سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :101

 هيڊمسٽريس کي کُڙڪ پئجي ويئي. هن مون کي چيو ته ”وزير جي اچڻ واري ڏينهن ميوزڪ پيرڊس ڪونه ٿينديون، ان ڪري تنهنجي اچڻ جي ضرورت ڪونهي.“ پر اسڪول جي بلڊنگ ۾ اچڻ کان منع ته ڪير ڪڍي نٿو سگهي. مان اسڪول هلي آيس ۽ ڪامن روم ۾ ويهي رهيس. ڪلاسن جو چڪر لڳائيندي مون وزير کي ڏٺو، ته اڳيان وڌي ويس: ”سائين ڪجهه ٻُڌندا؟“ هيڊمسٽريس جو مُنهن ٽامڻي هڻي ويو. پر وزير پٺيان ڪنڌ ورائي چيو: ”چئو، اوهان کي ڇا چوڻو آهي؟“......... پوءِ مهيني بعد ئي اسان جو پگهار ستيتاليهن مان وڌي ڇهانوي رپيا ٿي ويو!

اسان جي اسڪول ۾ هندي به سيکاريندا هئا ۽ هڪ ڌرمشٽ دادي گرمکي پڻ سيکاريندي هئي. گر سنگت ۾ شام جو ماستر گرمکي جا ڪلاس هلائيندو هو، جنهن ۾ امتحان ورتا ويندا هئا. ننڍي هوندي ئي مون گرمکيءَ جا امتحان ڏيئي ٻاون اکري ۽ پنج گرنٿي وغيره پڙهي هئي. پر جڏهن ساڌو واسواڻي وٽ اسپيشل گيتا ڪلاسن ۾ ويس، تڏهن سنسڪرت ڀاشا جي خزاني کي ڏسي منهنجا ڪپاٽ کُلي ويا!

ساڌو واسواڻي صبح سويل تارن ڀري آڪاش جي هيٺان اڱڻ ۾ هُون ٻاري سناتن پرارٿنا ڪندو هو........ هن جو آواز ڪومل ۽ مٺو هو. پر جڏهن ساڄي هٿ جي آڱر سان اشارو ڪري وري وري چوندو هو: آتشنهه! جاڳرتهه! تڏهن ان آواز ۾ للڪار هوندي هئي. پراچين رشين جي للڪار، غفلت تياڳڻ لاءِ هر سُچيت آدميءَ جي غافل کي للڪار!

خوشنصيبان ميران اسڪول وارين ڇوڪرين لاءِ ميران ڪاليج کوليو. ساڌو واسواڻي جو متر هو پنڊت مدن موهن مالويه، ڪاليج شام جو ٽيئن بجي کان ستين بجي تائين هلندو هو. جنهنڪري مان صبح جو ماستري ڪري، شام جو ڪاليج پڙهڻ لڳس. شروعات ۾ ڪاليج ۾ اسي ڇوڪرين داخلا ورتي، پر پوءِ سڀ ڪاليج ڇڏي ويون ۽ ٻن مهينن بعد ڪاليج بند ٿي ويو.

وري ٻئي سال ڪاليج کُليو. هن ڀيري رڳو پنجويهه ڇوڪريون آنديون ويون. حيدرآباد نئشنل ڪاليج جا سڀ پروفيسر شيوا ڀاوَ سان ميران ڪاليج ۾ پاڙهڻ ايندا هئا. پر منجهانئن رڳو ٻه پروفيسر – انگريزيءَ جو پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي ۽ سنسڪرت جو پروفيسر نارائڻداس بٺيجا – ئي ريگيولر هئا ۽ لگن توڙي اُتساهه سان پاڙهيندا هئا.......پوءِ اوچتو خبر نه آهي ته ڇا ٿيو، نئشنل ڪاليج جي سڀني پروفيسرن ميران ڪاليج ۾ اچڻ بند ڪري ڇڏيو!

