ٽالپر،
شروع ۾ پنهنجي بي همتي ۽ مصلحتن سبب انگريزن سان
تعاون ڪندا ٿي ويا. شايد انهيءَ خيال کان ته
انگريزن سان دوستيءَ ۾ انگريز راضي رهندا. پر اها
ڳالهه کين گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي، ته اُهي ڌٻڻ ۾
ڦاسجي ويا آهن. اهي چاهين ها ته جنگ جي تياري به
ڪري سگهيا ٿي، ڇاڪاڻ ته وٽن گهڻو وقت هو ۽ سنڌ جا
ماڻهو پرڏيهين جي خلاف به هئا. پر ميرن همت نه
ساري ۽ هوريان هوريان انهن سڀني ٺاهن تي صحيحون
ڪندا ويا، جيڪي کين به سندن نه هئا. ميجر آئوٽرام
کي به ميرن سان بي انصافي جو احساس هو. پر هو پاڻ
به انگريز هو.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته مير، جنگ کان اڳ جنگ هارائي هٿيار ڦٽا
ڪري چڪا هئا. مياڻيءَ وارو واقعو ميرن جي مرضيءَ
جي خلاف ٿيو هو. مير نصير اڃا ٻه ڏينهن اڳ ميجر
آئوٽرام آڏو وڃي شڪست جو اعتراف طور پنهنجي تلوار
پيش ڪئي هئي. پر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪري پنهنجو
ڳاٽ اوچو ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃائڻ نٿي گهريو. پاڻ
کي دنيا جي سڀ کان سُڌريل قوم سمجهندڙن جو فوجي
اڳواڻ قومي شائونزم جو شڪار ٿي هڪ آزاد قوم کان
خودمختياريءَ جو حق کسي، معاشي ۽ سياسي غلام ڪرڻ
تي سندرو ٻڌي بيٺو هو. کيس قلعي مان وڏي دولت ملڻ
جو آسرو هو. کيس اطلاع هو ته قلعي ۾ ويهن لکن جو
خزانو آهي. هنن سڄو خزانو ڦريو، پر چئن لکن کان
وڌيڪ ملڪيت ظاهر نه ڪيائون. باقي ڪيڏانهن وئي؟
چارلس نيپيئر جي ارادن کي ڏسي ۽ هوشو جي شهادت ۽ قلعي جي شڪست
جي تاريخن ۾ وٿي ۽ قلعي ۾ ڦُرلٽ ۽ ڪربلا جهڙيون
حالتون ڏسي اها توقع ڪري ئي نٿي سگهجي ته انگريز،
ڪنهن دشمن جي قبر کي قلعي ۾ برداشت ڪري سگهيا ٿي.
هوشو 17- فيبروريءَ تي شهيد ٿيو ۽ قلعو 21 فيبروريءَ تي انگريزن
جي قبضي ۾ ويو. هوشوءَ جي آخري آرام گاهه مياڻيءَ
۾ ئي ٿي سگهي ٿي.
هاڻي حيدرآبادجو حال ناهي. اپکنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ هندستان
مان وڏي لڏپلاڻ، آباديءَ ۽ شهري سهولتن جو توازن
ڦٽائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري معاشي ۽ لساني مسئلا
گنڀير ٿي چڪا آهن. حيدرآباد ۾ اڄڪلهه اسان کي
مهاجر قومي موومينٽ جا پوسٽر نظر اچن ٿا، جن تي
’حقوق يا موت‘ لکيل آهي. پوسٽر تي هڪ گوريلو ڇپيل
آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي.
ڇا هيءَ گهرو لڙائيءَ جي انتها آهي؟ يا محض شروعات آهي؟ في
الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. شهر واضح طور تي
ورهائجي ويو آهي. اڙدو ٻولي ڳالهائيندڙ، جن جا وڏا
هندستان کان لڏي آيا هئا. پاڻ کي مهاجر سڏين ٿا.
