جيمس مئڪمرڊو
حيدرآباد جون سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتون
حيدرآباد 25 ڊگريون 22 فوٽ ويڪرائي ڦاڪ اُتر ۽ 68 ڊگريون 91 فوٽ
اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ۽ نيرون ڪوٽ جي کنڊرن مٿان
اڏيل آهي. هي شهر غلام شاهه ڪلهوڙي 1182هه ۾ تعمير
ڪرايو. قلعو ۽ برج به سندس دور ۾ ٺهرايا ويا هئا.
هي قلعو اُڀ ڪپري ٽڪري تي ٺهيل آهي. جڏهن ته قلعي
جي ڪوٽ واسطي پيڙهيون کوٽيون ويون ته اُتان ماڻهن
جا هڏا ۽ انساني لاشن جا سالم پڃرا هٿ لڳا. ٽڪريءَ
جي ڪڇ مان سنڌوءَ جو ڦاٽ ڦليلي وهندو آهي. سنڌوءَ
جو مکيه وهڪرو حيدرآباد کان ٽي ميل اولهه ۾ وهندو
آهي. مٿي ڄاڻايل ٻئي ڦاٽ جهاز رانيءَ جي قابل آهن.
حيدرآباد وارين ڇاڙهن جي وچ تي ڪنهن زماني ۾ نصرپور يا منصوره
جو نهايت سرسبز ۽ آباد علائقو هوندو هو. نيوبيا جي
جاگرافيدان جي حوالي جي آڌار تي ايم. ڊي اينول چوي
ٿو ”اهو پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ڦِٽو درياهه ڪهڙي
دور ۾ وهڻ شروع ڪيو هو، پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته
اهو وهڪرو نهايت قديم هوندو هو. شايد ساڱري سان گڏ
هڪ دور ۾ وهندو هجي. نصرپور ترخان دور ۾ وڏي اوج
تي هئي. ڦٽي درياهه جي سُڪي وڃڻ سان نصرپور جون
رونقون ۽ رنگينيون ختم ٿي ويون“. هو لکي ٿو:
”منصوره شهر جي چؤڌاري مهراڻ (سنڌو درياهه) جو
پاڻي چوڌاري ڦري اچي ٿو شهر مکيه وهڪري جي اُلهندي
پاسي آهي، ڇاڪاڻ ته مهراڻ ڪلري جي ماڳ کان هيٺئين
پاسي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جيڪو منصوره کان
هڪ منزل جي پنڌ تي آهي. انهن مان مکيه ڇاڙه منصوره
جو رخ ڪري ٿي ۽ ننڍي ڇاڙهه اُتر طرف سارا سان
(سيوهڻ) ڏانهن رخ ڪري ٿي. ٿورو فاصلو اڳتي وڃي
گهُنڊي هڻي اولهه طرف وڃي ٿي ۽ نيٺ مُڙي اچي مکيه
وهڪري سان گڏجي ٿي.
نصرپور تڏهن ڦٽي ناس ٿيو ويو هو. پر ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو سهڻو ۽
مشهور شهر هوندو هو. ڪن جاگرافيدانن جو خيال آهي
ته عربن جو المنصوره به هيءُ ماڳ آهي. اها هڪ مڃيل
حقيقت آهي ته نصرپور جي موجوده شهر جو بنياد سلطان
فيروز شاهه تغلق جي هڪ اعليٰ عملدار نصير رکيو هو.
دهليءَ جي مذڪوره سلطان 751ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو
هو. سلطان دهلي رواني ٿيڻ وقت سنڌ جو انتظام هن
عملدار جي حوالي ڪيو هو. نصرپور ان زماني ۾ سنڌوءَ
جي مکيه وهڪري ساڱري جي ڪناري تي آباد هو. هن شهر
جي اوسي پاسي باغ باغيچا ۽ خوشنما ميدان هوندا
هئا، جن ۾ تفريح لاءِ سهڻيون عمارتون جوڙيل هيون
ارغون ۽ ترخان گهراڻي نصرپور کي گهڻي ترقي ڏياري.
