سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :91

 1768ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مرضي ٿي ته نيرن ڪوٽ ۾ نئون قلعو ۽ ٻيون عمارتون جوڙائي، خداآباد جي بدران اهو گاديءَ جو هنڌ ڪجي. هن پوءِ ٻه ٻيڙيون ناڻي جون ڀرائي ديوان گدومل کي ڏنيون، جنهن پهريائين سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪ ٽنڊو ٻڌايو، جيڪي اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گدو بندر“ سڏجي ٿو. ديوان گدومل پوءِ نيرن وارو ڪوٽ ڊهرائي اُنهي ساڳي هنڌ هاڻوڪو عاليشان قلعو جوڙايو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو وقت بوقت ڪم جي نگاهه ڪرڻ لاءِ ايندو هو ۽ پنهنجي رهڻ لاءِ حال هڪ ڪچو قلعو جوڙايائين. جڏهن پڪو قلعو جُڙي راس ٿيو، تڏهن ميان غلام شاهه اهو ڪچو قلعو شاهه مڪئيءَ جي درگاهه لاءِ ڏنو ۽ حضرت عليءَ ننڍي هوندي هڪ نانگ ماريو هو ۽ سندس انهي بهادري ڪري کيس ”حيدر“ جو لقب مليو هو. ”حيدر“ لفظ جي معنيٰ آهي نانگ ماريندڙ؛ ”حي“ معنيٰ نانگ ۽ ”در“ لفظ جو ڌاتو آهي ”دريدن“ معنيٰ ڏارڻ ڦاڙڻ، سنسڪرت ۾ ”ڍر“ معنيٰ ڏارڻ. مٿين ڏند ڪٿا مون کي شاهه مڪئيءَ ۽ قدم شاهه جي مجاورن ۽ ڪن مسلمان پير مرد ٻڌائي. سڀني ٿوري ٿوري ڦريل ڳالهه ڪئي، پر سڀني جو چوڻ جو مول مطلب جيڪو هو، سو مٿي ڏنو ويو آهي.

نيرن جي ڏينهن ۾ هي شهر ڪهڙي هنڌ ٻڌل هو ۽ شهر جي اڳوڻي حالت ڪهڙي هئي، تن ڳالهين بابت پڇا ڪندي نهايت مزيدار حقيقتون مليم، جيڪي مختصر طرح هتي ڏجن ٿيون:

قلعي جي پٺيان اسٽيشن کان وٺي شاهه مڪئي جي درگاهه تائين جيڪا زمين آهي، تنهن کي اڄ تائين ڪيترا مسلمان ”نيرن جا پٽ“ ڪري سڏين ٿا. قلعي واري چاڙهيءَ جي هيٺيان جتي قدم شاهه ۽ ميونسپل ناڪو آهن، اتان وٺي ويندي ٽريننگ ڪاليج ۽ ميان سرفراز ان جي قُبي کان به ٿورو اڳڀرو جيڪا زمين آهي، تنهن کي ”شهيدن جا پٽ“ ڪري ٿا سڏين. چون ٿا ته آڳاٽن وقتن ۾ جيڪي سيد وصال ڪندا هئا، ۽ جيڪي جهونجهار لڙائين ۾ جهرندا هئا، سي اصل وصيت ڪندا هئا ته اسان کي انهن پٽن ۾ دفن ڪجو، ڇاڪاڻ ته اُهي پٽ سڀاڳا آهن، اهوئي سبب آهي جو ٽڪريءَ جو اهو هيٺيون پاسو مقام ڪري ڪتب آڻيندا هئا. چنديراماڻي کٽيءَ جي چاڙهيءَ هيٺيان هينئر پڪيون جايون جُڙي ويون آهن، پر اُتي اصل قبرون هيون جن جي مون کي پاڻ کي سانڀر آهي.

