ٽنڊوالهيار
ٽنڊوالهيار، هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو يا سب ڊويزن آهي،
جنهن ۾ ست تپا، ۽ اوڻهٺ ڳوٺ شامل آهن، جنهن جي
ايراضي 705 چورس ميل ۽ ماڻهن جي آبادي 59746 آهي.
هتان 74-1873ع ۾ 102435 رپيا ٽيڪس ۽ محصول وصول
ٿيو.
ٽنڊوالهيار شهر 25ء21 اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68ء40 ڊگهائي ويڪرائي
ڦاڪ تي گهڙو واهه تي موجود آهي. اهو هالا کان ڏکڻ-
اوڀر ۾ ٻٽيهه ميل جي مفاصلي ۾ حيدرآباد کان چوويهه
ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن شهر جا حيدرآباد،
هالا، ٽنڊو آدم، نصرپور، گورچاڻي ۽ کوکر سان رابطي
لاءِ رستا ٺهيل آهن. هي مختيارڪار جو هيڊڪوارٽر
اسٽيشن آهي، جنهن جو ديرو قلعي عدالت جو ڪمرو ، هڪ
ڊسپينسري، سرڪاري اينگلو ورنيڪيولر اسڪول- ڇوڪرن
توڙي ڇوڪرين لاءِ- ڌار ڌار پڻ آهي. شهر جي
ميونسپالٽي 1856ع ۾ جوڙي وئي، جنهن جي 74-1873ع ۾
آمدني 6827 رپيا هئي. قلعو واهه جي ڀرسان ٺهيل ۽
ننڍڙو آهي. اهو ٽالپر گهراڻي جي حڪومتي دور ۾
جوڙايو ويو هو، ٽنڊوالهيار، هالا ضلعي ۾ ڳتيل
آبادي وارو شهر آهي، جنهن جي آبادي 3913 ماڻهن تي
مشتمل آهي، جنهن ۾ 1447 مسلمان- ميمڻ ۽ پاٽولين
سميت ۽ 2333 هندو- برهمڻن، لوهاڻن ۽ پنجابي ذاتين
وارا شامل آهن. ماڻهن جو عام طور تي ڌنڌو زراعت ۽
واپار آهي. شهر جو مکيه معزز ماڻهو مير شاهه محمد
۽ خان محمد آهي. علائقي جي واپار ۾ کنڊ، عام،
اناج، ريشم، گيهه، ڪپڙو، ڪپهه ۽ تيل شامل آهي، هن
تعلقي ۾ ڪپهه وڏي انگ ۾ پوکي وڃي ٿي، جڏهن ته هتان
جو مال گدو بندر وسيلي ٻين علائقن ڏانهن موڪليو
ويندو آهي.
ڀٽ شاهه
ڀٽ شاهه، هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو شهر آهي، جيڪو هالا کان چار
ميل اوڀر ۾ واقع آهي. شهر رستن وسيلي ٽنڊي آدم ۽
هالا سان ڳنڍيل آهي. هتي ڪوبه سرڪاري آفيسر نٿو
رهي، جڏهن ته ڀٽ شاهه جي تپيدار جو ديرو کنڊو ۾
واقع آهي. شهر جي آبادي 1640 ماڻهن تي مشتمل آهي،
پر هندو ۽ مسلمانن جي صحيح انگ جي ڄاڻ نه آهي.
علائقي جي واپار ۾ گهڻو ڪري چانور، جوار، ٻاجهري،
ڪپهه ۽ گيهه شامل آهي. هن شهر جي مکيه معزز ماڻهن
۾ پير ميان الهه بخش آهي، جنهن جي رهائش به هتي
آهي. هتي ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن ۾ اٽڪل
چار هزار ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. اهو شاهه عبداللطيف
جو شان آهي، جنهن هن شهر جو بنياد 1727ع ڌاري وڌو
هو.