ڦٽڻ بابت انومان آهي ته جڏهن سنڌوءَ پنهنجو نصرپور
وارو وهڪرو بدلائي حيدرآباد جي اولهه پاسي کان وهڻ
لڳو ته هيءُ شهر ڦٽي ناس ٿي ويو.
ڦٽو درياهه (وويل درياهه) هاڻوڪي سنڌوءَ مان ان جاءِ وٽان
نڪرندو هو، جتي لوهاڻو درياهه اچي هن سان ملندو
هو. ڪجهه فاصلو اوڀر پار هلي، ڏکڻ تي موڙ کائيندو
هو ۽ ڦليلي ڦاٽ ڪپي ڏکڻ- اولهه جو رخ اختيار ڪندو
هو. هتي هن وهڪري جو نالو گاجا يا گارا واهه هوندو
هو ۽ ٺٽي ڏانهن سندس رخ هوندو هو ۽ نالو به ساڳيو
هوندو هو.
حيدرآباد جو ڪمزور قلعو
حيدرآباد ۾ شهري قلعي کان سواءِ ڪو قلعي بند شهر نه آهي. جيڪڏهن
ڪو غنيم مٿس هلان ڪري ايندو، ته وٽن کيس روڪڻ جي
سگهه ڪانهي. پر جيڪي قلعا آهن اهي مضبوط نه آهن.
جڏهن ڪو جوکو حڪمران محسوس ڪندا آهن، ته پنهنجون
ملڪيتون پاڻ تباهه ڪرڻ جو شاهي فرمان جاري ٿيندو
آهي. پوءِ پنهنجي ماڻهن جي مال مڏيءَ جي ڦُرلٽ
شروع ڪندا آهن ۽ هن قسم جي ڦُرلٽ کي جائز سمجهيو
ويندو آهي. اهڙا کوڙ مثال؛ جڏهن (1) علاؤالدين سنڌ
تي حملو ڪيو هو ته سومرن به ايئن ڪيو هو. همايون
(2) جڏهن شيرشاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ داخل ٿيو ته
شاهه حسن ارغون به هن رٿ تي عمل ڪيو. (3) جڏهن
اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ عبدالرحيم خان خانان سنڌ
تي هلان ڪئي هئي ته مرزا جاني بيگ به ساڳي ڳالهه
ورجائي هئي ۽ پنهنجي راڄڌاني ٺٽي کي ساڙي تباهه
ڪرڻ ۽ ڦري لٽي ناس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هئائين.
جيڪڏهن قلعي تي حملو ڪيو ويو ته سوڀ اوس انگريزن جي ٿيندي. پر
شرط اهو آهي ته حملي ڪرڻ واسطي سال جي سُٺي موسم
جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ٻيو ڪڇ جي جاڙيجي سردار کي
وڌيڪ آزادي ڏيڻي پوندي. ٻيو سڀ کان وڌيڪ فائدو هن
ڳالهه مان به پوندو ته سنڌ حڪومت سان تجارتي ناتا
پيدا ڪن. مقصد سولائي سان پورو ڪونه ٿيندو، پر
جيڪڏهن يورپي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي، ۽ درٻار
۾ اثر رسوخ استعمال ڪي اهڙيون ڳالهيون مڃايون ويون
جنهن وٽ فوجن کي رسد پهچائڻ ۾ سهولتون ڏيڻ واسطي
تمام گهڻا وسيلا ميسر آهن.
فوجي نظام
فوج ۾ مختلف قبيلن جا ماڻهو آهن. جيڪي جاگيردار آهن. تن جو
واسطو به فوج سان آهي. اُهي سڀاءُ تعصبي ۽ هٺيلو،
ساڙوٽا، مڪار ۽ هيٺين سوچ وارا هوندا آهن. پر ظاهر
طور ڏاڍا اخلاق وارا ملنسار ٿين ٿا. هتان جا ماڻهو
معاشي مجبورين ڪارڻ پاڙيسري ملڪن ۾ وڃي فوج ۾ ڀرتي
ٿيندا آهن، جتي اهي پنندا به هئا ۽ ڏکيو سکيو پيٽ
به پاريندا هئا. ڌنڌو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق
ڪندا هئا، پوءِ کڻي اهو عارضي هجي.
