مياڻي واري جهيڙي ۾ سنڌي سپاهين ڇا ڪيو، جو پنهنجون بندوقون
اڇلائي انگريزي فوج جي سنگينن تي ترارين سان اچي
هلان ڪيائون. سر چارلس نيپئر پنهنجي هڪ خط ۾ جوڌن
۽ ڪونڌرن جو ذڪر ڪندي چيو هو: ”پهريائين هنن
سورهين بندوقن ۽ پستولن سان حملو ڪيو، پوءِ بهادري
جي جوش ۾ اچي بندوقن ۽ پستولن کي واهه جي ڪپ ڏانهن
اڇلايو. پوءِ اهي سڄاڻ تلوار ڌڻي بانڪا ۽ بهادر
جوان انگريز فوج جي بندوقن ۽ سنگينن جو کاڄ ٿي
ويا.“
سنڌي سپاهي يا ڪو عام ماڻهو ڪپڙن کان پوءِ ڪُلهي تي تلوار نه
لٽڪائيندو هو ته پاڻ کي اڻ پورو ڀائيندو هو. سندن
لباس سان گڏ تلوار جو هجڻ ايترو ضروري هوندو هو
جيترو پٽڪو ۽ ٽوپي. ڪان ڪمان ۾ هلائڻ ۾ پڻ واهه جا
ملوڪ هوندا هئا. آڏا ترڇا تير هلائيندا هئا تڏهن
به ڌڪ گسڻ جو ته ڪو سوال ئي ڪونه پيدا ٿيندو هو.
ڄڻ ته ڪو هٿ ۾ کڻي تير وڃي ٿو نشان تي رکي. شڪار ۾
جيڪڏهن پکين مارڻ واري بندوق ڪتب آڻيندا هئا ته
ننڍڙي ۾ ننڍڙي پکي مارڻ ته سندن ڏائي هٿ جو کيل
هوندو هو.
ويڙهاڪ قبيلن ۾ ٿورا گهڻا ڦڏا ڦڙا به ضرور ٿيندا هئا پر جهڙي
ريت حڪمران گهراڻي جي ماڻهن ۾ مٽ ڦوڪ ٿيندي رهندي
هئي ۽ پاڻ ۾ ويهي آچار ويچا ڪري ڌرين کي کير کنڊ
ڪري ڇڏيندا هئا. تهڙي ريت هي به گڏجي ڳالهيون ٻڌي
ڏوهي ڌر تي پاءُ پاڻي جو رکي کين ڀاڪر پارائي گيرب
گاءُ ڪڍي پاڻ ۾ سرچي پرچائي وجهندا هئا. ڪوبه مير،
سردار جي مامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جا جتن ڪونه ڪندو هو.
نه وري ڪنهن راڄ جي ماڻهو کي هيٺيون مٿيون ٻڌائي
پنهنجي لٺ سردار کان ڇني ڌار ڪرڻ جي ڪوش ڪندو هو.
سردار پنهنجي راڄ ۾ امن امان صلح سانت لاءِ ذميوار
هوندو هو. جيڪڏهن ڪي ماڻهو اوڙي پاڙي سان کئونس
ڪندا هئا ته ڪانيارو سردار ٿيندو هو. ڳالهين ۾
هارائڻ تي سردار کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو هو. آچار ويچار
۾ ڪنهن ڌر سان انياءُ ٿيو ته مير جي اڳيان وڃي
دانهيندو هو. اهڙي نبيري کي آخري فيصلو سمجهيو
ويندو هو......... ذات جي لٺ سردارن جا جيڪي سندن
نائب هوندا هئا، تن جا ماڻهو به سردار وٽ دفتر ۾
لکيل هوندا هئا. جيڪڏهن انهن سان ڪٿي ڏاڍ ڪيو
ويندو هو ته ميرن جي درٻار ۾ وڃي دانهيندو هو.
سنڌين سميت ٻروچ قبيلن جا سردار به ٽالپرن جي فوج ۾ شامل هئا ۽
اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. سندن بچاءُ به هن قسمن جي
انتظامي جوڙجڪ ۾ هو. سردار جاگيردار، ٽالپرن جي
حڪومت ۾ بي انتها خوش هئا. حڪمران حڪمت عملي به
اهڙي اختيار ڪندا هئا، جنهن مان سردارن ۽
جاگيردارن جي مفادن کي ڪو هاڃو نه رسي.
