سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :6

ڀٽ شاهه

هالن کان ٽن ڪوهن تي هيٺاهين زمين ۾ آهي، جيڪا هالن جي تابع آهي.

سيد شاهه عبداللطيف: سيد شاهه عبداللطيف جو آرام گاهه محترم ۽ مزار مبارڪ اُتي جي عجائبات مان آهي. سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب شاهه جو پُٽ تارڪ جي لقب سان مشهور آهي. سيد حبيب شاهه الله وارو مرد هو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ ”الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب“ (موت هڪ پَل آهي، جيڪا دوست کي دوست جي ملاقات ڏانهن رسائي ٿي) هن زماني ۾ شاهه عبداللطيف سان ولايت ۾ مِٽ ڪوبه ڪونه آهي. سندس ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جون خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون. اُمي هوندي به الله تعاليٰ سندس سيني ۾ ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. چون ٿا ته مرزا ارغون بيگ جنهن جي نياڻي حضرت جي نڪاح ۾ هئي، سو پهريون  سندس ڏاڍو دشمن هو. جڏهن وفات ڪيائين ته حضرت جي هڪ مريد ”بود خبيث“ جي جملي مان سندس تاريخ ڪڍي هئي. هن وٽ عارف ڪامل هيءُ ٻُڌي في البديهه فرمايو ته ائين چوڻ نه گهرجي، بلڪ چئو ته ”يڪ مغل به بوده“ حساب ڪيائون ته، ٺيڪ ساڳئي سال جي تاريخ نڪري آئي- حقيقت هيءَ آهي ته اُمي ماڻهوءَ کان ههڙو واقعو صادر ٿيڻ ڪرامت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.

جنهن ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائين انهي ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو- سندس مزار متبرڪ انهي ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳهه آهي- سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي- جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آهن. جيڪي صبح ۽ شام وڄايا ويندا آهن. سندس درگاهه تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو.

سيد جمال شاهه:  هاڻي انهيءَ ولي جو جاءِ نشين سيد جمال شاهه ڳجهين توڙي ظاهر ڪرامت سان مخصوص آهي ۽ فقيرن جي سلسلي ۾ ڪيترا ناليرا خليفا اٿس.

هالا ڪنڊي (هالا)

هڪ ناليرو شهر ۽ الله وارن جو آرامگاهه آهي. هن وقت نئون ٻَڌل آهي. ڪيئي ڀيرا درياهه جي اُٿل سبب اُتي جي رهاڪن کي لڏڻو پيو آهي.

مخدوم اسحاق: اصل قبيلو ڀٽي؛ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ  جي ڪٽنب جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير؛ ۽ الله تعاليٰ جي وڏن ولين مان هو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد سندس پٽ آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو.

مخدوم احمد: هڪ وڏو ولي آهي. هو هميشه گوشه گمنامي ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ ويندو هو، ته مٿس اهڙي ته حالت پيدا ٿيندي هئي، جيڪا بيان کان ٻاهر آهي. سندس هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي ته هڪ وڏيري جي پٽ کي اچي موتمار بيماري ٿي؛ هن مخدوم احمد کي الله وارن جي جماعت سميت دعوت ڪئي. ماني کڻي آيا ته مخدوم ٻن- ٻن کي گڏجي ويهڻ جو اَمر ڪيو، ۽ پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رڪن نالي خادم کي فرمايائون ته: هن دعوت ڪندڙ ماڻهوءَ  جي پُٽ کي وٺي اچ، ته مون سان گڏجي ماني کائي. قضا الاهي سان انهي وقت اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو، پر پڻس انهي بزرگ جي تشريف آواري جو ملاحظه ڪري، اها ڳالهه ظاهر نه ڪئي هئي. هُن وراڻيو ته: سندس حالت سخت آهي، اچي ڪين سگهندو. مخدوم فرمايو ته: انهي کانسواءِ ڪين کائيندس. نيٺ اهو رڪن ڇوڪري جي مٿان ويو ۽ هو مخدوم جي پيغام تي هڪدم جيئرو ٿي اُٿي ويهي رهيو ۽ مخدوم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ساڻس گڏ کاڌائين. وڌيڪ ٻڌايائين ته: منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا، جتان مخدوم هتي موٽائي آندو آهي.

