ڪوٽ
جي ٻاهرئين وڏي در جي پاسي کان اتر ڏي ناني مرحوم
جي گهر جي ٻاهرئين در تائين جايون هونديون هيون.
جتي ميان طاهر جلباڻي ۽ سندس پٽ ميان الهرکيو
رهندا هئا. هينئر جتي مرزا علي نواز بيگ رهي ٿو ۽
جتي مامي مرزا غلام لاڏاڻو ڪيو. هيڏي وري ناني
مرحوم جي اوطاق جي اوڀر ۾ شيدين جو گهر هو ۽ انهي
جي اڀرندي ٽڪيي جي گهر جي ويجهو هڪڙي سوناري جو
دُڪان هوندو هو. ٽڪيي ڀڳسرئي جي جاءِ جي اولهه ڏي
۽ ڪوٽ جي وڏي در اڳيان کُليو ميدا پيو هوندو هو.
مائي کتيجان ڏوڌياڻي، ٽڪيي جي جاءِ جي ڀت وٽ اچي
ويهندي هئي. ورلي چاهين، گدرن ۽ ٻيرن وارا به اتي
اچي ويهندا هئا ۽ مال وڪڻندا هئا. ناني مرحوم جي
گهر جي ٻاهرين در جي الهندي مامي مرزا ولي محمد
مرحوم اوطاق جوڙائي هئي ۽ انهيءَ جي پريان الهرکئي
حجام جو گهر هوندو هو.
ناني مرحوم جي اوطاق پٺيان ڏکڻ ڏي ٻه اوطاق هونديون هيون. هڪڙي
اسان جي ۽ ٻي ميان ابراهيم جن جي. پر اهي نيٺ پوءِ
ڊهي ويو ۽ ناني مرحوم جن جي اوطاق ۽ مسجد جي ڏکڻ
ڏي ميدان ٿي ويو، جتي ڇوڪرا کينهون ۽ ٻلهاڙي راند
ڪندا هئا يا لغڙيون، تُڪلون ۽ ڀرڪڻيون اُڏائيندا
هئا. انهي جي ڏکڻ کان، ٽنڊي حيدر ڏانهن سڙڪ ٿي
ويئي، جتان هاڻي به وڃي ٿي. ناني مرحوم جي باغيچي
يعني مرزا علي نواز بيگ جن جي هاڻوڪي جاءِ جي ڏکڻ
کان، سڙڪ جي هن ڀر ڏکڻ ڏي ميان ابراهيم جن جو پڙ
هوندو هو، جنهن کي وڏو پڙ چوندا هئا. هڪڙي جاءِ به
اتي جُڙيل هئي. انگاس به اُتي کتل هو. پوءِ ڪن
ورهين بعد جڏهن باغيچو ڦٽي ويو ۽ ناني وفات ڪئي
تڏهن انگاس کڻي آڻي باغيچي واري جاءِ تي کوڙيائون.
ميان ابراهيم جي مرڻ کانپوءِ ميان امام علي ۽
جعفر، پڙ ڪندا آيا ۽ سڀيئي اتي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽
مرثيا پڙهندا هئا ۽ ٻيو ڪوبه پڙ ڳوٺ ۾ ڪونه هو.
گهڻو پوءِ سيدن جي ٻانهي جُمي شيدي پڙ ڪڍيو. مڪوءَ
جو پڙ به اُتي ايندو هو. پوءِ سڀئي گڏجي ڳوٺ جي
چوڌاري گهمندا هئا ۽ مڪوءَ جي ڳوٺ تائين ويندا هئا
۽ مڪوءَ جن وارا هاٿي ڪڍندا هئا. مڪوءَ جي مرڻ
کانپوءِ انهي جي پڙ جو اچڻ بند ٿيو ۽ امام علي جن
جي مرڻ کان پوءِ مامي مرزا غلام پڙ جو ڪم ڪار ٿي
ڪيو. هاڻي تازو مرزا غلام حسين، پڙ واري جاءِ
مرزا علي نواز بيگ کي وڪڻي ڇڏي ۽ پڙ ڪڍي، انهي جي
الهندي کڻي کوڙيائين ۽ پاڻ به اتي رهڻ لڳو. باغيچي
جو اڀرندو اڌ، مرزا قلب علي بيگ مرحوم، ڀت ڏيئي
پنهنجي پاسي ڪيو، جتي هاڻي مرزا علي يار، انگاس
کوڙيو آهي. هيڏي واڍن ۾ پڙ پيدا ٿيو. پوءِ ته
گهڻائي ٻيا پڙ به پيدا ٿيا ۽ هينئر يارهن ٻارهن پڙ
ٿي پيا آهن.انهي طرح سڄي ڳوٺ جون جايون اچي ويون.