مختلف ذاتين جي سردارن کي جاگيرون ته ڏبيون هيون پر درٻار جي
پراڻن ملازمن، آئي ويل ڪم ايندڙ ماڻهن کي به انعام
۽ جاگيرون ملنديون هيون، جيڪي وڳوڙ وقت حڪمرانن
کي ڪم ايندا هئا يا جن حڪومت وٺي ڏيڻ ۾ سندن مدد
ڪئي هوندي. سيدن ۽ پيرن کي انعام سوکڙيون به
ملنديون هيون يا وري جاگير طور زمين جا ڪي ٽُڪرا
به ڏبا هئا، جن ماڻهن کي ميرن طرفان اهڙيون
سهولتون ڏبيون هيون، تن لاءِ رڳو اهو ضروري هوندو
هو ته ٻارهين مهيني ميرن جي درٻار ۾ اچي سلام ڀرين
۽ مليل پروانن يا سندن کي نئون ڪرائين. اهڙيءَ ريت
مير انهن ماڻهن کي مليل سندون ڏسي واپس ڪندا هئا
يا وري روڪي ڇڏيندا هئا....... پر جيڪڏهن اهڙين
سندن جو مالڪ ميرن سان سٺو نه هلندو هوندو يا اوڙي
پاڙي سان کوئنس ڪئي هوندائين ته پروانا يا سندون
ضبط به ڪبيون هيون. جيڪڏهن اصلي ماڻهو مري ويندوهو
ته مير جيستائين سندس اولاد کي اها سند بحال نه
ڪندا هئا، تيستائين مذڪوره سند رد سمجهبي هئي.
انعام ۽ جاگيرن جي حالت هن معاملي ۾ ڪجهه مختلف
هئي، ڇو ته انعام لاءِ وارث دعويٰ وغيره ڪونه ڪري
سگهندا هئا. جاگير ڏيڻ جو مدو مقرر هوندو هو ۽ اها
ڪنهن به معاوضي طور ڏبي هئي. جڏهن ته انعام معاوضي
طور ڪونه ڏنو ويندو هو.
عدالتي ۽ پئنچائتي نظام
وڏين سزائن کي ڇڏي باقي ٻيا ننڍڙا وڏا فيصلا قرآن جي روشنيءَ ۾
مفتيءَ جي ڏنل فتويٰ جي آڌار تي ڪاردار ڪندو هو.
ڪاردارن جي گهڻائي اڻ پڙهيل هوندي هئي. جيڪي ساڙ ۽
ڪيني جي ڪُن ۾ ٻُڏل ٿوريءَ پگهار وارا راشي ۽ حرام
تي هريل هئا. مير ڳري سزا ڏيڻ کان ڏاڍو ڪيٻائيندا
هئا. وڏي ۾ وڏو ڏوهاري به هوندو هو ته کٻي ٻانهن
يا نڪ ڪن وڍڻ جو حڪم ڪندا هئا ته وڏو ڇيهه ٿيندو
هو. قتل يا ٻين اهڙن سنگين ڏوهن ۾ عمر قيد جي سزا
ڏبي هئي......... ڪو واپاري، سردار يا امير به
جڏهن ڪو ڏوهه ڪندا هئا ته کين معافي ڪانه ملندي
هئي. ٻين جيان سندن عضوي وڍڻ ۾ ٻُڏتر ڪانه ڪبي
هئي........ ۽ قاتلن جي ملڪيت ضبط ڪبي
هئي.......... قانون جي نفاذ مهل نرميءَ کان ڪم
وٺبو هو. پوليس ته بلڪل ٿوري هئي.
امير راڄڌانيءَ ۾ فيصلا به ڪندا هئا، ۽ هيٺين عملدارن جا ستايل
ماڻهو وٽن دانهيندا هئا. پر ڪي ماڻهو ميرن کي رشوت
ڏيئي فيصلا ڦيرائي به سگهندا هئا. اهو به چئبو هو
ته مدعي ۽ مدعا غليه وڏي رشوت ڏئي درٻار ۾ آچار
ويچار جي تاريخ مقرر ڪرائيندا هئا ۽ پوءِ ايتري
رشوت ادا ڪري فيصلا ٻڌبا هئا. مير غلام علي انصاف
۽ ايمانداري کي گهڻو پسند ڪندو هو، ۽ سندس دور ۾
ملڪي انتظام نهايت سهڻي نموني قائم ڪيو ويو هو، پر
ٽالپر گهراڻي ۾ اهڙين سُٺين ڳالهين جو پهريون ۽
آخري مثال به اهو ماڻهو هو.