قلعي جو پٺيون پاسو جنهن کي ”نيرن جا پٽ“ ڪري سڏين ٿا، سو اڄ تائين نڀاڳو ليکجي ٿو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ لڱا ڪو شخص ماءُ کي پٺي تي کڻي حج ڪرائي جڏهن نيرن جي پٽن تي اچي لنگهيو، تڏهن پنهنجي ماءُ کي هڪدم پٺي تان لاهي ڇڏيائين ۽ چيائينس ته ”توکي پُٺي تي هيترا ڏينهن کنيو اٿم، تنهن جي مزوري مون کي ڏي.“ ويچاريءَ مائي وٽ پئسو ڪونه هو، جو پٽ کي مزوري ڏئي، تنهنڪري جيئن تيئن ڪري پنڌ ڪرڻ لڳي. جڏهن ٻئي ڄڻا (ماءُ ۽ پٽ) نيرن جي پٽن کان لنگهي ٻاهر ٿيا، تڏهن پُٽ امالڪ وڃي ماءُ جي پيرن تي ڪريو ۽ هٿ ٻڌي چيائينس ته، ”امان منهنجو گناهه بخش ڪج، جو توکي پنڌ ڪرڻ جي تڪليف ڏني اٿم. اهي نڀاڳا نيرن جا پٽ آهن، جن مان رڳو لنگهڻ ڪري منهنجي ايتري قدر مت مارجي ويئي، جو توکان مزوري گهريم. هاڻ تون بلاشڪ منهنجي پُٺيءَ تي چڙهي هل.“ هو پوءِ ماءُ کي پُٺيءَ تي چاڙهي هليو ويو. اجهو اهڙا آهن نڀاڳا نيرن جا پٽ!جنهن صورت ۾ قلعي جي پٺيان نڀاڳا پٽ هئا، تنهن صورت ۾ ايئن سمجهبو ته نيرن جي ڏينهن ۾ به ٽڪريءَ تي اهو شهر ٻڌل هو ۽ ڦليليءَ وارو پاسو به وسيل هوندو.

حيدرآباد جو هاڻوڪو شهر ٽڪريءَ تي ٻڌل آهي ۽ اها ٽڪري گنجي ٽڪر جي شاخ آهي. هاڻوڪو شهر ڪيئن وسيو، تنهن بابت ڪيترا پير مرد ڳالهيون ڪندا آهن. چون ٿا ته نيئن خدا آباد جيئن ويئي ڌڪاڻبي ۽ حيدرآباد جي شهر ۾ جيئن جايون ويون جُڙنديون، تيئن خداآباد ۽ ٻين پاسن کان ماڻهو حيدرآباد ڏي لڏيندا آيا. خدا آبادي عامل ۽ ڀائيبند پهريائين ڪوٽڙيءَ، پوءِ گدوبندر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ آيا. تن ڏينهن ۾ عامل ۽ ڀائيبند پنئچائتن جو مُکي هڪڙو هو. ڊاڪٽر هيڊل لکي ٿو ته اوائل ۾ ڪوبه خانداني گهراڻي جو ماڻهو شهر ۾ اندر ڪونه رهندو هو. شهر ۾ رڳو دڪاندار ۽ ميرن جا نوڪر چاڪر رهندا هئا، باقي معزز ماڻهو قلعي ۾ اندر رهندا هئا. مرزا قليچ بيگ جا مائٽ به ڪجهه وقت قلعي ۾ رهندا هئا. جن ماڻهن لاءِ قلعي ۾ رهڻ جو بندوبست نه هو، سي پهريائين ڦليليءَ جي ڪپ تي ڪچين لانڍين ۾ رهندا هئا. شايد شهر ۾ پاڻيءَ جي اُڻاٺ ڪري ڦليليءَ وارو پاسو وسايو هئائون.

