مثلاً مشهور آهي ته ڪي ٽي ڀينرون راجپوتانا مان هلي اچي ان محلي
۾ رهيون، جن تي وڏا وڏا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، مسلمان
توڙي هندو، وڪيل توڙي سياستدان فريقته هوندا هئا.
آخر ۾ انهن عورتن مان ٻن وڃي مسلمان اميرن جا گهر
وسايا ۽ ايتري قدر وفادار ۽ سليقي واريون ثابت
ٿيون جو پنهنجن مڙسن کي ماڻهو بڻائي دنيوي اقبال
جي اوج تي پهچائي ڇڏيائون؛ يعني سندن زندگي مثال
ليکجڻ ۾ آئي.
ٽينءَ ڀيڻ جي باري ۾ مشهور آهي، ته اها هڪ هندو
سيٺ سان (جيڪو صوفي خيالن جو هو) وڃي ويٺي. ڪجهه
عرصي کان پوءِ سيٺ گذاري ويو. عورت جا مائٽ مڙي
وڃي مٿس زور رکڻ لڳا، ته هوءَ موٽي هلي پنهنجي
اڳين زندگي ٻيهر جاري ڪري. پر مائي فيصلو ڪيو ته
هوءَ مڙس جي ڪکن اندر مري ختم ٿيندي. سو مائٽن کي
بڇڙو ڪري موٽائي ڇڏڻ خاطر هن رات پنهنجي مٿي تي
پاڪي گهمرائي، روڏڻ بڻجي، صبح جو اچي کانئن پڇڻ
لڳي ته: ”ڇا منهنجن هنن حالن کان پوءِ به ڪو
منهنجو خريدار ٿيندو؟“
مائٽ نااميد ٿي هليا ويا. سنڌيءَ ۾ چوڻي هئي ته؛ ”ڀُلي ڀُلي جا
ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.“
حيدرآباد جو چڪلو وچ شهر ۾ هو. پاڙي ۾ هندن جا گهر به هئا.
ميونسپالٽي ۾ هندن جي گهڻائي هئي. ميونسپالٽي کان
ڀت ڪڍرائي پنهنجن گهرن ۽ ”گناهه گهرن“ جي وچ ۾ حد
فاصل قائم ڪرائي ڇڏي هئي، جيئن راڳ وڳڙي کان ڪو
اڙيو ٿڙيو نشئي موالي، غلط فهمي وچان، ڪنهن اشراف
هندوءَ جي گهر ۾ گهڙي نه اچي. هندن کي چيڙائڻ لاءِ
قاضي فخر الدين هڪڙي رات جڏهن هندو، موالين جي
ڀوءَ کان بي فڪرا ٿي محو خواب هئا، ته قاضي صاحب
ڪاريگرن ۽ مزدورن جو زبردست ٽولو وٺي وڃي اُتي
موجود ٿيو. راتو رات ڀت ڀڃرائي، سرون ۽ گچ گاڏن ۾
ڍُڪرائي، ڦليليءَ ۾ اُڇلرائي، ديوار جو نالو نشان
مٽرائي ڇڏيائين. هندن صبح جو اُٿي ڏٺو ته ڀت غائب
هئي.
بس، حيدرآباد ۾ زلزلو اچي ويو. ايجيٽيشن ڪرڻ ته ڪو کائن سکي ها.
حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ جي اخبارن بارڊرن سان خاص
پرچا ڪڍيا. سڄي سنڌ ۾ هندن جا ميڙ گڏ ٿيا. گانڌي
جيءَ تائين ڪوٺ وئي. تارن جا وسڪارا ٿي ويا. حد جي
پوليس جمعدار کان وٺي بادشاهه سلامت جارج پنجين
تائين ارجنٽ تارون ويون. ضلعي جي ڪليڪٽر ۽ ڪپتان
هٿان قاضي فخرالدين کي ڦاسارائڻ لاءِ ديوان
بهادرن، راءِ بهادرن، مُکين ۽ ڪائونسل ميمبرن جا
وفد وٽن ويا ۽ نيٺ ڪورٽن ۾ ڪيس به داخل ٿيا.......
چڪلي جي ڀت وارو مقدمو (Chakla Wall- Case)
وقت جي اخباري مضمونن جو اهم موضوع رهيو......
