سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :100

 مسلمانن جو به رامڏيو ۾ گهڻو صدق هو ۽ سنڌين ( ملسمان توڙي هندو) جو ايڪتا طور هو ’بابا رام پير‘ نالي به مشهور هو. هن جي سماڌي جوڌپور رياست ۾ رام ڏيوري ۾ آهي. پر سنڌ، راجسٿان ۽ گجرات جي ٻين شهرن ۾ به هن جا مندر آهن، جتي ساليانا ميلا لڳندا آهن. هن جي پرمارٿ ۽ ڪرامتن تي ڪئين ڪتاب لکيل آهن. جوڌپور ۾ سنڌين هن جو نئون عاليشان مندر ٺهرايو آهي.

هتي هڪ ٻيو عجيب ٽڪاڻو هو ڀوتن ۽ ڏائڻين جو، جتي اوندهه ۾ رڳو پٿر رکيل هوندا هئا ۽ هرهڪ تي هڪ اک نڪتل هوندي هئي. چوندا هئا ته  انهن پٿرن ۾ جنن ۽ ڏائنڻين جو واسو آهي. انهن تي تيل ۽ سندور چاڙهي واس ڌوپ ڪندا هئا ۽ ٻاون کان ڪارا سڳڙا ۽ تعويذ وٺي ويندا هئا. اُتي جي ڪالي مندر جي اچرج جوڳي ڳالهه هي آهي، ته ڪالي ديويءَ جي مورتي ٻين مندرن جهڙي هئي، پر نالو هئس ’خاڪ چوڪ مندر‘ ۽ اُن مندر جي ٻاون جا نالا به نرالا هئا. هڪڙن کي پيا چون ’سيتا پادري‘  ٻين کي ’لال پادري‘. اُهي پوڄاري هڪ غفا ۾ رهندا هئا.

هتي جا هنداڻا به هاڪارا ٿيندا هئا، جو هڪ هڪ جي تور ڏهه پندرهن سير ٿيندي هئي. پر ڪي ته اڌمڻ کان به وڌيڪ! مٺا به مصري جهڙا! ڀڳوان جا به رنگ آهن جو اهڙي وارياسي رڻ پٽ ۾ ٻين هنڌ هنداڻا ڦڪا ۽ رڳو ان ايراضي ۾ مٺا!

ٻئي پاسي، هالن جا ٻه شهر – نئون ۽ پراڻو هئا، جن جي وچ ۾ هڪ ڪوهه کن پنڌ هو، نئين هالن ۾ مشهور مخدوم نوح جي درگاهه آهي. سنڌ ۾ ٽي مرشد ليکبا هئا: هڪ مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي، ٻيو مخدوم نوح هالن وارو ‎۽ ٽيون مخدوم بلال باغبان تعلقي دادو وارو. مخدوم نوح جي مقبري تي هندو – مسلمانن جو وڏو ميلو لڳندو هو.

جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه هالن کان ٻه ڪوهه اورتي ڀٽ شاهه ۾ آهي. اُتي سڄو سال پرڀوءَ جي پيارن جي اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيندو آهي، ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو 14 صفر تي وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ حق جي طالبن کان سواءِ رونشي جا شوقين به گهڻا ايندا هئا. شاهه صاحب 1752ع ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس تربت مٿان عاليشان مقبرو جوڙايو. مير محمد خان قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو ۽ جيسلمير جي راجا نوبت نذرانو ڪئي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. شاهه صاحب جا ڀڳت، هر جمع رات ڀٽ تي شاهه صاحب جو ڪلام ڳائيندا آهن، جيڪو جهونجهڪڙي تائين هلندو آهي.