هاڻي ميران ڪاليج جو مئنيجر، جو پاڻ مئٽرڪ پاس هو، اسان کي انگريزي پاڙهڻ لڳو ۽ سنسڪرت لاءِ چيائين ته پنڊت ڪالورام کان سنسڪرت پڙهو. ڪالورام کي انگريزي بنهه ڪين ايندي هئي ۽ اسان کي سنسڪرت انگريزي دوران ئي پڙهڻي هئي. ڪالورام کي ڪجهه سمجهائڻ ٻجهائڻ به ڪونه ٿي آيو........ اسان چئن ڄڻن سنسڪرت وشيه کنئي هئي. بنارس جي امتحانن ۾ ڪن سوالن جا جواب سنسڪرت ۾ ئي ڏيڻا هئا. ويد ۽ اُپنشد اسان جي ڪورس ۾ هئا. ان حالت ۾ اهو ڪالورام ته اسان کي پاتال ۾ پهچائي ڇڏي ها.

حيدرآباد ۾ پروفيسر بٺيجا وٽ هر روز سنسڪرت پڙهڻ ويندي هيس. مئٽرڪ ۾ مون پرشن کنئي هئي. بعد ۾ ميران ڪاليج کُليو ته اسي شاگردياڻين سنسڪرت کنئي........ ٻن سالن جو بي. اي وارو ڪورس پورو ڪري امتحان ڏنم. هنديءَ ۾ سٺ سيڪڙو ۽ سنسڪرت ۾ اٺهتر سيڪڙو مارڪون کنيم ۽ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پنجون نمبر بيٺيس...... ميران ڪاليج منهنجي گهر جي لڳو لڳ هو. پر هنن مون کي اُتسو جي نينڍ به ڪين موڪلي! هنن ڪاليج ۾ نه پڙهندڙ هڪ ٻيءَ ڇوڪريءَ کي گهُرائي ان کي انعام سان نوازيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ هلندي پُڄندي واري شخص جي مائٽياڻي هئي.

حيدرآباد ۾ منهنجي گهر جي چوڌاري ماستر ئي ماستر هئا. ماستر هاسومل، ماستر ليلارام، ماسترياڻي چندرا، هيڊمسٽريس مس هري واسواڻي، هيڊمسٽريس مس کيمچند، هيڊماستر لڌارام موهنداس، ماستر درياناڻي، ماستر منشاراماڻي وغيره. ماستر هاسومل ۽ سندس ڌرم پتني ديوي ٻائي توڙي چندرا، ليلارام وغيره آزاديءَ جي هلچل ۾ بهرو وٺندا هئا. اهي گڏجاڻيون سڏائڻ، سرگسون ڪڍڻ جهڙا ڪاريه ڪندا رهندا هئا. پر مون ڪڏهن انهن ڳالهين ۾ سرگرم بهرو ڪين ورتو، ڇو ته وڏي ڌيءَ هئڻ ناتي مٺايون، وڙا، آچار ۽ مُربا به ٺاهڻا هئا، سوئن ۽ آر سان مڙهڻو به هو، ته بادلو ۽ مقيس به سکڻو هو. وري ماسترياڻي هئڻ جي ناتي پاڙهڻو هو ۽ شاگردياڻي هئڻ ڪري پڙهڻو هو. پوءِ به منهنجو ڀاءُ حشو، بليٽنون ڪڍڻ ۽ ورهائڻ جا ڪم ڪندو هو، ته هن کي لکڻ ۽ سائڪلواسٽائيل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي هيس. سلاٽن سان وڙهڻ لاءِ لٺ جي مُنهن تي فوني جون سُيون ابتيون ڪري اٽڪائيندو هو يا والنٽيئر دوست پُٺين در کان لڪائي آڻيندو هو، ته ٻنهي ڳالهين ۾ مان کيس مدد ڪندي هيس. لٺيون، مُترڪا، کونئر، هٿوڙا سڀ منهنجيءَ نوار واري چادر سان ڍڪيل کٽ جي هيٺان رکيل هوندا هئا ۽ اڌ رات جو ننڍڙو کڙڪو ٻڌي سندس دوستن کي در کولي اندر آڻي کاڌو کارائڻ منهنجو ڪم هو.