ڳوٺ جي اولهه ۾ عنبر فقير جي اوتاري جي اولهه ۾
اوڏن جي کڏ هئي، جتان ڪوٽ ۽ ٻين جاين جي مٽي کنيل
آهي.
ڳوٺ کان ٻاهر جو احوال
ڳوٺ جي اوڀر ڏي نواب دوست علي خان جو باغ هو ۽ اوطاق به هئي.
جتي اڃا به آهي. انهي جي اوريان اولهه ڏي هاشماڻين
جو ڳوٺ هو. جو پوءِ ڦٽي ويو. اها زمين ادي مرزا
صادق علي بيگ خريد ڪئي، کوهه کڻائي، باغ رکيو. اهو
کوهه، مون ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ گڏجي کڻايو
هو، يعني اڌ پئسا پاڻ ڏنائين ۽ اڌ مون ڏنا. تڏهن
آئون نوڪري ۾ هوس ۽ مختيارڪار هوس. هاشماڻين جي
ڳوٺ جي اولهه ڏي، ڦليلي جي ڪناري تي هڪڙو وڏو باغ
هو، جو مامي مرزا ولي محمد بيگ رکايو هو يا پاڻ
سنڀاليندوهو. کور واهه يا کٿڙ جي پاسي واي زمين،
جا ناني مرحوم، بابي ۽ مڪوءَ حصيدار ٿي ورتي هئي.
ان جي آبادي مڪو ڪندو هو ۽ پيدائش ورهائبي هئي.
انهي طرح هن باغ ۾ به اڌ بابي مرحوم جو هو ۽
انهيءَ تي نظر ۽ سنڀال بابو مرحوم پاڻ ڪندو هو،
انهي کان اڳي بقادار، باغائي سنڀاليندو هو. مزي
مزي جا گل، بابي مرحوم آڻي رکيا. ڪدوءَ جون وليون،
بلاغونن لاءِ پوکيائين؛ انهي مان باغدار بلاغون
جوڙيائين ۽ انهن کي رنگ ڏنائين ۽ مٿن بيگ لکائين.
مطلب ته نهايت عمدو باغ هو ۽ بابو مرحوم انهي
مشغولي ۾ ڏاڍو خوش هوندو هو. اوچتو مامي مرزا ولي
محمد رٿ ڪئي ته اهو باغ وڪڻي ڇڏيو. بابي محروم جي
هرگز اها مرضي نه هئي، پر آخر خفي کان باغ جي پچر
ڦٽي ڪيائين ۽ پنهنجي حصي جو ڪوبه عيوضو نه
ورتائين، جيئن ساڳئي قسم جي طلب تي کورواهه جو حصو
به ڇڏي ڏنو هئائين. نيٺ اهو باغ آخوند محمد شفيع
ورتو. پر ٿورن ڏينهن ۾ جڏهن باغ جي سنڀال برابر نه
ٿي سگهي، تڏهن وري هن وڪڻي، چانڊو جواهريءَ کي
ڏنو. پوءِ اهو وري لڌي يا ڪنهن ٻئي واڻئي ورتو.
نيٺ باغ ڦٽي ويو ۽ ٻني ٿي ۽ هاڻ ميونسپالٽي خريد
ڪري ورتو ۽ لاپي تي نيلام ڪري ڏيندو اچي ۽ سڪندر
بيگ جن وٺي، آباد ڪرائيندا آهن. انهي هنڌ اڃان به
اڳوڻي باغ جا ڪي وڻ بيٺل آهن.
اُنهي باغ جي پاسي ۾ پوءِ لڌي واڻئي جو به پڙو يا باغ هوندو هو،
جيڪو پوءِ هن وري وڪڻي ڇڏيو ۽ اهو به ڦٽي ويو ۽
هاڻي انهي ۾ ٻني ٿي ٿئي. انهي کان هيٺ ڦليليءَ
تائين ٻنيون ئي ٻنيون هليون ٿي ويون.