چون ٿا ته هو پوئين ڏينهن ۾ نيرون ڪوٽ آيو. اتفاقاً هڪ سوناري سماع جي مجلس ۾ هڪ بيت سوز گداز سان پڙهيو، جنهن جي ٻڌڻ سان مخدوم ساهه ڏنو. سندس جنازو هالا ڪنڊيءَ کڻي آيا، نقل آهي ته رستي ۾ انهي مان ذڪر جلي ڏاڍيان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هن ظاهري علم ۽ باطني علم جا ڪي نُڪتا مخدوم عبدالرشيد جي خدمت مان پرايا هئا. سندس وفات 936هجري ۾ ٿي.

مخدوم عمر: کانئس پوءِ، سندس پُٽ مخدوم عمر، ڏاڍو هلت وارو، پنهنجي وقت جو نامور ۽ معرفت جي رستي جو سالڪ پيدا ٿيو. هن سڳوري جون ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن تي پُٽ- مخدوم حُسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالروءف- ڇڏيا. مخدوم ابراهيم ولد مخدوم عمر حال ۽ ڪمال جو صاحب ٿي گذريو آهي.

مخدوم عبدالروءف: مٿئين مخدوم عمر جو پُٽ پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل ٿيو. هو اڄوڪي زماني جو مشائخن ۾ ممتاز رهيو. سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندن اخلاق سهڻا رهيا، ۽ هميشه عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نورمحمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر واصل ٿيو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم هن جي تاريخ ”کان ولياروءف الخلق“ (هو هڪ، خلق تي نهايت مهربان ولي هو.) مان ڪڍي آهي، ۽ محمد پناهه رجا ٺٽويءَ سندس چونڊ حالت هڪ بليغ شعر  ۾ نظم ڪيا آهن: پر ڊيگهه جي ڊپ کان هتي ذڪر نٿا ڪريون. کانئس پوءِ ڪو پُٽ ڪونه رهيو.

مخدوم محمد: مٿئين مخدوم اسحاق جو ٻيو پٽ، ظاهر علمن جي تحصيل ڪماليت جي درجي کي پهچائي، باطن جي صفائي ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. اڪثر خلق الله جي ڪمن ڪارين سان، الله ڪارڻ، حاڪمن وٽ ايندو ويندو  رهندو هو. ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگهندو هو. هڪ وقت ڪنهن حاجتمند جي ڪم سان ڄام نظام الدين وٽ ٺٽي آيو هو. ڄام چيس: تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻُڌي اٿم. هن جي زيارت جو ڏاڍو شوق اٿم، تنهنڪري جيستائين هو اچي تيستائين تون هتي ترسي پوء. فرمايائين: ته منهنجي ڀاءُ کي نه تنهنجي پرواهه آهي، نه منهنجي، انهيءَ گفتگو ۾ هئا ته مخدوم احمد اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري، ڏاڍي عقيدتمندانه خدمت ڪئي. موٽڻ وقت مخدوم احمد ڀاءُ کي چيو: اچ ته جيئن آيو آهيان تيئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي هالين پهچون، ۽ ٽپهري جي نماز اُتي ادا ڪريون. مخدوم محمد وراڻيو ته: توهان مرضي جا مالڪ آهيو، باقي مان ته في سبيل الله پنڌ ۽ محنت جي تڪليف جو ثواب هٿان ڪونه ڇڏيندس. هن بزرگ جي اولاد ۾ پڻ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا وڏا عارف پيدا ٿيا.

شيخ فخرالدين صغير: شيخ ابو نجيب سهرورديءَ جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو ۽ سالڪ هو. هالن ۾ آرامي آهي. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو آهي. سندس زيارت اهلِ دل لاءِ فخر آهي، ۽ سندس درگاهه ۾ ايترو ته قبوليت جو فيض آهي، جو اُتي سوالين جو هر مشڪل حل ٿئي ٿو.