گهوٽاڻا
گهوٽاڻا، هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جيڪو گهارا
محمود واهه لڳ ۽ هالا کان ڏکڻ ۾ رڳو چئن ميلن جي
مفاصلي تي واقع آهي. هي هالا ۽ ٽنڊو آدم سان رستن
وسيلي ڳنڍيل آهي. هتي ڪوبه مکيه سرڪاري آفيسر نٿو
رهي، ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا سرڪاري جڳهه آهي. پوءِ به
هتي پوليس لانڍي سميت هڪڙو ڌرمشالا پڻ آهي، جيڪو
1872ع ۾ جوڙايو ويو هو. ڳوٺ ۾ ميونسپالٽي آهي،
جيڪا ڊسمبر 1860 ۾ ٺهي هئي. هن علائقي مان
74-1873ع ۾ وصول ٿيندڙ محصول 1465 رپيا هو. ماڻهن
جي آبادي 953 ڄڻن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 553
مسلمان، 341 هندو شامل آهن. شهر سنڌو درياهه کان
رڳو ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، اُتي هڪڙي
گودام آهي، جتي شڪارپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار
وغيره شهرن کان پتڻ وسيلي ايندڙ اناج، ڪپهه، تيل ۽
ٻيون شيون گڏ ڪيون وينديون آهن.
ٽنڊو گدو مل
حيدرآباد تعلقي جو سنڌوءَ جي ڪناري لڳ ٺهيل ڳوٺ آهي، جيڪو
حيدرآباد سان ساڍن ٽن ميلن جي هڪڙي سهڻي ٺهيل روڊ
سان ڳنڍيل آهي. هن جا ٽنڊي مير حسين علي خان ۽ مير
غلام حسين سان زميني رابطا آهن. گدوءَ جو علائقو
حيدرآباد ميونسپالٽي جي حدن ۾ آهي. هتي هڪ پوليس
ٿاڻو آهي، جنهن ۾ اٺ پوليس اهلڪار رهن ٿا. هتي
هڪڙو گورنمينٽ ورنيڪيولر اسڪول، پوسٽ آفيس ۽
ڌرمشالا پڻ آهي. گدو جي آبادي 1832 ماڻهن تي مشتمل
آهي. جنهن ۾ 1179 مسلمان ۽ 662 هندو شامل آهن. هتي
جي مقامي واپار جي ايڏي اهميت نه آهي، پر هتي گهڻو
ڪري ٻاهران وڏي انگ ۾ ايندڙ ڪپهه ۽ اناج جو واپار
ٿئي ٿو، جيڪو حيدرآباد ۽ ٿر توڙي پارڪر ضلعن مان
اچي ٿو. گدوءَ جو درياهه جي ٻئي ڪناري لڳ واقع
ڪوٽڙي شهر سان، ٻاڦ واري ٻيڙي وسيلي رابطو آهي،
جيڪا پرهه ڦٽي کان رات تائين رٿيل اگهن تي ماڻهن
کي آڻي نيئي ٿي.
گوني
ٽنڊي ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو يا سب ڊويزن آهي. جنهن جي ايراضي
989 چورس ميل آهي، جنهن ۾ نوَ تپا، 129 ديهون، ۽
آبادي 59971 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن تعلقي مان
74-1873ع ۾ 115452 رپيا محصول اوڳاڙي ٿي.
هوسڙي
حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي حيدرآباد ۾ ڳوٺڙو آهي، جيڪو
حيدرآباد شهر کان اوڀر ۾ ڇهن ميلن جي مفاصلي تي
آهي، هوسڙي، روڊ رستي ۾ ٽنڊو قيصر، ٽنڊو فضل ۽
حيدرآباد سان ڳنڍيل آهي. ۽ اهو تپيدار جو
هيڊڪوارٽر اسٽيشن آهي، هتي پوليس لائين آهي. جنهن
۾ ڇهه سپاهي رهن ٿا. آدمشماري 959 ماڻهن تي ٻڌل
آهي، جنهن مان 620 هندو آهن، گهڻو ڪري لوهاڻو،
باقي 339 مسلمان گهڻو ڪري پنهور آهن. هنن جو مکيه
ڌنڌو زراعت ۽ واپار آهي.
