سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :11

 ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ

 

حيدرآباد جي قدامت ۽ تاريخ

 

حيدرآباد جو شهر، جيڪو اولهه پاڪستان جو ٽيون وڏو شهر آهي، سو سنڌو ماٿري جي پراڻي ماڳن تي موجود آهي. اهو سمجهيو وڃي ٿو، ته انهي ماڳ تي اوائلي دور   جو اڳوڻو شهر نيرون ڪوٽ ۽ قديم دور جو پٽالا وارو ماڳ جُڙيل هو. هاڻوڪي حيدرآباد شهر جي پيڙهه جو پٿر سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه خان رکيو، جنهن 1182هه مطابق 1768ع ۾ شهر جو قلعو جوڙايو هو. ۽ پنهنجي بادشاهت جي راڄڌاني خدا آباد مان کڻي حيدرآباد کي قائم ڪيائين. قلعي مان لڌل ڪتبي تي هيٺيان اکر لکيل آهن:

رب اّجل هذا بلد آمنا.

(اي الله، هن شهر کي امن جو گهوارو بڻائجانءِ)

هڪڙي ٻئي بيان مطابق، اهو مير فتح علي خان ٽالپر ئي هو، جنهن گاديءَ جو هنڌ خدا آباد مان ڦيرائي حيدرآباد کي ڪيو. غلام شاهه جو جوڙايل قلعو جيتوڻيڪ موجود آهي، پر ڏاڍي افسوسناڪ حالت ۾ آهي ۽ شايد گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهي. غلام شاهه ڪلهوڙي گنجي ٽڪر جي ڏکڻ – اولهه واري پاسي، شاهه محمد مڪي جي مزار جي چوڌاري ڪچو قلعو پڻ ٺهرايو هو. جنهن تي هاڻوڪي حيدرآباد ٺهيل آهي. بيانن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته غلام شاهه کي حيدرآباد قلعو ٺهرائڻ لاءِ پراڻيون جايون ڊهراڻيون پيون، ۽ انهيءَ مان نيرون ڪوٽ جي پراڻي وسندي جي موجودگي جو اشارو ملي ٿو. جنهن ڪري هينئر به سمجهيو وڃي ٿو، ته حيدرآباد جو شهر نيرون ڪوٽ تي ٻڌل آهي.

1836ع ۾ برطانوي فوج هٿان سنڌ جي فتح کان ست سال اڳ انگريز ڊاڪٽر هيڊل حيدرآباد جي قلعي بابت جيڪي تفصيل ڏنا آهن، سي هاڻوڪي حالتن جي گهڻي ثابتي ڏين ٿا، جيتوڻيڪ هينئر ٽالپر حڪمرانن جون جڳهون موجود نه آهن ۽ سندن جايون ٻين اچي والاريون آهن. ڊاڪٽر هيڊل موجب حيدرآباد جو قلعو، چاليهه گز ويڪري کاهيءَ وسيلي شهر کان ڪٽيل هو ۽  اهوئي قلعي جي بچاءُ جو اڪيلو هٿرادو وسيلو هو. ڄاڻايل کاهي پڻ ٽۡڪر جي ٻاهرين ڏاکڻي علائقي کي ڌار ڪندي هئي، جنهن تي قلعو ٺهيل هو تنهنڪري آمدرفت پل وسيلي برقرار رکي ويندي هئي، جيڪا قلعي ۾ مکيه دروازي اڳيان بچاءَ لاءِ هڪ نيم ڦيريدار ديوار هئي، ۽ ڪنهن به پاسي کان دروازي اڳيان جوڙيل هئي ۽ ان جي ٻئي پاسي مکيه گهٽي هئي جنهن کي هاڻي شاهي بازار سڏيو وڃي ٿو. دروازي اڳيان بچاءُ لاءِ هڪ نيم ڦيريدار ديوار هئي ۽ ڪنهن به پاسي کان دروازي تائين پهچڻ لاءِ اڌ شهر جون سوڙهيون گهٽيون پهريائين لنگهڻيون پونديون هيون. ڪوٽ اندر جيڪي جڳهيون ٺهيل هيون تن ۾ صاحبزادن جا محل، ديوان خاص، ميراڻي  درٻار نوڪرن جون جڳهيون، مسجدون، ڪڙتيون، حرمخانا شامل هئا، سي سڀ اندر هڪٻئي مٿان سٿيل هئا.