حيدرآبادي عاملن ۾ وڏي ۾ وڏي خامي آهي پنهنجي عهدي، خاندان يا پئسي تي پڏي مغرور ٿيڻ. جاگيرداري نظام هيٺ ديوان ۽ زميندار ٿي رهيا ۽ انگريزن جي راڄ ۾ به انهن وڏا عهدا ماڻيا، پئسي وارا يا ڪامورا عامل، ڪريل مائٽن کي به تمام هيٺ سمجهندا آهن. ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر بڻجي اهي انگريز بڻجي ويندا آهن ۽ ڏاڍي لٺ سان هلندا آهن.

حيدرآبادي عاملن جي يوناني هجڻ جي پڪي ثابتي نه آهي، پر اها ڄاڻ اٿم ته يونانين جيان حيدرآبادي پڻ ڌيئن ۽ ڀينرن کي پيار ڪرڻ ڏيندا ئي نه هئا. جتي جتي جاگيرداري نظام هو، اتي اتي عورت جي هلت ته ڇا پر نگاهه تي به سخت پهرو رکيل هوندو هو. عورت ان پهري کان پوءِ جڏهن به ٻاهر نڪتي ٿي تڏهن کيس، يا سندس نگاهن جي گهايل کي موت جي گهاٽ لاٿو ٿي ويو......... اسان جي حيدرآباد ۾ به پيار ڪندڙن جو حال برو ڪيو ويندو هو. سانڀر اٿم ته هڪ بخمل جهڙي نينگري هئي. سندس نينهن هو حشن سان. ملاقات ڪندي پڪڙجي پوڻ تي ٻنهي کڻي ڦليليءَ ۾ ٽپو ڏنو. حشن جو پيءُ هو پوليس انسپيڪٽر، سو اُمالڪ ٻنهي کي جهلايو ويو. ٻنهي جي شادي ڪرائڻ بدران ڇوڪريءَ کي هڪ شيدي ٻُٽونگي دال ٻُٽونگي سان پرڻائي ڇڏيائون ۽ حشن کي لاوارث ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيائون. اُهو حشن پوءِ حيدرآباد جو مشهور شودو ليکجڻ ۾ ايندو هو.

اسان تي وري اڃا به سخت پهرو هو. منهنجو ڏاڏو ڏاڏي سويل ئي پرلوڪ پڌاريا هئا. منهنجي هڪ چاچي (ڪندن نالي) کي ڪن مسلمانن تاڻيو هو. هڪ ڏينهن اُٺ تي چاڙهي، اسڪول مان ڀڄائي، مسلمان مذهب ۾ داخل ڪيائونس. اهڙا واقعا سنڌ ۾ ٿيندا رهندا هئا. پر پوءِ اُهي ڇوڪرا وري هندو ٿيڻ چاهيندا هئا، ته کين پئنچائت جا مکي واپس هندو بڻجڻ ڏيندا ئي ڪونه هئا. ڪُندن ڏهن پندرهن ڏينهن بعد واپس اچي ڏاڍو ٻاڏايو، پر کيس هندو بڻجڻ ڪين ڏنو ويو، اهڙا مسلمان ٿيل هندو شيخ سڏبا هئا ۽ شيخ ٿيل عامل وري پنهنجين سوٽين کي ڀڄائي ساڻن شادي ڪندا هئا. اهو سندن هڪ خاص اُديش رهندو هو. نتيجي طور تي شيخ جي هندو مٽن مائٽن جون ڇوڪريون سخت پهري هيٺ رهنديون هيون. اسان نه ڪڏهن پنهنجو اهو چاچو ڏٺو ۽ نه وري سندس اولاد وغيره سان ڪنهن به قسم جي ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. ناناڻي ورثي ڪري اسين ۽ نه ئي ڀينر سهڻيون به هيوسين، ان ڪري اسان تي سخت پهرو هوندو هو.