شاهه صاحب پنهنجي، مذهب تي پُختو هو. روزا رکندو هو. نمازون پڙهندو هو، پر شريعت جو پابند نه هو، اسلام ۾ راڳ حرام آهي، پر وٽس روز گانو ٿيندو هو، بلڪ دم به گاني ٿيندي ڏنائين. سندس سمورو ڪلام ويدانتي گيان سان ڀرپور آهي، ڇو ته هن هندو جوڳين جي سنگ مان گهڻو ڪجهه پرايو هو. گيان کان علاوه هن جو ڪلام، ڀڳتيءَ يعني سائينءَ جي سڪ، سمرپڻ ۽ بيتابيءَ سان ڀريل آهي. هندو توڙي مسلمان، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، جنهن به هن جي ڪلام ٻُڌو سو هن جو مشتاق ۽ مريد بڻيو. مون به گهڻين ٻولين جي شاعرن جو مزو ماڻيو آهي، پر سنسڪرت ۾ شريمد ڀاڳوت کانسواءِ شاهه جهڙو مٺو، من موهيندڙ ۽ مالڪ سان ملائڻ وارو ڪلام ٻيو ڪو ڪونهي. اُن ۾ رڳو روحاني راز پر نصيحت ۽ محبت جا موتي، سڪ جي سڳي ۾ پوتل پيا آهن.

حيدرآباد کان چوئيتاليهه ميل ريلوي تي نصرپور جو شهر آهي، جتي هڪ هزار ورهيه اڳ، چيٽي چنڊ تي جمع ٿارونءَ ڏينهن، رتن لعل کتريءَ جي گهر هڪ تيجسوي ٻالڪ جو جنم ٿيو. هن جا ڳرهه ڳوچر ڏسي نجومين چيو، ته هي ٻالڪ، ورڻ ديوتا جو اوتار آهي ۽ مظلومن جي رکيا لاءِ پيدا ٿيو آهي. هن نالو اُديه چند رکيائون، پر هو امرلعل ۽ اُڏيري لعل جي نالن سان مشهور ٿيو. هو ڄائي ڄم کان سُڌ پرش، ڪرامتن جو ڌڻي هو ۽ جڏهن ساماڻو ته ڪڏهن گهوڙي تي ۽ ڪڏهن درياهه تي گهُمندو يا پلي سوار ڏسبو هو.

اُن وقت سنڌ ۾ هندن کي مسلمان بنائڻ لاءِ مٿن سخت ڏاڍ پيئي ٿيو، ٺٽي جي نواب مرک شاهه فرمان جاري ڪيو هو، ته جيڪو هندو طهر ڪرائي مسلمان نه ٿيندو، تنهن جي سموري ملڪيت ضبط ڪئي ويندي. تڏهن هندو وڃي امر لعل جي شرڻ پيا. پوءِ جون گهڻيئي ڪٿائون آهن، پر پڪو اتهاس ڪونهي.

جڏهن مرک شاهه ٻڌو ته هندو پنهنجو حمايتي وٺي آيا آهن، ته هو لشڪر وٺي درياهه جي ڪپ تي آيو. هندن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته مرک شاهه، اُڏيري لعل کي پلي تي سوار ڏٺو. ان وقت امر لعل جي حڪم تي نديءَ جا سڀئي جيوَ، دهشتناڪ سورمن جي صورت ۾، مرک شاهه جي فوج تي اچي ڪڙڪيا ۽ سندس سپاهين کي چيرڻ ۽ چٻاڙڻ لڳا. درياهه جون ڇوليون غضبناڪ گجگوڙ ۽ ڪڙڪاٽ ڪنديون اچي سندس فوج جي مٿان پيون. اُهو قدرت جو قهر ڏسي، مرک شاهه حيران ٿي هيسجي ويو ۽ امر لعل جي قدمن تي ڪري گناهه بخشايائين.

