دشمن فوج اسان جي لشڪر جي پهرينءَ قطار کان هڪ هزار گز پري هئي.
جنهن هڪدم اڳتي وڌي وچ وارو فاصلو ڀري ورتو. اسان
جي فوج جڏهن سئو گز مفاصلي تي پهتي ته دشمن تي
جوابي حملي لاءِ ڊگهين نرين واريون جامڪيدار
بندوقون ڪتب آنديون ويون. ٿوري وقت کان پوءِ ڦليلي
درياهه جي ڪناري تي جوان وڃي جوانن سان رليا.
پورا ٽي ڪلاڪ جيءُ جُهرندا ۽ ڪنڌ ڪرندا رهيا.
انگريزن وٽ جامڪيدار ۽ ميرن وٽ مُنهن جي ڀرڻ
واريون توڙيدار بندوقون هيون. اُن وقت نظر ايئن
پئي آيو ته جامڪيدار بندوقون ۽ سنگينون مُنهن ڀرين
توڙيدار بندوقن ۽ تلوارن مٿان حاوي پيون پون.
سنڌي فوجي به سورهيه جوان ۽ مٿير مڙس هئا. پهريائين هنن ڪنڌار
جوانن بندوقن ۽ پستولن جي آڌار تي اڳتي ڌوڪيندي
ڦٽل درياهه، ڦليلي جي ڪناري تي پهچي پنهنجا جنگي
جوهر ڏيکاريا. پر انگريز جي جامڪيدار بندوقن ۽
سنگينن کين کڻي ڏنو. منهنجا سائين هڪ وقت اهڙو به
آيو جو سنڌ جا سورهيه جوان موت سان اکيون اکين سان
ملائي سر ترين تي رکي اهڙو ته جنگ ۾ جُنبي ويا
جو12، 22، ۽ 25 ريجمينٽ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي وئي
۽ کين تمام گهڻو نقصان رسيو. مون وقت جي نزاڪت کي
محسوس ڪري ڪنهن وقت وڃائڻ بنا پنهنجي گهوڙي سوار
دستن کي دشمن جي ساڄي ٻانهينءَ تي زوردار حملي ڪرڻ
جو حڪم ڪيو.
9- بنگال ڪيولري ۽ سنڌ هارس منهنجا حڪم ڏاڍي بهادريءَ سان پُورا
ڪيا. هن جنگ بابت مفصل احوال سائينجن کي بعد ۾
روانو ڪيو ويندو. ان وقت سنڌي فوج جو سڄو زور اسان
جي ساڄي ٻانهينءَ ۽ عين وچ واري فوجي حصي تي هو.
حالت نهايت خوفناڪا ۽ ڳنڀير هئي، جنهن ڪري مان
کاٻي پاسي واري فوجي ٻانهين ڏانهن ڌيان ڏئي ڪونه
پئي سگهيس. ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 9- گهوڙي
سوار دستي، سنڌ هارس ۽ بندوق بازن کي ميرن جي فوجي
وانڍ تي ڀرپور حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اهڙي
اوچتي حملي ڪري سنڌي فوج جي گهُوڙي سوار دستن ۾
ٿڌائي اچي وئي ۽ پوئتي هٽڻ لڳا.
ليفٽيننٽ فِزگيرالڊ سندن ڪڍ لڳي پيو. مان سمجهان ٿو ته هن پهرين
ئي سٽڪي ۾ دشمن جي ٽن گهوڙي سوارن کي سيڪاٽي رکيو.
انگريزن جي سرسي، 9- بنگال ڪيولري ۽ سنڌ هارس جي
گهوڙي سوار دستن جي فوجي ڪارروائي جي سهڪار سان ٿي
آهي. ڇو ته جڏهن مٿي بيان ڪيل گهوڙيسوار دستن دشمن
فوج جي ساڄي ٻانهينءَ جي پٺين پاسي اوچو وڃي جنگي
ڪاروائي شروع ڪئي، ته سندن ڍڍر ڍرا ٿي ويا. 22-
ريجمينٽ دشمن جي ٻانهين تي پنهنجو پورو دٻاءُ
رکيو. 25- ۽ 12- ريجمينٽ اڳتي وڌي دشمنن جي توبن
تي وڃي قبضو ڪيو ۽ پوءِ جنگ جو فيصلو ٿي ويو.