ميرن جي حڪومت ۾ چار طبقا
ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ چار گروپ هوندا هئا:
(1)سندن طرفدار ٻروچ، جن جي حوالي فوجي ڪم هوندو هو؛
(3)سنڌ جا غير ٻروچ، اصل رهاڪو، جيڪي پوکيءَ راهيءَ جي حوالي
هوندا هئا؛
(3)هندو عامل، جن جي حوالي سان انتظام هوندو هو؛ ۽
(4)هندو ”ڀائي بند“ جيڪي واپار ڪندا هئا.
انهن چئن ڌُرين جا ڪم ۽ آمدني جا وسيلا ڌار ڌار هوندا هئا،
جنهنڪري سنڌ جو معاشرو اندروني معاشي چٽاڀيٽي کان
بچيل رهيو ٿي........ جنهن صورت ۾ حيدرآباد ۾
حڪومت جو مرڪز هو، تنهن صورت ۾ اهو شهر هندو عاملن
جو به مرڪز ٿي ويو هو، ڇو ته عامل حڪومت جو انتظام
هلائيندا هئا، تنهنڪري کين حاڪمن جي ويجهڙائيءَ ۾
ئي سڪونت اختيار ڪرڻي پئي ٿي. رهڻ لاءِ انهن جا
پنهنجا پاڙا هوندا هئا، هڪٻئي سان ڳُتيل، شاهي
بازار جي ٻنهي پاسن کان، پردي جو رواج هندو توڙي
مسلمانن ۾ هڪ جهڙو هوندو هو، جنهنڪري محلن ۽ جاين
جو نقشو اهڙو رکيو هوائون جو بي پردگيءَ جو امڪان
ڪونه رهيو هو.
هيرآباد وارو حصو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٺهيو ۽ پردي جي گهٽجي
وڃڻ ڪري ”پيرس“ سڏجڻ لڳو. شوقين شام ويلي وڏين
گاڏين ۾ سوار ٿي انهيءَ پاڙي ۾ هواخواري ڪرڻ لڳا
هئا.
هڪ ڳالهه هيرآباد جي جاين جي باري ۾ مون خاص طرح سان نوٽ ڪئي.
هندو عاملن پنهنجون جايون محلاتن جي پيماني تي
ڪونه ٺهرايون. اهڙيون ٺهرايائون جن ۾ ماڻهو رڳو
آرام سان رهي سگهي ۽ بس. انهن جاين جي ڀيٽ پوءِ جي
ڪالونين ۽ سوسائٽين سان ڪري ڏسبي ته ذهنتين ۽
مالداري جي معيارن جون فرق معلوم ٿي ويندو.
البت هندو ”ڀائي بندن“ جن جا واپار ٻاهرين ملڪن سان هوندا هئا ۽
جيڪي اُتان لک ڪمائي آڻي پنهنجي وطن سنڌ ۾ خرچيندا
هئا، انگريزن جي دور ۾ وڏيون وڏيون محلاتون
ٺهرايون. مثلا تلڪ چاڙهي وٽ پوهو کياڻي بلڊنگ،
مُکي گوبندرام جي جاءِ ۽ گاڏي کاتي ۾ ڀائي پرتاب
جو محل. انهن کي ڏسندي هيءُ به محسوس ٿيندو هو ته
حقيقت دولت هندو واپاري يعني ”ڀائي بندن“ وٽ آهي.
جن جي مقابلي ۾ هندو سرڪاري ڪامورا، يعني عامل
مشڪل سان ”مڇي ماني“ جي لائق آهن. اڻ سڌيءَ طرح
اُهو مطلب به نڪتو ٿي ته هندو عاملن يعني سرڪاري
ڪامورن کي ملڪ کي نسبتا گهٽ ڦريو ٿي.
عاملن ۾ انتظامي اهليت
هڪ ڀيري مون هيءَ تحقيق ڪرڻ گهُري، ته انهن هندو عاملن ۾
انتظامي اهليت ڪيتري قدر هئي.
مون ولايت خط لکي سنڌ جي رٽائرڊ ڪمشنر سر پيٽرڪ ڪيڊل جي راءِ
گهرائي: اهو انگريز چاليهه سال سنڌ ۾ نوڪري ڪري
چڪو هو. اسسٽنٽ ڪليڪٽري کان هلي ڪمشنري تائين پهتو
هو. سنڌ کان ٻاهر هو ڪن رياستن جو وزيراعظم به رهي
چڪو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ آفريڪا ۾ به وڏو آفيسر
ٿي رهيو هو.