قلعو ڇٽيهه ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ هڪڙي وڏي ماڙي ٺهيل هئي.جيڪا شهدادخان، نالي اڳوڻي مير سان واسطو رکندي هئي اها ماڙي برطانيه حڪومت طرفان عوامي استعمال لاءِ مخصوص هئي ۽ ان کي ”حڪومتي گهر “ جو نالو ڏنو ويو.1857ع ۾ قلعي ۾ بارود رکڻ لاءِ ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهيو ويو.......قلعي جون ٻيون جڳهون پنج اپريل 1905ع تي ٿيندڙ مشهور بم ڌماڪي ۾ تباهه ٿي ويون ، جنهن ڪري سڄو شهر ڌڏي ويو ۽ ماڻهن جو گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو.

عرب جاگرافيدانن طرفان نيرون بابت بيانن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اهو سنڌو ماٿري جي لاڙ واري علائقي جو خوشحال شهر هو. نيرون جي حاڪم ٻُڌ شمني، حجاج بن يوسف سان ڳجهي طريقي سان ٺاهه ڪيو ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي ڄاڻ ڏيڻ بنا عربن سان دوستي جو ناتو رکيائين. هن شهر عرب دور ۾، سنڌ جي راڄڌاني منصوره ۽ سامونڊي بندرگاهه ديبل جي وچ ۾ اهم حيثيت والاري ورتي هئي. ۽ واپاري قافلن جو مکيه ٿان هو. سنڌ جي ٻين شهرن جيان نيرون تي عربن ڪاهه نه ڪئي، ڇو ته انهي جي حاڪم شمني اڳيئي ڳجهه ڳوهه ۾ عرب فوج سان ٺاهه ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن ياقوت الحماوي ڄاڻائي ٿو، ته اهو شهر منصوره جي ويجهو هو ۽ اهو 30 ۽ 82 کان 30 ۽ 23 جي مفاصلي تي، ديبل کان پنجن ڏينهن جي پنڌ تي موجود هو.

جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن جا نيرون جي ماڳ کي حيدرآباد سمجهڻ بابت ڏنل بيان نامڪمل آهن، پر تنهن هوندي به انهن تي ڀروسي ڪجي ٿو. ابو الفدا نيرون جي ماڳ کي ديبل کان پنجويهه فرسنگ جي مفاصلي تي ۽ منصوره کان پندرهن فرسنگ پري ڄاڻائڻ جو جيڪو بيان ڏنو آهي. سو ابن حوقل ۽ اسطخري جي گهٽ مڪمل بيانن سان ٺهڪندڙ لڳي ٿو. چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي، ته نيرون ڪوٽ ٽڪري تي واقع هو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڍيڍ يا واهه هو، جنهن جي موڪرائي ايڏي هئي، جو منجهس سنڌ جي فاتح حڪمران محمد بن قاسم جي فوجي ٻيڙن هاڪاريو هو. هينري ايليٽ نيرون شهر کي جهرڪ جي ويجهو ۽ ڍنڍ کي ڪينجهر سمجهي ٿو، پر ڪينجهر جو سنڌو درياهه سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي. ساڳئي ريت اوائلي جاگرافيدانن جيڪي مفاصلا ڄاڻايا آهن، سي کڏڙو کاري ۽ جهرڪ يا جهروڪ ۽ دلور- جنهن کي منصوره جو پراڻو ماڳ سمجهيو وڃي ٿو- جي وچ ۾ موجود صحيح مفاصلي سان نٿا ٺهڪن. مئڪمرڊو، مئسن، رچرڊ برٽن ۽ ايسٽوڪ سڀيئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته حيدرآباد ئي اڳوڻي زماني ۾ نيرون ڪوٽ هو، ۽ اها ساڳي ڳالهه مسلم ليکڪ- خاص طور تي ’تحفة الڪرام‘ ڪتاب جي ليکڪ مير علي شير قانع ٺٽوي به ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان حيدرآباد قلعو جوڙائڻ کان به گهڻو اڳ احسان نيرون ڪوٽي، مُلا بهاءُالدين، شعيب تقيب، عبدالله جليل، مُلا رحيم الله ۽ مُلا محمد سيئر جهڙا درويش ۽ شاعر ناليوارا هئا. مجيب الله بکري پنهنجي سنڌ جي تاريخ ۾ بيان ڪري ٿو، ته حيدرآباد جو شهر اصل ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، پر جڏهن مغلن نيرون کي فتح ڪيو، ته پوءِ اهو ڪوٽ حيدر قُلي بيگ جي نالي پويان، حيدرآباد جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن انهيءَ جي پراڻي قلعي جي مرمت ڪرائي هئي.