فوجي کي ڏيهي حڪمران، ڇهن کان ڏهن رپين تائين، مهينو پگھار
ڏيندا آهن. هي شخصي طور تي ڏاڍو بهادر ٿيندو آهي.
پر ويڙهه دوران عرب جيان ٿڌائي ۾ گھٽ آهي. جنگ
دوران ٻين هندستاني فوجن جيان منجهس عزت نفس گھٽ
ٿيندو اٿس.هڪ جھونجھار جيان حملو ڪندو آهي، پر
سکيا نه ملڻ ڪري پوئتي هٽي به جلدي ۾ ويندو آهي.
سنڌي فوجين ۾ تنظيم نالي ماتر آهي. سنڌي فوجي
نشاني جا ڏاڍا پڪا آهن. ٻالجتي کان وٺي جامڪيدار
(مُنهن ڀرڻ واريون ) بندوقون هلائي ڀڙ ٿي ويندا
آهن ۽ هٿيار هلائڻ کي پنهنجو قومي ورثو سمجھن ٿا.
اهو به ڀائن ٿا ته تلوار سنڌين جو قومي هٿيار آهي.
حيدرآباد جي ٺهيل تلوار جو وڏو مان ۽ مرتبو هوندو
آهي. (پر مون کي شڪ ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سنڌي رڳو،
تلوار تي ڀاڙي ويٺا ته پنهنجي فوجي شهرت پاڻي ۾
لوڙهي ڇڏيندا. چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي اصلي سگھ
بارودي هٿيار ۾ لڪل آهي ۽ اها ئي سنڌ جي اصلي سگھ
آهي.) هي ڪهڙي نه کلڻهاب هٺ ۽ وڏائي واري ڳالهه
ڪئي آهي، جو سنڌي سمجھندا آهن، ته سندن تلوار جو
جو ڪير به مقابلو ڪري ڪو نه ٿو سگھي. هڪ فوجي
سپاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ڏاڍا مخلص ۽ فرمانبردار
ٿيندا آهن. پر منجهن اهو عيب اٿس، جو وٽن فوجي
ضابطو ۽ تنظيم ڪانه آهي. ورلي پنهنجي ڪئمپ مان به
چوريون ڪندي ڪونه مُڙندا آهن.
فوج مختلف قبيلن مان ڀرتي ڪئي ويندي آهي. فوج ڳڻپ جي لحاظ کان
گھڻي ۽ قبيلن جي لحاظ کان مختلف آهي. پر جنگ ۾
بهادري سان وڙهي ڪانه سگھندي آهي. اهي قبيلا
پنهنجي لٺ سردارن جي حڪمن جي تابع هوندا آهن.سرڪار
طرفان اهڙن سردارن کي زمين جو ٽُڪر ملندو آهي،
جنهن مان ساري خرچ جو پورائو ڪندا آهن. حڪمران
پنهنجي مرضي موجب جاگيردار رکن ٿا. هڪ سال جي ٿوري
عرصي ۾ جاگيردارن جون هيڏي هوڏي بدليون سدليون
ڪندا آهن. ڪڏهن وري گونڪ پوندو هون، ته ڏهه سال به
ڪنهن جي بدلي ڪونه ڪندا آهن. انهن سردارن وٽ فوجي
سپاهين جا نالا سندس اولاد جي نالن سميت داخل
هوندا اٿن، اهڙن نالن کي سندس ذات سميت خبرداري
سان لکي حفاظت سان سانڍي رکندا آهن.جيڪڏهن ڪو
سردار ورلي ڪنهن فوجي کي ار ڪري ڇڏيندو آهي، ته
اهي فوجي درٻار ۾ وڃي دانهيندا آهن.درٻار آچار ڪري
سندس ڏک سور ۽ اهنج ايذاءُ دور ڪندي آهي. جيڪڏهن
سندس نالا درج نه ڪيا وڃن ها ته سندس دانهن ڪوڪ
ڪير ورنائي ها. لکڻ ڪري اهو ٿيو، جو سردار جي
انياءَ کي ٻنجو آچي ويو.