سڄيءَ سنڌ ۾ اُن واقعي جي سُڌ پئجي وئي ۽ هندو اڏيري لعل کي پنهنجو ديوتا، هيڻن جو همراهه ڪري پوڄڻ لڳا. هن جنتا کي آٿت ڏيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيو. ته هن جا هزارين پوئلڳ بڻيا ۽ پاڻ کي هن جي ذات جا ”ٺاڪر“ چوائڻ لڳا. جي پوءِ ڦري ”ٺڪر“ ٿيا. هو جتي ويو تتي ٿان برپا ٿيا، جن ۾ سانده جوت ٻرندي هئي. اها جوت ذهن نشين ڪرائي ٿي، ته مذهب يا عقيدا ڪهڙا به هجن، پر حقيقت ۾ سڀني ساهوارن جو بنياد ساڳئي شڪتي آهي. اڄ ڪلهه جا سائنسدان به ان متي تي پهتا آهن، ته سڀني جيون کي هڪ قسم جي بجلي جوت هلائي رهي آهي، جنهن جي وولٽيج ڌار آهي. اُڏيري لعل جا پوڄاڙي ٺڪر ۽ گهڻا هندو، لعل سائين کي اسٽ ديو ڪري پوڄڻ لڳا ۽ سندس جنم ڏينهن چيٽي چنڊ ملهائڻ لڳا. مسلمان به کيس درياهه جو اولياءَ، خواجا خضر يا زنده پير ڪري مڃڻ لڳا.

هالا تعلقي ۾ اڏيرو لعل ڳوٺ ريلوي اسٽيشن کان پنج ميل پري آهي. 1019ع ڌاري سائين امر لعل اتان پنهنجي پڳر ٺڪر سان پئي لنگهيو، ته اها زمين کيس وڻي وئي. زمين جي ميمڻ مالڪ کان پڇيائين ته، ”گهڻا پيسا وٺندين؟“ ميمڻ زال سان صلاح ڪرڻ ويو، ته هنن ٻنهي کي اُڃ ۽ اُس گهڻو ستايو. تڏهن اڏيري لعل اُتي پنهنجو نيزو کوڙيو ته پاڻي نڪري آيو ۽ کٻڙ جو وڻ مٿن ڇانو ڪرڻ لڳو. ميمڻ ۽ سندس زال آئي ته پنهنجي وارياسي رڻ پٽ ۾ وڻ ۽ کوهه ڏسي وائڙا ٿي ويا ۽ يقين ٿين ته هيءُ ڪو پهتل ملائڪ آهي. کيس چيائون: ”مالڪ! زمين جا پئسا اسان کي نه گهُرجن، پر جيڪا درگاهه ٺاهيو، تنهن ۾ اسان کي مجاور ڪري رکجو.“ لعل سائينءَ اها ڳالهه منظور ڪئي ۽ پاڻ گهوڙي سميت اُن هنڌ، سڀني جي ڏسندي غائب ٿي ويو.

انهيءَ جڳهه تي هندن عاليشان مندر ٺهرايو ۽ ميمڻ کي مجاور ڪري رکيائون. مندر ۾ ساندهه جوت ٻرندي هئي ۽ هندو کوهه ۾ بهراڻا ۽ جانور وغيره چاڙهيندا هئا. اُتي زبردست ميلو لڳڻ لڳو ۽ خوب نذرانا ۽ ڀيٽائون چڙهڻ لڳيون. تڏهن مسلمانن به اُتي قبو اڏايو ۽ چوڻ لڳا ته اڏيرو لعل اسان جو اولياء پير شيخ طاهر زنده پير هو. پوءِ جڏهن مجاورن ۽ هندو پوڄارين جو تڪرار ٿيڻ لڳو، تڏهن هندن اهو مندر ڇڏي، نصرپور ۾ اُن کان به وڌيڪ عاليشان مندر وڃي ٺهرايو ۽ اُتي ڌام ڌوم سان ميلو لڳڻ لڳو. (33)

 

پوپٽي رامچند هيراننداڻي

 

آنند ڀريو حيدرآباد

 