جيڪڏهن ڪنهن امير يا واپاري تي رشوت جو الزام لڳندو هو ته اها
پڪ ٿيندي هئي ته هن اها دولت رشوت يا ٺڳيءَ سان
ماڻي آهي ته کيس سوڙهو گهُٽبو هو، ۽ تيستائين کيس
نه ڇڏبو هو جيستائين اها دولت سرڪاري خزاني ۾ جمع
نه ڪرائي. سُنگي يا محصول بچائڻ لاءِ چالاڪين کان
به ڪم وٺندا هئا...... واپارين کي لاڀ جي لحاظ کان
ايڏو نقصان ڪونه هو، جيترو عام طور تي سمجهبو
هو............
حڪمران هرهڪ هاريءَ يا زميندار کان ڍل جي ڇتي اوڳڙ کان بچڻ لاءِ
ڍل جي وصولي جو سڄو مامرو هڪ ماڻهو کي ٺيڪي تي ڏئي
ڇڏيندا هئا. جنهن کي ’زردار‘ سڏبو هو. ۽ سڄيءَ ڍل
کانئن هڪ جاءِ تي يڪمشت وٺندا هئا. زردارن کي ڍل
جي اوڳاڙ واسطي گهڻا اختيار مليل هئا ۽ ٻنهي ڌرين
۾ ٿيل ٺاهه وارين ڳالهين کان تر جيترو به هيٺ لهڻ
لاءِ تيار ڪونه هوندا هئا. هن طريقي سان ڪيترائي
ڏاڍ ۽ انياءَ ٿيندا هئا. ويچارو عام ماڻهو جيڪو
واقعي بي پهچ ۽ نڌر هو ۽ ڪنهن الاهي آپدا ڪري ڍل
ڏيڻ جوڳو ڪونه هوندو هو، سو اهڙن ڏاڍن ماڻهن جي
ڪيس ۽ ڪلور جا هتي جا مقرر ٿيل قاضي به مدعا عليه
هئا ۽ رڳو ميرن کي ساليان پٽي تي زمين ڏيڻ جو
اختيار هوندو هو. زمينون، شهر ۽ آمدني جي ٻين
وسيلن تي محصول مڙهيو ۽ وصول ڪبو هو. واپاري روڪ
ڏوڪڙن جي سگهه جي آڌار تي مٿين ماڻهن سان وڃي ڏيتي
ليتي ڪندو هو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ لکيل دستاويز به
موجود هئا. ورلي غير واجبي پئسي ڏيڻ لاءِ مٿن ڏاڍ
به ڪبو هو.
ٽالپر حڪمران پنهنجي ڌار ڌار پرڳڻن جي پرگهور لاءِ ڪاردار مقرر
ڪندا هئا، انهن جي عملي ۾ سندن ماتحت عملدار ۽
منشي مڙا به هئا، جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا. سندن ڪم
اهو هوندو هو ته جن علائقن تي ڍل مڙهيل نه هوندي
هئي، تن جو پنهنجي طريقي سان لکيو چوکو ڪري حساب
سنئو سڌو ڪري رکڻ ۽ حالتن آهر ٻين سرڪاري ڪمن کي
به اُڪلائيندا رهن. هرهڪ ٽالپر وٽ هن قسم جو هڪ
خاص ماڻهو مقرر ڪيل هو، جيڪو اهڙي سڄي ڪم ڪار جي
سار سنڀال لهندو هو. حڪمرانن جو جيترو انگ هو، شهر
کي به ايترن حصن ۾ ورهايو ويو هو. جنهن ڪارڻ هاڻي
شهر جا ڇهه يا ست حصا هئا. شهرن جي حدن ۽ محصول تي
سدائين پيا ڦڏا ڦڙا ٿيندا هئا. وڏي مير جنهن کي
سڀني کان وڏو ڀاڱو ملندو هو ۽ اُپت جو به پريو مڙس
هو. اهڙي ڏڦيڙ جي ڇيڙي نبيري ڪري ڇڏيندو هو.