اسان جي ڳوٺ جي اُڀرندي ڏي ويجهو ڳوٺ، رحيم خان اُنڙ جو هو،
جنهن جو ڪڙيو به هو. جڏهن رحيم خان کُٽو ۽ ڄام
صاحب ڏانهن لڏي ويو تڏهن پنهنجو ڪڙيو وڪيائين،
جيڪو مرزا قلب علي بيگ مرحوم ورتو. انهي جي اوريان
گهانگهرن جو ڳوٺ هو، جتي بيگن وارا ويٺل هئا، جيڪي
اڃان به اتي ئي ويٺل آهن، جيتوڻيڪ انڙن جو ڳوٺ ڦٽي
ويو آهي.
اسان جي ڳوٺ جي ڏکڻ ڏي باغن تائين ميدان پيو هوندو هو. چانڊين
جو ڳوٺ هو، جنهن ۾ علي چانڊيو، ۽ ٻيا رهندا هئا.
اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪڏهن مينهن جو پاڻي گهڻو ٿيندو هو
ته اتان چانڊين وٽان هڪڙي ڪسي کوٽائي، مينهن جو
پاڻي نئين ڦليليءَ ۾ وجهندا هئا. هينئر جتي ريل جو
بند آهي، اتي ميدان لڳو پيو هو. مقام به اتي ڪونه
هو. اڳي پيرو فقير جو مقام (قبرستان) هوندو هو،
جيڪو ڪاري باغ جي پاسي ۾ آهي. اسان جي هڪ ڀيڻ ۽
مير صاحب جي ڪوٽ جا ماڻهو به گهڻا اتي دفنايل آهن.
گهڻا ورهيه پوءِ بُلندي شاهه وفات ڪئي، جنهن کي
اتي دفنايو ويو. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي، ويجهڙائيءَ
سبب اتي مقام ٿيڻ لڳو. پهرين ناني مرحوم جن،
پنهنجن عزيزن لاءِ هڪ ڀت ڏياري ڇڏي. ناني مرحوم
وفات ڪئي، تنهن کي نيئي قُبن تي رکيائون، تنهن
کانپوءِ اتي رکڻ لڳا آهن.
چانڊين جي ڳوٺ جي پريان باغاين وارو ڳوٺ ڪونه هو. ڪاري باغ ۾ هن
ٻئي باغ جو باغائي حاجي هوندو هو. جنهن جو گهر به
پهرين ڪاري باغ ۾، ڦليليءَ جي ڪناري تي هوندوهو.
پوءِ لڏي اچي اتي گهر ڪري ويٺو ۽ پنهنجا مٽ مائٽ
ٻاهران وٺي آيو. انهيءَ طرح ڳوٺ وڌندو ويو.
باغائين جون ڇوڪريون، اسانجن گهرن ۾، قرآن پڙهڻ ۽
سبڻ ڀرڻ جو ڪم سکڻ اينديون هيون. حاجي باغائي جو
پُٽ ايوب، اڃا حيات آهي، پر هينئر ڳوٺ ۾ سندس مائٽ
زور سان وٺي ويا آهن ۽ واڍڪو ڪم ڪندا آهن.