مخدوم عربي ڌيانو: پير آسات جو ڀاءُ آهي، جو مڪليءَ تي آرامي آهي. چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي قرآن شريف جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. جڏهن قرآن پڙهندو هو، تڏهن پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاهه ۾ ويٺو هو ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجي ۾ ڀرجي پيو ۽ انهي مان پاڻي جا ڪي قطرا هيٺ ٽِميا. هڪ حال محرم خادم ڏاڍي عاجزيءَ سان هن راز جي حقيقت پُڇي. فرمايائين ته: منهنجو پُٽ بايزيد حجاز جي سرزمين ۾ منهنجن معتقدن جي هڪ ٽوليءَ سان سمنڊ ۾ سوار آهي، اوچتو ٻيڙي ڪُن ۾ غرق ٿيڻ لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پُٽ کي سفارشي بنائي باس باسي، تنهنڪري هٿ هڻي ٻيڙيءَ کي ڪُن مان ڪڍي ڪناري تي پهچائي ڇڏيم. ٿوري وقت کان پوءِ اُهي ماڻهو نذر کڻي آيا ۽ احوال ڪيائون ته: جڏهن ٻيڙيءَ مان آسرو پليوسين، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙي کي اچي ڪن مان ٻاهر ڪڍيو. 980 هه ۾ گذاري ويو، ۽ هالن ۾ دفن ٿيل آهي.

مخدوم بايزيد: مخدوم بايزيد مٿئين مخدوم عربيءَ جو پٽ آهي، پنهنجي پيءُ کان چڱو بهرو پرائي، سچ، استقامت، هدايت فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. هاڻي سندس اولاد مان محمد عالم نالي هڪ ماڻهو جيئرو آهي. هو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ سندس فقيرن جي جماعت ۾ داخل آهي.

مخدوم نوح ولد نعمت الله: هو صديقي نسب جو آهي. مشرق ۽ مغرب جي امام پنهنجي پيڙهي پاڻ هن طرح ٻُڌائي آهي: نوح بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخرالدين صغير- جو هالن ۾ مدفون آهي- بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ثاني- جو شيخ ابوڪر جي مقام ۾ دفن آهي، بن شيخ ابوبڪر ڪتابي- ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ- بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابونجيب ضياء الدين عبدالقاهر سهروردي رحمته الله عليه- جو سهروردي سلسلي جو مُنڍ آهي ۽ مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم آهي. اهو شيخ ابو نجيب بن شيخ ابراهيم بن شيخ وجهه الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبدالله بن شيخ رضاء الدين محمد بن شيخ مسعود بن شريف ابوالقاسم بن شيخ محمد عمر بن حضرت عبدالرحمان بن اميرالمومنين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ۽ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ عبدالله بن شيخ ابراهيم بن وجهه الدين جو پُٽ آهي. ستن ڏينهن جو هو ته نماز جي ٻانگ ٻُڌي تمام چٽيءَ زبان سان ڪلمو طيب پڙهيو هئائين. کانئس روايت آهي ته: چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي جيڪي ملڻو هو سو حضرت عليءَ کان مليو.

نقل آهي ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. هو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو ته هِن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، سو ڇا ڪيائين جو مخدوم عربيءَ جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اُتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو، ۽ مخدوم عربيءَ ختم پُورو نه ڪيو هو ته موٽي آيو.

فقير بهاوالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون، ته مخدوم فرمايو ته حضرت ابوبڪر رضي الله عنه ۽ حضرت علي رضي الله اچي لنگهيا، حضرت علي تڪڙو اچي فرمايو ته اُٿ جو توکي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سڏي ٿو  حضرت ابوبڪر آهستي آهستي اچي رهيو هو. حڪم موجب روانو ٿيس ته ائين ڏسڻ ۾ آيم ته ڄڻ لڪي جبل تي چڙهي رهيو هوس. نيٺ جڏهن مجلس ۾ پهتس ته تڏهن حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ حضرت عيسيٰ کان سبق ورتم. مٿو مٿي کنيم ته حضرت رسول ڪريمﷺ تي نظر پيم، ڏٺم ته پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا آهن. مون آنحضرت  ڏانهن ڌيان ڪري نئين سر سبق پڙهيو. حضرت ابوبڪر فرمايو ته: يا رسول الله هيءُ منهنجو اولاد آهي.