مون ڏانهن لکي موڪليائين، ته هن پنهنجي ساريءَ نوڪري اندر
انتظامي مامرن ۾ حيدرآبادي عاملن جهڙا هوشيار،
چُست، ۽ اعليٰ کان اعليٰ صلاحيتون رکندڙ اهلڪار
ڪونه ڏٺا.
منهنجو پنهنجو مشاهدو به ساڳيو ئي هيو، توڙي جو نسبتا محدود هو.
عام طور تي اُهي هٿ صاف رکندا هئا، تنهنڪري
باصلاحيت ۽ هوشيار هجڻ سان گڏ ضمير ۽ جرئت وارا به
هوندا هئا. اصول جي ڳالهين تي مون معمولي کان
معمولي عامل ڪاموري کي وڏي کان وڏي انگريز آفيسر
سان شديد اختلاف ڪندي ڏٺو. انصاف ۽ قانون جي
معاملي ۾ اُهي غريب ۽ وڏي ماڻهو جي وچ ۾ بنهه فرق
ڪونه ڪندا هئا. پاڻ غريب سان ٿوري گهڻي رعايت ڪري
وٺندا هئا.
اعليٰ تعليم ورتل هوندي هُون، صدين کان وٺي حڪومتن سان وابسته
رهڻ ڪري، انتظامي ۽ انساني اقتدار متعلق سندن
احساس تيز ۽ اصول پختا هوندا هئا. کوهه جي ڏيڏر
جيان نگاهه يا شعور محدود ڪونه هوندو هُون. مون
گهڻن سان گفتگو ڪري ڏٺي. معلومات ايتري قدر وسيع
هوندي هُين جو ايئن پيو لڳندو هو ته اُهي نه رڳو
سرڪاري عملدار آهن، پر پنهنجي جاءِ تي اهلِ علم به
آهن. ڪهڙن جا نالا وٺي ڪهڙن جا وٺجن؟ جيڪي سرڪاري
نوڪري ۾ ويا، تن اتي نالو ڪڍيو. جيڪي نوڪريءَ کان
ٻاهر رهيا، تن تعليمي ۽ سماجي اصلاح جي سلسلي ۾
رفارمر جو مقام حاصل ڪيو. تعداد ۾ اُهي ايترا گهڻا
هئا ۽ سندن ڪارناما ۽ ڪمال ايتري قدر مختلف النوع
هئا جو انهن جي تفصيلي ذڪر لاءِ ڪيئي ڪتاب گهُرجن.
انهن جون زندگيون اسان مسلمانن جي نئين نسل لاءِ
سبق آموز ٿي سگهن ٿيون. (جيڪو ڪم اُهي پنهنجي قوم
جي بهتري لاءِ ڪندا هئا، سو اسان جا ماڻهو به
پنهنجي لاءِ ڪري سگهن ٿا.)
ريشمي رومال تحريڪ ۽ عظيم شيخ مقدمو
انهن عاملن جو ڪرپلاڻي خاندان هڪ مثالي خاندان هو . منجھائن
ڪن سرڪاري نوڪري ۾ آ. سي. ايس بڻجي هندستان جي
انتظاميا ۾ چوٽيءَ جا عهدا حاصل ڪيا. ڪي سياست ۾
داخل ٿيا ته ايڏو مرتبو حاصل ڪيائون جو پاڻ
هندستان جي آزادي وقت آل انڊيا ڪانگريس جو پريزڊنٽ
به هڪ ڪرپلاڻي هو. هڪ ڪرپلاڻي مسلمان ٿي وڏا
ڪارناما سرانجام ڏنا. مطلب ته جيڪو به شخص جنهن
ميدان ۾ به گھڙيو اُتي ڪمال ڪري ڏيکاريائين.
شيخ عبدالرحيم مرحوم، آچاريا جيوتراءِ ڪرپلاڻِي جو وڏو ڀاءُ
هو.جيوت رام اهو ئي شخص هو، جيڪو هندستان جي
آزادي جي وقت آل انڊيا ڪانگريس جو پريزيڊنٽ هو.
عبدالرحيم مرحوم اسلامي تعليمات کان متاثر ٿي
مسلمان ٿيو هو. هو نه رڳو پاڻ مسلمان ٿيو هو ،
حيدرآباد جي ساري هندڪار ۾ هڪ وقت ٽاڪوڙو وجھي
ڇڏيو هئائين.