ڪاري باغ جي پريان، مرزا دائود جو باغ هوندو هو ۽ انهي جي
اوريان ٻيا باغ هوندا هئا ۽ اسان جي ڳوٺ کي ويجها،
نئين ڦليلي تي آغا صاحبن جا باغ هوندا هئا. جهڙوڪ؛
زين العابدين ۽ آغا سرفراز جا باغ، جيڪي سڀ پوءِ
وڪامي ويا ۽ واڻين ورتا. انهي جي اوريان ڦُڙ وٽ،
وري مڪوءَ ڪي ڳوٺ وٽ، سڙڪ تي ڪوبه هٽ ڪونه هوندو
هو. گهڻن ڏينهن کانپوءِ پهرين پهرين شيوڪ حلوائي
اچي هڪ هٽ ڪڍيو هو. ورهين جا ورهيه اهو ئي هڪڙو هٽ
هوندو هو. شيوڪ جو ڀاءُ چندو حلوائي به اسان جي
ڳوٺ ۾ حلوائي هوندو هو. هينئر جتي ميونسپل جو ناڪو
آهي، اتان رستي جي پيٽ مان هڪڙي ڪسي هوندي هئي ۽
ناڪي جي مٿان ٽنڊڻ چنڊ جو نار هوندو هو. ڪلال ۽
جٽيا، اصل ڪين هئا اتي رڳو ٻنيون هونديون هيون،
مڪوءَ جي ڳوٺ جي اوريان ٻيو ڪي به ڪين هو. گهڻن
ڏينهن کانپوءِ منصف جو بنگلو جڙيو، جنهن کي پوءِ
ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي آفيس ڪيائون، جڏهن
ادو مرزا صادق علي بيگ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر
حيدرآباد جو هو. پوءِ اهو بنگلو به وڪامي ويو ۽
پوءِ انجڻ ٺهي. ٿر ۾ پهرين جڏهن ڏڪار پيو تڏهن
اُهي ڪلاڪ، ۽ جٽيا ٿورا ٿورا ٿي آيا ۽ چنڊن جي
ٻنين ۾ ويهڻ لڳا ۽ کين مسواڙون ڏنائون ۽ نيٺ مالڪ
ٿي ويهي رهيا، جن تي ولي محمد چنڊ دعوائون پئي
ڪيون.
مڪوءَ جي باغ جي پريان، ڦليليءَ جي ڪناري تي، ناٿي ڪڃري جو باغ
هوندو هو، اڳي ته اها ڦليلي ڪانه هئي؛ پراڻي ڦليلي
وهندي هئي، جيڪا هٽڙي جي رستي تي هئي.
حيدرآباد شهر ڏي وڃڻ لاءِ هاڻوڪي پُل واري جاءِ تي پتڻ جي ٻيڙي
هوندي هئي. مون کي پاڻ ياد آهي ته ننڍي هوندي اتان
ٻيڙي ۾ پتڻ لنگهيو هوس. جڏهن پُل ٺهي تيار ٿي
تڏهن اُنهيءَ ڏينهن، انهي هنڌ ڏاڍيون خوشيون ۽
تماشا ڪيائون ۽ بتيون ٻاريون هئائون.
پراڻي ڦليلي، اسان جي ڳوٺ وٽان ڪشادي هوندي هئي ۽ نوابن جي باغ
تائين پاڻي ايندو هوس. جتي ادي مرزا صادق علي بيگ
جن جو نار آهي ۽ بڙ جو وڻ آهي. انهي هنڌ وڏو ڪُن
هوندو هوس. ڦليلي سُڪي ويندي هئي ته به انهيءَ ڪُن
۾ سڄو سال پاڻي بيٺو ئي هوندو هو. پوءِ ٿورو ٿورو
ڪري لٽجي ويئي. لنگهڻ لاءِ ٻيڙي هوندي هئي. پرين
ڀر، فيض باغ هوندو هو، جيڪو عام طور تي وڏو باغ
هو. جنهن کي مير ڪرم علي خان جو باغ ڪري چوندا
هئا. فيض محمد ڀٽي جو پيءُ، باغائي هوندو هو،
انهيءَ باغ ۾ جايون به هونديون هيون، جيڪي اڃا
تائين بيٺل آهن. چون ٿا ته جڏهن حيدرآباد شهر ۾
وبا جي بيماري پيئي هئي تڏهن مير صاحب جن اتي اچي
ويٺا هئا. انگريزن جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ اُتي
ڪليڪٽر صاحب جي ڪچهري ٿيندي هئي. انهي باغ جي
اولهه ڏي، ڦليليءَ تي وري ٻيو کجين جو باغ هوندو
هو. فيض باغ ۾ ناريل جا وڻ هوندا هئا.
ڦُڙ جي هيٺيان، پرين ڀر تي، اُتر ڏي ڪلالخانو هوندو هو. يعني
اتي شراب جوڙيندا هئا. باهيون پيون ٻرنديون هيون.
