سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :15

اشتياق انصاري

 

حيدرآباد جا ڪوٽ ۽ قلعا

 

رب اجعل هذا البلد آمنا

(اي مالڪ هن شهر کي امن وارو ڪر)

تاريخ جي ڌُڌڙ ۾ ڀڀوت، حيدرآباد جو پڪو قلعو گنجي ٽڪر تي ڪَر کنيو بيٺو آهي. سندس شاهي دروازي جي پيشاني تي جڏهن به ڪو راهرو مٿيان لفظ پڙهي ٿو، تڏهن بيخود اُڪير سان هن جو هينئون به اها سٽ ورجائي ٿو، اڄ به ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پنهنجي مقبري ۾ مٽيءَ جي مَڻن هيٺان انهي منت جي پورائي لاءِ ٻاڪاريندو هوندو.

صديون اڳ هي اکر ان اڀاڳي حيدرآباد لاءِ چيا ويا هئا، جنهن جي مسڪين مارن کي ڪڏهن سڪندر جي سپاهين ڊوڙايو، ته ڪڏهن محمد بن قاسم وٽ پناهه لاءِ پيش پيا. هتان جي رهاڪن کي ڪڏهن ديسي حاڪمن جي تلوارن رتوڇاڻ ڪيو، ته ڪڏهن چارلس نيپئر جي بمن، امن ۽ آشتي جي پيغمبرن جي گوشت جا لوٿڙا هوا ۾ اُڏايا. ڪيترا گهُمرا موت مار وبا گهٽي گهٽي مان ماڻهن جا لاش ڍورايا. انهي شهر جي اوج ۽ زوال جي تاريخ نهايت دلچسپ آهي: تاريخي پستڪن ۾ ڪن هن شهر کي ’پٽالا‘ جي پياري نالي سان پُڪاريو آهي، ڪن ناليوارن نويسن هن کي ’نيرون ڪوٽ‘ جي نالي سان نوازيو آهي، ته ڪن بيرون بڻايو آهي. هاڻي ورهين کان حيدرآباد جي هاڪاري نالي سان جڳ ۾ جيئرو آهي.

 

پٽالا

سنڌو درياهه جي موج مستي ۽ مٽجندڙ وهڪرا ڏسي ڪن ماهرن جو خيال آهي، ته پٽالا وارو ٻه ڇانگو وهڪرو حيدرآباد جي ڀرسان وهندو هو.

ڪتابن جو اڀياس ڪندي پٽالا جو ذڪر سڀ کان پهريائين سڪندر سان گڏ آيل يوناني جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن جي لکڻين ۾ ملي ٿو. جنهن بعد انيڪ مصنفن پنهنجي تصنيفن ۾ پٽالا جو ذڪر ڪيو آهي. مشهور ليکڪ ايرئين (173 – 90ع) پنهنجي ڪتاب ’سڪندر جون مهمون‘ ۾ لکي ٿو:

”سڪندر جهلم ۾ ٻيڙيون ٺهرائي، لشڪر ساڻ وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت سنڌ تي سامبا جي نسل مان راجا سامبس راڄ ڪندو هو. پٽالا، سيوستان ۽ ديبل تي ننڍن راجائن جي حڪومت هوندي هئي. جيڪي سامبس جي ماتحت هئا. سڪندر وٽ مصري ۽ فنيقي ملاحن جا جٿا هئا. راجا سامبس، سڪندر سان مقابلو ڪيو، پر پٽالا جي راجا موڪريس مقابلي بنا آڻ مڃي. ٽيئن ڏينهن تي سڪندر کي خبر پئي ته پٽالا جي حاڪم پنهنجي راڄ کي حڪم ڪيو آهي، ته شهر خالي ڪري ڀڄي وڃن. سڪندر پٽالا پهتو، ڇا ڏسي ته سارو شهر ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي، ايتري قدر جو ڪو هَر جوٽيندڙ هاري به موجود نه آهي. هن هڪدم پنهنجي فوج جي جٿي کي حڪم ڪيو، ته وڃي ڪجهه مقامي ماڻهو پڪڙي اچن. جڏهن اُهي گرفتار ٿي آيا، تڏهن سڪندر کين چيو: ’پنهنجي ٻين ساٿين کي به وٺي اچي پهريان جيان بي اُلڪي ٻني ٻارو ڪيو. توهان کي ڪجهه به نه چيو ويندو.‘ سڪندر جي انهي واعدي تي ڪجهه ماڻهو واپس وريا. سڪندر ڪجهه ڳوٺاڻا ناکئا ٻيڙين تي کڻي درياهه جي وڌيڪ معائني لاءِ سمنڊ ڏي رخ ڪيو. پر ٿورو سفر سَٽڻ بعد سمنڊ جي وير ۽ طوفان هنن جي ٻيڙين جي تختا ڪڍي ڇڏيا.“