اسان ماڙي تي رهندا هئاسين. هڪڙي ڀيري سنان پئي ڪيم، ’۽ ته آئون ڪيئن ڪريان، ويئي آ دلڙي اڙي........‘ ڪافي پئي جهونگاريم. سنان جاءِ ۾ هئا ٻرکڙا، سو آواز هيٺ هليو ويو. منهنجو ڀاءُ، جيڪو هيٺ دوستن سان دوڪان تي بيٺو هو، سو اُمالڪ مٿي چڙهي آيو. سنان جاءِ جو ڪڙو کڙڪائي دٻ ڪڍيائين: ”ڳائڻ هڪدم بند ڪر. اڳتي ڳائڻو هجيئي ته ڪمرو بند ڪري اندر ڳاءِ ۽ هي دلڙيون ٻلڙيون ڪٿان آنديون اٿئي؟“ بس ان ڏينهن کان پوءِ رڳو کيئل جا ڀڄن ڳائڻ جي اجازت ملندي هئي، سو به اندر ڳايان ته واهه! نه ته نه!

اسڪول ۾ پڙهندي، گهر کان اسڪول تائين ۽ اسڪول کان گهر تائين، بس دوران پهچبو هو، جيئن انبوريءَ سان پڪڙي ميونسپالٽيءَ جا ماڻهو ڪُتن کي گاڏيءَ ۾ وجهي وٺي ويندا هئا........ حيدرآباد ۾ به ڪاليج ۾ آزاديءَ جي هوا لڳي. ڇوڪرين ڇوڪرن جون ٽوليون ڪٿي ڪٿي گڏ ڏسڻ ۾ اينديون هيون، پر اهڙين ڇوڪرين کي ماڻهو سُٺي نظر سان ڪين ڏسندا هئا.

اسين نوَ ماسترياڻيون گڏ هلنديون هيونسين. راڌي ۽ سُندري ٻه ڀينر نڪري، مس پنواڻيءَ کي وٺي مون وٽ اينديون هيون. مان پنهنجي گهٽيءَ جي مُنهن وٽ بيٺي هوندي هيس. چارئي گڏجي اڳيان وڌي مارڪيٽ اڳيان ڪلان کي گڏجنديون هيونسين، جا اڱڻ جي دريءَ وٽ اسان کي ڏسي امالڪ ٻاهر ايندي هئي. ايتري ۾ ڪالونيءَ مان هري ۽ گومي به اچي سهڙينديون هيون. تلڪ چاڙهي وٽ ٻه ٻيون وشني ۽ پاپُو به اچي ايئن شامل ٿينديون هيون. جيئن هتان هتان نهرون گڏجي وڏي ندي بڻجي پوندي آهي! کِل کل ۽ بَڪ بَڪ ڪنديون، اسين هڪ ئي وقت اسڪول پهچنديون هونيسين.

ريڊيو تي ظاهر ٿيو ته ملڪ کي ورهايو ويندو. اخبارن ۾ خبر آئي ته سڄي سنڌ پاڪستان کي ملي آهي. پناهگيرن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. هڪ ڏينهن ٻڌوسين ته حيدرآباد ۾ پنج هزار مسلمان اچي لٿا آهن، جن مان ڪي مسلم هاسٽل ۾، ڪي سلاٽن جي پاڙي ۾ ڪي مدرسي ۾ رهايا ويا آهن. مسلم هاسٽل اسان جي گهر جي ساڄي پاسي واري رستي تي هئي. فضا ۾ ڊپ، هوا ۾ حراس ۽ دلين تي دهشت ڇانئجي ويئي. باقي به جو هاسٽل مان نڪري ڪن نوجوان مسلمانن نعرا هنيا  ”هيرآباد جون حورون اسان جي حوالي ڪريو.“ تنهن تي آقي باقي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ڪري ڇڏي! هرهڪ گهر ۾ ڇوڪرين کي سيکاريو ويو ته مسلمان گهر ۾ گهڙي ته بجليءَ واري پلگ جي ٻن ٽونگن ۾ آڱريون وجهي بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ کي ختم ڪجو. گهرن ۾ توتئي – زهر جون ننڍڙيون پُڙيون پڻ ورهايون ويون، جيئن ڏکئي وقت ۾ زالن کي ڪم اچي سگهي.