سردار ڪڏهن فوجي سپاهي کي روڪ ڏوڪڙ پئسو ڪونه ڏيندو آهي، پر
فوجي لاءِ ان ٻڌل هوندو آهي، جيڪو هر فصل تي کيس
ملندو آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾، ٽالپرن، جوکين، لاکن،
کوسن ۾ گھڻيون ڪي اوڻائيون هونديون هيون. اهي ملڪ
جا ويڙهاڪ قبيلا هوندا هئا، جن وٽ پنهنجا الڳ
جھنڊا هوندا هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن هڪ نئون ۽
سٺو طريقو اختيار ڪيو آهي. اهي پاڻ وٽ ڪو وڏو
جاگيردار ڪونه رکن، هر جاگيردار وٽ هڪ هزار ماڻهو
مس هوندا آهن. وڌ ۾ وڌ ٻارنهن سو ماڻهو رکي سگھندا
آهن. ڪلهوڙن حڪمرانن وٽ لاکا ۽ کوسا قبيلا هوندا
هئا، جيڪي آئي ويل پنهنجا ڪونڌر قطاري اچي سرڪار
جي سهڪار ڪندا هئا، پر ميرن اهي ٻئي قبيلا پاڻ
وٽان ڪڍي ڇڏيا آهن. اڳي جاگيردار خود خيال هوندا
هئا، هاڻي انهن کي عملدار طور مقرر ڪيو وڃي ٿو ،
جن جو انگ هڪ ٻه سو ٿيندو. فوج ۾ نومڙيا به گهڻا
شامل آهن.
قلعي ۾ رهندڙ فوج هميشه پنهنجي فرض جي ادائگي لاءِ تيار رهي ٿي،
جنهن جو انگ به چئن هزارن کان مٿي ڪونه ٿيندو. اهي
حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل آهن. انهن جو اڌ گهوڙي سوار
دستن تي مشتمل آهي. گهوڙا کين سرڪار طرفان ڏنا
ويندا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو ميرن جا ذاتي نوڪر
به هجن، ته فوجي سپاهي به. هر ڇهه ماهيءَ هر هڪ
فوجي سپاهي کي مقرر ان ملندو آهي. آئي ويل جڏهن
فوج جي گهرج پوندي اٿن، ساريءَ سنڌ جي جاگيردارن
ڏانهن فرمان موڪليو ويندو آهي، ته اهي ڪنهن مقرر
جڳهه ۽ وقت تي اچي گڏ ٿين ۽ پاڻ سان فوج به وٺيو
اچن. سڄي سنڌ ۾ اهڙو حڪم ٽن ڏينهن اندر پهچي وڃي
ٿو ۽ پنڌرنهن ڏينهن اندر پنجٽيهه هزار لشڪر گڏ ٿي
سگهي ٿو. جنهن جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو گهوڙي سوارن تي
مشتمل آهي. هن ملڪ جا ماڻهو چوندا آهن ته سنڌي فوج
هڪ لک آهي. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو، ته مير سهراب
وٽ ٻارهن هزارن فوج آهي ۽ مير ٺاري وٽ پنج هزار ئي
فوج ته وڏو ڇهه ٿيو. هي ٻئي مير حيدرآباد جي ميرن
جا ٻانهن ٻيلي آهن. سڄيءَ سنڌ جي فوج ئي ته وڌ ۾
وڌ پنجاهه هزار ٿيندي.