اڄڪلهه جا سچا ڪوڙا مورخ اڪثر ريشمي رومال واري ”تحريڪ“ جو
ذڪر ڇيڙيندا رهن ٿا. اها ڪا ” تحريڪ“ ڪانه هئي. ان
جي ڪائنات رڳو هڪ خط تائين محدود هئي، جيڪو خط
مولانا عبيدالله سنڌي رحمتہ الله عليہ ، ڦڪي رنگ
جي ريشمي رومال تي لکي، ڪابل منجھان انهي شيخ
عبدالرحيم حيدرآبادي ڏانهن ، هن هدايت سان روانو
ڪيو هو، ته هو پاڻ مڪي شريف وڃي حضرت شيخ الهند
کي پهچائي ڏئي. انهي واقعي جو مفضل ذڪر امام
عبيدالله واري بيان ۾ اچي ويل آهي، هتي آءُ اشارتا
ان جو حوالو ڏيئي رهيو آهيان، رڳو هن نڪتي واضع
ڪرڻ خاطر ته شيخ عبدالرحيم مرحوم مسلمان ٿيڻ
کانپوءِ اسلامي سياست ۾ ڪيترو نه اهم مقام حاصل
ڪيو.
هيٺيون دلچسپ قصو شيخ عبدالرحيم جو مون کي مرحوم مغفور شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ ٻڌايو. اسان ٻئي 1941ع واري آل
انڊِيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گڏجي
ريل ۾ مدارس وڃي رهيا هئا سين رستي ۾ شيخ صاحب ان
دور جا چشم ديد واقعا بيان ڪندو ٿي هليو.
شيخ صاحب فرمايو ته جڏهن شيخ عبدالرحيم پنهنجي آڪهه سوڌو مذهب
اسلام اختيار ڪيو، ته حيدرآباد جي هندن ۾ ڏاڍو
ڏهڪاءُ پئجي ويو شديد ايجيٽيشن شروع ڪيائون
.اسلام ۽ مسلمانن خلاف پورپيگڊا جو طوفان برپا
ڪيائون فساد ڪرايائون.فوجداري ڪيس داخل ڪيائون.
غرض شيخ عبدالرحيم کي مجبور ڪري مرتد بڻائڻ ۽ ٻين
هندو گهراڻن کي سندس مثال تي لڳي مسلمان ٿيڻ کان
روڪڻ خاطر جيترا حيلا ۽ دٻاءُ جا طريقا تصور ۾ اچي
سگهيا ٿي، سي سڀ هلايائون. پر شيخ عبدالرحيم نه
رڳو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو، پر پاڻ باقي عاملن
کي به اسلام ۾ آڻڻ، بلڪه جملي اسلامي تحريڪن کي
فروغ ڏيڻ لاءِ اڳ کان اڳرو ٿي رهيو.
هڪ فوجداري مقدمو هندن جو، شيخ صاحب خلاف جي. ايل. رِيو صاحب
ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ به هلي رهيو
هو، هر حاضريءَ تي هندو مسلمانن جا هشام اچي عدالت
۾ مڙندا هئا. ڏاڍي جوش ۽ جذبي جو عالم رهندو هو.
شاهدين پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئن هندن جو مکيه وڪيل
پنهنجي ”زبردست تقرير“ ڪرڻ لاءِ اُٿيو ته پٺيانس
ڪنهن شخص مقعد تي زور سان آڱر وهائي ڪڍيس. وڪيل ٽپ
ڏئي پوئتي ڏٺو دانهن ڪري مئجسٽريٽ کي چيائين:
”صاحب! صاحب!! صاحب!!! ڪنهن مُسلي مون سکي.......... هڻي ڪڍي
آهي.“
پر رِيو صاحب سان ڪڏهن اهڙي واردات ڪانه هئي. تنهنڪري هو ان فعل
جي معنيٰ سنگيني سمجهي ڪانه ٿي سگهيو، سو وڪيل کان
سوال ڪيائين ته:
”........... ڇا آهي؟“
وڪيل ويچاري معنيٰ بيان ڪندي ڏاڍي گف هنئي، پر صاحب کي هن کان
وڌيڪ سمجهائي نه سگهيو، ته ڪو مسلمان سندس جسم جي
پُٺين حصي تي آڱر رکڻ جي جرئت ڪري چڪو هو.