سندن غلبو لطيف آباد ۽ ٽڪريءَ واري شهري علائقي تي
آهي. پڪو قلعو ته سندن ڳڙهه ٿي ويو آهي. سنڌي
ڳالهائيندڙ ماڻهو، ڄامشوري ۽ ٽڪريءَ جي وچ واري
علائقي قاسم آباد ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيا آهن. هتي
ڪيئي نيون ڪالونيون پيون ٺهن. ڀٽائي ٽائون، ڀٽائي
نگر، نسيم نگر وغيره. ڇا تاريخ اهي ويڇا ختم ڪري
سگهندي؟ ڇا وقت زخمن تي مرهم رکي سگهندو؟ ٻنهي
ڌُرين ۾ وڏي خونريزي ٿي چڪي آهي. (45)
شيخ عزيز
حيدرآباد جو قلعو: تهذيب ۽ ثقافت، جدوجهد ۽ حُب الوطنيءَ جو
اهڃاڻ
گذريل ڏينهن حيدرآباد جي تاريخي قلعي جو هڪڙو حصو ڊهي پيو، جنهن
ڪارڻ ڪيترائي گهر جهُري پيا ۽ ڪجهه جاني نقصان پڻ
ٿيو. هونئن ته قلعي جي تاريخ، حادثن ۽ اهم واقعن
سان ڀرپور آهي، پر ان جي هاڻوڪي روپ ۾، اڏاوت ٿيڻ
کان پوءِ هي چوٿون واقعو آهي، جنهن ۾ ڪو جاني توڙي
مالي نقصان ٿيو هجي. ۽ قلعي جي اڏاوت پڻ متاثر ٿي
هجي. هڪڙو واقعو 1906ع ۾ ٿيو، جڏهن قلعي ۾ رکيل
بارود جي ذخيرو ڦاٽي پيو. جڏهن ته باقي ٽي واقعا
1968ع، 1976ع ۾ 1982ع ۾ ٿيا، ٽئي واقعا ڀتن جي
ڪمزوريءَ ڪارڻ ٿيا.
تاريخي لحاظ سان اٺين صديءَ ۾، عربن جي اچڻ کان اڳ شهر ۾ پيئڻ
جي پاڻيءَ جو ڪنهن حد تائين ڀلو نظام هو. قلعي
منجهه ڪجهه کوهه اوس موجود هئا. پر گهڻو آڌار شهر
جي ڀرپاسي ۾ ڍنڍ يا تلاءُ جي پاڻي واري ذخيري تي
هو، جتي سڄو سال پاڻي موجود رهندو هو. اتان ننڍڙن
واهن وسيلي پاڻي قلعي تائين پهچندو هو. جڏهن محمد
بن قاسم نيرون ڪوٽ وٽ آيو، تڏهن اڃان برسات نه پئي
هئي. تنهنڪري عرب فوجين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو
پيو. گهيري جي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي برسات وسي ۽
ڏکيائون ڏور ٿيون. پوءِ عربن سنڌ جي نئين راڄڌاني
المنصوره جوڙي، تنهن هوندي به حيدرآباد جي پنهنجي
اهميت رهي.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ تائين اهو شهر رڳو قلعي تائين محدود
رهيو. شهر جي سڄي آبادي قلعي منجهه رهندي هئي. رڳو
اهي ماڻهو، جيڪي زراعت سان واڳيل هئا، تن جا گهر
قلعي کان ٻاهر هئا. نه ته گهڻا ماڻهو قلعي ۾ پاڻ
کي محفوظ سمجهندا هئا. فوجي هيڊڪوارٽر طور تي
انهيءَ قلعي کان ڀلو ٻيو ڪو ماڳ ٿي ئي نه پيو
سگهي. تنهنڪري اٺين صدي کان وٺي ارڙهين صديءَ
تائين اُن جي حيثيت قلعي جي دفاعي اهميت ڪارڻ
برقرار رهي.
حيدرآباد جي قلعي جو ڪر، نيرون جي حوالي سان، مرزا محمد باقي،
مرزا غازي بيگ، مرزا جاني بيگ، شهزادو خرم،
شهنشاهه اڪبر، شاهجهان جي زماني جي تاريخي ڪتابن
مان ملي ٿو. جڏهن ارڙهين صدي ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن کي
سنڌ لاءِ راڄڌاني جي گهرج محسوس ٿي، ته نيرون جي
قلعي جي ٻيهر اڏاوت جو فيصلو ڪيو ويو، ته جيئن ان
جي دفاعي اهليت مان فائدو ورتو وڃي.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان 1182هه ۾ قلعي جي ٻيهر اڏاوت کان
پوءِ، جيڪي ڪاريگر ۽ هنرمند قبيلا هتي آيا، تن کي
شهر جي ڀرپاسي مختلف وسندين ۽ پاڙن جي صورت ۾
وسايو ويو. اهي وسنديون جن جا اڄ به شهر ۾ مختلف
نالن سان پاڙا موجود آهن. تن جو گهڻو واسطو ان دور
۾ وسندڙ آڪهين سان آهي. قلعي ۾ حڪمران گهراڻي جا
ماڻهو، فوجي آفيسر ۽ ناڻي توڙي ڍل جي مامرن سان
ڳنڍيل ماڻهن ۽ سندن ڪٽنبن کي وسايو ويو. قلعي جي
ڏکڻ – اولهه حصي ۾ هڪ ننڍڙي کڏ ۽ جاءِ اڏي وئي،
جنهن ۾ پاڻي ۽ کاڌو ذخيرو ڪيو ويندو هو. جڏهن ته
اُتر- اوڀر حصي ۾ درٻار، عدالت ۽ شاهي محل جوڙيا
ويا. دروازي جو لنگهه هڪڙو ئي رهيو. جيڪو اڄ به
وڏي دروازي جي روپ ۾ موجود آهي، جڏهن ته دروازي
ويجهو هڪ وڏو برج ٺاهيو ويو، جيڪو پوءِ انگريزن جي
دور ۾ لاپرواهي ڪارڻ تباهه ٿي ويو.