ڪي پير مرد پنهنجن وڏن کان ٻڌل ڳالهه ٿا ڪن ته شهر وسائڻ لاءِ ميرن کي بنا مالڪاڻي پٽ ڏنا، تنهن تي عامل هرکجي شهر ڏي آيا. عاملن شهر ۾ اچڻ سان ڇوڏڪي بازار کان وٺي ويندي سري گهاٽ تائين پٽ والاريو. خداآباد ڀائيبندن ۽ ڪن ٻين ڇوڏڪي بازار کان وٺي ويندي جمن شاهه جي پڙ تائين پٽ والاريو. ديوان گدو مل سڀني کان پوءِ مير فتح علي خان سان گڏجي حيدرآباد ۾ آيو. هن کي هر گهڙي ميرن وٽ قلعي ۾ اچڻو وڃڻو ٿي پيو، تنهنڪري پنهنجي سهوليت لاءِ هن قلعي جي ويجهو پٽ والاريو، جنهن کي هاڻي سندس نالي پٺيان ”گدواڻي گهٽي“ سڏين ٿا. ديوان گدومل کي پُٽ ڪونه هو، تنهنڪري گدواڻي سندس اولاد نه آهن، پر گهٽيءَ ۾ مکيه مُڙس اهو هو، تنهنڪري سندس نالو گهٽيءَ تي پيو.

ميان فقير جي پڙ وٽ اصل جايون جڙيل ڪونه هيون؛ تنهنڪري ميان فقير محمد جيڪو ميرن جو وزير هو، تنهن اتي پڙ ٻڌايو ۽ انهي ڪري سندس نالو اڄ تائين هليو اچي. ميان فقير محمد جو اولاد اڄ تائين آهي، پر سقيم حال ۾ آهي. هو ڦليليءَ جي ويجهو يوسف جي ٽنڊي ۾ رهن ٿا. يوسف به مير وٽ نوڪر هو. ميان فقير جي پڙ جي پريان مائي خيريءَ جي مسجد آهي. اها مائي مير فتح علي خان جي ماءُ هئي ۽ پنهنجي جيئري اها مسجد جوڙائي هئائين. مائي خيريءَ جي مسجد وٽان جيڪا چاڙهي هيٺ لهجي ٿي، تنهن کي ٺوڙي جي چاڙهي سڏين ٿا. اها چاڙهي نواب محمد خان ٺوڙهي جي نالي پُٺيان سڏجي ٿي. ٺوڙا ٽالپر هئا ۽ نواب محمد خان نام ڪٺيو مڙس هو، تنهنڪري سندس نالي پٺيان ”ٺوڙي جو ٽنڊو“ به سڏجي ٿو، جتي هاڻ مرزا گهراڻو رهي ٿو.