چون ٿا حضرت مخدوم نوح ڪنهن وقت ٺٽي آيو. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجهه پڙهيو ڪونهي. تڏهن به قرآن شريف جي آيتن جي معنائون چڱي طرح بيان ٿو ڪري، سو هو گڏجي کيس ڏسڻ لاءِ ويا. انهي وقت مخدوم هڪڙي آيت جي تفسير ۾ مشغول هو. راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس. جڏهن ماٺ ڪيائين، تڏهن ڳڻيم ته جملي اسي داڻا ٿيا هئا..... سندس وفات خميس جي ڏينهن 27 ذي القعد 998هه ۾ ٿي، ۽ هن جي درگاهه هالن جي شهر ۾ مشهور آهي.

مخدوم صدرالدين راهوتي: هالا پرڳڻي جي پسگردائي ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشه وعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. چتين پيل ٽوپيءَ کان سواءِ نه ڍڪيندو هو. سندس بُلند درجي جا احوال مشهور آهن ۽ سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.

قاضي منور: قاضي منور، مخدوم مراد جي اولاد مان هو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن قيمتي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو ته سيد عبدالڪريم بلڙي واري کيس سڏي چيو ته: تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ ڪين پهريندو هو، توکي هيءُ ڪنهن کان ورثو مليو آهي. ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو.

درويش قاسم: ڌنڌو ڪورڪو هوندو هوس، پر مخدوم نوح جي مريديءَ جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تانيءَ پيٽيءَ کان خوب واقف ٿيو هو.

جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ مخدوم فتح الله، مخدوم احمد ثاني، مخدوم عبدالحميد، مخدوم فتح الله ثاني، مخدوم عبدالحميد ثاني، مخدوم رحمت الله، مخدوم نعمت الله، حاجي دين محمد، شيخ ابوبڪر،  مخدوم محمد يوسف، مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب، مخدوم عبدالرشيد، درويش زڪريا، مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي، سيد عبداللطيف حسيني، درويش رڪن ڀرا، مخدوم مراد، مخدوم جلال، ميان ابراهيم، ميان محمد زمان ۽ شاهه ديوانه هالائي  شامل آهن.

نصرپور

جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سلطان فيروز 751هه ۾ نصر نالي هڪ امير کي ساڱري جي ڪناري تي قلعو ٺاهڻ جو حڪم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح هي شهر آباد ٿي هن جي نالي پويان نصرپور سڏجڻ لڳو. درياهه جي هيٺان هجڻ ۽ باغات جي ڪثرت کان شهر تفريح گاهه ٿي پيو آهي. چون ٿا ته ترخاني سردارن ساري سنڌ مان، هن سرزمين کي پنهنجي رهائش لاءِ پسند ڪيو هو. اڄ تائين سندن نسل باقي آهي. ڪجهه سالن کان درياهه انهيءَ پاسي کان وهڪرو ڦيرائي ويو آهي. جنهنڪري اُتي جا باغات ويران ٿي ويا آهن. ۽ باغن جي جاءِ تي ڪلر پيو ڏسجي. هتي جي سرزمين بزرگ خيز آهي.

قاضي خيرالدين: حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس ڏينهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي  دستن جي بيماري ٿي ويئي.  دست ڪنهن به دوا سان بند نٿي ٿيا. سندس عزيزن نااُميد ٿي کيس کڻي جوار جي پوک ۾ پيهي تي سُمهاريو ۽ سندس پيٽ کليل منهن واري مشڪ اڳيان سدائي وهي رهيو هو. اوچتو قاضي خيرالدين اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ ڏسي رحم اچي ويس. مٿس شفا ڀري نظر وڌائين ته هڪدم چڱو ڀلو ٿي پيو. حديقة الاولياء جي مصنف معتبرن کان روايت ڪئي آهي. جنهن لاءِ هو ئي جوابدار آهن ته اهو بيمار انهيءَ کان پوءِ چاليهه سال صحت ۽ دلجمعيءَ سان زندهه رهيو. اشتها موجب جيڪي هٿ ايندو هوس سو کائيندو رهندو هو. سندس پائخاني جو رستو بند ٿي ويو ۽ بهشتين جيان حاجت ضروريءَ جي تقاضا کان مطلقاً آزاد ٿي چڪو هو. سندس قبر نصرپور جي ڏاکڻي طرف هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org