبوتر، تتر، ۽ ڪيترن ئي قسمن جون بدڪون توڙي آڙي، ريڙهيون پائيندڙ جانورن ۾ نانگ ۽ وڇون عام آهن. گهريلو ڍورن ۾ اُٺ، گهُوڙا، گڏهه، خچر، ڍڳا، مينهون، ٻڪريون ۽ رڍون شامل آهن. جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ ڪڪڙن جا ولر ته هرهنڌ پيا ڏسبا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org