ٽنڊو ڄام
حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي حيدرآباد جو وسيل ڳوٺ آهي، جيڪو
حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار کان مير پورخاص ويندڙ
مکيه رستي تي واقع آهي، جنهن جو مفاصلو حيدرآباد
کان اٽڪل ڏهه ميل ٿيندو. شهر هوسڙي، تاجپور، ۽
ٽنڊو قيصر سان ڳنڍيل آهي، هتي ڪوبه سرڪاري آفيسر
نٿو رهي. پر هتي هڪڙو سرڪاري ورنيڪيولر اسڪول قائم
آهي، جنهن ۾ چڱا ٻار پڙهن ٿا. آدمشماري 1897 ماڻهن
تي ٻڌل آهي، جن ۾ 937 مسلمان آهن، گهڻو ڪري
نظاماڻي، سيد ۽ خاصخيلي قبيلا، جڏهن 960 هندو،
گهڻو ڪري لوهاڻا آهن. شهرين جو مکيه ڌنڌو زراعت
آهي. خاناڻي ٽالپر آڪهه وارا هتي رهن ٿا. جنهن جو
سردار مير محمد خان ۽ احمد خان آهن. هتي ڪابه ڌيان
جوڳي شيءِ نٿي ٺهي، نه ئي ڪو اهميت جوڳو ڌنڌو آهي.
ٽنڊو قيصر
حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي حيدرآباد ۾ سرڪاري ڳوٺ آهي، جيڪو
حيدرآباد کان ڏکڻ- اولهه ۾ نون ميلن جي مفاصلي تي
واقع آهي. جيڪو کوکر، هوسڙي، ٽنڊو حيدر، ۽ ٽنڊو
ڄام سان رستن وسيلي ڳنڍيل آهي. هي تپيدار جو
هيڊڪوارٽر اسٽيشن آهي، ۽ هتي ڍڪ پڻ آهي. آدمشماري
1815 ماڻهن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 1431 مسلمان ۽
384 هندو شامل آهن. ماڻهن جو مکيه ڌنڌو زراعت آهي.
نظاماڻي قبيلي جو سردار احمد خان هتي رهي ٿو، جنهن
وٽ حڪومت وٽان مليل جاگير به آهي. هتي اهڙي ڪابه
ڌيان جوڳي شيءِ ٺهندڙ نه آهي، جنهن جو ذڪر ڪجي. هن
شهر بابت چيو وڃي ٿو ته اهو مير فتح علي خان ٽالپر
جي دور ۾ قيصر خان نظاماڻي ٺهرايو هو.
ڪاتيار
ڪاتيار، ٽنڊي ضلعي جي گوني تعلقي جو سرڪاري ڳوٺ آهي، جيڪو ٽنڊي
محمد خان کان يارهن ميل ۽ حيدرآباد کان ويهن ميلن
جي مفاصلي تي واقع آهي. هتي تپيدار جو هيڊڪوارٽر
اسٽيشن قائم آهي، ۽ سندس ديرو به هتي آهي. هتي
پوليس لائين ڏاڍي سٺي حالت ۾ ڊسٽرڪٽ بنگلو پڻ
موجود آهي. هتي جانورن جو ڍڪ پڻ آهي. هن شهر جي
ماڻهن جو انگ 1125 آهي، جنهن ۾ مسلمان توڙي هندو
شامل آهن. مسلمانن جي گهڻائي زمينداري، ڪُڙمت،
لوهارڪي، ڪورڪي، رنگريزي، ڌوٻي ۽ نعل- بنديءَ جي
ڌنڌن سان واڳيل آهي. جڏهن ته هندو واپاري،
دڪاندار، لوهار، سونارا ۽ ڪُڙمي آهن. هتي جو
واپار، چانور، ڪپهه، ۽ گهوڙن جي ٺهيل ٺاهوڪين زينن
تي مشتمل آهي. هي ڳوٺ ڪلهوڙا گهراڻي جي دور ۾،
ڇٽي درس جي نالي همراهه اٽڪل 134 سال اڳ ٺهرايو
هو.
کٽياڻ
حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي حيدرآباد ۾ سرڪاري ڳوٺ آهي. هي اتر
۾ حيدرآباد کان ڏهه ميل مفاصلي تي واقع آهي ۽ رستن
وسيلي ٽنڊي ڄام ۽ موسيٰ ڀرڳڙي سان ڳنڍيل آهي. هتي
ڪوبه سرڪاري عملدار نٿو رهي. هتي جي پوليس لائين ۾
ٻه سپاهي رهن ٿا. آدمشماري 1670 ماڻهن تي مشتمل
آهي. جنهن ۾ 1224 مسلمان ۽ 446 هندو شامل آهن.