چيني سياح هيون تسانگ، جيڪو 641 قبل مسيح ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تنهن جو چوڻ آهي ته ڪڇ ۾ ڪاٺياواڙ کان پٽولو يا پاٽسالا يا پٽالا 700 لي (يا 119 ميل) جي مفاصلي تي واقع هو. هُن پٽالا کان اُتر اوڀر اوفان- چا (آواندا) ڏانهن سفر ڪيو هو، جيڪو انهيءَ شهر کان 300 لي (50 ميل) جي مفاصلي موجود هو. Pi-ti-chi-lo کي پٽ- سل (يعني تراکڙو ٽڪر) سان پڙهي سگهجي ٿو، ۽ اها اُن ٽڪر جو تُز ڊگهو تفصيل آهي، جنهن تي هاڻوڪي حيدرآباد جو شهر موجود آهي. جيڪو ٽَڪر، هينئر گنجو ٽَڪر جي نالي سان مشهور آهي، سو عرب جاگرافيدانن جي نيرون ڪوٽ- هاڻوڪي حيدرآباد- ۾ وڻڪار جي غيرموجودگي بابت ڏنل بيانن سان ٺهڪندڙ آهي. چيني ياتري ڪاٺياواڙ کان Pi-ti-chi-lo ۽ اوفانچا تائين جيڪي مفاصلا ڏنا آهن، سي ڪاٺياواڙ ۽ حيدرآباد ۽ جهول ويجهو ڏيپر گهانگهرو جي ماڳن سان ٺهڪندڙ آهن. ٽَڪر جي ڏيڍ  ميل ڊيگهه ۽ ست سئو گز موڪرائي يا ٽن ميلن کان وڌيڪ جيڪا گهير آهي، سا هيون تسيانگ جي ٽَڪر جو ويهه لي قطر واري ڏنل بيان، گنجي ٽڪر جي وصف سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو. تنهنڪري حيدرآباد جي بيهڪ قديم پٽالا سان گهڻي ٺهڪندڙ آهي.

آرئين ۽ ڪرٽيئس جي بيانن مان، معلوم ٿئي ٿو، ميسيڊونيا جي سڪندر، پٽالا کان سنڌو درياهه تائين 400 اسٽيڊيا (46 ميل) هاڪاريو هو، جڏهن هن جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر پهريون ڀيرو سامونڊي ڪناري تي پهتو هو. انهي بيان مان پتو پوي ٿو ته سڪندر اعظم جي فوجي ٻيڙو شايد هاڻوڪي جهرڪ ماڳ وٽ پهتو هوندو.جيڪو حيدرآباد کان زميني رستي سان ٽيهه ميل مفاصلي هيٺ آهي، ۽ سنڌو درياهه کان پنجيتاليهه يا اٽڪل 400 اسٽيڊيا ويجهو آهي. چيو وڃي ٿو ته سڪندر اعظم ان ماڳ وٽ سونهان حاصل ڪيا هئا، جنهن جي مدد سان هو سنڌوءَ ۾ هاڪاري ڏکڻ ڏانهن ويو هو، جو نيٺ هو وڃي گهاڙو يا کڏڙو ڪريڪ جي ڀرپاسي ۾ پهتو. هو ٽئين ڏينهن سمنڊ کان پنجاهه ميل اورتي واري علائقي ۾ وڃي پهتو، جتي کيس اهڙين سامونڊي لهرن اچي کنيو، جيڪي هن سنڌو ۾ محسوس نه ڪيون هيون. سنڌو درياهه جو اولهندي ٻانهين جي ڇوڙ وارو علائقو جيڪو گهاڙو ۽ کڏڙو ڪريڪ سان ملي ٺهي ٿو، سو سمنڊ کان زميني رستي وسيلي پنجٽيهه ميل ۽ پاڻي کان پنجاهه ميل پري آهي. سڪندر جو فوجي آرماڙ سنڌو درياهه وسيلي اهو مفاصلو شايد ٽيئن ڏينهن پورو ڪري اُتي پهتو هجي. انهن بيانن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته سڪندر جي فوج پٽالا کان سمنڊ تائين 113 ميل جيڪو پنڌ هاڪاريو هو، سو مفاصلو ارسٽيبيولس جي هڪ هزار اسٽيڊيا يا 115 ميلن جي ٻُڌايل ماپ سان اٽڪل ٺهڪندڙ آهي.

ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڇوڙ وارا علائقا“ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته مناسب ماپ سان ڏٺو وڃي ته حيدرآباد، پٽالا ۽ اوائلي دور جي نيرون واري ماڳ تي ئي ٺهيل آهي. رچرڊ برٽن پڻ حيدرآباد کي نيرون سمجهي ٿو، ۽ ساڳيو موقف هينري ڪزنس جو پڻ آهي. پٽالا (يا پٽاليني) جو اصطلاح پوٽ (جهاز يا ٻيڙي) مان نڪتل آهي، ۽ اهو پاٽالا جو بگڙيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ٻيڙين يا جهازن جو پتڻ يا بندرگاهه آهي. انهي مان اهو پڻ ڀانئجي ٿو ته پٽالا جو اهو نالو، سنڌو درياهه جي ٻنهي ڇاڙن جي وچ ۾ واقع انهي علائقي تان ورتل آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڌين تي نغيري گل ٿيندا هئا. اهي ٻئي ڇاڙون ڇوڙ واري علائقي ۾ پهچندي پهچندي اڳتي ور وڪڙ کائي مُڙي بگل يا نغيري جي منهن جهڙو روپ ڌارينديون هيون. انهن سمورن تفصيل کانپوءِ قديم پٽالا سميت عرب دور جي نيرون جي ڀيٽ ڪرڻ تي، رڳو هڪڙو ئي شهر سامهون اچي سگهي ٿو، اُهو آهي هاڻوڪو حيدرآباد.

حيدرآباد جون جيڪي پراڻيون جايون وڃي بچيون آهن، تن مان پڪو قلعو، ڪچو قلعو، غلام شاهه جو مقبرو، عبدالنبي جو مقبرو، سرفراز جو مقبرو، ۽ ميرن جا قبا ڄاڻائي سگهجن ٿا. انهن سڀني مان غلام شاهه جو مقبرو، سنڌ ۾ پوءِ وارين مغل تعميرات جو ڏاڍو ٺاهوڪو مثال آهي. اها چورس ۾ ٺهيل اڏاوت هڪڙي وڏي ٿلهي تي بيٺل آهي، جنهن ۾ اوڀرندي پاسي کان داخلا جو رستو آهي، ٻاهريون ڀتون چمڪدار ۽ رنگين ڪاشي جي چوڪن سان ڍڪيل هيون. پر بري طرح تباهه ٿي چڪيون آهن. قبي جو اندريون حصو ڏاڍي ٺاهوڪي انداز سان سينگاريل ۽ رنڱيل آهي، انهي ۾ جيڪي ڪاشيءَ جا چوڪا لڳل آهن، تن تي فارسي ۾ شاعري اُڪريل آهي.

غلام شاهه جي مقبري جي ٿورڙي مفاصلي تي ميان عبدالنبي جو مقبرو آهي، جنهن سرفراز خان کان پوءِ تخت والاريو هو. اهو مقبرو، غلام شاهه جي مقبري جهڙو ئي آهي. پر ڏاڍي افسوسناڪ حالت ۾ آهي، ميان سرفراز جو مقبرو، غلام شاهه جي مقبري کان اٽڪل اڌ ميل مفاصلي تي آهي. سرفراز ڪلهوڙو کي پنهنجي چاچي ميان عبدالنبي جي حڪم سان ان وقت شهيد ڪيو ويو، جڏهن هُن قرآن جي تلاوت پئي ڪئي، ۽ پوءِ کيس ماڻهن درويش جي حيثيت ڏئي ڇڏي ۽ هاڻي هن جي مزار تي جمع رات ڪيتريون ئي عورتون ڀيٽا ڏيڻ اچن ٿيون. ٽالپر مقبرن ۾ مير ڪرم علي، مراد علي، نور محمد، نصير خان، شهدادخان ۽ غلام شاهه خان ۽ سندن گهروارين توڙي مائٽن جون مزارون آهن. اُهي عمارتون ڪاشي جي رنگارنگي چوڪن سان جڙيل آهن، جيڪي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کان ٿورڙي گهٽ حيثيت واريون آهن. قلعي جي دروازي کان بلڪل ٻاهر شهر جي گهرن سان ڳنڍيل هڪڙو لُنگهه آهي، جتي چاليهه فٽ ۽ ڇهه انچ ڊگهي قبر موجود آهي. انهيءَ قبر بابت چيو وڃي ٿو، ته اها اصحابي (محمد صلي الله عليہ وسلم جي ساٿي) جي قبر آهي. جيڪا نوگزا پير جي نالي پڻ  سان مشهور آهي، جنهن بابت يقين ويٺل آهي، ته جڏهن پڪو قلعو جُڙي رهيو هو ته، هو بيٺي پير اوساريءَ تي ويٺل مسترين کي سرون ۽ گارون مٿي پهچائيندو هو.(4)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org