انگريزن جي بندوقن ۽ توبن دشمن فوج ۾ هراس پکيڙي
ڇڏيو ۽ سندن ڪيتريون توبون به بيڪار ٿي ويون ان
کان پوءِ دشمن جو سڄو توبخانو، باروت، جهنڊا،
انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويا. ميرن جي فوجي وانڍ به
سندن قبضي ۾ اچي وئي، جنهن ۾ ڪيترو سامان ۽ خزانو
رکيل هو.
خيرپور جي مير رستم، مير نصير خان، مير ولي محمد، حيدرآباد جي
مير نصير خان، مير شهدادخان، ۽ مير حسين علي خان،
منهنجي فوجي وانڍ ۾ پهچي آڻ مڃي ۽ جنگي باندين جي
حيثيت ۾ پنهنجون تلوارون منهنجي آڏو رکيو. هنن پاڻ
ئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو هو. پر پوءِ به اُهي
عظيم ماڻهو هئا، تنهنڪري مان کين سندن تلوارون
موٽائي ڏنيون. اُهي هاڻي سائينجن جي حڪمن جي
اوسيئڙي ۾ آهن.
اهو هرگز تصور نه ڪيو وڃي ته جنگ نهايت خطرناڪ نموني وڙهي وئي
آهي، ان ڪري نقصان به گهڻو ٿيو هوندو. پر ٻنهي
طرفن نقصان بلڪل ٿورو ٿيو آهي. انگريزن جي طرف کان
256 ماڻهو مئا ۽ ڦٽيا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته دشمن جي
پاسي کان پنج هزار ماڻهن جان ڏني.
جنگ دوران ميجر ٽيسڊيل پنهنجي سپاهين جي حوصلي وڌائڻ لاءِ گهوڙو
ڊوڙائي وڃي وچ دشمنن ۾ پهتو. دشمن هن جي سورهيائي
مٿان بندوقون ۽ تلوارون هلايون، جنهنڪري هن هڪ
بهادر جنگي سپاهي جيان وڙهندي جان ڏني. ميجر جيڪسن
به ساڳيءَ ريت بهادراڻو حملو ڪيو. سندس ڪڍ انگريزي
فوج سان لاڳاپيل ٻه حوالدار هئا. اُهي پنهنجي
ماڻهن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. دشمن مٿس
تلوارن جا وار شروع ڪري ڏنا. پر چيو وڃي ٿو ته هن
مرڻ کان اڳ دشمن فوج جا ڪيترائي سپاهي ماري ڍير
ڪيا هئا. ڪئپٽن فِيُو، ميڊي، ڪڪسن، ۽ ليفٽيننٽ ووڊ
به وڙهندي بهادر سپاهين جيان موت کي سيني سان
لاتو.
ليفٽيننٽ پيني فادر به سورهين جيان وڙهندي گهائجي پيو هو، جنهن
پنهنجي ريجمينٽ جي مهنداري ڪندي، دشمن تي حملي ڪرڻ
لاءِ ڦليلي جي اُتاهين ڪپ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. ميجر وائيل ۽ ڪئپٽن ٽڪر، ۽ ڪون وي، ليفٽيننٽ
هارڊنچ ۽ فائري به ڏاڍا گهائجي پيا هئا، جڏهن دشمن
فوج زبردست حملو ڪيو ته مٿين بهادر عملدارن کين
روڪڻ جا وڏا وس ڪيا هئا.
منهنجا سائين! هتي مون کي رڳو ايترو ڪجهه چوڻو آهي ته مٿيان
سورهيه ماڻهو مهاراڻي ۽ ڪمپني بهادر جي فوجي جوانن
جي مهنداري ڪندي ايترو ته بهادري سان وڙهيا آهن جن
جهڙو نه ڪو اڳي وڙهي سگهيو، نه پوءِ ئي ڪو وڙهي
سگهندو. اُميد آهي ته هيءَ فوج پنهنجي بي مثال
بهادريءَ کي اڳتي به برقرار رکندي.