جيڪڏهن ڪو مونجهارو ايئن نبري نه سگهندو هو ته
درٻار ۾ نيو ويندو هو.
جڏهن ته هر ڳوٺ ۾ جهيڙي نبيرڻ لاءِ چڱا مڙس هوندا هئا، جن کي
مُکي يا وڏيرو، رئيس، سردار چيو ويندو هو، جتي
پوليس وغيره جو جوڳو انتظام ڪونه هوندو هو ته اُتي
لُنب لوفر کي اک ۾ رکندا هئا.
زراعت ۽ آبپاشي جو نظام
ٻنيون ڏاڍيون ڀليون ۽ اپائتيون هيون. جن علائقن ۾ اٿل جو پاڻي
جام هوندو هو ته کيتي جي پورهئي جي لوڙ ئي ڪانه
هوندي هئي. ٻوڏ جو پاڻي جڏهن سڪي ويندو هو ۽ ٻني
وٽ ۾ ايندي هئي ته ٻج ڇٽي ڇڏيندا هئا. ڪتيءَ جي
فصل ۾ ڪڻڪ ته بهي ئي ڪانه سگهندي هئي. وٿاڻ جي ڀاڻ
وجهڻ جو ڄڻ رواج ئي ڪونه هو. ڪن علائقن ۾ هڪ سال
ٽي فصل ڪاهيا ويندا هئا. جوئر ۽ ڪمند جي پوکي ڪئي
ويندي هئي...... ڪڻڪ ۽ ٻين قسمن جي اناجن لاءِ هتي
به هٿرادو آبپاشي نظام موجود هو.
آبپاشي جا ٻه مختلف نظام هئا. هڪ نارن وسيلي پاڻي مٿي ڇڪي ٻني
آباد ڪئي ويندي هئي. ٻيو طريقو هو سنڌوءَ مان واهه
ڪڍي پاڻي، هيٺ زمين ڏانهن نيو ويندو هو. نار ۾ اٺ
يا ڏاند جوٽيا ويندا هئا، جيڪي نار وهي پاڻي مٿي
ڇڪيندا هئا. ڪٿي ڪٿي مصر جيان پاڻي هٿن سان مٿي
ڇڪي آبادي ڪئي ويندي هئي. مصر وارا هن طريقي کي
شدوف ڪري سڏيندا هئا. هن طريقي ۾ هتي چمڙي جا ٻوڪا
ڪتب آندا ويندا هئا. جن کي ڊگهي ڪاٺي جي هڪ ڇيڙي ۾
ٻڌو ويندو هو ۽ ساڳي ڪاٺي جي ٻئي ڇيڙي ۾ مٽي جو
وزن ٻڌل هوندو هو. اهو سڄو ڪم کُتل اُڀين ٿوڻين جي
ٽيڪ سهاري ٿيندو هو. ٻوڪا جڏهن پاڻي سان ڀرجي
ويندا هئا ته ٻئي پاسي کان ٻڌل وزن ان کي مٿي کڻڻ
۾ وڏي مدد ڪندو هو ۽ پاڻي سولائي سان مٿي کڄي
ايندو هو.
سنڌوءَ جي ڪنڌي سان نار چاڙهيا هُلا چاڙهيا ويندا هئا، جيڪي
سنڌو منجهان سنڌو جو پاڻي ڇڪي وٺندا هئا، پر جيڪي
ٻنيون سنڌو کان گهڻو وٿير ڪيون هونديون هيون ته
ڊگها واهه کوٽي پاڻي ٻنين تائين پهچايو ويندو هو.
ڏک جي ڳالهه اها هئي، ته واهه جيڪي هتي جي سُڪر
سڻائي جا مکيه وسيلا هئا، تن ڏانهن ڌيان گهٽ ڏنو
ويندو هو.جيڪي لٽ ڪري پُورجي ويندا هئا ته کاٽي جي
پرگهور ڪير به ڪونه ڪندو هو. پوءِ به پاڻي جي پيچ
چڱي هوندي هئي. هتي واهن ڪڙين ۽ ڪسين جي سهولتن کي
ڏسي ڍل ۽ ان جي جمع بندي لاڳو ڪئي ويندي هئي. يعني
جتي پاڻي جي سهوليت وڌيڪ اتي ڍل جي شرح به وڌيڪ
هوندي هئي. جتي پاڻي جي ڪا بُٺ هوندي هئي، اتي
زمين تي مقرر ڍل به ٿوري هوندي هئي. ماڻهن کي ڇيڙ
بيگر وهائي ٽڪو پنجو ڪري مڙوئي ڏن لاٿو ويندو هو.