ٺوڙهي جي چاڙهي هيٺان قلعي جي ويجهو ڪانگن کاڌي ڍنڍ آهي. چون ٿا ته انهيءَ ڍنڍ جي پاڻيءَ تي ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪنهن پوک ڪئي ته ڪانگ اها پوک پاڙون پٽي کائي ويا. تنهنڪري اهو نالو پيس. اها ڍنڍ هاڻي ميونسپالٽي ڀرائي ڇڏي آهي. ڍنڍ جي پريان سنگت واهه آهي. سنگت راءِ ۽ کيانتو مل ٻئي ڀائر هئا ۽ شهدادپور طرفان حيدرآباد ۾ آيا هئا. ٻنهي کي اولاد ڪونه هو، تنهنڪري پنهنجن نالن قائم ڪرڻ لاءِ سنگتراءِ اهو واهه کوٽايو ۽ کيانتي مل ٽنڊو ٻڌايو، جيڪو اڄ تائين ”کيانتو ٽنڊو“ سڏجي ٿو. سنگت واهه جي پريان ڊومڻ واهه آهي. ڊومڻ صاحب نالي هڪ انجنيئر کاتي جو عملدار هو، تنهن جي نالي پٺيان اهو واهه سڏجي ٿو. ڊومڻ واهه کان نيئن آبادي ڏي وڃڻ لاءِ واٽ آهي ۽ سري گهاٽ کان به اوڏاهين وڃي سگهجي ٿو. نيئن آباد نالي مان ظاهر آهي ته اهو پاسو پوءِ وسيو. منهنجي سانڀر ۾ ڪيترا گهر شهر مان لڏي انهي پاسي وڃي ويٺا. سري گهاٽ ۽ نيئن آباد جي پريان مارڪيٽ آهي، جيڪا اسان جي پرم متر ديوان نولراءِ جي نالي پُٺيان سڏجي ٿي. انهيءِ عاليشان مارڪيٽ ۾ وڏن منهن  سان گهڙيال آهن، مارڪيٽ کان پوءِ هيرآباد شروع ٿئي ٿي، جيڪا راءِ بهادر ديوان هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي جي نالي پٺيان سڏجي ٿي. اٽڪل پنجاهه سال ٿيا ته حيدرآباد جي شهر ۾ ڪنهن به حيدرآبادي کي  پڪسري جاءِ ڪانه هئي ۽ اڄ حيدرآباد ۾ ڏسو ته جيڏانهن تيڏانهن چڱيون ڏيکدار پڪ سريون جايون جڙيون ويون آهن. هيراآباد ۾ گر سنگت جي جاءِ نيئن ٺهي آهي ۽ اها هيراآباد جو سچو پچو سينگار آهي. هيرآباد جي پريان جيڪب صاحب جو بنگلو قلعي جي نموني  ٺهيل آهي. بنگلي جي پريان ٽڪري جي هيٺيان تلاءَ آهي، جيڪو پڻ ”جيڪب تلاءَ“ سڏجي ٿو. هي جيڪب صاحب اهو آهي، جنهن جي نالي پٺيان جيڪب آباد جو شهر سڏجي ٿو. هو مليٽري کاتي جو عملدار هو ۽ اهو بنگلو ۽ تلاءُ وارو پاسو اڄ تائين ملٽري کاتي جي هٿ ۾ آهن. حيدرآباد جي سول اسپتال جتي هاڻ آهي، اُتي 77- 1875ع ڌاري انگريزي سنڌي اسڪول هو. هاڻوڪو هاءِ اسڪول تن ڏينهن ۾ هو؛ پر سول اسپتال سيوهاڻي پاڙي ڏي هئي.

برهمو مندر ديوان نولراءِ جي ڪوشش سان ٺهيو، حيدرآباد جو مشن اسڪول پادري شرٽ صاحب جي ڪوشش سان کليو. شرٽ صاحب واري سنڌي – ڊڪشنري مشهور آهي. هينئر اهو مشن اسڪول وارو پٽ وڪڻي ڇڏيو اٿن.