فوج مختلف قبيلن سان واسطو رکي ٿي. هندو ماڻهو ورلي ڪي فوج ۾
ڀرتي ٿين. جن جو ڪُل انگ ڪيترائي سؤ آهي. پر
انهيءَ سڄي فوج جو مهندار ضرور ڪو ٽالپر ئي ٿئي،
جنهن ۾ سڀني ٽالپرن جو ويساهه هوندو آهي. ٽالپر
پنهنجي ٻين ساٿين جي خواهشن جو احترام نه ڪندا آهن
۽ پنهنجي مرضيءَ موجب جيڪو پسند پوندو اٿن، تنهن
کي فوجي مقرر ڪري ڇڏيندا آهن. سارو لشڪر تلوارن ۽
ڍال سان هٿياربند هوندو آهي. ٿوريون ڪجهه مُنهن
ڀرڻ واريون بندوقون به هونديون آهن. جنگ وقت انهن
کي مقرر پگهار کان وڌيڪ ملندو آهي. حڪمرانن جي
خزاني مان هر پيادي کي ٽي هزار دوهرا ملندا آهن.
گهوڙي سوار کي ان کان ٻيڻ تي ڏهاڙي ڏني ويندي آهي.
اها ڏهاڙي جنگ دوران هوندي آهي. قبيلن جي سردارن
کي سندن علمداريءَ جي عهدي موجب ڏهاڙي ڏبي آهي.
سنڌ جو توبخانو افسوسناڪ حد تائين ڪمزور آهي. وٽن
ڪُل ٽي يا چار توبون آهن. سنڌي فوجي سپاهيءَ جي هن
قسم جي مضبوط جنگي هٿيار تي اک ڪانه ٿي ٻُڏي. وٽن
جيڪي به چار توبو اٿن، سي به خيرن سان ڀڳل آهن.
جيڪو گهوڙي سوار دستو آهي، تنهن ۾ مختلف قسم جا گهوڙا شامل آهن.
ٽَٽُون قسم جا گهوڙا ته سنڌي فوج ۾ جام ٿين. پر ان
۾ خچرن جو انگ جهجهو هوندن. اُٺ ته ٽالپر امير کان
ويندي فقير تائين هر ماڻهو وٽ ڏسبو هو. وٽن اعليٰ
قسم جا شاندار گهوڙا ٿين، پر انهن کي عيب آهي، ته
انهن کي ڪيڏاري ڪاڻ سانڊبو ڪونه آهي. ٻي ڳالهه ته
گهوڙن جا سُنب وڏا ٿين، منجهن هڪ ٻيو وڏو عيب آهي،
ته انهن گهوڙن کي مُن سيکاربو آهي ۽ جڏهن کين
سرپور ميدان ڏياربو آهي ته اُهي رلا ۽ مُن ڇڏي
ميدا ڪونه ڪن، جيڪو جنگ ۾ لازمي پنڌ ٿئي. هتان جا
بندوق باز هٿ جا ڏاڍا سڌا ٿين. اُهي ٻالجتيءَ کان
وٺي هن اوزار سان پيا مشقون ڪندا آهن.
سنڌي فوجي سپاهيءَ جي پگهار ڇهه ماهيءَ تي ملندڙ اَن ۽ اُن جي
اگهه مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. ان ليکي سان هر فوجي
سپاهيءَ جي پگهار ٻه يا اڍائي رپيا مهينو وڃي بيهي
ٿي. اها پگهار تمام ٿوري آهي. جنگ وقت کيس واڌو
پگهار ملندي آهي. فوجي جي گهر ۾ کاڌو عام رواجي
هوندو آهي. پر جڏهن هو گهر کان ٻاهر هوندو آهي، ته
به سندس کاڌو سادو هوندو اٿس.