ماڻهن جو مکيه ڌنڌو زراعت آهي. جڏهن ته هتي جو
واپار ڪپهه ۽ اناج تي ٻڌل آهي. (23)
سنڌيڪار: حُسين بادشاهه
پرمانند ميوارام
حيدرآباد ۾ پليگ جا هاڃا
هن مرض جو ڪنهن نالو به ڪين ٻڌو هو. سال 1896ع ڌاري، هن نُگري
بيماريءَ هندستان ۾ ڏيکاري ڏني، ۽ ويئي پکڙندي. اڄ
تائين به سندس ٻج ويو ڪينهي. جڏهن حيدرآباد ۾ منهن
ڏيکاريائين، تڏهن پير مرد ڳالهه ڪرڻ لڳا:
”اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ هيءَ آفت هن شهر تي نازل ٿي هئي. اٽڪل
ٽيهه هزار آدمشماري هئي. روز ڏيڍ ٻه سئو ماڻهو
اُٿيا ٿي. پاڙن جا پاڙا چٽ! ڀائيبند ۽ مسلمان گهڻا
لڏي ويا، پر عامل رهيا پيا هئا. تن ۾ اُٿل گهڻي
ٿي. برهمڻ به نڪري ويا هئا، ۽ ڪريا ڪرم لاءِ ڪي
ٻانڀڻ ڇڏي ويا، جن کي ”ٿاني“ (آستاني) ڪري سڏڻ
لڳا. جن جي انس اڄ تائين آهي. لاشن کي پهريائين
ساڙيندا هئا، پر آخر ايترو موت ٿيڻ لڳو، جو ڍڳي
گاڏين ۾ کڻائي، نالي هڪ ٻه لڪڙي ڏيئي، سرن درياءَ
تي ڪيائون. امير شاهه گهٽي ۾ هڪڙي ڏينهن هڪ ڄڻو،
يارهن ڄڻن جي پورائي لاءِ بيٺو هو. صفائي ڪونه
هوندي هين. ٻُهرن جا ڍڳ، جي کُڏن ساڻ وڃي لڳندا
هئا، تن جو پنجين ڇهين مهيني نيڪال ٿيندو هو.“
حيدرآباد منجهه 1897ع ۾ جڏهن اهو مرض پيو، تڏهن وا ويلا لڳي
ويئي هئي. سرڪار جي ڏاڍي سختي هوندي هئي. ماڻهن
اصل کڻي ٺاهيا، چي، ”ڪُئي مُئي جو ڪيس ڪيائون، ڄڻ
ته مُئو سردار!“ رڳو ڪنهن گهر ۾ ڪُئو ٿي مئو، يا
ڪنهن کي مهامري ٿي ٿي ته پائوڊر ڇٽجي، فنائل جا
ڦوهارا لڳي ويندا هئا، ڪپڙا ساڙيا ويندا هئا، بلڪ
ڇتين کي پٽائي هوا لاءِ سوراخ ڪيا ويندا هئا، ۽
ماڻهن کي ٻارين ٻچي وڃي لانڍين ۾ هڻندا هئا، ته
متان ٻين ۾ نه مرض وچڙي وڃي.
شهر جي ڪهڙي روبڪار ٿي ويئي هئي، تنهن جو دل ڀڄائيندڙ احوال
اخبارن ۾ هيئن ڏنل هو؛ ”ڏمرجي نه ڏيهه ڌڻي، ڇنا
ڇڏائي. اڙي حيدرآباد تنهنجا ٻچا ڪيڏي ڀڄي ويا؟
بازار ۾ هٽتاڙ ڇو ٿي آهي؟ گهٽين ۾ پهر ئي ڪانهي:
سندن منهن تي لوڙها پيا ڏين، سپاهي ڪوڏرون ۽
چَنجُور کنيو بيٺا آهن، ڪُولي ڪمي ۽ ڍڳن جون
گاڏيون پيون لنگهن، گهرن تي قلف، ۽ ڀتين تي ڳاڙها
چڪرا، ڪُتا ويچارا ويڳاڻا، رستا ٻُسا ئي ٻُسا،
اسڪول بند. ڪيڏي ويا تنهنجا ڌرم جا رکپال؟ پٽ پئرن
کان، مائر ڌيئرن کان وڇڙي ويون – رن نه مڙي آهر
کي- زال ورتو هڪڙو منهن، ته مرد ورتو ٻيو.