حيدرآباد وارو ٽريننگ ڪاليج اصل ڪراچيءَ ۾ آڪٽوبر 1854ع ۾ کليو هو ۽ پوءِ ڦيرائي حيدرآباد ۾ ڪيائون. ڪاليج کان اڳڀرو جيڪو رستو آهي، سو پراڻي ٽپال وارو رستو سڏجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته اڳي ٽپال آفيس انهيءَ رستي جي مُنهن تي هئي. رستي کان هيٺ هاڻ پانڌيئڙن جي سلامتي لاءِ پڪ پيڃرو ميونسپالٽيءَ جوڙايو آهي ۽ رستو به ڪشادو ڪرايو اٿس. لئبريري ۽ ڪُندن مل جو ڇوڪرين جو اسڪول هن رستي جو سينگار آهي، اهو رستو توڙي رسالي وارو رستو اسان جي ڏسندي گهڻي قدر سُڃا پيا هئا، پر هاڻ اُتي چڱيون جايون جُڙي ويون آهن. اُلهندي ڪچي ۾ ڀائي پوهومل جي جاين ۾ هينئر جايون آهن، نه ته اڳي اتي ڪاساين جو ناٽڪ هو. انهي رستي ڏي نولراءِ هيرانند اڪئڊمي، بسنت هال، ڪليڪٽري ۽ نو ودياليه جون جايون هينئر اهڙيون ڏيکدار ٺهيون آهن، جو حيدرآباد جي سونهن آهن. چوندا آهن ته ”سڙيا سگهو ساوا ٿين.“ حيدرآباد جي ڪچهري سڙي هئي ته هينئر چکي سائي ٿي آهي ۽ ڪاريگرن مٿس واهه جو پورهيو ڪيو آهي. پريان ٽڪري تي ديول چڱو نماءُ ڪيو بيٺي آهي. 1892ع ۾ درياهه اُٿل کاڌي هئي ته پاڻي انهي ديول جي هيٺيان اچي بيٺو هو ۽ ٿورا ڏينهن اتي ٻيڙيون پئي هليون. انهي سال حيدرآباد گدو بندر واري رستي تي سالارو باغ، تپيدارن جو اسڪول ۽ سرڪاري گشتي بنگلو سڄي رستي کي کڻي بيٺا آهن. گدوبندر واري رستي تي مانا ڍوري آهي ۽ اتي پوليس جو ٿاڻو آهي. چون ٿا ته انهي ڍوري ۾ اڳي گهڻو پاڻي رهندو هو، تنهنڪري ڪيتريون زالون اُتي اکو پائڻ وينديون هيون. ”مانا“ نالي هڪ هندواڻي اُتي اکو پائيندي ٻڌبي هئي، تنهنڪري سندس نالو انهي ڍوريءَ تي پئجي ويو. مانا ڍوريءَ جي پريان گدوبندر وٽ چرين جي اسپتال آهي، جيڪا اصل لاڙڪاڻي ۾ هئي. گدوبندر تي چيٽي چنڊ، ناهري چنڊ ۽ شو جو ميلو چڱي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. پريان ميرن جو ٽنڊو آهي، جنهن ڏي وڃڻ لاءِ شاهه مڪئي جي درگاهه وٽان پڪو رستو ٺهيل آهي. مير جي ٽنڊي ڏي درياهه جي ڀر تي ”ايڪ جهاڙ بندر“ چڱي ايڪانت جي جاءِ آهي. انهيءَ پاسي انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جو يادگار به ٺهيل آهي.

حيدرآباد جو شهر هوڏانهن جيل سان، ته هوڏانهن ڦليليءَ سان وڃي ڳنڍيو آهي، ته به شهر ۾ سوڙهه جي دانهن گهڻي آهي ۽ سلهه وگهي ڪيترا ماڻهو خاص ڪري ڀائيبند آڪهه مان بک ٿين ٿا. ڪاري ڦڙدي طرف  پريٽ آباد وسائڻ لاءِ ڪوشش ڪيائون، پر ساب نه پيئي. حيدرآباد اسٽيشن ڏانهن کيئا آباد ۾ ٿوريون جايون جُڙيون آهن ۽ ڪاليءَ واري طرف به ڪي جايون ٺهيون آهن؛ پر سوڙهه جي دانهن اها ئي هلي اچي. سوڙهه نورت ڪرڻ لاءِ عاملن ۽ ڀائيبندن هائوسنگ ايسوسيئيشنون ٺاهيون آهن. حيدرآباد ۾ ٽيهه هزار کن عامل ۽ اوترا ڀائيبند آهن. اخبار نويسيءَ ۾ پهريائين عاملن بهرو ورتو. ”پرڀات“ اخبار جو مهتمم اسان جو پريتم سرڳواسي مسٽر ليکراج هو ۽ ”سنڌ جرنل“ جو مهتمم اسان جو سرڳواسي مسٽر ڪندن مل منگهر سنگهه هو. اهي ٻئي اخبارو توڙي ”جوت“ اخبار مسٽر ڀواني چرن بئنرجيءَ جي صلاح سان جاري ٿيون هيون. ڀوانيءَ کي ساڌو هيرانند پنهنجي اڪئڊمي لاءِ سنسڪرت سيکارڻ واسطي آندو هو. هو نهايت ٻُڌوان هو ۽ حيدرآباد جا برهمڻ کيس پنڊت ڪري ڪوٺيندا هئا، پر پوءِ وڃي ڪرستان ٿيو، جنهنڪري ساڌو هيرانند کي ڏاڍو ڏک ٿيو، هيرانند اڪئڊمي کان اڳ مسٽر کيمچند امبرتراءِ اسڪول کوليو هو ۽ ايئن سمجهڻ گهرجي ته اهو ساڳيو اسڪول ڦري يونين اڪيڊمي ٿيو، جيڪو هاڻ نولراءِ هيرانند اڪئڊميءَ جي نالي سان مشهور آهي.