سنڌ (حيدرآباد) ۾ فوج جو ايڏو انگ گهڻو ڪونه آهي. ۽ فوج هٿ ڪرڻ
جا وسيلا به جام نه آهن. انگريزن کي حڪمرانن جي
فوج مان ڪو ڊپ نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪمران هڪ لک
فوجي ڪونڌر قطاري سگهن، ۽ فوج جنگ جي ميدان ۾
لاهين تڏهن به ڪا جوکي جي ڳالهه نه آهي، ڇو ته
منجهن تنظيم ناهي. تنهنڪري اها فوج ڀلي ڪيڏي به
جهجهي هجي، هڪ تربيت يافته فوج سان وڙهي پوري پئجي
نه سگهندي. ميرن جي فوج رڳو پنهنجي اندروني مامرن
وڳوڙن کي مُنهن ڏيڻ لائق آهي. پر انگريزن جي فوج
سان مهاڏو اٽڪائي نه سگهندي، هار کائي ويندي. ميرن
جي فوج ۾ ڍنگ جا هٿيار ڪونه آهن. منجهن ضابطي،
اصول ۽ قاعدي نالي ڪا شيءِ موجود ڪانه آهي. هلڪي
سلڪيءَ هار کائڻ تي ٽڙي پکڙي ويندا.
انتظامي ورڇ
حڪمران ميرن طرفان سنڌ کي انتظامي طور ننڍن علائقن ۾ ورهائڻ جو
طريقو هيٺ ڏجي ٿو: ڇوڙ واري علائقي ۾ چچ گام(چچ
جهان خان)، جاتي، ڪڪرالا، ساڪرو، ٺٽو، ڌاراجا،
سندرا، پليگرا، چاڪر هالا، امام واهه ۽ ٽنڊو محمد
خان ٽالپر.......... سرو، درياهه جي اوڀر طرف، ڄام
تماچي، ميرپور بٺورو، روپا، اوڍيجاهي، سماوتي،
ٽنڊو مير الهيار خان، متالوءِ (مٽياري)، شهدادپور،
هالا ڪنڊي، دم، ڪنڊيارو، راڻي پور، گنبٽ، لاکاٽ،
هالا، بهلاڻي، لوهڙي، مورگچيرو، خيرپور،
ماٿيلو......... درياهه جي اُلهندي پاسي سري
واروعلائقو: ڪوٽڙي، کونٽو، سن، سيوهڻ، تيهري،
بوبڪ، سامتاڻي، خدا آباد، ڪلاهه (ڪنداهه)، ڪچا،
باغبان، ٽڳڙ، چانڊڪا، ڳوراها يا ڪرنال، دو آبو يا
حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي جي اولهه پاسو وارو علائقو
نئون هو. جڏهن ته ملير کي ڪراچي واري علائقي ۾
گڏايو ويو آهي.
زراعت ۽ آبپاشي نظام
هوڏانهن جنهن زمين تائين سنڌو جي ٻوڏ جو پاڻي پهچي سگهندو آهي.
سا تمام ڀلي زمين هوندي آهي. ٻوڏ ڪٿي چيڪي مٽي ۽
ڪٿي وري سنهي واري ڇڏي ويندي آهي. اُها زمين ايڏي
ڀلي هوندي آهي، جو پورهئي ڪرڻ بنا اَن جا انبار
اُپائيندي آهي. اُٿل کان پوءِ جڏهن پاڻي سُڪي
ويندو آهي، پر زمين ڪجهه اڃا آلي هوندي آهي ۽ اُن
مٿان ٻج ڇٽي ڇڏيندا آهن. لاباري تائين پوک ۾ ٻيو
پورهيو ڪونه ڪندا آهن... جيڪڏهن اُٿل ورهيارو
۽گهڻي ٿيندي آهي ته هتان جا ماڻهو سُکيا ستابا ۽
سرها رهندا آهن. جن علائقن ۾ اٿل جو پاڻي پهچي نٿو
سگهي يا واهه، ڪڙيا ۽ ڪسيون کڻي آبادي لاءِ پاڻي
پهچائي نه سگهبو آهي ته زمين جي پيداوار ايتري
ڪانه هوندي آهي، جو پورهئي ڪرڻ وارو پيٽ تاني
سگهي. ٿورا ڪي اهڙا علائقا آهن، جن ۾ اناج جا ٽي
فصل ٿيندا آهن، نه ته عام طور تي ٻه ٿيندا آهن.