ٽالپرن جڏهن ڪلهُوڙن کان اقتدار کسيو، ته هي قلعو ئي راڄڌاني جي
درجو رکندڙ هو، منجهس هٿيار، خزانو ۽ فوج موجود
هئي. مير نصير خان ٽالپر قلعي ۾ اڏاوتن ۾ ٿوڙو
واڌارو ڪيو...... ارڙهين صدي جي پڇاڙي ۽ اوڻيهين
صديءَ جي شروعات ۾ جيترا انگريز سياح ۽ فوجي آفيسر
آيا، سي سڀ هن قلعي ۾ مهمان رهيا ۽ انهن هتي جي
حڪمرانن سان ڳالهيون ڪيون. انگريزن ۽ سنڌ جي
حڪمرانن وچ ۾ دوستيءَ جا ٺاهه پڻ ان قلعي ۾ ٿيا.
14 فيبروري 1843ع ۾ انگريز ٽالپر فوج کي مياڻي ويجهو مات ڏيڻ
کان پوءِ 19 فيبروري 1843ع تي ان قلعي ۾ داخل ٿيا
۽ سموري ملڪيت تي قبضو ڪرڻ سميت حڪمرانن کي ٻانهو
بڻائي ڪلڪتي روانو ڪيائون. انهيءَ جڳهه اُهي لفظ
اڃان تائين هڪڙي پٿر تي اُڪريل آهن، جيڪي انگريز
سپهه سالار نيپيئر، جنرل هوش محمد قمبراڻي جي
بهادري جي اعتراف ۾ چيا هئا.
هوش محمد قمبراڻي ۽ سندس ساٿي، جيڪي مير صوبدار خان جا ٻانها
هئا، ساهه ٽٽڻ تائين وڙهندا رهيا، اُهي جتي بيٺل
هئا، وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. پر انهن پنهنجي
ڌرتيءَ جو هڪ انچ به دشمن جي حوالي نه ڪيو.
ٽالپرن کي قيد ڪري ڪلڪتي روانو ڪرڻ سميت حيدرآباد جي قلعي ۾
ٽالپرن جو جيڪو خزانو هو، اهو سڀ انگريزن پنهنجي
قبضي ۾ ورتو، جنهن جي ماليت لکين پائونڊ هئي. محل
جي سمورين جڳهين ۾ فوجن کي ترسايو ويو. قلعي ۾
جيڪا مسجد هئي، تنهن کي گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ تبديل
ڪيو ويو. پندرهن سالن کان پوءِ 1857ع جي آزاديءَ
جي جنگ کان پوءِ ڪجهه جڳهن کي ڊاهي، کين بارود
خاني طور تي استعمال ڪيو ويو.