حيدرآبادي عاملن ۾ پهرين ديوان گوپالداس ڦوٽو گرافر هو، جنهن دڪان ڪڍايو ۽ هن کان پوءِ مسٽر ڪندن مل منگهر سنگهه ڇاپ (ميڊيڪل اسٽور) کولي. تنهن کان پوءِ ٻين عاملن جايون ڪڍيون نه ته عاملن جو اڳي رڳو نوڪرين تي زور هو ۽ ڌنڌي ڌاڙي ڏي مُهڙ ڪانه هُين. حيدرآباد ۾ تازو ڪاليج کُليو آهي، جنهن کي ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ مان پئيس جي چڱي مدد ملي آهي. ديوان ميٺارام ۽ ڀائي گنگارام تلوڪچند جي نالن پٺيان حيدرآباد ۾ ڪي جايون ٺهيل آهن.

حيدرآباد ۾ جيڪي ڊاڪٽر ٿي گذريا آهن، تن مان ڊاڪٽر هومسٽيڊ جو نالو مشهور آهي ۽ هن جي نالي پٺيان هومسٽيڊ هال ٺهيل آهي. ڊاڪٽر  ميٿيو جو نالو به ماڻهن کي وسرڻ جو نه آهي. هن کي هڪ ڀيرو گهر ۾ گهرائي هڪ رپيو ڏئي پوءِ ڪو سڄو مهينو کانئس دوا  گهرائيندو هو ته هو دوا جو ناڻو نه وٺندو هو. هن جو اهو وڌل رواج اڄ تائين هليو اچي.

هومسٽيڊ هال واري رستي تي قلعي جي ويجهو هڪ جاءِ اندر هڪ قبر آهي، جيڪا ڊيگهه ۾ چاليهه فوٽ کن ٿيندي. ڪي چوندا آهن ته اها مُلي لٽر جي قبر آهي، پر ائين نه آهي اهو نو گزو پير آهي. چون ٿا ته عربستان کان ست قداور مڙس سنڌ ۾ آيا هئا ۽ هر ڪنهن جي ڊيگهه نو گز هئي! هڪڙي نو گزو پير سکر ۾ رهيو ۽ اُن جي تربت سکر جي پاڻي واري تلاءُ جي ويجهو آهي.

حيدرآباد جو شهر سنئين بازار ۽ منگهن جي ڪري مشهور آهي. اصل خدا آباد ۾ اهڙي طرح سڌي بازار هئي، تنهنڪري هتي به اهو نمونو رکيائون. حيدرآباد جا منگهه اهڙا آهن جو ڪو نئون ماڻهو پريان ريل گاڏيءَ مان اُنهن ڏي نهاريندو ته ايئن ڀائيندو ته ڪا پلٽڻ بيٺي آهي. انهن منگهن جي جهرمر ڪيترن هنڌان نهايت سهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

حيدرآباد جو قلعو

حيدرآباد جي قلعي جي اڏاوت نهايت شاندار آهي ۽ آڳاٽي زماني جي ڪاريگريءَ جو هڪ عمدو يادگار آهي. ميان شفيع محمد ملتان واري هاڪاري ڪاريگر به ٻين ڪاريگرن سان گڏ هن قلعي تي ڪم ڪيو هو. قلعي جو هاڻ جيڪو به ٽُڪر مرمت ٿئي ٿو، سو ڏنڀ پيو ڀانئجي ۽ اُهو مرمت ٿيل ٽڪر وري وري ڊهيو پوي؛ پر قلعو ڪيترن هنڌان اڃا اهڙي جو اهڙو بيٺو آهي. اڳي مٽي به سچي هئي ۽ ماڻهو به سچا هئا ۽ هنر به حد هون. آفرين آهي آڳاٽن ڪاريگرن کي.