رِيو صاحب کي پوءِ به پوريءَ طرح ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ويٺي.
فرمايائين: ”آڱر رکيائين ته ڇا ٿي پيو؟“ البت
مسلمانن کي هدايت ڪيائين ته:
”ديوان کي....... نه هڻو، ڇو ته اهو اعتراض ڪري ٿو.“
ڳالهه رفع دفع ٿي ويئي. وڪيل تقرير ختم ڪئي. رِيو صاحب، شيخ
صاحب خلاف مقدمو ڊسمس ڪري ڇڏيو.
شيخ عبدالمجيد مرحوم پاڻ ان ڏينهن ڪورٽ ۾ موجود رهيو هو. ڏاڍي
لطيف انداز ۾ ان واقعي جي تصوير ٿي کين چيائين.
حيدرآباد جي تصوير جا ٻه پاسا
هڪ طرف هندن جو پاسو هو، جن ميرن جي صاحبي کان پوءِ به ڏاڍي
ترقي ڪئي. هندستان جي تاريخ جي ڄاڻن کي معلوم آهي،
ته انگريزن جي دور شروع ٿيندي هئي بنگال جي هندن ۾
هڪدم اهو احساس پيدا ٿيو، ته زمانو ڦري چڪو آهي،
تنهنڪري هينئر پنهنجي سماج جي زندگي کي ان نيئن
زماني جي گهُرجن مطابق هئڻ گهرجي. اتان جا مسلمان
ته اڃان پلاسيءَ واري شڪست جا روئڻا روئي رهيا
هئا. پر هندن جي رهنمائي هيٺ پنهنجي قوم کي نون
اقدارن سان آشنا ڪري کين نئين دنيا ۾ داخل ٿيڻ ۽
ان ۾ باوقار زندگي گذارڻ لاءِ بنياد کان وٺي
چوٽيءَ تائين ويهين صديءَ جي سانچي ۾ ڍالي اڳتي
آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني.
هتي سنڌ ۾، حيدرآباد جي هندن به انهن بنگالي هندن جي مثال کي
سامهون رکي پنهنجي سماجي تعمير نو جو ڪم جاري ڪيو
هو. کين چڱا چڱا رفارمر ملي ويل هئا. ڏيارام گدومل
شاهاڻي، ڏيارام ڄيٺمل (جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ
جي پهرين آرٽس ڪاليج منسوب آهي)، ساڌو هيرانند،
ديوان ميٺارام، ساڌو نولراءِ، ديوان ڪوڙومل چندن
مل، ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه، ساڌو ٽي. ايل
واسواڻي ۽ ٻيا ڪيترا. سندن ڪوششن ۽ انهن ڪوششن ۾
سندن ڪامرانين جا قصا ڏاڍا طويل آهن، جن کي سڏيڻ
کان مجبورن هتي گريز ڪريان ٿو. رڳو به اصولي نُڪتا
بيان ڪرڻ ڪافي ٿيندا: هڪڙو هيءَ ته انهن رفارمن
هندو سماج کي پيڙهه کان وٺي مٿي تائين اهڙي تعمير
ڪيو جو انساني زندگيءَ يا ضرورت جو ڪو پهلو، عورتن
توڙي مردن، ٻارن توڙي پوڙهن، صحتمند توڙي بيمارن
متعلق سندن اصلاحي عمل جي پکيڙ کان ٻاهر يا محروم
رهجي ڪونه ويو. هر ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ادارا
کوليائون، هر اداري کي مشنري اسپرٽ سان موزون ترين
ماڻهن هٿان هلارايائون ۽ هر تعميري ڪم لاءِ دل
کولي دولت ڏنائون. حيدرآباد ان ڪري سنڌ جي هندن
لاءِ اهڙو ئي مرڪز بڻجي پئي. جهڙو بنگال جي هندن
لاءِ ڪلڪتي جو شهر هو.
ٻيو نُڪتو هيءَ آهي ته قومي تعمير لاءِ سندن عمل، غير هندن لاءِ
به سبق آموز هو.