ڳورهارين زالن ۽ سورداس ۽ نٻل مايون، جيڪي اٿي
ويهي نه سگهن، تن مسافري جا سُور سٺا ۽ پوءِ تو وٽ
رهڻ نه قبوليائون!“
هڪ ڏک جهڙو مثال: شاهوڪارن ته جيئن تيئن وڃي ٿر پاتو، پر غريب
ويچار جيڪي دربدر ٿيا ۽ ڏولاڻا ڏٺائون، سي بيان
کان ٻاهر. ڪنهن پورهيت مسڪين عورت انهي وقت جيڪي
سختيون ڏٺيون هيون، تن جو هيٺيون احوال ڏنو
هئائين:
”جنهن مهل پليگ پئي، تڏهن منهنجين نياڻين کي اچي تپ ٿيو. پاڙي
وارن چيو ته اتئون نڪر، مون کي ڏڪ – ڦر اچي پيئي،
پر ويس ڪين ٿي. ڏينهن جو جڏهن پورهيي تي ويس ته
پٺيان سرڪاري ماڻهو آيا، سي ٻارن کي ڀُنگين ۾ کڻي
ٿي ويا، منهنجي پرپٺ پاڙيوارن کڻڻ نه ڏنن. پوءِ ته
انهن ۾ اچي پيئي ڦڙڦوٽ، سي ويا هڪٻئي پٺيان ڀڄندا،
مون کي نه ڌڻي نه ڌوڻي. گدوبندر ٿي ويون، لُڏي
لٽڪي آئون به ساڻن ويس. سامان کين ڏنم ۽ بار ڪي
هنج، ڪي پنڌ، اتي آياسين ته بيهڻ ئي ڪونه ڏئي. نيٺ
ڪنهن کي ڪهل پئي، جو ٻيهر هڪ ٿلهو ڏنائون ويهڻ
لاءِ، ٻين جا ٻار ڪُوهر کائي رهيا هئا، تڏهن مون
به ٻارن کي رڌي کارايو. اڃا اتي ئي هيس، ته ساهرا
پرڻيل ڌيءَ اتي ئي ڦٽي ڪري ويا. سُور ۾ سُور.
”مٿان اچي شڪارپورين ۾ ڪيس ٿيو. سڀني کي اچي پاڻ اپاڻ پيئي. هو
ته ها پڌارت وارا، ڪي هليا ويا، ڪن کي ڀنگين ۾
وڌائون، مٺيس وري به آئون، نيٺ ڪنهن کي رحم پيو،
تنهن ڏاڍن حيلن سان رات ٽڪڻ ڏني. صبح جو پنجين بجي
اٿي ڀڳس. پنج ئي ٻار ساڻ ڪري، درياءَ جو ڪپ ٿي اچي
بيٺس. اهڙي وياڪل ٿيس، جو خيال آيم ته کڻي ٽپو
ڏيان. ڪنهن چڱي مڙس جي اُپديش جا چار حرف جي ٻڌا
هئم سي تري آيم، دل کي ڄڻ تي ٿوڻي ٿي بيٺا، تڏهن
پاڻ جهليم.
”شهر ۾ ته وڃڻ جو حڪم ئي نه ڏين، گاڏي وارا ڀيڙ لاتي، چي ’رن
مصيبت پوي! مورڳو راهه گناهه مون کي اچي اڙائيه!‘
اُتي، جيئن تيئن ڪري هڪڙو ٽڪاڻو هو، تنهن جي آڳنڌ
۾ کڻي سامان لاٿم، ٻائو پيو ماءُ کي ڳالهائي ته هن
جو سامان هتي ڇو لهرائيه؟ چيم ٻيو ٺڪاڻو ڪري سامان
کڻي ٿي وڃان. ڊپ ڏنائين ته سرڪار ساڙائي ڇڏيندي.