قلعي جي ڀت ڊهڻ جو هڪڙو واقعو 1906ع ۾ ٿيو. 15 اپريل تي رات جو
اٺين وڳي قلعي ۾ هٿيار ۽ بارود خاني کي باهه لڳي
وئي، جنهن مان ساندهه ٻه ٽي ڏينهن زورائتا ڌماڪا
ٿيندا رهيا. جنهن سان ڪجهه جاني ۽ گهڻو مالي نقصان
ٿيو. ڌماڪو ايڏو ته زورائتو هو، جو قلعي منجهه ۽
ٻاهر موجود انيڪ جڳهون ڊهي پيون. سڄو شهر سنسان ٿي
ويو. سمورا شهري ڦليلي واهه جي ٻئي پاسي کليل
ميدانن ۽ گدوءَ ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي هليا
ويا. فوج سڄي شهر جو نظام سنڀالي ورتو. جڏهن اهو
ويساهه ٿيو ته هاڻي ڪنهن ڌماڪي جو ڪو امڪان ناهي،
ته ماڻهن کي پڙهو ڏياري ڄاڻ ڏني وئي، تڏهن ماڻهو
پنهنجي گهرن ڏانهن موٽيا. انهيءَ حادثي ۾ قلعي جي
ديوار جو هڪڙو حصو ڊهي پيو. پوءِ حڪومت فوجي مقصدن
جي سمورن جاين کي هٽائي، شهر جي ٻاهرين علائقي ۾
کڻي وئي، جتي اڄ ڪينٽونمينٽ آهي پوءِ اهو فيصلو
ڪيو ويو ته قلعي جو اندريون ڀاڱو جتي انگريزن
طرفان رڳو سرڪاري مقصدن جي جڳهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي
رهڻ جي اجازت ڏنل هئي. تنهن جو وڌيڪ علائقو رهڻ
لاءِ ڏنو وڃي. 1918ع ۾ قلعي جو پٽ هموار ڪري ان تي
وڌيڪ اڏاوتون ڪيون ويون. ميونسپل ڪميٽي قلعي جي
اڀرندي ڀاڱي ۾ رهائشي مقصدن لاءِ اجازت ڏني. انهي
دوران قلعي جي ٻاهرين دروازي ڀرسان موجود ڪجهه
جڳهيون ڊهرايون ويون. جنهن ۾ قلعي جي ديوار پڻ
شامل هئي. پوءِ جيڪي شهري گهرجن لاءِ اپاءُ ورتا
ويا، تن ۾ شهرين کي صاف پاڻي پهچائڻ جي رٿا اهم
هئي. جنهن لاءِ قلعي جي اوچائي کي ڪتب آندو ويو.
پاڻِيءَ جو بندوبست پنج ميل پري سنڌو درياهه مان
هڪڙي واهه وسيلي ڪيو ويو، جنهن کي قلعي ۾ ٺاهيل
پاڻيءَ جي ذخيرن وسيلي ڏورانهين هنڌن تي پهچائي
ورڇبو هو، جنهن کي هوريان هوريان واڌارو ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. هن قلعي انهن
لکين ماڻهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ پناهه ڏني، جيڪي
هندستان جي مختلف علائقن مان پاڪستان آيل هئا.
هوريان هوريان انهن ماڻهن جي اهنجن ۽ سُورن کي
ڏسندي ٻائيتاليهه چورس ميل علائقي ۾، لطيف آباد
نالي وسنديءَ ۾ کين وسائڻ جي رٿا تيار ٿي، تنهن
هوندي به ان منصوبي پوري ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳو. جنهن
ڪارڻ قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن کي بنيادي سهولتون نه ملي
سگهيون. آباديءَ جو دٻاءُ ۽ پاڻي جي نيڪال جو
مناسب انتظام نه هئڻ ڪارڻ قلعي جون ديوارون ڪمزور
ٿي ويون. نتيجي ۾ 1968ع ڌاري قلعي جي ڀت جو هڪ حصو
ڊهي پيو. جڏهن ته اهڙو ئي ٻيو واقعو 1976ع ۾ پيش
آيو، جڏهن واٽر لفٽ ويجهو ان جو اولهندو حصو ڊهي
پيو. انهيءَ جو ڪارڻ هيءَ هو، جو پاڻيءَ جو نيڪال
قلعي جي ڀت ۾ ڪيل هو. تنهنڪري ديوار ڪمزور ٿي پئي،
پوءِ تازو هاڻي، 1982ع ۾ ساڳي ڀت جو اوڀرندو حصو
ڊهي پيو، جيڪو اصل ۾ هنڌ واقع آهي. جتي قلعي جي ڀت
اسي سال اڳ بارودي ذخيري ڦاٽڻ کان پوءِ تباهه ٿي
هئي.
حيدرآباد جو قلعو ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو، جنهن
سان رڳو جرنيل هوش محمد جي سورهيائي ۽ دليري جا
انيڪ داستان جُڙيل نه آهن، بلڪ ان سان اسان جي
انيڪ صدين جي تاريخ جا انيڪ باب منعڪس ٿين ٿا. هتي
تهذيب ۽ ثقافت، جدوجهد ۽ حب الوطني جا ڪيئي دور
دفن آهن، جن کي محفوظ رکڻ خود تاريخ جي سلسلي جو
هڪ حصو آهي. (46)
حيدرآباد جي واقعاتي تاريخ
مير بهرام جو قتل
1772ع ۾ غلام شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙي حڪومت
جي گادي سنڀالي، ميان غلام شاهه جي حڪومتي دور ۾
ئي سنڌ جي درٻار ۾ پرڏيهي اثر رسوخ وڌي ويو هو ۽
درٻار، مقامي واپارين ۽ درٻارين جي سازشن جو شڪار
ٿي چڪي هئي. هرڪا ڌر سرسي ماڻڻ لاءِ ٻين جون ٽنگون
ڇڪڻ لڳي هئي. انهي ڏس ۾ هيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ
جي ڇوڙا وارا علائقا“ ۾ لکي ٿو، ته غلام شاهه سندس
خلاف سازش ڪرڻ جي شڪ ۾ مير بهرام کي پنهنجي عهدي
تان معزول ڪري ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت ميان سرفراز
ڪلهوڙو به حڪومت ۾ شامل قبيلائي سردارن ۽ درٻارين
جي سازشن کان بچي نه سگهيو، جيڪي ميرن خلاف سندس
ڪن ڀرڻ لڳا. هن نيٺ مير بهرام ۽ سندس پٽ صوبدار کي
قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ ظاهري طرح سان
ميرن سان ورتاءُ ۾ ڪوبه فرق اچڻ نه ڏنائين.