پورهيتن کي اجورو ته ٺهيو پر ماني ڳڀو ڪونه ملندو
هو.
جاگيردار طبقي جا ماڻهو ڏوڪڙ پئسو خرچ ڪري مزدوريءَ تي ماڻهو
رکندا هئا ۽ هن ڪم لاءِ مهاڻن کي رکندا هئا جنهن
ڏينهن کاٽي ٿيندي هئي، تنهن ڏينهن مڱڻهارن جي ٽولي
دُهل شرنايون کڻي اچي پهچندي هئي. دُهل ۽ شرناءِ
کان ڦُوڪ لڳي ته پوءِ سنڌي وٺ ئي ڪونه ڏيندو. هن
قسم جي وڄت تي سنڌي اهڙو ته زور سان ڪم ڪندو هو،
جو سڄي هندستان جو ماڻهو هن سان پڄي ئي ڪونه
سگهندو. ۽ ٻارهن ڪلاڪ ساندهه ڪم ڪندا هئا. پر پورا
نه پوندا هئا. کاٽي پاهوڙو يا ڪوڏر سان ڪئي ويندي
هئي. ان جو ڳُن ننڍو ٿيندو هو. درياءَ ۾ جڏهن
پاڻيءَ جو پهريون لڙهو ايندو هو، تڏهن کاٽي کڻبي
هئي ۽ اها رُت مارچ يا اپريل ۾ شروع ٿيندي هئي.
پوک جو طريقو جهڙو تهڙو نهايت پراڻو هو ۽ پوک سان لاڳاپيل اوزار
به تمام ٿورا ۽ بناوت ۾ به سادا ۽ سولا هئا. هر به
ڪهاڙي سان گهڙيل ڪاٺ جو ٺهيل هوندو هو. جنهن ۾
هيٺئين پاسي لوهه جي چوني گهوٻو لڳل ڏسبو هو، ڇڪڻ
لاءِ ڏاندن جي جوڳ يا هڪ اُٺ ڪتب ايندو هو. هر جو
ڪڙهه هاريءَ جي هڪ هٿ ۾ جهليل هوندو هو. جيڪو ڏاڍو
هلڪو هوندو هو. هر جي اوڙ تمام سوڙهي نظر ايندي
هئي، جيڪا هڪ ڀيري سان وٽ آيل زمين جي اوڙ جي ليڪ
جيترو مس کيڙي سگهندي هئي، کيڙ کان ٻج ڇٽي مٿان
سانهور تر ڦيري ڇڏيندا هئا، جيڪو ڪاٺ جو هڪ گول
ٽڪرو هوندو هو ۽ سندس ٻني ٻاري واري ڌنڌي سان
لاڳاپيل زمين نالي هڪ اوزار هو. شڪل صورت ڇيڻيءَ
جهڙي اٿس، جنهن وسيلي پوک مان هڪ يا ٻه ڀيرا مس
گندگاهه صاف ڪندا هئا.
کيتيءَ جي ڪم ۾ گاڏيءَ جو اهم ڪردار هوندو هو. ان جو منجو ننڍو
ٿيندو هو. ٻه ڦيٿا هوندا هئا، جيڪي ڪاٺ گهڙي جوڙيا
ويندا هئا ۽ سرائي وسيلي ڦرندا هئا. گاڏي جي جوڙُ
چم جي تندن يا مُڃ جي نوڙين سان ٻڌا ويندا هئا
جيڪا درياهه جي وٽ پاسي سان ڦٽل ٻوڙن مان هٿ ايندي
هئي. کيتي ۾ هن مُڃ جو استعمال گهڻو ٿيندو هو. نار
جي ڍينگي سان گڏ ڦرندڙ لوٽيون ۽ ڪينگر به مُڃ جي
نوڙين وسيلي مالهه سان سوگها ڪيا ويندا هئا. ڪاٺ
جو ٻيانو ۽ ٻه ٽي کاريون به مٿي بيان ڪيل سامان
سان گڏبيون هيون ته ٻني سان لاڳاپيل هاري جو سڄو
سامان اچي ويندو هو. نار ۾ جڏهن ڏاندن جي جوڳ يا
اُٺ ٻڌي ٻنيءَ کي پاڻي ڏبو هو، ته ساڙيندڙ سج کان
بچاءَ لاءِ لئي جون ٻه چار ٿوڻيون پنج اٺ پڃر ۽ ٻه
ٽي ڀريون ڪڙٻ جون ڪافي سمجهيون وينديون هيون. اهڙي
قسم جي نارن جا ڪچا مَنهه به سنڌين لاءِ وڏي وٿ
هوندا هئا ۽ ڪچهرين لاءِ ماڻهن جا ميڙاڪا گڏ ٿي
ويندا هئا.