شام جا ڇهه لڳا ته لائوڊ اسپيڪر جو آواز ٻڌي مان پنهنجيءَ گهٽيءَ جي مُنهن وٽ وڃي بيٺيس، پوليس لارين جي قطار لنگهي رهي هئي ۽ اُهي ٻڌائي رهيا هئا ته، ”جهيڙو جهٽو ڪين ٿيندو، پوليس پهري سجاڳ آهي، ۽ ملٽري پڻ سُچيت آهي.“ پر جتان جتان لاريون لنگهيون ٿي، اُتي اُتي در دريون بند ٿينديون پئي ويون. ماڻهن انومان ڪڍيو ته ضرور ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. رستن تي ڄڻ هائو گهُمي ويو.

گهر ۾ اچي ريڊيو ٿي کوليم، ته اميءَ منع ڪئي، ”مئا سمجهندا ته اسين مزي سان ويٺا ريڊيو تي راڳ ٻڌون.“ هونئن ستين بجي ئي گهر جي ٻاهرئين در جي مٿان واري بتي ٻاربي هئي، جيڪا رات جو دير تائين پيئي ٻرندي هئي. ٻاهريون در پڻ رات جو يارهين ٻارهين بجي تائين کليل رهندو هو، پر اڄ اڱڻ ۽ ورانڊي جون بتيون به ڪين ٻاريونسين. در کي جيڪي ٽن نمونن جا ڪڙا هئا، سي سڀ پائي ڇڏياسين.

گهر ۾ سڀ اچي چڪا هئا رڳو منهنجو ڀاءُ حشو ڪين آيو هو. پناهگيرن جي فسادن جي انومان ڪري، سڀ جوان ٽوليون ٺاهي، پنهنجن گهرن جو بچاءُ ڪرڻ سکي رهيا هئا. حُشو اهڙيءَ هڪ ٽولي جو مهندار هو. هو دير سان ايندو هو ۽ سائيڪل تان لهي لٺيون سرڪائي ورانڊي وراي منهنجي کٽ هيٺان لڪائي رکندو هو..... ڪن لٺين جي مُنهن وٽ فوني جون سُيون ٺوڪيل هيون ۽ ڪن تي ننڍڙا ڪپ اٽڪيل هئا. پنجاهه سٺ لٺيون ته کُڏ تي زمين کوٽي اُن ۾ پوريل هيون. جيئن فساد وقت اسان جي گهر جي کُڏ تان لٺيون کڻي فسادين سان لڙي سگهجي.

اها هيرآباد جتي رات جو ٻارهين هڪ تائين هوٽلن اڳيان فوني تي رڪارڊ پيا وڄندا هئا، ”ڪيا ڪارن هئه اب روني ڪا، ڪيا ڪارن،“ برف وارن کي پريان پريان سڏ پيا ٿيندا هئا، ”او ڪارا! اٺين آني جي برف ڏيئي وڃ!“ جوان دڪانن اڳيان شرطون پُڄائيندا هئا، ته گهڻي ۾ گهڻا ڪيلا ڪير ٿو کائي، نانيون آکاڻيون پيون ٻڌائينديون هيون ته، ”ڪتو ڪنوار کڻي ڪيئن ڀڳو؟“ ٽانگي وارا لوڙاوا ڳائيندا ويندا هئا، ”عمر مارئيءَ کي کڻي ويو، کڻي ويو، ڌنارن کي ڌاڙو هڻي ويو، هڻي ويو!“ اُتي اڄ رات جو نائين وڳي، سامهون گهرن جي ماڙين وارا در بند هئا، ٻاهر سناٽو ڇانيل هو، ڄڻ ته راڪاس گهمي ويو هجي.!

انهيءَ رات جڏهن حشو موٽيو ته چُپ هو. اسان کي بيحد گهڻو عجب لڳو. هونئن هُو ايندي ئي گپ شپ هڻڻ شروع ڪندو هو: ” رجب اڄ ڇهه ڪچا بيدا کائي ويو! فقيري اڌ ڪلاڪ هٿ جي تريءَ تي برف جو ٽڪر جهليو! شيديءَ سلاٽي کي اهڙي مار ڏني جو بولاٽيون پيو کائي! نانوءَ اهڙي لٺ ڦيرائي جو اسين سڀ سمهي پياسين.......“ پر سندس مُنهن تي اُداسي هئي. هن چيو: هيرآباد جو چوڌاري پناهگير وسيل آهن، لاهور مان آيل مسلمانن اڄ مارڪيٽ ۾ وچ رستي تي گانءِ ڪُٺي.“