قلعي جي چوڌاري کاهي آهي، پر اندر وڃڻ لاءِ پُل ٺهيل آهي. ٻاهرين دروازي وٽ زمين ٽُڪر اهڙي طرح آهي، ڄڻ ڏيڍي آهي ۽ اُتي هڪ وڏو نم جو وڻ بيٺل آهي. قلعي جو دروازو بلڪل شاهي ۽ دڙو دنگ آهي ۽ منجهس وڏا ڪپر کُتل آهن. دروازي مان لنگهي اندر ٿيس ته سامهون شاهي نل ۽ ان جي ڀر ۾ پاڻي جو تلاءَ ڏسڻ ۾ آيم. قلعي جي ٻاهران قدم شاهه ناڪي وٽ اِنجڻ بيٺل آهي، جيڪا پاڻي ڇڪي مٿي پُڄائي ٿي. سڄي شهر ۽ ڪئنٽونمينٽ کي پيئڻ جو پاڻي هتان نلن جي وسيلي پهچي ٿو. ڪئنٽونمينٽ ۾ نل 1878ع ۾ پيا ۽ شهر ۾ ٻه سال کن پوءِ پيا؛ پر مون کي سانڀر آهي ته 84-1883ع ڌاري به اسين پخالي کان پاڻي ڀرائيندا هئاسين، جو هاڻوڪي وقت جيان نل عام جام نه هئا ۽ پاڻي پورو نٿي مليو، تنهنڪري ڦليليءَ تان گهرائڻو پوندو هو.

قلعي ۾ جيڪي اڳي جايون هيون، سي هينئر آهن ئي ڪونه. ڪن جاين ۾ ايتري قدر ڦيرڦار ڪئي اٿن، جو سڃاڻڻ ۾ نه پيون اچن. ميرن جي صاحبيءَ جي رڳي هڪ جاءِ مٿي ماڙي تي آهي، جنهن ۾ مير اڳي ڪچهري ڪندا هئا. اها ماڙي هاڻ ضعيف حالت ۾ آهي ۽ هڪ هنڌان تيڪو اُٺڙيو بيٺو اٿس. پر تڏهن به اڳين ڪاريگرن جو ڪم اڃا صفا ظاهر بيٺو آهي. ماڙي جي آڳنڌ جا ٿنڀا چٽساليءَ سان آهن ۽ اندر ماڙي ۾ ڇت توڙي ڀتين تي ڪمانگريءَ ۽ نقش ٿيل آهي. اڳي ڀتين ۾ آرسيون کُتل هيون، سي ڪڍي ويا آهن، پر انهن جا چونڪ اڃا ڀتين ۾ لڳل آهن. ڀتين تي جيڪي تصويرون چٽيل آهن، تن مان ڏس ته ڪنهن ۾ رستم ۽ سهراب ويٺا آهن، ته ڪنهن ۾ ميرن جي  محفل لڳي پئي آهي ۽ ڪنهن ۾ حضرت سليمان جي حضوريءَ ۾ ديوَ ۽ پريون  اچي حاضر ٿيون آهن. مهاراجا رنجيت سنگهه سان لارڊ ليڪ جي ملاقات 1803ع ۾ ٿي هئي، تنهن جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ اُنهن ٻنهي جون شڪليون ڀت تي ڪڍيون اٿن. انهي تصوير جي مٿان ڀت تي نقش نئون نڪور پيو لڳي، ڀانءِ ته ڪو ٻن چئن سالن جا چٽ نڪتل آهن. ماڙيءَ جون ڀتيون بلڪل مائيدار آهن ۽ اها پروڙ تڏهن ٿي پوي، جڏهن ڏسجي ٿو ته ماڙيءَ جون دريون گهڻو اندر ڀُريون آهن.