منهنجي مختلف کاتن ۽ ريجمينٽن جي سربراهن هن فوجي مهم جي شروع
کان وٺي پڇاڙي تائين وڏي سهائتا ڪئي آهي ۽ هلندي
جنگ ۾ واهر ڪرڻ کان ڪونه گهٽايو آهي. بنگال
ڪيولري، ليفٽيننٽ ڪرنل پاٽل جي سنڀال هيٺ هئي. ميچ
اسٽوري سندس سيڪنڊ ان ڪمانڊ هو. سنڌ هارس ۽ ڪئپٽن
جيڪب به جهونجهارڪا جوهر ڏيکاريا. هيءُ هڪ سچو
فوجي سپاهي آهي. مان سندس اڳين فوجي ڪارروائين ۽
هن جنگي ڪارڪردگي ڪري سندس ڏاڍو ٿورائتو آهيان. هن
دل ٻڌي دشمن جي فوجي وانڍ تي وڃي حملو ڪيو ۽ اُتي
بيٺل ٽي چار هزار گهوڙي سوارن کي ڀڄائي ڇڏيو.
22- ريجمينٽ جو ميجر پول ۽ ڪئپٽن جيڪسن پنهنجن عهدن جي معيار
مطابق پنهنجي فرضن کي نباهيو آهي. صحت ۽ سياسي
کاتي ۾ ڊاڪٽر ڊالرمپل ۽ ڪئپٽن بلينڪسن ڪونه
گهٽايو. اسسٽنٽ ائڊجوٽنٽ جنرل ميجر وائيل، پنهنجي
فوج جي ڦليلي جي ڪپ ڏانهن اڳواڻي ڪندي سخت زخمي ٿي
پيو آهي. ان ڪري ٿوري وقت لاءِ آئون سندس سهائتا
کان وانجهجي ويو آهيان. هي ماڻهو هن جنگ ۾ ۽ اڳ به
ڪيترن مهمن دوران منهنجي گهڻو ڪم آيو آهي. اسسٽنٽ
ڪوارٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ مئڪمرڊو، جنهن جو تعلق
22- ريجمينٽ سان آهي، تنهن به پنهنجي ڳالهه بيهاري
ڇڏي آهي. جنگ دوران سندس گهوڙو مارجي ويو ته هن
پيادل پنهنجي ريجمينٽ جي بهادراڻي اڳواڻي ڪئي ۽
ڦليلي ڪپ واري پاسي کان وڃي دشمن تي حملو ڪيائين ۽
هڪ سردار کي به ماري وڌائين. هن عملي طور منهنجي
تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. جنگ ۾ هن جنهن جوش جذبي جو
اظهار ڪيو، سو ٻين لاءِ مثال هو.
ميجر مئڪفرسن به هڪ تجربيڪار فوجي عملدار ۽ منهنجو ساٿي آهي، هن
جنگ ۾ ، هُو نيم مسلح دستن جو اڳواڻ هو. هن عملدار
منهنجي اهڙي سهائتا ڪئي آهي، جهڙي 43 - ريجمينٽ جي
هڪ آزمودگار عملدار کي سونهي پئي. ليفٽيننٽ پيلي
به ٿوري وقت لاءِ منهنجو نگران رهيو آهي. هن
عملدار پيش قدمي ۽ ان سان گڏ جنگ دوران منهنجي
تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. ليفٽيننٽ ٿامپسن جو تعلق
9- نيم مسلح گهوڙيسوار دستي سان آهي. هو منهنجو
ڏينهن جو اردلي عملدار هو ۽ ليفٽيننٽ ينگ هسبنڊ به
ساڳيا فرض نباهيا. ڪئپٽن هينڊرسن جو تعلق مدراس
انجنيئرس سان آهي. هن عملدار پيش قدميءَ دوران
پنهنجي محدود ماڻهن سان رستن ۽ پلين جوڙن جو فرض
نهايت ايمانداري سان نڀايو آهي. جنگ دوران به هن
منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هن سان گڏ ٻانهن
ٻيلي طور بئاليُو ۽ آئوٽرام به هئا........