” مان ته ٻار وٺي هلي ويس باغ ڏي، انهن به نه ويهاريو، هڪڙي بک
ٻي اُس، ٽيان ڪنڊا، چوٿون ڀئو، ٻار پيا رڙن، جهنگن
پٽن ۾ هيڪلي، رڻ پٽ ۾ رات اچي پيئي اتان ويس آغا
جي ٽنڊي سئوٽن وٽ. پر اتي به ڪو ڪيس ٿيو هو،
تنهنڪري وري آيس ڦليلي ۾ اچي مهاڻن کي منٿ ڪيم ته
هوسڙي يا ٽنڊي يا تلهار اماڻي اچوم. چيائون ته
سرڪار جي منع آهي. اتان آيس سامي جي سنگتي جي هٿ
تي، تن به ويهڻ نه ڏنو ڏينهن ڀٽڪندو ويو، اچي رات
پيئي. تڏهن ويس مامي جي ٺڪر وٽ، چيم، ”ادا گدوبندر
جي ڀڳل، حيدرآباد ٺهيئي ڪين، رات پيئي آهي، ٽڪڻ
ڏي.“ چي، ”حڪم نه آهي!“ هيڏانهن ٻار بک ۾ چون ته
ڊڄون ٿا، ڌي ٿڻن تي تنهن کي تپ ۽ خشڪي، پاڻي چُڪو
نه ملي، ٻار جهوٽا پيا کائين، گهليو پئي چوان ته
هلو. ٺڪر هيڪلائي سبب گڏجي هليو، پر ٽڪڻ ڪنهن نه
ڏنو. ڏاڍي اچي حيران ٿيس.
”اتي ازغيبي ڀڳوان اچي نروار ٿيو: ماڻهو هڪڙي پڇيو ته ڇا آهي؟
ٺڪر حال ڪري ٻڌائين تنهن کي ڪهل پئجي ويئي. ستا
ڪري گهر وٺي هليو، ته جي هنن جي ڪري آئي ۾ اچي
وياسين ته جيڪا قسمت، ڏاڍو آڌرڀاءَ ڪيائون.
کارايائون، وڇاڻا ڏنائون. پر هڪڙي مائي اندران
نڪري آئي ڏاڍو قرب ڏيکاريائين. وري ٻي آئي سا چوي
ته تون ٿڪي هوندينءَ، ليٽ ته ڀيڙون ڏيانءَ. چيم
مان غريب، مان پاڻ اوهان کي ڏيان. ڌڻي جا شڪرانا
ڪيم، صبح جو هنن گهڻيئي زور لاتا، پر چيم ته ڌارين
تي ڪيئن بار ٿي پوان، تنهنڪري اتان نڪري آيس وري
حيدرآباد، ٻنپهرن تائين رُليس، تان جو هڪڙي ٽڪاڻي
۾ آيس، ويهڻ نه ڏين. تڏهن روئي سوال ڪيم ته ٻارن
کي رڌي کارائي ٿي وڃان. رحم پين، گانئين جي وٿاڻ ۾
وڃي رڌي کاڌوسين. پوءِ لوڌڻ لڳا. ڌرتتي، بار اگهو،
چيم ڏينهن ٺاري ٿي وڃان. ڏينهن لڙيو ته خچرپور،
چاچي جي گهر آيس، ساڳي روڪ، نڪر ۽ نڪر. اها رات
جيئن تيئن ٽڪايائون. صبح جو ته اچي لوڌ پيئي،
ليلائي چيم ته ٻار جهليو ته ڌيءَ جا سهرا وڃي
ڳوليان، سي نه لڌا.
” ڪنهن ڏس ڏنو ته گدوبندر ۾ ڌڻي آهي. بيمار ٻار ڪڇ ۾ ڪري اٿي
اوڏانهن هليس. واٽ تي ڏسو ته هيڏانهن به پٽيوال،
هوڏانهن به پٽيوال. جهڙا ڪال جا روپ، ٻيو نڪو پکي
نڪو جي هنئون پيو ڏري، ڏاڍي ڀنواٽي وٺي ويئي. اتي
الائي ڀڳوان هو، جو سروپ ڌاري پوڙهو فقير ٿي اچي
گڏيم، سو دلداري ڏيندو ۽ اُپديش ڪندو هليو ويو.
سندس ڏڍ تي اچي ٽنڊي رسيس. ٻيو ته ڪي ڪين هوم.