حيدرآباد جي هيرآباد ۾ اسان کي پنهنجي جاءِ هئي، پر نانيءَ چيو ته ننڍن ٻارن سان منهنجي بيواهه ڌيءُ اڪيلي ڪيئن وڃي رهندي؟ ان ڪري اسين سڀ گڏ رهڻ لڳا.......... مامو گوپالداس جو ڪٽنب به اسان سان گڏ رهندو هو. هو وڏو ٺيڪيدار هو. گدوبندر واري اسپتال توڙي  سول اسپتالن ۾ هرهڪ شيءِ پهچائڻ جا ٺيڪا کڻندو هو. چولا، سُٿڻون، روا، ڪوٽ، کير، ميوو، ڏُڌ، ڀاڄيون، گيهه سڀ ڪجهه ٻنهي اسپتالن لاءِ پهچائيندو هو. اسان جي اڱڻ ۾ کير جا مڻ پيا ڪڙهندا هئا. ڏڌ به مڻن ۾ ڄمايو ويندو هو. بافتي۽ ململ جا سوين تاڪيا ايندا هئا ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا. مامو پاڻ صبح جو ليمن جو شربت پي ٻاهر نڪرندو هو ۽ وري شام جو دير سان گهر موٽندو هو. منجهند جو بودي پساريءَ وٽ گدرو ڇانهين کائيندو هو يا ڏوڏي ميوي واري وٽ ويهي سنگتڙا ۽ سردا خلاص ڪندو هو....... مامو گهر ۾ ڇانهين ۽ گدرن سان ڀريل اُٺ گاڏيون، انبن جا ڀريل مٽ، موسمبين، سنگتڙن جون ڳوڻيون موڪليندو هو. گڏوگڏ ماسيءَ وٽ تازيون تازيون باداميون ۽ تازا اکروٽ، زردالو ۽ آلوچا، تُوت، ۽ شهتُوت جهجهي انداز ۾ ايندا هئا.

مامو دسهڙي تي بارود (ڦٽاڪن) جا ٽوڪرا وٺي ايندو هو. سندس نوڪر ٽي ڏينهن سانده شام جو اڱڻ ۾ اهو بارود ٻاري ڏيکاريندو هو. پاڙي جا سڀ ٻار اسان جي گهر ايندا هئا. پوءِ قبو ٻريو ته تاڙيون وڳيون، هوائي مٿي ويئي ”شرر........“ جا آواز ٿيا، سر ڦٽ ڦٽ ڪئي ته اسان ڦيريون پاتيون!