پريان الهندي ڏي ڪلر لڳو پيو هوندو هو، جتي هاڻي
باغ ٿي ويا آهن. ڦُڙ جي ڏکڻ ڏي، پرينءَ ڀر تي، آغا
صاحبن جو ٽنڊو ۽ انهيءَ جي پريان مير محمود جو
ٽنڊو ۽ انهي جي پريان يوسف جو ٽنڊو. اُهي ٽيئي
ٽنڊا، اسان جي ٽنڊي وانگي ڏاڍا وسندر هوندا هئا.
آغا صاحبن مان، آغا زين العابدين شاهه، آغا تقي
شاهه، نقي شاهه، جعفر شاهه، امام علي شاهه، آغا
جعفر شاهه جو پٽ آغا گدا علي شاهه، آغا غلام نبي
شاهه ۽ آغا محمد علي شاهه، اهي سڀ حيات هئا ۽
منهنجا ڏٺل هئا. اسين ننڍي هوندي آغا زين العابدين
شاهه جي گهر ويندا هئاسين ۽ هو به اسان وٽ، بابي
۽ ناني مرحوم جن سان صحبت ڪرڻ ايندو هو. تمام چڱو
۽ قابل ماڻهو هو. حاذق حڪيم پڻ هوندو هو. جعفر
شاهه به هوشيار حڪيم هو. محمود جي ٽنڊي ۾ ته ڀاڄ
کان پوءِ اسان جا مائٽ ويٺل هئا. جتان پوءِ وري
لڏيائون. يوسف جي ٽنڊي ۾ وري مرزا دائود وارا
ويٺل هئا. جڏهن مامي مرزا محمد رحيم بيگ اتان
شادي ڪئي، تڏهن سندس شادي ۾ آئون پاڻ ويو هوس.
بابي مرحوم جن به اسان سان گڏ هئا. پوءِ امو، انهن
سڀني کي لڏائي وٺي آيو ۽ هاڻوڪي جاءِ تي آڻي
ويهاريائين. اسين جڏهن بمبئي ۾ پڙهندا هئاسين،
تڏهن مرزا دائود جيئرو هو. پاڻ سفيد ريش بزرگ
هوندو هو. تمام چڱو ماڻهو ۽ فضيلت وارو هوندو هو.
اسان کان بمبئي جو حال احوال وٺندو هو.
ننڍي هوندي جڏهن اسڪول ۾ ويندا هئاسين، تڏهن ڳوٺ کان وٺي ڦليلي
جي ڦُڙ تائين ميدان لڳو پيو هو، وري ڦُڙ تي الهندي
ڀر، ٿوري وسندي هئي يعني ساڄي پاسي ٽڪاڻو هو ۽
ڏائي پاسي هڪڙو هٽ هو. ڇنڇر ڇنڇر تي واڻيا، رات
جاڳي، ڳائيندا هئا ۽ ٽليون ۽ ڌُڪڙ وڄائيندا هئا.
ٻيو ڪو به هٽ ڪونه هو. وچ تي رڳو هڪڙو ٻبر جو وڻ
هوندو هو، نه ته ٻيو وڻ به ڪونه هو. ورلي انهيءَ
رستي تي اچي مينهن پوندو هو ته لڪڻ جي جاءِ به
ڪانه ملندي هئي. ڊومڻ واهه تي به هڪڙ ٻه هٽ هوندو
هو. هٽ جي ڏکڻ ڏي، شير خان ڏاڙهي پٽ جو باغ هوندو
هو، جتي هاڻي به آهي، جتيوڻيڪ بلڪل ڦٽي ويو آهي.
انهي باغ جي اڀرندي ڏي رنگيليون ويٺل هونديون
هيون. جتي اڃا به ويٺل آهن. رنگيلين جي ڏکڻ ڏي،
تروٽ صاحب جو باغ هوندو هو ۽ منجهس جايون هونديون
هيون، جتي تروٽ صاحب جي سُريت هڪڙي هندستانڻ رهندي
هئي. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي آئون گهمڻ ويو
هوس ته انهي زال وٽ به ويو هوس. تروٽ صاحب اتي
اچي رهندو هو. ٿرپارڪر جو سپرنٽينڊنٽ هو. سندس مرڻ
کان پوءِ اهو باغ نيلام ٿيو ۽ ميان حسن علي
آفنديءَ ٽن هزارن رپين تي ورتو.