ايرئين الڳي چوي ٿو: ” سڪندر جڏهن واپس پٽالا آيو، ته هن اُتي هڪ نئون قلعو ٺهيل ڏٺو، وڃڻ مهل هن پنهنجي سپهه سالار کي چيو هو، ته بندر جي چوڌاري هڪ قلعو ٺاهيو وڃي ۽ گودي کي به محفوظ بنايو وڃي، ڇو ته سڪندر کي پٽالا جي ٻنهي شاخن جي ميلاپ واري هنڌ تي ٻيڙين جو آرماڙ رکڻو هو. پٽالا وٽ سنڌو درياهه ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. سمنڊ تائين ٻنهي شاخن جو نالو سنڌو درياهه هو.“

اسٽرابو جي چوڻ مظابق: ” پٽالا، لاڙ سنڌ جي دريائي سنگم وٽ هڪ خودمختيار يا نيم خودمختيار ملڪ آهي.“ ڊايوناس پنهنجي هڪ نظم ۾ ڳايو آهي: ” پٽالا ۽ پٽالپني مقامي نالو آهي..... درياهه کي ٻه شاخو آهن، جيڪي ٻيٽ کي گهيرو ڪيون بيٺيون آهن. جنهن کي پٽاليني چون ٿا.“ ٽالمي پنهنجي جاگرافي جي ڪتاب ۾ احوال ڪري ٿو: ” سارو ملڪ درياهه جي وهڪري سان انڊو- سٿيا جي نالي سان ڪوٺجي ٿو. درياهه جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ سان سندس مُنهن وٽ هڪ ٻيٺ پٽاليني ٺهي ٿو.“

ٽي. لئمبرڪ ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ ۾ چئي ٿو: ” ميگاسٿينز جيڪو سڪندر جي ڪاهه کان رڳو ويهه يا ٽيهه ورهيه پوءِ هندستان آيو هو ۽ چندر گپت جي درٻار ۾ ڳپل وقت رهي، هتان جي چڱي چوکي معلومات گڏ ڪئي هئائين، سو چٽي طرح ڄاڻائي ٿو، ته ’درياهه هڪ ٻيٽ پراسياني نالي، ٻيو ننڍڙو ٻيٽ پاتل نالي ٺاهي ٿو. پويون ٻيٽ هڪ جيترن پاسن واري ٽڪنڊي جي شڪل جهڙو آهي، جنهن جا ٻه پاسا ٻه ٻه ميل ڊگها آهن.“

اپولينس 50- 42ع ڌاري هندستان ۾ آيو هو، تنهن جي زندگي جي ڪٿا لکندڙ فلاسٽريٽس جي لکڻ مطابق: ” پولينس سنڌو جو منهن ۽ پٽالا ڏٺو. اهو شهر سنڌو درياهه جي هڪ ٻيٽ تي ٻڌل هو، جتي سڪندر پنهنجا جهاز گڏ ڪيا هئا.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پٽالا سڪندر جي فتح کان 375 سال پوءِ به موجود هو. انگريز محقق هيگ به ٻُڌائي ٿو: ”تبت جي روايتن مطابق ڪاسماڊي ڪوراس چوي ٿو: ’پوٽالا يا پوٽالاڪا هڪ پراڻي شهر جو نالو آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي مُنهن  وٽ آهي.‘ هن جو خيال آهي، ته سڪندر وارو پاٽل عيسوي سن جي پهرين صدي جي وچ ڌاري درياهه جي دڳ مٽ ڪري نابود ٿي ويو.“

چين جي هڪ ٻُڌ ڀڪشو هيانگ چوانگ، ٻُڌ تيرٿن جي ياترا جي خيال کان 641ع ۾ هندستان آيو هو. هو ’پي- ٽو- شيهه- لو‘ شهر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو: ”هن شهر جي زمين ڪلراٺي آهي ۽ هوا سخت ٿڌي آهي. ڪڻڪ ۽ دال اُتي جام پوکي وڃي ٿي، پر ميوا ۽ گل جهڙا ٿين تهڙا نه.“