اسان جو سڄو بدن ڄڻ صرف ڪن بڻجي ويو. آهستي آواز ڪري هن چيو ته، ”فيصلو ڪيو اٿن ته هيرآباد مان سڀ زالون ۽ ڇوڪريون نڪرن. پهرين ڪنوارين ڇوڪرين کي ڪڍڻ جو بندوبست ڪبو. اڄ ئي اڌ رات جو هڪ لاري هتان نڪرندي ۽ ميرپورخاص رواني ٿيندي. اُتان ئي انهن کي ٽرين ۾ چاڙهي ڇڏبو!“

”پر اهي به ڪٿي وينديون؟“ منهنجي ماءُ پُڇيو.

”اهو به بندوبست ڪبو. مون به شام جو هڪ ماڻهو جوڌپور موڪليو آهي. اتي ڪا ننڍي وڏي جاءِ مسواڙ تي ڪري ايندو. پوپٽي ۽ ڪملا کي به پهرين هتان روانو ڪبو.“

مون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين. ”پهرين معنيٰ سڀاڻي رات. تمام ٿوريون ضروريون شيون کڻجو.“

ڀلا مان چوڪري! مون وٽ هٿ سان مقيس ڀريل ساڙهي هئي، بادلي سان ساڙهي ڀرڻ شروع ڪئي هيم، جيڪا اڃان اڌ تي هئي. کٽ تي ريٽي سان ڀريل پيئي هئي، جنهن جي چوڌاري اميءَ ڳنڍين واري جهالر هنئي هئي. ريڊئي تي آر سان مڙهيل ڪور پيل هو. رنگين ربينون، داڻن سان ڀريل ٽوپي، نين پائلين واريون پڙيون، ڪنڊ تي نالو ڀريل رومال، دل جا اُڌما پنن تي اُتاريل واريون ڪاپيون، مورتن وارا ڪتاب، پڙهڻ لاءِ سنگ مرمر جي ميز، لُڏڻ لاءِ پينگهو، بڪل واري گهاگهري، دُڇتيءَ تي جاري تي ٺهيل مندر....... ڀلا ڇا ڇڏيان ۽ ڇا کڻان؟ منهنجو شيون ڇا هتي ڇڏي وڃڻ جهڙيون هيون؟

اسان فوٽو ڪڍائڻ وياسين. جدا ٿي الائي ڪٿي وڃي پئون، ته هڪ ٻئي جا فوٽا اسان وٽ هجن. مون اميءَ سان گڏ فوٽو ڪڍايو ۽ ڪملا منهنجي ننڍي ڀاءُ سان. امي پيئي روئي، ”مُئن ڪهڙو قهر ڪيو آهي؟“ منهنجو ننڍو ڀاءُ پيو سمجهائيس، ”هندستان به اسان جي وڏي ماءُ هي سمجهه ته  اُتي ٿيون وڃن.“ اميءَ چيو، ”ڌوڙ پيئي وڏيءَ ماءُ کي، ڇائي پيئي انهن مئن کي، جيڪي اباڻن کان ٿا اسان کي وڇوڙين.“

شام جو اسين ماسيءَ جي گهر وياسين، ته اُتي ڳوڻ ۾ باسڻ وجهي سبيائون پئي. جڏهن اسان چين ته اسين اڄ رات جو حيدرآباد ڇڏون ٿا، تڏهن پاڻ به سليائون ته اُهي به لڏڻ جي تياري پيون ڪن...... گهر اچي امي به سنڀري. جيئن ئي ننڍي پيتيءَ ۾ پنهنجا پڙا ۽ چادرون وڌائين، تيئن ئي سندس سڀ رڳون روئي پيون! گهر جا سڀ ڀاتي سُڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين. ان رات نه ڪنهن ڪجهه کاڌو، نه پلڪ ئي جهپڪي.......... اها رات اسين ڪمرن ۾ گهُمي، هڪ هڪ شيءَ کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين. گهر ته ڇا پر اڱڻ ۾ بيهي مٿان واري آسمان جي ٽڪري کان به موڪلايو. پاڙي جون ڀتيون، آکيري ۾ ويٺل جهرڪيون، ٽڪريءَ جي ٿڌي هوا، گهٽي ۾ ويٺل اڇي ڪتي، گهوڙن جي لاءِ پاڻي پيئڻ وارو حوض، گهر ٻاهران ڪبوترن لاءِ ٺهيل آکيرو، سڀيئي ياد اچڻ لڳا.