پڇاڙي ۾ آئون ان عظيم انسان وٽان گهڻين مهربانين ۽ رعايتن جو
طلبگار آهيان، جنهن کي پوري ريت ڄاڻ آهي، ته مان
پنجن مهينن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين ڏاڍي ڏچي ۾
رهيو آهيان. مان هن عرصي دوران ڏاڍو جاکوڙيو آهي ۽
جهيڙي کان به گهڻو لنوائيندو رهيو آهيان. پر ميرن
جي ٻچاپڙائي ڪري جنگ منهنجي ڳچي ۾ پئجي وئي. ميجر
آئوٽرام سان گڏ منهنجو خيال به اهو آهي ته
ريزيڊنسي تي حملي کان اڳ، اسان سان جهيڙن جو کين
ڪو خيال ڪونه هو. مان گهڻا ڀيرا کين ٻچاپڙائي نه
ڪرڻ لاءِ چتاءُ ڏنو هو. تنهنڪري هن انساني رتوڇاڻ
کان منهنجو ضمير مطمئن آهي. ڪٺور دل ٽالپر اميرن
دل ۾ ساڙ ڪينو سانڍي پاڻ ئي جنگي وايومنڊل پيدا
ڪيو ۽ سنڌ جي ڌاڙيل ۽ خطرناڪ ذاتين چاهيو ئي ايئن
پئي. انهن قبيلن پنهنجي دلي فيصلي مطابق اسان سان
ڏاڍيون چوٽون ڏنيون.
مون کي احساس آهي ته مان ٽن اهل عملدارن جو ذڪر ڪرڻ وساري ويو
آهيان. پونا هارس جي ڪئپٽن ٽئٽ کي جنگ واري ڏينهن
ڪئمپ جي بچاءَ جو فرض سونپيو ويو هو. مان ڏٺو ته
هن عملدار ۽ سندس هيٺين اٽالي پنهنجو فرض نهايت
خوش اسلوبيءَ سان نڀاهيو ۽ دشمنن کي ڪئمپ جي ڀرسان
اچڻ ئي ڪونه ڇڏيو.
منهنجا سائين! فوجي ڪئمپ ۽ سامان تي مقرر پهريدار جٿي کان وڌيڪ
ڪنهن به ماڻهو ڏکيو ڪم سرانجام ناهي ڪيو. پيش قدمي
واري سڄي عرصي ۾ ليفٽيننٽ ليسن ۽ برينان به پنهنجو
پاڻ ملهايو آهي. جيڪي بئگيج ماسٽر ۽ پرووسٽ مارشل
جي عهدن تي فائز هئا. جنگ واري ڏينهن ليفٽيننٽ
برينان مون کان حڪمن پهچائڻ کان سواءِ هڪ گهڙيءَ
لاءِ به پاسي نه ويو. منشي علي اڪبر به واهه جو
وفادار ماڻهو هو. هن پنهنجي بهادريءَ جو ڏاڍو
مظاهرو ڪيو. مان جتي هوس پل به پري نه رهيو، هيءُ
عرب آهي.
مان هن خط ۾ هيءَ ڳالهه به ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو ته جنگ کان هڪ
رات اڳي، مان ميجر آئوٽرام کي ٻه سئو سپاهين تي
مشتمل هڪ فوجي جٿي سان ٻن آگبوٽن ۾ انهيءَ مقصد
سان روانو ڪيو ته جيئن ان ٻيلي کي وڃي باهه ڏين.
جنهن ۾ اسان جي شڪ موجب دشمن جي کاٻي ٻانهين سان
لاڳاپيل فوج ويٺل هئي. هيءُ ڪم نهايت ڏکيو ۽
خطرناڪ هو، پر جنگ جي بهتر نتيجن واسطي ڏاڍو اهم
به هو. پر دشمن فوج ان رات جو اٺ ميل ساڄي طرف وڃي
فوجي وانڍ هنئين هئي. ميجر آئوٽرام هي ڏکيو ڪم
سولائي سان سرانجام ڏنو ۽ مقرر وقت تي نائين وڳي
وڃي ٻيلي کي باهه ڏني.