مصر جي سر زمين تي جڏهن ٽالمي خاندان جي بادشاهي شروع ٿي، تڏهن انهن جا ٻيڙا سنڌ جي بندرگاهه وسيلي هندستان سان وڻج واپار ڪندا هئا.  ٻيڙا مصر مان ڌاتو، شراب ۽ شيشي جو سامان کڻي هتي ايندا هئا ۽ موٽ ۾ وري گرم مصالحو، سوٽي ۽ اوني ڪپڙا کڻي ويندا هئا. تاريخي گرنٿ ان بندرگاهه جي جڳهه حيدرآباد وارو حصو ٻُڌائين ٿا.

پٽالا جي معنيٰ

لسانيات جي ڄاڻوئن جو خيال آهي، ته پٽالا جو نالو پاتال مان نڪتل آهي، جيڪو  هڪ گل جو قسم آهي. انهيءَ وڻندڙ گل جي شڪل توتاري جهڙي آهي، ڇو ته سنڌ ڊيلٽا به ان سهڻي توتاري جيان نظر ايندو آهي. ڪن جو رايو آهي، ته پاٽالا دراوڙي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ  پاتال آهي. چون ٿا ته جڏهن اڇي چمڙي وارا آريا خشڪ ۽ ٿڌي وچ ايشيا کان سنڌ ۾ آيا ۽ هتي آبهوا گهم واري ۽ گرم ڏٺائون تڏهن هن کي پاتال (تحت الثريٰ) چوڻ لڳا.

ايم. ايڇ . پنهور، ڊبليو ڪرفيل جي حوالي سان ذڪر ڪري ٿو: ”پراڻن ڪتابن ۾ پٽالا جي معنيٰ ست ماڙ عمارت آهي ۽ يوناني ۾ ’پٽالاڪا‘ جي معنيٰ مندر به آهي.“ جيرز ڀاو پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. تبت ۾ اڄ به اوچن پهاڙن تي هڪ پگوڊا آهي، جيڪو ڪيترن عجيب ۽ سهڻن ماڙين سان جڙيل آهي، جنهن کي پٽالا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته تبت جو دلائي لاما به اصل سنڌ جي حصي جو رهاڪو هو.

مختلف تاريخن جي اڀياس ۽ اوائلي نقشن جي جاچ کانپوءِ انهن محققن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، جن حيدرآباد کي پٽالا قرار ڏنو آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته نئين سر جاگرافيائي ۽ ٻيون حقيقتون گڏ ڪري اصل پٽالا کي ڳولهڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي.

نيرون ڪوٽ

ڪيترن ڏاهن گنجي ٽڪر ۽ سندس ڀرپاسي جي کوجن کان پوءِ اُتان قبرن مان لڌل لاش، ماپيل مفاصلن، چراگاهه، تلاءَ ۽ درياهه جي موجودگي کان سواءِ ٽڪري تي کنڊرن جي نشانن ۽ ٽُٽل ڪوٽ جي ڍير لهڻ بعد، تاريخ جي صفحن تي انهيءَ هنڌ تي نيرون جو ڪوٽ جوڙي بيهاريو آهي، جتي اڄ حيدرآباد جو پراڻو شهر آباد آهي.

’تاريخ ريگستان‘ ۾ رائيچند چواڻي: ”نيرون ڪوٽ 400 ق. م ۾ هندن جو قلعو هو. “ محب الله بکري ’مختصر تاريخ‘ (قلعي نسخو) ۾ لکي ٿو: ”نيرون شهر جو بنياد نبوت ۽ هجرت جي وچواري پنجين سال پيو هو.“ هڪ روايت موجب جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ نيرون يا نيروڻ نالي هڪ هندو راجا راڄ ڪندو هو، ان زماني ۾ عربستان ۾ خلافت راشديه مان حضرت علي ڪرم الله وجه جي خلافت جو دؤر هو. حضرت علي رضه سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر به موڪليو هو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع لکيو آهي: ” حضرت علي رضه جي زماني ۾ مسلمانن جي فوج خشڪي رستي سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. وچ ۾ جابلو علائقن ۾ دشمن مقابلو ڪيو، پر مسلمان نعرا هڻندا ڌوڪيندا اڳتي وڌندا رهيا.“ ’فتحنامه‘ مان ظاهر آهي، ته نيرون ڪوٽ جو قلعو اسلام کان اڳ يعني سنڌ جي راءِ خاندان جي حڪومتي دور ۾ به موجود هو.