سترهين سيپٽمبر! منهنجي جنم جو ڏينهن! پر اُهو ڄڻ موت جو ڏينهن هو! رات جو اڍائي بجي گهر مان نڪتاسين. منهنجا ٽيئي ڀائر ۽ اسين ٽي ڄڻيون. گهٽيءَ مان نڪري اسين ور ور ڪري پُٺيان نهاريون، ”وري الائي هنن نظرن کي هي ڳالهيون ڏسڻ لاءِ ملنديون الائي نه.“

منهنجي ماسيءَ جو گهر ويجهو ئي هو. لاري گهر ٻاهران ئي بيٺي هئي. پهرين سامان چڙهيو. سڀني جون ننڍيون بئگون ۽ پيتيون ۽ باسڻن جون ٻه ڳوڻيون، پوءِ اسين چڙهياسين. مردن چيو، ”جلدي ڪريو. رستي تي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. روئڻ ڌوئڻ وڃي ميرپورخاص ۾ ڪجو.“.......... پنهنجي ئي وطن ۾ چورن جيان لڪي لڪي هلي رهيا هئاسين!

پوءِ ڄاڻ پئي: لٻاڻن سکن (سنڌي سکن) کي مندر ۾ گڏ ڪيو هو، انهيءَ مندر جي چوڌاري گاسليٽ هاري مسلمانن مندر کي باهه ڏيئي ڇڏي ۽ اندر ويٺل هڪ سئو سٺ سک جلي ويا! حيدرآباد ۾ رات جو گهر گهر جو دروازو کڙڪائين ٿا، جن گهرن کي ڪُلف پيا آهن، اُهي ڪلف ڀڃي مسلمان انهن گهرن ۾ ويهي ٿا رهن.

منهنجو بابا اسان کان ڇهين ڇهين مهيني درجا ٽپارائيندو هو. هر روز رات جو ميز جي چوڌاري ويهاري اسان کي پاڙهيندو هو........ تن ڏينهن ۾ هوشيار شاگردن جو ڏاڍو قدر ڪيو ويندو هو. ڇوڪريون ته ٽيئن درجي ۾ ئي پهريون انگريزي پڙهنديون هيون، ان ڪري مون چوڏهن ورهين ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو......... نتيجو ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ليوَ وئڪنسيءَ ۾ ٽن مهينن لاءِ حيدرآباد جي مشنري اسڪول مس پگٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيم.  اسڪول جي هيڊمسٽريس مس هينورٿ هڪ قدردان انسان هئي....... تڏهن ماسترياڻي ۽ شاگردياڻيءَ جو رشتو نهايت پيار ۽ پنهنجپائيءَ وارو هوندو هو. شاگردياڻيون ڪنهن به وشيه ۾ مدد وٺي سگهنديون هيون. اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ ٻار به پڙهڻ ايندا هئا ۽ شاگردياڻين جا مائٽ به گهوريو قربان پيا ويندا هئا.

حيدرآباد ۾ شاگردياڻين جي هرهڪ ڳالهه ۾ اسان ماسترياڻين جو دخل هو، ڪپڙا ڪهڙا ٿيون پائين، کلن ڳالهائين ڪئين ٿيو، گهر ۾ ڪيئن ٿيون ورتن، سڀني ڳالهين جي اسان کي ڄاڻ هئي. انهن جا مائٽ به انهن جي گهرو وهنوار بابت اسان سان صلاح ڪندا هئا. ”ناول ٿي پڙهي،“ ”چيو نٿي مڃي،“ ”اوهين ڇڙٻيوس،“ چئي ٻارن جي پالنا جي جوابداريءَ ۾ اسان کي به حصو وٺائِيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org