منهنجون ماساتيون ڪاليج ۾ پڙهنديون هيون. باقي اسين ڌمو، ديناناٿ، گوبند، حَشو، موتي، نارائڻ، جانڪي، شانتي، ڪملا، سندري، ساوتري، گنگا ۽ مان سڄو ڏينهن پيا کيڏيندا هئا سين. شرطون پڄائڻ، پروليون،سلڻ.، گڏجي بيت چوڻ،اصل سڄو ڏينهن مستي، کيچل ۽ راند ۾ مگن رهندا هئاسين. ننڍڙا ڇُو ڇُو ريل بڻجي  هڪ ٻئي جي گھاگھري  يا خميس پڪڙي هلندا، ٿورا  وڏا ماچيس کي ڌاڳا ٻڌي هڪ ٻئي کي ٽيليفون ڪندا، ڇوڪريون رنگين  پتر کڻي .” اڀان ڪي پهريان،  اڀان ڪي ٻِيا،“ ڪنديون، ڇوڪرا ٽڪري  تي مينهن وساڙا ڳولهڻ ويندا يا  گولين راند  ڪري پڪاريندا، . سچ! نوار جي کٽن تي نچ نچ ڪندا  هئاسين. پينگھي ۾ لڏي ” اُڀان ڪي پهريان اڀان ڪي ٻيا،“ ڪنديون  ڇوڪرا ٽڪري تي  مينهن وساڙا  ڳولهڻ ويندا يا گولين راند ڪري پڪاريندا،” سچ!“ نوار جي کٽن تي نچ نچ پيا ڪندا هئاسين،. پينگهي ۾ لُڏي ”سڀ ڪن  تهنجي ساراهه – قدرت وارا “ ڳائي، ڪراچي ۽ سکر اسٽيشنن کي پاڻ وٽ گهرائي ” هندو پاڻِي!‎ مسلمان پاڻِي!“ جا هوڪا ڏيندا هئاسين . ڏوڏا ۽ بيڊن جا بسڪوٽ جولهن ۾  ڀري خزاني جا مالڪ  بڻجندا هئاسين. هڪ ٻئي سان اُوٽي ڪري پوءِ  چئينس نه ......... “ ڪري  ساڻس ڳالهائيندا هئاسين ۽ ڀڳڙا ڪٽي ان ۾ کنڊ وجھي، ان سان وات ڀري  پوءِ ”پُڦي“ چئي کلندا هئاسين! ڇوڪريون راند ڪن ”آئم آءِ آئوٽ؟“  ته ڇوڪرا منجھائن ۽ جي ڇوڪرا راند ” لئن مون –بڪٽ آر- بانبريس “ ته ڇوڪريون منجھائين . پوءِ گڏجي راند  ڪريون ، ” اسين ٻير چونڊڻ  اچون ٿا ......... اچون ٿا ........ اچون ٿا.... “  اهڙي متل ميلي ۾ ٻالڪپڻ  گذاري  اسين ٿورا وڏا ٿياسين ۽ وڃي پنهنجي جاءِ  ۾  ويٺاسين .اها جاءِ ساڌو وسواڻي جي ستسنگ واري جھوني جاءِ جي لڳولڳ  هئي. اها جاءِ شري منگھن مل، ساڌو کي دان ڪري ڇڏي هئي. ۽ اتي ئي ميران اسڪول ٺهرائيو ويو هو( جھونو- نئون پوءِ جيل جي اڳيان ٺهيو هو.) اسان جي کڏ واري ڀت ۾ ساڌو وسواڻيءَ جي ڪمري جو دريون هيون .

امي جو حڪم هو ته صبح سويل اٿي ساڌو واسواڻي جي ستسنگ ۽ گرسنگت  ۾ وڃڻو  آهي. اتان ٿي جيل واي روڊ تي پنڌ ڪرڻو آهي يا ڊوڙ‎ پائڻي آهي. ايئن  جيڪو نه ڪندو تنهن کي نيرڻ  نه ملندي ............. ۽ سنڌ  ۾  نيرڻ ڪهڙي ڪبي  هئي؟  سيئون، پٽاٽا يا مالپڙا يا پيهون  ۽ مٿان  شربت يا انب ماني  ۽ مٿان لسي، يا چاش ۾ ڊبل روٽي.

تن ڏينهن ۾ ساڌو واسواڻِي جو ستنسگ صبح سويل ساڍي پنجين بجي شروع ٿيندو هو. سو اسين ڇوڪريون  ته ماءُ  جي پٺيان اٿي ستسنگ ۾ پهچي وينديون هيون سين. باقي اسان جي ڀائين مان حشو سويل اٿي باغ مان گل پٽڻ هليو ويندو هو،   گرسنگت ۾ ڪڻاهه پر سادو ورهائجڻ وقت  ڪڻاهه وٺي  ثابتي اچي ڏيندو هو ته مان گرسنگت ۾ ويو هوس.

سنگت ۾ ساڌو ڏاڍيون سٺيون آکاڻيون ٻڌائيندو  هو. سندس ڀاشڻ، مثالن ۽ جيونين سان نهايت  دلچسپ لڳندو هو. جڏهن هو آکاڻي جي ڪلائميڪس  تي اچي  چوندو هو: اڄ مان اتي ڌاڳو رکان ٿو ،“ تڏهن من سسي ويندو هو، ٻئي ڏينهن آکاڻِي جي تند جوڙڻ  جي  موهه وچان  ستسنگ ڏانهن ڀڄبو.