’تاريخ سنڌ‘ ۾ اعجاز الحق قدوسي ٻڌائي ٿو: ” راجا سهيرس پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهايو هو، جنهن ۾ هن صوبيدار مقرر ڪيا هئا. (1) برهمڻ آباد جو صوبو: جنهن ۾ نيرون، ديبل، لوهاڻا، لاک ۽ سما شامل هئا؛ (2) سيوستاني صوبو: هن ۾ جنڪارن، رونجهاڻ ۽ ڪوهه پايه کان وٺي مڪران جي سرحد جو علائقو شامل هو؛ (3) اسڪلنده صوبو: جنهن ۾ ڀاٽيا، تلواڙ، چچ پور ۽ ديوهه پور جي ڪجهه زمين هئي؛ ۽ (4) ملتان صوبو: هڪه، برهم پور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيد کان وٺي ڪشمير تائين ڦهليل هو.

’چچ نامي‘ ۾ نيرون ڪوٽ جو ذڪر هن ريت آهي، ته بديل (ابن طنبه البجلي) ٽي سئو جنگي جوانن سان روانو ٿيو. عبدالله پاڻ ان سان عمان جو سمنڊ ٽپي اچي ديبل جي قلعي وٽ پهتو..... جيسينه بن ڏاهر نيرون ۾ هو.... ڏاهر، جيسينه کي چار هزار سوار اُٺ ۽ هاٿي ڏيئي جلد روانو ڪيو، جيڪو اچي بديل جي سامهون ٿيو. عبدالرحمان بن عبدربه کان روايت آڻين ٿا، ته جڏهن بديل قتل ٿيو، تڏهن ڪوٽ نيرون جا ماڻهو اچي ڊنا، ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو ۽ اسين سندن لنگهه تي آهيون.....

انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم سُندر نالي هڪ شمني هو.... هن ڏاهر کي اطلاع کان سواءِ پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي امان نامو گهُريو ۽ پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي. امير حجاج انهن کي امان جو پروانو لکي ٿو. محمد بن قاسم لشڪر سان منزلون ڪاٽي اچي قلعي وٽ پهتو، جيڪو نيرون ٽڪري تي آهي. ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن جا چراگاهه ارم باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهن.... سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾ ويا..... ٻئي ڏينهن تي محمد بن قاسم گهوڙي تي سوار ٿي مکيه شخصن سان گڏجي قلعي ۾ آيو ۽ بتڪده جي جاءِ تي مسجد ٺهرائي، ان ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين.

محمد بن قاسم جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي، جو هن هر منزل ۽ موقعي تي پنهنجي مربي ۽ محسن حجاج بن يوسف کان مشورو پئي ورتو. محمد بن قاسم جڏهن نيرون پهتو ته حجاج بن يوسف هن ڏي لکيو:

”تون نيرون جي ماڻهن سان مهرباني سان پيش اچ ۽ هر طرف انهن جي ڀلائي جي ڪوشش ڪر ۽ انهن کي اسان جي سرپرستي جي اميد ڏيار، جيڪو توکان امن گهري اُن کي امن ڏي، جيڪي معززين ۽ اڪابر تو وٽ اچن، انهن کي خلعت ۽ انعام اڪرام سان نواز، انهن جي مرتبي مطابق مدارت ڪر، عقل ۽ دانا کي پنهنجو رهبر بڻاءِ، جنهن سان واعدو ڪري ان کي پورو ڪر، جيئن امير ۽ اڪابر تنهنجي واعدي تي ويساهه ڪن.“

مشهور جاگرافي نويس علامه ابن حوقل، جيڪو 350هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تنهن جيڪو سنڌ جو نقشو ڏنو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته نيرون شهر، ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ آهي. ’چچ نامي‘ ۾ مختلف هنڌن تي ذڪر مان نيرون ڪوٽ جي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي، اها الادريسي جي ٺاهيل نقشي مطابق آهي. هن عرب جاگرافيدان سنڌو جو وهڪرو مناسب ڏيکاريو آهي. پر سندس غلطي اها آهي، ته هن منصوره کي سنڌو جي کٻي وهڪري جي ساڄي پاسي بلڪل ڪناري مٿان ڏيکاريو آهي.