حيدرآباد شهر جي نسبت ۾
ڊومڻ واهه کان مارڪيٽ ڏي وڃڻ واري سڙڪ تي پهرين فتح فقير جو
اوتارو هو. انهي اوتاري ۾ عبدالله فقير مسجد ۾
ويٺل هوندو هو، جيڪو رمل وجهندو هو ۽ ڳالهائڻ ۾
”هان هان“ گهڻي ڪندو هو. پريان ڊومڻ واهه جي تري ۾
سربند، سرون وجهندا هئا ۽ مٿان سڙڪ جي کٻي پاسي،
ڪوڙي ۽ آچر واڍن جا دڪان هوندا هئا، پريان
مسافرخانو هو، جيڪو اڃان آهي. ۽ منجهس اسڪول آهي.
پريان مڇي بازار هوندي هئي. جتي هاڻي گاهه وڪامندو
آهي. انهيءَ جي پريان الهندي ڏي وري گوشت جي
مارڪيٽ هئي. گوشت جي مارڪيٽ جي اُلهندي ڏي وري
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول هوندو هو. ماستر لڪشمڻ
مرهٽو، هيڊماستر هوندو هو. آئون ۽ ادو مرزا علي
قلي بيگ وٽس وڃي پڙهندا هئاسين ۽ پهرئين ڪلاس ۾
هُشيار هوندا هئاسين. اسڪول جي سامهون، ڊاڪٽر سول
سرجن رهندو هو ۽ اسڪول جي اتر ڏي جيل هوندو هو.
جيل جي پريان مير صاحبن جا قُبا هوندا هئا ۽ انهن
جي پريان وري ميان غلام شاهه ۽ ٻين ڪلهوڙن جا قبا
هوندا هئا.
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول مان پاس ٿي، وري اسين هاءِ اسڪول ۾ داخل
ٿياسين. هاءِ اسڪول، تڏهن ڪلاڪ جي مناري واري
عمارت ۾ هوندو هو. جتي هاڻي ٽريننگ ڪاليج آهي،
انهي هاءِ اسڪول ۾ ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو
مرزا صادق علي بيگ پڙهندا هئا. ماسٽر وشنو،
هيڊماستر هو. پوءِ مسٽر ڀنڊارڪر، رانا ڊي ۽ ٻيا
مرهٽا ماستر ٿيندا آيا. اسان جي ڏينهن ۾ هيڊ ماستر
مسٽر ڪشوراءِ هو. سگهوئي پوءِ انهي هنڌ نارمل ڪلاس
آيو ۽ ٽريننگ ڪاليج ٿيو. هاءِ اسڪول، وري اينگلو
ورنيڪيولر اسڪول ۾ ٿيو. مسٽر ڪشوراءِ اُتي به
پڙهائيندو هو ۽ ماسٽر راما ڪنٿ، اسسٽنٽ هو. اُتان
آئون مئٽريڪيوليشن تي ويس.
انهي مناري واري هاءِ اسڪول جي اڀرندي ڏي مشن اسڪول هو، جتي
هاڻي آهي مناري واري اسڪول جي ڏکڻ ۾ وري پادري جي
بنگلي جي ڏکڻ ۾ وري پوسٽ آفيس هوندي هئي، جتي هاڻي
زناني ٽريننگ ڪاليج آهي ۽ پوسٽ آفيس جي اڀرندي ڏي
سڙڪ جي لڳ وڪيل جي جاءِ آفيس هوندي هئي. اڳيان،
چاڙهي جي هيٺان، سنڌي اسڪول هوندو هو، جتي لئبريري
۽ ڪُندنمل گرلس اسڪول آهي. اسين انهي اسڪول ۾ سنڌي
پڙهندا هئاسين. پوءِ انگريزي ۾ وڃي ويٺاسين. هيڊ
ماستر قاضي حاجي احمد هو ۽ اسسٽنٽ آخوند ولي محمد
۽ سيد حسين شاهه. تڏهن گولڊ سمٿ صاحب ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر هو ۽ مسٽر نارائڻ جڳنناٿ ڊيپوٽي انسپيڪٽر