جتي وري سنڌوءَ جو پاڻي قدرتي طور تي يا ماڻهن جي
روڪڻ ڪري اڳتي وڃي نه سگهندو آهي، ته اُتي سال ۾
اناج جو فقط هڪ فصل ٿيندو آهي، پر اُهو به اُپت
تمام گهٽ ڏيندو آهي......... ڪٿي وونئڻ جا فصل به
راڌا ويندا آهن. پر اُهي ذري گهٽ وڻن جيترا وڏا
هوندا آهن ۽ منجهن ٽاريون به جام ٿينديون آهن.
ڪمند گهڻو ڪاهيو ويندو آهي. جيڏانهن نهار ڪر
تيڏانهن ڪمند جي پوک پئي ڏسبي آهي. ڳڙ، مٺائي ۽
کنڊ جام ٺهندي آهي، جيڪا سمنڊ رستي ٻاهرين ملڪن
ڏانهن به رواني ڪئي ويندي آهي. پر هن مٺاڻ جو وڏو
حصو يا ته هتي ئي کپي ويندي آهي، يا ته ڀر وارن
اترين علائقن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو آهي.
هتي اُهي سڀ ڀاڄيون ڏسبيون، جيڪي هندستان ۾ هونديون آهن......
لاهوري گجرون پڻ ڪاهيون وينديون آهن. هنن جو فصل
ته تمام گهڻو ڏسڻ ۾ پيو ايندو آهي ۽ ڪن جاين تي ته
هيءَ ماڻهن جي لازمي خوراڪ بڻجي ويئي
آهي.......... هتان جا انب، ڏاڙهون ۽ گدرا به واهه
جا هئا. انگور، صوف، ناسپاتيون ۽ انگور ڪابل يا
اُترين علائقن مان اينديون آهن. ڪشمش ته سُڪائي
ويندي آهي.
شاهي درٻار، عدالتي ۽ حڪومتي نظام
ٽالپرن جي حڪومت قبائلي سرداري نموني جي آهي. ٽالپرن جي قبيلي
جو سردار ٿيندڙ ئي سنڌ جو حڪمران تسليم ڪيو ويندو
آهي. هر شهري کي وقت جي حڪمران جو فرمانبردار رهڻو
پوندو آهي. حڪمران آباد علائقا سرڪاري عملدارن کي
ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيندا آهن. اُهي عملدار زمين جي ڍل
ايڏي مٿي وصول ڪن ٿا، جو ماڻهو ڏئي ڪونه ٿا سگهن.
عدم ادائگيءَ جي حالت ۾ ڏنڊ ۽ ٻيون چٽيون وڌيون
وڃن ٿيون.
حڪمران هر جمعي تي درٻار ۾ پنهنجي سامهون انصاف لاءِ قاضي
ويهاريندا آهن، ته جيئن ڪنهن سان ڏاڍ نه ٿئي.
فريادي ۽ جوابدار ڌر کان فيصلي واسطي سرڪاري في
ورتي وڃي ٿي. جوابدار تي ڏنڊ وڌو وڃي ٿو، ته جيئن
هو آئيندي ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ڪري سگهي. ورلي
قاضي ۽ ٻيا عملدار فريادين کان رشوت به وٺن. پر
جڏهن ڪو ڌاريو ولايتي ماڻهو ڪنهن سنڌي تي دانهيندو
هو، ته قاضي ڪنهن به ڌر کان پئسو ڪونه وٺندو هو.
يعني پرڏيهين کي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇُوٽ
آهي، کين مراعتون مليل اٿن يا کين نوازيو آهي.
پرڏيهين جا خاص قسم جا مامرا امير غلام علي
اُڪلائيندو آهي. ڦاسيءَ جي سزا ڏيڻ جو اختيار ٻن
مکيه ٽالپر حڪمران سردارن کي هوندو آهي. جڏهن ته
ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي فيصلي
لاءِ پڻ درٻار ڏانهن ڏوهي موڪليا ويندا آهن. عام
ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سردارن کي وڌيڪ رعايتون مليل آهن. |