ايلفنسٽن پنهنجي لکت ۾ ڄاڻائي ٿو: ”نيرون ڪوٽ منصوره کان پنجيتاليهه ميل پري بيٺل هو ۽ تاريخ نويس هن ڳالهه تي متفق آهن، ته نيرون ڪوٽ بيشڪ هاڻوڪو حيدرآباد آهي.“

ايلفنسٽن پنهنجي لکت ۾ ڄاڻائي ٿو: ”نيرون ڪوٽ منصوره کان پنجيتاليهه ميل پري بيٺل هو ۽ تاريخ نويس هن ڳالهه تي متفق آهن، ته نيرون ڪوٽ بيشڪ هاڻوڪو حيدرآباد آهي.“

بيرون
ابوريحان البيروني (1048- 973ع)  فلڪيات، فلسفي، جاگرافي ۽ رياضي جو وڏو ماهر هو. چون ٿا ته هو به هتي ئي پيدا ٿيو هو. انهيءَ ڪري ڪيترن ڄاڻوئن پٽالا، نيرون ڪوٽ حيدرآباد کي ’بيرون‘ جي نالي سان به سڏيو آهي. جيئن:

ابوالفدا ’تقويم البلدان‘ ۾ لکي ٿو: ” مشهور رياضيدان ابوريحان بيروني هڪ سنڌي عالم هو، جيڪو بيرون ڪوٽ جو رهندڙ هو.“ ’تاريخ الاطباءَ‘ ۾ آهي، ته بيرون ڪوٽ، نيرون ڪوٽ کان ٻه ٽي ميل پري آهي، جنهن جو هاڻوڪو نالو ’شيخ ريحان‘ آهي. ايلفنسٽن پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو: ” شيخ ريحان جي درگاهه به اتي موجود آهي، جيڪو وڏو عالم، فاضل ۽ ڪامل درويش هو. “ ’هسٽري آف سنڌ‘ ۾ سر ايڇ. ايم. ايليٽ جو خيال آهي: ”ابوالفدا جي انهيءَ دعويٰ کانپوءِ فرينچ ليکڪ به انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن، ته ابوريحان البيروني جي ڄمڻ جو هنڌ اهوئي آهي.“علامه شمس الدين محمد بن محمود سهروردي پنهنجي نامور تصنيف ’نزهت الاروح‘ ۾ هن شهر کي ’بيرون مدينه بالسند‘ لکيو آهي.

بلاذري وري پنهنجي ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ هن شهر کي ’بالنون‘ ڪري سڏيو آهي. هو لکي ٿو: ” هي شهر سنڌو درياهه جي الهندي ڪناري تي ديبل ۽ منصوره جي وچ تي بيٺل آهي. ڪئپٽن ميڪمرڊو ۽ سر چارلس ايليٽ ڪافي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ڄاڻائن ٿا.، ته هن شهر جو اصل ۽ بنيادي نالو بيشڪ بيرون هو، جنهن کي غلطي کان ڪن عرب سياحن ۽ عالمن ’بالنون‘ لکيو آهي. هي شهر تنهن وقت ۾ ان شاهراهه تي موجود هو، جيڪا هاڻوڪي وقت ۾ حيدرآباد کان ٺٽي طرف وڃي ٿي.

پڪي قلعي جو بنياد

غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪلهوڙن جو وڏو ڏاڏو معتصم بالله جي حڪومتي دور ۾ عراق کان اچي نيرون (حيدرآباد) جي اُتر وارين ٽڪرين تي رهيو هو.“ ڪلهوڙن پنهنجي ٻياسي سالن جي حڪومتي دور ۾ ٻوڏن، سياسي سببن يا درياهه جي رخ بدلائڻ ڪري ست ڀيرا پنهنجي گادي جو هنڌ بدلايو. خداآباد، محمود آباد، احمد آباد، کاڻوٺ، شاهه پور، کاهيجا (شاهه ڳڙهه) ۽ آخر ۾ حيدرآباد کي تخت گاهه ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org