ٻنيءَ سان لاڳاپيل ڪمي ڪاسبيءَ جي سنڀال بٽئي مهل لڌي ويندي هئي
۽ آهت جي ٻڌاڻ موجب کين ڏئي وٺي سَنمُک ٿبو هو.
ٻنيءَ جي پورهئي ۾ مرد سان عورت به هوندي هئي پر
کيس اجورو مرد کان گهٽ ملندو هو. ان کي ڳاهي صاف
ڪرڻ لاءِ ڏاند ڪم ايندا هئا ۽ انهن کي آڻي ڳاهه
واري جاءِ تي ڳاهه ۾ ٻڌبو هو. ڳاهه جو پڙ بنائڻ
لاءِ زمين کي سٽي ڪُٽي گارو گپ ڦيري ڏاڍي ڪئي
ويندي هئي. جڏهن ان ڳاهي صاف ڪبو هو ته سرڪاري
عملدار سو کڻي ان جي ماپ ڪندو ۽ راهه جي مٿان مٽي
رکي پنهنجو ٺپو هڻندو هو. پوءِ هاريءَ کي تيستائين
ترسڻو پوندو هو جيستائين سرڪار پنهنجو حصو کڻي نه
وڃي. گڏوگڏ حڪمرانن جا ڪيترا ڏنڊ ڏوهه به کيس ان
جي بَٽئي مهل ڏيڻا پوندا هئا.
خشڪ ملڪ هئڻ ڪري برسات گهٽ پوندي هئي، تنهنڪري ٽُوئن جون پليون
ٺاهي منجهن اَن سانڍيو ويندو هو. پر ڊپ ڊاءُ کان
ٽوئن مٿان گاري جو هٿ به ڦيريو ويندو هو. ان جون
اهڙيون پليون گهڻو ڪري کليل هوا ۾ هونديون هيون.
ڪچن گهرن اندر گُندين ۾ به ان سانڍي رکيو ويندو
هو. پوکيءَ جون ٻه رُتون هونديون هيون، جن مان هڪ
ربيع ۽ ٻي خريف هئي. ڪتيءَ جو فصل درياهه جي اُٿل
واري پاڻيءَ جي سُڪي وڃڻ ۽ زمين وَٽ اچڻ کان پوءِ
ڪاهيو ويندو هو. خريف وارو فصل درياهه جي چاڙهه تي
ٿيندو هو، جيڪو ربيع يا ڪَتيءَ جي فصل کان ٻيڻو
ٿيندو هو ۽ گهڻي اپت ڏيندو هو.
عام پيداوار اناج ۽ داليون هيون، ماڻهن جي خاص خوراڪ چانور هئي.
جڏهن ته اُتر جا ماڻهو ڪڻڪ ۽ جوئر کائيندا هئا.
لاڙ ۽ ڇوڙ واري علائقي ۾ ساريون گهڻيون ٿينديون
هيون. پر ڏيهه ويندڙ کاڄرو جنس ۾ چانور ئي هئا.
چانور برآمد ڪيا ويندا هئا. ماڻهو چانور شوق سان
کائيندا هئا. جڏهن ته ڀلي جنس جا چانور بمبئي مان
گهرايا ويندا هئا.......... ڪڻڪ نومبر يا ڊسمبر ۾
پوکبي هئي ۽ لابارا اپريل ۾ پوندا هئا. جوئر اپريل
۾ پوکي ويندي هئي ۽ ان جو لابارو نومبر ڊسمبر ۾
ٿيندو هو. فصل جو ڪانو ڊگهو ٿيندو هو پر اٽو سُٺو
ڪونه لڳندو هو. پر ماني ڪجهه ساءَ سواد واري ٿيندي
هئي، پر ڪجهه ٿيندي ٿلهي هئي. ڪانن کي ڪڙٻ چئبو
هو، جيڪا سياري ۽ اونهاري ۾ مال جي چاري طور ڪتب
آندي ويندي هئي. سرن مان ٺهيل ٽوئن ۽ کجيءَ جي
ڦرهن مان جُڙيل تڏن مٿان رکي ماڻهو پنهنجا جهڳا ۽
مال جا مَنهه ٺاهيندا هئا.