مان جنگ جي ميدان ۾ هوس، جتان باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺم. مان هن
خيال جو قائل آهيان ته ميجر آئوٽرام جي هن پورهئي
دشمنن جي دلين تي ضرور دهشت ويهاري ڇڏي هوندي.
انهي موقعي تي ميجر آئوٽرام ، ڪئپٽن گرين،
ليفٽيننٽ برائون ۽ ويلس ۽ ساڻن گڏ ٻه سئو فوجي
سپاهي مون سان جنگ ۾ ٻانهن ٻيلي ڪونه ٿيا. مون کي
افسوس آهي جو اُهي بهادر فوجي نازڪ موقعي تي ڪم
اچي نه سگهيا. هن موقعي تي مان سائين جن کان
معافيءَ جو طلبگار آهيان ۽ هيءَ گذارش به ڪرڻ
چاهيان ٿو ته هندستان جي ريجمينٽن ۾ يورپي ماڻهن
جي نه هجڻ ڪري هڪ ڀيري مون کي ايئن محسوس ٿيو ته
اسان جنگ هارائي رهيا آهيون. فوجي سپاهي ته واقعي
بهادر هوندا آهن، پر اهي هڪ عام سپاهي جيان پنهنجي
اڳواڻي لاءِ يورپي عملدار ڏي واجهائيندا آهن.
جيڪڏهن اهو يورپي عملدار مهنداري لاءِ موقعي تي
موجود ڪونه هوندو آهي، ته ويڳاڻپ محسوس ڪندا آهن ۽
اها صورتحال جنگ لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار ثابت ٿيندي
آهي.
هلندي جنگ ۾ ٽي ڀيرا ڏٺو ته انگريز عملدار قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ
فوجي سپاهي پوئتي پيا هٽن. جڏهن ان عملدار جي جاءِ
تي ڪنهن ٻئي يورپي عملدار پهچي ڪمان ٿي ڪئي ته
ڏاڍي بهادري سان اڳتي وڌڻ لڳا. منهنجا سائين! اها
سڄي صورتحال ان ڪري ٿي جو هن جنگ ۾ گهڻي قدر يورپي
عملدار مارجي ۽ ڦٽجي پيا آهن. مون کي وري به ايئن
وسهجي ٿو ته ڪمپني بهادر جي فوج جي جنگي ترتيب ۾
ڪا اوڻائي هجي ها ته ان جا نتيجا ڏاڍا خطرناڪ نڪرن
ها. هن سوڀ لاءِ پنهنجي واسطي ڪو لٻاڙ ڪونه ٿو
هڻان ته آئون ڪو هيڏو ڪنڌار آهيان. ڇو ته مان
سمجهان ٿو ته اهڙي ڳالهه گستاخي ۽ بي ادبيءَ ۾
شمار ٿيندي.
ريزيڊنسي تي حملي دوران ميجر آئوٽرام ۽ ساڻس گڏ مختصر فوجي جٿي
جنهن جوان مڙسيءَ سان ڪاهي اچڻ وارن کي مُنهن ڏنو
آهي، سا به ساراهڻ جوڳي ڳالهه آهي، ڇو ته هي تمام
ٿورا ۽ دشمن انگ ۾ گهڻا هئا. سندس اهڙي بهادري جو
ذڪر مون دل کولي ڪونه ڪيو آهي.
دُٻي جي ويڙهه
منهنجا سائين!