حيدرآباد جي تصوير جي ٻئي رخ مسلمانن سان تعلق ٿي رکيو. اُهي به
وقت جي غير مساعد حالات هوندي، هروڀرو معدوم ٿي
ڪونه چڪا هئا. مثلاً خانبهادر حسن علي آفندي جو
خاندان، مرزا صاحبن جو خاندان، آغا اسماعيل شاهه
وارن جو خاندان يا منشي نجم الدين جو خاندان.
خانبهادر حسن علي مرحوم، تعليم ۽ سياسي مامرن ۾
اڪيلي سر ۽ هٿين خالي اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو
هندن پاران سندن رفارمرن جو هڪ وڏو گروپ گڏجي ڪري
سگهيو هو. جيڪڏهن اهو شخص نه هجي ها ته خبر نه آهي
ته مسلمانن جو ڇا حال ٿئي ها. مرزا صاحبن جي
خاندان ٻه وڏا احسان ڪيا. هڪ ته سرڪاري ملازمت ۾
اهڙا ماڻهو موڪليائون جن ايمانداري توڙي اهليت ۽
صلاحيت جي لحاظ سان هندو عاملن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن
جو مُنهن مٿي ڪيو. ٻيو سنڌي لٽريچر کي زنده
رکيائون. مرحوم مرزا قليچ بيگ تنها قلم هلائڻ ۾
اهڙي ۽ ايتري جفاڪشي ڪئي جو جيترو مواد وقت جا
سمورا هندو اهل قلم گڏجي مهيا ڪري سگهيا هئا،
اوترو بلڪ ان کان وڌيڪ علمي خزانو هن هڪ بزرگ
فراهم ڪري ڏنو.
1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي. ان زماني ۾ ڪراچي جي انگريزي
اخبار سنڌ آبزرور لاءِ مون کي ”سنڌ اندر رشوت
خوري“ جي سروي ڪرڻي پئي هئي. جنهن جي آڌار تي مون
هڪ طويل سلسلو مضامين جو به سپرد قلم ڪيو هو.
حالانڪ پوئين زماني جي مقابلي ۾ ان زماني ۾
رشوتخوري نه جي برابر هوندي هئي؛ ڪامورا پئسي کان
وڌيڪ پنهنجي عزت ۽ نيڪ نامي جو خيال رکندا هئا. ان
سروي جي دوران مون کي معلوم ٿيو ته سرڪاري ملازمت
جي دوران ۾ مرزا خاندان جي آفيسرن، ايمانداري،
شرافت، انتظامي صلاحيت ۽ انصاف پروري ۾ اهڙو رڪارڊ
قائم ڪيو هو جو ان کي ڏسي هندو عامل ڇا بلڪ انگريز
حڪمرانن جون به اکيون هيٺ ٿي وينديون هيون.
منجهائن گهڻا صاحب سرڪاري نوڪرين سان وابسته رهيا
هئا. مثلا مرزا قليچ بيگ، مرزا صادق علي بيگ، مرزا
علي نواز بيگ، مرزا منوچهر بيگ، مرزا سڊني بيگ،
مرزا سڪندر بيگ، (سرڪاري وڪيل)، مرزا فرخ بيگ
(سرڪاري وڪيل)، مرزا نادر بيگ ۽ ٻيا (سڀني جي روحن
تي الله تعاليٰ جون رحمتون هجن.)
آئون يقينن سان عرض ڪريان ٿو، ته حقيقت ڇا افواهه به ڪڏهن انهن
بزرگن جي ناموس کي داغ ڪونه لاٿو. گهڻي ئي دنيا
پوءِ ڏسندا رهيا آهيون؛ بيشمار ڪامورا، پنهنجا ۽
پراوا اکين اڳيان گذرندا رهيا آهن، پر مرزائن جي
ڪڙيءَ تي شال ڪو اچي.
پڇاڙي ۾ حيدرآباد جون راتيون؟ سبحان الله. هن
پوئين گند ٿيڻ کان اڳ ڄڻ جنت جون راتيون هونديون
هيون. ڇا هوا، ڇا هوا جي جان پرور تازگي. جا ان
سان مٺڙي ٿڌي جي آميزش، سالن جا ٿڪ هڪ رات اندر
لهي ويندا هئا. هندستان جي لٽريچر ۾ ”صبح بنارس
شام اؤڌ“ مشهور آهن. پر ڪو گدوءَ جو صبح ۽
حيدرآباد جي شام ڏسي ها ته بنارس ۽ اؤڌ وسري وڃينس
ها. (39) |