اونهاري ۾ اسين کڏ تي سمهندا هئاسين.حيدرآباد جي انوکي چادني رات، چنڊول پکيءَ  جون ڪيهون، پرهه ڦٽي جي ٿڌي هوا  ۽ ساڌو جي کليل دريءَ مان سندس مڌر گيت  جو آواز! هو هڪ هٿ جي آڱرين سان ٻئي هٿ جي آڱرين پٺيان تال رکي ڳائيندو هو ........ساڌو واسواڻي جي  عجيب شخصيت  هئي. ڦڻي کانسواءِ گھنڊيدار ڪارا اڇا وار، ڊگھو کاڌي جو چولو، اڇو کاڌي جو لنگوٽ ۽ پيرن ۾ چمپل.

منهنجو ٻيو  نمبر ڀاءُ  حشو، هر قسم جي ڪاريه يا هلچل  ۾ بهرو وٺندو  هو. ڪسرتي آکاڙو هجي يا  پهري ڏيڻ واري ٽوني. آزادي جي هلچل جي بليٽن  ڪڍڻي هجي يا ڪنهن کي مار ڏيڻي هجي، ڪاليج  ۾ منصوبو رٿي پروفيسر کي پٽائڻو هجي يا دوستاڻي محفل ۾ ڪا شرط پڄائڻي هجي، هو سڀني ڳالهين ۾ اڳرو هوندو  هو...........  حشو زبردست جھيڙاڪ هو. هيراآباد ۾ ڇوڪرا پاڻ ۾ ۽ ڇوڪريون پاڻ ۾ ٻه – ٽه، ٽي ٽي  ٿي شام جو مين روڊ تي گڏجي پنڌ  ڪرڻ  نڪرندا  هئا، مارڪيٽ کان جيل تائين ڪلاڪ ڏيڍ  ائين  عجيب رونق ڇائنجي ويندي هئي. ڪي لچا ڇوڪرا، ڇوڪرين کي ويچار ڏيندا هئا: ”ائي الا! مان رومال  ته وساري آئي آهيان! “ ۽ سندن  هلڻ جي اهل ڪندا هئا. ايئن اٻوجھ ۽ الڙ ڇوڪر مستي ڪن، پر جي ڪنهن لوفر ڪنهن ڇوڪري کي ٺونٺ هنئي يا گٿو لفظ چيو، ته هڪدم حشوءَ تائين نياپو پهچندو هو! ( هيراآباد جو حشو  هٽلر  سڀني جو اڳواڻ  هو)  بس پوءِ  اهو لوفر اهڙي مار کائيندو هو، جھڙي اٺ کائي پتڻ  تي! ڪڏهن موڪلن ۾ آ‎يل ڪنهن ڪراچي جي  ڇوڪري کي کٽي کڻندي هئي. ۽ هو ڪنهن ڇوڪري سان مستي ڪندو هو، ته هيرآباد جا ڇوڪرا سندس شامت آڻي ڇڏيندا هئا. ڇوڪرين کي ٻاهر گهمندو ڏسي، سلاوٽن جي پاڙي جا ڇوڪرا ڇهه ست ڄڻا گڏ ٿي هيرآباد ۾ ايندا هئا. اڃا اهي گهڙندا ئي مس هئا ته هڪدم پپر جي وڻ هيٺان ويٺلن ڏانهن ڪو ننڍو ڇوڪرو ڊوڙندو هو. بس، جي سلاٽا جتي کڻي نه ڀڳا يا اُمالڪ معافي نه ورتائون، ته کين قيامت جو وقت ياد ڪرڻو پوندو هو.