ايستائين جو ڪن وقتن تي ته قسم کڻي پنهنجي دل جي
صاف هجڻ جو کين يقين ڏياريندو رهيو، پر ڳجهه ڳوهه
۾ مير بهرام جي قتل ڪرائڻ جون ڪوششون جاري رکنديو
آيو.
فتحنامي فريئر ۽ جواهر عباِسيه ۾ ميربهرام۽ سندس پُٽ کي مارائڻ
جي ڏس ۾ جيڪا ڄاڻ ڏنل آهي، تنهن مان هي تت نڪري ٿو
ته:
مير بهرام خان ۽ سندس پُٽ صوبدار کي خاص ڪچهري ۾ گهُرايو ويو.
درٻار ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ کانئن تلوارون ورتيون
ويون. مير بهرام پنهنجي تلوار هڪ ڏهن سالن جي عمر
جي ٻار کي ڏيئي پاڻ اندر هليو ويو. پر صوبدار
تلوار لاهڻ گوارا نه ڪئي، ۽ ٻاهر دروازي تي بيهي
راجا ليکيءَ جي پٽ الهه بخش سا ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
ڪچهريءَ ۾ راجا ليکي، سندس پٽ الهه بخش جنجهڻ، ڄام
فيروز، ڪمال رند، غلام محمد ۽ محراب جتوئي به
موجود هئا. جڏهن هو اندر پهتو، ته سرفراز ڪلهوڙو
ريشم جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪڙو خط ڪڍي مير بهرام جي
هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته، ” هي خط مير بجار طرفان آيل
آهي.“ مير بهرام خط هٿ ۾ وٺي، عينڪ لڳائي پڙهڻ
لڳو. هن جون نگاهون خط ۾ لڳل هيون، ته حسين نالي
هڪ ٻانهي پٺيان اچي کيس تلوار هنئي ۽ هن جو ڪنڌ ڌڙ
کان ڌار ڪري ڇڏيائين.
مير بهرام جي هڪ نوڪر صوبدار خان کي مٿين ڄاڻ ڏني، جنهن هڪدم
تلوار جي مدد سان ليکي جي پٽ الهه بخش جو پيٽ ڦاڙي
وڌو، ته اوڏي مهل مٿيان سردار اچي مير صوبدار تي
تلوارون وسائڻ لڳا. ۽ وڙهندي وڙهندي هو نيٺ شهيد
ٿي ويو..... پوءِ مير کي خداآباد نئين ۾، جيڪا
هالن جي ويجهو آهي، دفن ڪيو ويو.
هوڏانهن مير فتح خان ٽالپر کي جڏهن واقعي جي ڄاڻ
پئي، ته هن فوج وٺي خداآباد قلعي تي حملو ڪيو، ۽
چوڪيدارن کي قتل ڪري قلعي تي قبضو ڪري ورتائين.
اها حالت ڏسندي ميان سرفراز دريءَ مان ٽپو ڏئي
پيرن اگهاڙو ڀڄي ويو، اوڏي مهل ساڻس رڳو پنج ڇهه
ماڻهو همراهه هئا. اُهي جهنگلن مان ٿيندا درياهه
وٽ پهتا. درياءَ تي هڪ مير بحر جي ٻيڙي ملي وين،
ان ۾ سوار ٿي راتو رات حيدرآباد پهچي ويا، اُتي
سيڌي سامان ۽ بارود وغيره جي ڪمي ڪانه هئي،
تنهنڪري ميان سرفراز قلعه بند ٿي ويهي رهيو. پر
ٻئي پاسي مير فتح، سرفراز جي ننڍي ڀاءُ محمود خان
کي تخت تي ويهاري ڇڏيو. |