مون اڄ صبح جو پرهه ڦٽي ڌاري، منهنجي ڪمانڊ هيٺ رهندڙ فوج سان
گڏ حيدرآباد کان پيش قدمي شروع ڪئي. اٽڪل اڌ ڪلاڪ
کان پوءِ اسان دشمن فوج کي ڳولهي لڌو ۽ مٿس حملو
ڪيو. مذڪوره لشڪر مير شير محمد جي ڪمانڊ هيٺ گڏ
ٿيو هو. جيڪو ويهه هزار ويڙهاڪن تي مشتمل ۽ هر قسم
جي هٿيارن سان مسلح هو. هن فوج هڪ اهڙي مضبوط جاءِ
تي مورچا بنائي ورتا هئا. جتي واهن جا ڪيترائي
پراڻا پيٽ هئا. هي ملڪ اهڙي ڇڏيل وهڪرن جي نشانن
سان چٽيل نظر ايندو. ٽن ڪلاڪن جي سخت مقابلي کان
پوءِ دشمن جي هار ٿي. سندن توبون به انگريزي فوج
جي قبضي ۾ اچي ويون ۽ جاني نقصان به گهڻو ٿيو.
دشمن فوج جي صفبندي سڌي هئي، ان واهه يا گهاري ۾ پور وڇوٽ تي ٻه
گهريون کاهيون هيون، جن مان هڪ ويهه فوٽ ويڪري ۽
ٻي ٻائيتاليهه فوٽ ويڪري ۽ سترهن فوٽ اونهي هئي.
هن موقعي تي مناسبت سان سندس ڪناري کي گهڻي فاصلي
تائين گهڙيو ٺاهيو ويو هو.
دشمن جي صفبندي جي ڊيگهه جو اندازو انهي ڪري ڏکيو هو، جو ان جو
کاٻي پاسي واري فوج جي صفبندي واضح ڪانه ٿي لڳي.
انگريزي فوج جڏهن مير شير محمد تي دٻاءُ رکيو ته
هو ساڄي طرف وڌڻ لڳو. کيس اها پڪ هئي ته هو ان
گهاري کان هٽي رهيو آهي. جنهن جي ڪناري کي بچاءَ
جي نقطي نگاهه کان گهڙيو ٺاهيو ويو هو. مون سمجهيو
ته ساڄي پاسي واري فوج تي حملي ڪرڻ جو هي مناسب
وقت آهي. مان هارس آرٽلري جي ميجر ليسي جي ڪمانڊ
هيٺ وڙهندڙ فوجين کي اڳتي وڌي گهاري اُڪرڻ جو حڪم
ڏنو.
9- ريجمينٽ جي نيم مسلح گهوڙي سوار دستي ۽ پونا هارس کي فوجي
ترتيب سان اڳتي وڌڻ جو اشارو ڏنو. ان جي ساڄي پاسي
کي، 22- ريجمينٽ جو ۽ کاٻي پاسي کي توبخاني جو
تحفظ ڏنو ويو هو. توبخاني جي ترڇي گولاباري کي
وڌيڪ سهوليت ڏيڻ لاءِ 22- ريجمينٽ کي پوئتي هٽڻو
پيو. هن وقت توبخاني جو سڄو زور دشمن فوج جي مرڪزي
حصي تي هو ۽ ان ئي وقت انگريزي لشڪر فوجي ترتيب
سان کاٻي طرف کان وڌي ساڄي طرف اچڻ لڳو. جنهن جي
اڳواڻي 22- ريجمينٽ ڪري رهي هئي. سنڌي فوج انگريزي
لشڪر ۾ اهڙي تبديلي ڏسي مرڪزي حصي مان نڪري کاٻي
طرف وڌڻ لڳي ۽ انگريزي توبخاني جي سخت جوابي
ڪارروائي کان پوءِ ائين نظر اچڻ لڳو ته اها پوئتي
هٽڻ لڳي آهي.