هو. انهي اسڪول ۾ پارسي به پڙهندا هئاسين ۽ سنڌي
به. بلڪه پوءِ هاءِ اسڪول مان ڪڏهن ڪڏهن اچي، قاضي
حاجي احمد وٽ عربي به پڙهندو هوس. لئٽن، ته هاءِ
اسڪول ۾ مسٽر غلام علي شيدي پڙهائيندو هو، جيڪو
اتي تازو اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو هو. ٽريننگ ڪاليج
جو پرنسپال، پهرين مسٽر چوهڙمل وڪيل ٿيو هو. پوءِ
مسٽر ڪوڙومل ٿيو. ٽريننگ ڪاليج کي اڳي نارمل اسڪول
چوندا هئا ۽ ميان محمد هيڊ ماسٽر هو. تڏهن نارمل
اسڪول، حيدرآباد شهر منجهه هو، جتي اسپتال به
هوندي هئي. هاڻوڪي زناني اسپتال جي مٿان، ٽڪريءَ
تي اسپتال به هئي ۽ نارمل اسڪول به اتي هو. سنڌي
اسڪول مان ڪڏهن ڪڏهن اسان کي نارمل اسڪول ۾ به
وڃڻو پوندو هو. پوءِ ميان محمد، ڊيپوٽي انسپيڪٽر
ٿيو ۽ ساڳيءَ طرح قاضي حاجي احمد ۽ آخوند ولي محمد
به ڊيپوٽي انسپيڪٽر ٿيا. قاضي حاجي احمد، شهر جو
قاضي به هو. شرعي فيصلا به ڪندو هو ۽ عيدگاهه تي
نمازون پڙهائيندو هو. اهي سڀئي تمام چڱا ماڻهو
هوندا هئا. اسين صبح جو سويل ڳوٺ مان نڪرندا
هئاسين ۽ پهرين آخوند ولي محمد جي جاءِ تي ويندا
هئاسين ۽ اتي ويهي پڙهندا هئاسين. آخوند صاحب، ڪوٽ
جي در جي ويجهو، ڪمانگرن ۽ ٺاٺارن واري مسجد وٽ
رهندو هو – مِٺُو ڪمانگر جي پاسي ۾، ڏهين بجي ڌاري
وري آخوند صاحب سان گڏجي، اسڪول ۾ ويندا هئاسين.
آخوند صاحب کان پوءِ وري قاضي حاجي احمد وٽ ويندا
هئاسين. انگريزي، وري ماسٽر ڪشوراءِ جي گهر وڃي
پڙهندا هئاسين. اهو ماسٽر به ڏاڍو چڱو هو ۽ اسان
کي گهڻو پيار ڪندو هو ۽ پسند ڪندو هو.
آخوند ولي محمد جي گهر ڏي وڃڻ لاءِ اسين ڪوٽ جي در جي چاڙهي
چڙهي پوءِ سڌا اندران گهٽي مان لنگهي، بازار
منجهان لنگهي، ٻي گهٽيءَ مان ٿيندا. مرزا لطف علي
جن جي جاءِ وٽان، آخوند صاحب جي جاءِ تي ويندا
هئاسين. مائي جادل، اڪثر آخوند صاحب وٽ ايندي هئي
۽ سندس پٽ پيرو به آخوند صاحب وٽ پڙهندو هو. مسٽر
چوهڙ مل ۽ گهڻا ٻيا ديوان به آخوند صاحب وٽ پڙهيا.
آخوند صاحب، ڏاڍيون مارون ڏيندو هون ۽ رانن ۽
بُبين ۾ چهُنڊڙيون پائيندو هون ۽ مائن ڀيڻن تي
گاريون ڏيندو هون. ڪڏهن پُٺي اگهاڙي ڪري، اوڪڙو
بيهاري، هٿ پيرن جي آڱرين ۾ وجهارائي پوءِ پُٺن تي
نيٺ جا لڪڻ هڻندو هون. ڪڏهن ته وري ٻه ڄڻا حرڪت
ڪندا هئا ته ٻنهي کي گڏ ڀاڪر وجهارائي، اسٽول تي
بيهاري پوءِ ماريندو هون، اڪثر سندس گار ”کودڙيءَ
جا“ هوندي هئي. آخوند صاحب جا ٻه پُٽ – محمد مقبول
۽ محمد روشن به وٽس اوطاق ۾ رهندا هئا.