حشوءَ جي ٽوليءَ ۾ انيڪ ڇوڪرا شامل هئا، جيڪي سڀ پنهنجي ڇيڙ واري نالي سان ئي پرسڌ هئا. فقير، بب، شيدو، ڦاڙهو، ڪارو....... انهن مان ڪي مون ڏٺا بي ڪين هئا........ حشو هٽلر جي ڀيڻ هئڻ ناتي اسان جو رعب هو. ڪوبه اسان ڏانهن اک کڻڻ جو ساهس ڌاري نه سگهندو هو. حشو لاپرواهه هو، رڳو ماني کائڻ لاءِ گهر ايندو هو. رات جي ماني کائي به گم. الائي ڪيڏي مهل ايندو هو. ڇيڻي تي کير پيو ڪڙهندو هو، جيڪو پي سُمهي پوندو هو ۽ وري صبح جو سويل به باغن ڏانهن ڪسرت ڪرڻ هليو ويندو هو....... ننڍي هوندي حشو، ڌمو ۽ مان ڦليليءَ جي ڪپ تي اُفق وٽ انڊلٺ جي پُڇڙي ڏسڻ، ۽ کُڏ تي نچي نچي ”ڀيڄ مولا، چاندي ڪا گولا“ چئي واڪا ڪندا هئاسين.

پڙهڻ جي عادت مون ۾ پروفيسر ڪي. اين واسواڻي وڌي ۽ لکڻ جي شري هاسي مل ماکيجاڻي، جڏهن پهريون ڀيرو ميران ڪاليج کُليو تڏهن واسواڻي مون کي انگريزي پاڙهيندو هو ۽ هاسو مل ايڪانمڪس. واسواڻي مون کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ڏياريو ۽ هاسي مل لکڻ لاءِ آماده ڪندي چيو، ”خيال جو وستار ڪرڻ ۽ وستار واريءَ ڳالهه کي ننڍو ڪري لکڻ جو ڏانءُ تو ۾ آهي. تون ليکڪا بڻجي سگهين ٿي.“

حيدرآباد جي بامبي بيڪريءَ وارو شامداس تڌاڻي منهنجي هڪ شاگردياڻيءَ جو ڏاڏو هو. هن وٽ سنسڪرت ڪتابن جو اصل خزانو رکيل هو. انهن ڪتابن ۾ گهڻيئي ساز سمجهايل هئا.

بنارس مان گهڻيئي ڪتاب گهرائي پڙهيم، ايئن منهنجي گهر جي دُڇتي، جتي هونئن ان سان ڀريل ڳوڻيون رکيل هونديون هيون، منهنجي ڪتابن سان ڀرجي ويئي....... پر ورهاڱي ڪري سڀ جا سڀ ڪتاب ائين ئي ڇڏي اچڻا پيا. پٺيان ڀائرن کي تاڪيد ڪري آئي هيس ته فلاڻي طرف وارا ڪتاب ضرور کڻي اچجو. پر انهن مان چارئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا هئا ۽ چئن ئي کي رڳو بدن تي ٻه ڪپڙا اچڻ جي اجازت ملي هئي. ان ڪري منهنجا ڪتاب مون کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا!

هوليءَ جو ڏينهن هو. اسان جو گهر هيٺ گرائونڊ فلور تي هو. امي ڏول مان رنگين پاڻيءَ جون پچڪاريون ڀري مٿي پهرين ۽ ٻئي ماڙي تي بيٺل ساهڙين ڏانهن اڇلائي رهي هئي ۽ سندس ساهيڙيون گلال سان ڀريل ڏول مٿان اڇلائي رهيون هيون........ بابا کي دل جو دورو پيو ۽ سندس سڄي بدن تي هئڊ ۽ جاڻ مکي وئي.......... پر هو نيٺ گذاري ويو. بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان ڪراچي هليا وياسين، جتان وري ڪراچيءَ جو تياڳ ڪري، امان پنهنجن پيڪن ۾ حيدرآباد هلي آئي.