3- ڪيولري جو مهندار ميجر اسٽئڪ هو، جيڪا ڪئپٽن ڊيلامين جي
ڪمانڊ هيٺ وڙهي هئي ۽ سنڌ هارس جو ڪماني ڪئپٽن
جيڪب هو. هنن ٻنهي گهارو اُڪري سنڌي فوج جي کاٻي
پاسي تي جُلهه ڪئي. سنڌي فوج ڪيترا ميل پوئتي هٽي
وئي. سندن جاني نقصان به ڏاڍو ٿيو. انگريزي فوج جو
ساڄو پاسو هن ڪارروائي ۾ مشغول هو ته ٻئي پاسي 22
ريجمينٽ، کاٻي پاسي کان گهارو اُڪري سنڌي فوج تي
زورائتو حملو ڪيو، جن برگيڊ جي ڪمانڊ ميجر پول ۽
ٻين ڊويزنن جي اڳواڻي ڪئپٽن جارج ڪري رهيو هو. هن
حملي دوران دشمن فوج جو سخت جاني نقصان ٿيو. هيءَ
بهادر بٽالين جامڪيدار بندوقن جي گولين جي وسڪاري
۾ به اڳتي وڌندي ڪارروائي ڪانه ڪئي. جڏهن مورچن جي
چاليهه قدم ڀرسان پهتي ته وڏ ڦڙي جيان گولين جو
وسڪارو لائي ڇڏيو ۽ نهايت تيز رفتاريءَ سان اڳتي
وڌڻ لڳي.
ليفٽيننٽ ڪُوٽ ڏاڍو بهادر انسان آهي. هو اڪيلي سر اُتاهين ڪناري
تي ٺهيل چبوتري تي پهتو ۽ لوهه ڏئي هڪ سردار جي هٿ
۾ جهليل جهنڊي کي کسي ورتائين. جڏهن پنهنجي ماڻهن
کي جهولائي جهنڊو ڏيکاري رهيو هو ته دشمن کيس سخت
زخمي ڪري ڇڏيو. ان وقت پونا هارس، ڪئپٽن ٽئٽ ۽ 6-
گهوڙي سوار دستو ميجر اسٽري جي ڪمان هيٺ وڙهي رهيو
هو، جن وڃي دشمن جي ساڄي پاسي تي جُلهه ڪئي، جن
سندن حملي جو زور نه سهي پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. اهڙي
ريت دشمن فوج جو تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو ۽
انگريز ميلن تائين سندن پيڇو ڪندا کين ماريندا
رهيا.
22- ريجمينٽ کي توبخاني جي وڏي ۾ وڏي امداد حاصل
هئي، جنهن ڪمانڊ ٻن ڪئپٽن، ولوبي ۽ هٽ جي هٿ هيٺ
هئي. ٻئي پاسي کان ميجر ليسلي جو توبخانو شريڪ هو.
ان کان بعد 2-برگيڊ هئي، جيڪا ميجر ووڊبرن جي هٿ
هيٺ سوچي سمجھي جنگي ڪاروائي ڪري رهي هئي. ساڻس
12، 21 ۽ 25 رجمينٽ به شامل هئي، جيڪي ڪئپٽن
جئڪسن، ڪئپٽن اسٽيونس ۽ ڪئپٽن فشر جي هٿ هيٺ وڙهي
رهيون هيون. هنن رجمينٽن کي ڪئپٽن وٽلي جي توبخاني
جي واهر هئي ۽ ساڄي پاسي کان 8 ۽ پهرين رجمينٽ جو
بچاءُ هو، جيڪو ميجر برائون ۽ ميجر ڪليبورن جي
ڪمانداري تحت ڪم ڪري رهيون هيون. اها ٻه ڊويزن فوج
مورچابندي کي ذهن ۾ رکي پنهنجو فرض نڀائڻ م مصروف
هئي. هن جڏهن ڏٺو ٿي ته سنڌ هارس ۽ 3-ڪيولري،
برگيڊ جي سامهون اچي ويون آهن، ته گولا باري بند
ڪري ٿي ڇڏيائون. هي جنگ هارس آرلٽري ۽ 22-ريجمينٽ
جي بهادراڻي ڪارڪردگي ڪري فتح ڪئي هئي.
هن جنگ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل پاٽل سيڪنڊ ان ڪمانڊ هو،
جيڪو جنگي ڪارواين ۾ نهايت چُست ۽ چالاڪ هو. هر ڪم
جوش جذبي سان ڪري رهيو هو، جيڪو به فرض کيس سونپيو
ويو، تنهن جي تڪميل لاءِ هر وقت تيار هو. مان
پنهنجي ذاتي عملي ۽ عام فوجيءَ جو نهايت ٿورائتو
آهيان، جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿي
بيٺا. |