آخوند ولي محمد جي جاءِ ڏي، ڪڏهن تروٽ جي باغ کان، سڌو شهر جي
وچان وڃبو هو. تروٽ جي باغ جي سامهون، اولهه ڏي
ڪانگن کاڌي تي، سيلم الله جو باغ هوندو هو. جيڪو
هاڻي ڦٽي ويو آهي. ڪانگن کاڌي جي پُل لنگهي، پوءِ
پُل چڙهبي هئي. چاڙهي جي چوٽي تي کٻي پاسي، ميان
محمد جعفر طبيب ۽ ميان محمود طبيب جا گهر هوندا
هئا. ميان محمود جو پٽ نورمحمد، اسڪول جو سنگتي
هوندو هو، جنهن وٽ ويندا هئاسين، قاضي امام عليءَ
جي اوطاق به ويجهي هندي هئي. پوءِ بيبي خيري جي
مسيت کان، فقير جي پڙ مان لنگهي پوءِ بازار ڏيئي
يا ڪوٽ جي پاسي آخوند صاحب ڏي وڃبو هو يا اتر ڏي
مارڪيٽ وارو پاسو ڏيئي وڃبو هو.
اُلهندي ڪچي واري سڙڪ اولهه ڏي، محمد صالح مختيار، جو گهر هوندو
هو. ميونسپل آفيس ويجهو فوجداري هوندي هئي ۽ ان جي
اتر ڏي مرزا علي اڪبر، فوجدار جو گهر هوندوهو.
اسين وٽس گهڻو ويندا هئاسين ۽ پاڻ به اسان وٽ
ايندو هو. زبردست فوجدار هو. سڀ عامل ۽ ٻيا بدمعاش
کانئس ڊڄندا هئا. اتان جيڪا گهٽي شهر ڏي ٿي وڃي
انهيءَ ۾ سنگهن جي پاڙي ۾ هڪڙي جاءِ هئي، جنهن ۾
ماستر وشنو گهنشام، هيڊماستر انگريزي اسڪول جو
رهندو هو. انهي جي اڳيان هڪڙو باغ هوندو هو ۽ کوهه
به، جنهن باغ جي اڀرندي ڏي، مٿي ديوان شوقيرام جا
گهر هئا. سندس پٽ ديوان نولراءِ ۽ تاراچند اسڪول ۾
پڙهندا هئا. ديوان تاراچند ته اسان جو ماسٽر به
هوندو هو. ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ جن سان گڏ
پڙهندو هو. سنڌي اسڪول جي چاڙهي جي ڏکڻ ڏي ديول
هوندي هئي، جتي اڃان به آهي. ديول جي اڀرندي ڏي،
منصف جو بنگلو هوندوهو، منصف محمد فاضل، هندستاني
سُورتي هو، جنهن جو ڀائيٽو نَنوُن ميان هو، جيڪو
انگريزي اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ پوءِ شڪارپور جو
ميونسپل سيڪريٽري ٿيو. منصف جي بنگلي جي اڀرندي ڏي
وري ديوان مولچند جون جايون هيون. سندس پُٽ عيدن
مل ۽ پنجو مل، اسڪول ۾ پڙهندا هئا. منجهانئن
پهريون، پوءِ منصف ٿيو ۽ ٻيو انجنيئر.
سنڌي اسڪول جي هڪڙي ڪوٺي ۾ پهرين انگريزي لئبريري رکي وئي هئي.
جڏهن ماسٽر وشنو گهنشام هيڊ ماستر هوندو هو. ٽوپن
ڀڳسريو، اسڪول جو پٽيوالو هو ۽ واڌُو ۽ هيمن
ڀڳسريا وري هاءِ اسڪول جا پٽيوالا هوندا هئا.
اسڪول جي اتر ۾ شهيدن جو مقام هو. اسڪول جي آمهون
سامهون، سڙڪ جي هُن ڀر، اُلهندي ڏي، رسالو هوندو
هو. صدر واري مسيت ۾ اڪثر قاضي حاجي احمد جي ڏينهن
۾، اڳين جي نماز وڃي پڙهندا هئاسين. کوهه جي
پاڻيءَ سان وضو ڪندا هئاسين. |