ڪڻڪ ٿڌي ۽ خشڪ رُت ۾ کوهن تي يا ان ٻني ۾ ڪاهي ويندي هئي، جتي
درياهه جي اُٿڻ جو پاڻي پهچي سگهندو هو. پاڻي لهي
وڃڻ کان پوءِ جڏهن زمين ۾ وٽ ايندي هئي ته ٻج ڇٽي
هَر ڏنو ويندو هو. ڪي ماڻهو ناڙي به ڪندا هئا. ڪي
بُگو به پوکيندا هئا......... ٻاجهري ۽ جَوَ به
پوکيندا هئا، تر، هيرڻ، سرنهن، رائي ۽ ڄانڀو تيلي
ٻجن ۾ شمار ٿيندا هئا. پڇاڙي ۾ بيان ڪيل تيلي ٻجن
واريون جنسون آهن. جيڪي گهرو استعمال لاءِ هيون.
کوپرو تيل به هوندو هو. تيل ڪڍڻ جو طريقو پراڻو ۽
تيل ڪَڙو به ڏاڍو ٿيندو...... هتان کان ٻاهر ويندڙ
تجارتي مال ۾ هي شيون جهڙوڪ: ڪپهه، نير، شورو،
آفيم، ڀنگ، تماڪ، گندرف ۽ ڦِٽڪي، رنگ ۽ دوائون به
شامل هيون.
وونئڻ به ٿيندا هئا. وونئڻ ٻن قسمن- نيري ۽ مُنڍي- جو ٻوٽو
هوندو هو. هڪڙي جنس جيڪا ورهيارو پوکي ويندي هئي.
ٻي جنس وڻ جيان هوندي هئي، جيڪا هڪ ڀيرو پوکبي هئي
ته سدائين پئي ڦُٽيون جهليندي هئي. وونئڻ جي
پوکيءَ جي رُت اپريل ۾ شروع ٿيندي هئي. آگسٽ ۾
ڦُٽين جو چونڊو ٿيندو هو. ڪپهه مان جوڙي اُڄندي
هئي، جيڪا گهرو استعمال طور ڪتب ايندي هئي ۽ مقامي
غريب طبقو اوڍيندو هو. ڦُٽين چونڊڻ ۽ ٽاڻن ۾ صفائي
نه رکي ويندي هئي. ڦُٽين مان ڪڪڙا ڪم وارن ڍورن
لاءِ قوت وارو چارو هوندا هئا. ڪپهه جو ڪجهه حصو
اترين علائقن افغانستان يا ٻين ملڪن ۽ ڪجهه حصو
مسقط ڏانهن موڪليو ويندو هو....... مسلمان نير مان
ٻُڏل ڪپڙا پائيندا هئا. تنهن ڪري نير جو وڏو حصو
گهرو استعمال ۾ اچي ويندو هو.
گيهه گهڻو ٺاهيو ويندو هو. گيهه ڄاول مکڻ کي رجائي
تيار ڪيو ويندو هو. پوءِ وڏين گلين ۾ بند ڪري
ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو. ايئن هتي جو گيهه
ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن ويندو هو. ماڻهن جي عام
خوراڪ هوندي هئي........ ٽُوهه کي بيمارين ۾ ڪَتب
آڻيندا هئا. سرمون پائيندا هئا. ڳاڙهو رنگ لئي وڻ
جي ساڪڙ مان جوڙيو ويندو هو. هيڊ ۽ ڪيسوڦل به گهڻا
ٿيندا هئا. جهنگ ۾ ڪو ٻوٽو ساڙي کار ٺاهيندا هئا.
سئنچر يا سيڌو لوڻ سمنڊ جي پاڻي مان تيار ڪيو
ويندو هو. ڪٿي وري ڪلراٺي زمين مان به تيار ڪيو
ويندو هو. اُن جو مڪمل ڪاروبار هندن جي مٿ وس
هوندو هو. اُن قلات مان ايندي هئي. |