قلعي ۾ هيٺ هڪ ڪنڊ ڏي قُبن سان جاءِ آهي، جيڪا اصل بارود رکڻ لاءِ ڪم ايندي هئي. پاڻي جي تلاءَ جي پريان ڪن عملدارن جون قبرون آهن، جيڪي مياڻي جي جنگ ۾ مارجي ويا هئا، اتي هڪ شيدي جي تُربت آهي، جنهن تي لکيل آهي ته هو ڏاڍي برجستائيءَ سان وڙهيو هو، سندس نالو ڏنل ڪونهي، پر مان سمجهان ٿو ته اهو ڪارو هوش محمد آهي، جنهن بابت هڪ شاعر به چيو آهي:

 هلي هوش محمد آيو، ڪري قنمبراڻي ڪاهه،

ايندي به اڙن ۾، گهوٽ وڄايا گاهه،

قلوبان ڪڙو ڪيو، شيديءَ پنهنجو ساهه.

خبر اٿوَ ته هوش محمد شيدي ڇا ڪيو هو! دُٻي واري لڙائي ۾ ميرپورخاص جي مير شير محمد انگريزن جو ٻارو اُٿلائي ڇڏيو هو، تنهن تي انگريزن جي لشڪر مان هڪ يوروپي عملدار ميرن جي لشڪر ڏي وڌي جاسوسي ڪرڻ ويو ته ڏسان ته ڪهڙي ڊؤل تي بيٺا آهن، جو اسان جون توپون هنن تائين پوري طرح اُپڙي نٿيون سگهن ۽ هي اسان جا ماڻهو آساني سان ماريندا ٿا وڃن. هن عملدار کي گهوڙي تي چڙهيل ايندو ڏسي ميرن ڀانيو ته صُلح جون ڳالهيون ڪرڻ ٿو اچي، تنهنڪري هنن وڙهڻ کڻي بند ڪيو ۽ واڌايون ورائڻ لڳا، ته نيٺ انگريزن کي ماري مڃايو اٿئون. هن عملدار ته رڳو حرفت پکيڙي هئي، تنهن اوريرو اچي ڇا ڏٺو ته مير جي ماڻهن دٻن مان باروت ڪڍي پٽ تي ڪري ڍڳ ڪيو آهي ۽ اُن مان ٻُڪ ڀري بندوقن ۾ وجهي اسان تي پيا ڇوڙين. هو پوءِ اهي پير وٺي پٺتي موٽيو، ۽ پوءِ جيڪي توپون ڇوڙيائين، سي تُز وڃي باروت ۾ لڳيون ۽ ميرن جو سمورو بارود جهٽ سڙي ويو. اتي ميرن جي لشڪر ۾ اچي ڦڙڦوٽ پيئي. مير شير محمد کي سندن ماڻهن چيو ته هاڻ الله جي واسطي اوهين ڀڄي وڃو، نه ته خير ڪونهي، مير مڃي ئي نه، چوي: ”مرڻ مرڪ مڙسن جو ۽ مُڙن ڪم ڪانئرن جو.“ نيٺ جيئن تيئن ڪري مير شير محمد کي هڪ پاسي ڪڍي پاڻ ٻيئي پاسي وڃي نغارا وڄائڻ لڳا. ته ڀل ته انگريز سمجهي ته مير صاحب انهي پاسي آهي. انگريزن اوڏانهن توپون ڇوڙيون ۽ اُنهن توپن جو توپن ۾ جواب شهيد هوش محمد ڏنو. هن وٽ اڃا ڪي دُٻيون بارود جون هيون، تن جي وسيلي هي شينهن جهڙو مڙس انگريز سان زور آزمائي ڪرڻ لڳو ۽ هنن جو ڪيترو نقصان ڪيائين، جڏهن بارود کُٽو، تڏهن بيوس ٿي بيهي رهيو ۽ انگريزن جي هٿان نيٺ هي شير شهيد ٿيو. هن اوڏي مهل اهڙي ته مڙسي ڏيکاري هئي، جو انگريزن به سندس انصاف مڃي پنهنجي عملدارن جي ڀر ۾ هن جنگي جوان کي جاءِ ڏني آهي ۽ ساراهه جا سُخن هن جي تربت تي اُڪرايا اٿن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org