پنهنجيءَ ڀيڻ کي پئسن کي وياج تي هلڻ جو آسرو ڏيئي منهنجي مامي کيس صلاح ڏني ته هوءَ پنهنجا مڻيا وڪڻي پئسا سندس دوست وٽ وياج تي رکي. تن ڏينهن ۾ زالون سونا زيور پتل جي داٻلن ۾ رکنديون هيون. امي پنهنجا مڻين سان ڀريل داٻلا وڪڻي ڇڏيا! هَس ۽ هار، ڦُليون ۽ جهُومڪ، ڳن ۽ ڇلا، مُنڊيون ۽ ٻانهن – پَٽا، نٿون ۽ بُولا، جي بابا کيس ٺهرائي ڏنا هئا، انهن کي وڇون جا نانگ سمجهي هن نيڪال ڪري ڇڏيا ۽ پئسا ڀاءُ جي دوست وٽ وياج تي رکيائين پر ان شخص جلد ئي ڏيوالو ڪڍيو. ٻين سان گڏ هڪ بيواهه جا پئسا غرق ٿي ويا.

پوءِ آئون حيدرآباد ۾ اچي اسڪول ۾ پڙهڻ سان گڏوگڏ ٽريننگ ڪاليج ۾ ماسترياڻي بڻجڻ جي سکيا به وٺڻ لڳيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ ئي مون ٽيوشنس ڏيڻ شروع ڪيون........ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ ئي مون کي ڪمائڻو هو. مئٽرڪ پاس ڪري امي هڪ رشتيدار وٽ وٺي هلي ۽ ان کي هٿ جوڙي چيائين: ” هن کي ميونسپل اسڪول ۾ ماستري وٺي ڏيو.“ اُهو ڪم نه ٿيو، پوءِ مون سباڻيءَ تي سبڻ شروع ڪيو ۽ ٽيوشن ڏيڻ لڳيس. ٻه ٻه درجا گڏ کڻڻ ڪري مون چوڏهن ورهين ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. هڪ هنڌ درخواست وڌم ۽ انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو. اُتي چيائون، اسڪول آدرشي آهي، ان ڪري اڇا ۽ سادا ڪپڙا پهرڻا پوندا ۽ هميشه ڊگهين ٻانهن سان ڀلائوزر پهرڻو پوندو.

مون نوڪري لاءِ ”ها“ ڪين ڪئي. هونئن ته مان هميشه اڇي ساڙهي ئي پهريندي هيس، پر هيئن ٻين جي مرضيءَ موجب ڪپڙا پهرڻ جو حڪم مون کي ڪين وڻيو.

منهنجي اسڪول ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول ۾ ساليانو جلسو هو، جتي مون جتيڪا ري جو گيت ڳايو: ”ڪل ڪي سپني آج ڀي آنا........“ بس مون کي پنهنجي ئي اسڪول ۾ ”ميوزڪ ٽيچر“ جي نوڪري ملي ويئي!

ڪن مهينن بعد  اسڪول ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير پير الاهي بخش اچڻو هو. تعليم کاتي، ماسترن جو پگهار وڌائي ڏيڻ جو حڪم ڪڍيو هو، پر اسان جي اسڪول جا بانيڪار پئسا نه هئڻ جو عذر ڏيئي اسان کي جهوني اسڪيل موجب ئي پگهار ڏيندا هئا.

وزير جي آمد جو ٻڌي ماسترياڻين (ٻه ماستر ۽ ارڙهن ماسترياڻيون) ۾ هلچل مچي ويئي. صلاحون ٿيون، گڏجاڻيون ڪيون ويون، ميمورنڊم لکيا ويا، پر پرنسپال جي سامهون وزيرن کي اهو ميمورنڊم ڏئي ڪير؟ نيٺ مون ان ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پر مون چيو ته مان وزير سان ڳالهائينديس. ميمورنڊم ته پوءِ به موڪلي سگهجي ٿو. ڪنهن کي به ويساهه نه پيو اچي ته مان ايئن ڪري سگهنديس. ماستر کيمچند مون سان شرط رکي: ”تون ڳالهائي سگهينءَ ته پنج رپيا ڏيندوسانءِ ۽ جي نه ڳالهايئي ته ڏهه رپيا وٺندوسانءِ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org