پائي هڪڙي هيم، سا رئي جي ڪُنڊ مان ڇوڙي کڻي ڏني
مانس، لک آسيسائون ڪندو ويو. ڌي جي نڙان وٽ ويس.
ڇوڪر ٽڪائڻ نه قبوليائين. اتان، اڳيان ڪپڙا ڪي
ڪنهن وٽ رکي ويئي هيس، سي وڪڻي اٽڪل اٺ رپيا ڪري،
وري حيدرآباد موٽِيس. تنهن وچ ۾ چاچي کڻي رڻ ٻاريا
هئا، چي: رن ڏاڍو دلبو ڪيو، ٻار سر تي اڇلي ويئي.
تڏهن ٻار وٺي ويس وري ڦليليءَ سامان کڻائڻ. اتان
ڪي واڻيا گاڏين تي اُڏيري سنڀريل هئا، چيو مان،
”سامان چاڙهيو، مان پنڌ هلنديس. چيائون، ”پنهنجو
پنهنجي کي نٿو پُڇي، تو ٺلهي کي ڪير چاڙهيندو؟“ پر
خواجي گاڏي واري دلاسو ڏنو. تڏهين مزور وٺي ويس
ٽڪاڻي ۾، ته واٽ تي بيٺي نبضون ڏٺائون، مزورن اچي
ريڙهه پيڙهه لاتي. نيٺ آياسين ٽڪاڻي ۾. اتي چون
سرڪار سامان ساڙائي ڇڏيو، پر جيئن تيئن آزيون
نيزيون ڪري، سامان ڇڏائي اچي گاڏي تي چاڙهيم، پوءِ
چيو مان ته: ”هاڻي مون کي به کڻي ٻار سوڌو چاڙهيو.
”جڏهن چاڙهيائون، تڏهن واٽ تي خي بار ڪنهن هٽ تي
لڪائي ويهاريا هئم تن کي به چاڙهڻ لڳيس، ته
چيائون: ”رن تو چيو ته مان هڪڙي پنڌ هلنديس، هي
ولر ٻارن جو ڪٿان آندءِ.“ تڏهن رپيو باسيو مان اٺ
لڳي ويا هئا، پُل وٽ سرڪاري روڪ ٿي، تڏهين اچي مون
تي گارين جو ڦهڪو وسايائون، نيٺ مون ديوانن کي
هٿين پيرين پئي موڪل ورتي. واڻين چيو: ”رن ڏاڍي
مڪريلي آهي، اسان کان نه مُڙيا، رن کَٽي آئي.“
”ڪوهه ٻه ڪياسين ته اچي چور پيا، پر اسان مڙس گهڻا
هئاسين، تنهنڪري ڊڄي ڀڄي ويا. ٻئي ڏينهن سانجهيءَ
جو اچي اُڏيري کي ويجها پياسين. سرڪار جي روڪ ٿي.
ٻيا ته هئا پڌارت وارا، تن چيو ته اسين ته ڪنهن
ٻئي پاسي ٿا وڃون، تون اتي لهه.“ ”ڀري ٻيڙيءَ ۾
ڪاڻو ڳؤرو“ نه وارث نه وسيلو! ٻار پيا ٻاڏائن،
اُس پيئي ساڙي، بک اچي سوڙها ڪياسين، اُڃ ۾ پران
ٿي ويا، گهڻو ئي دانهن ڪوڪ ڪيم، پر اُنائي ڪونه.
اتي ٽيون ڀيرو وري اچي ڀڳوان پرگهٽيو: ڪامورن کي
موڪليو اٿس ته هڪ غريب اڌين آهي، ٻچا وٺي پيئي
ريهون ڪري، وڃي لاهي وٺي اچوس، سي آيا، اتي جن مان
آئي هيس تن ست رپيا گهُريا. باسيو هوم هڪ رپيو.
هيڏيون جُٺيون ته به اها چپ! نيٺ رپيا به ڪنهن
ڀليمانس ڏنا، ۽ آڻي هڪڙي جدا گهر ۾ ٽڪايائون، ان،
پاڻي، ڪاٺي، ڪلو جيڪي هيس، سي اندر ئي اندر پئي
پهچايائون. وڏائي انهي جي، جو لؤڙڪ اچي سهاءِ
ٿيو!“ (14) |