انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد کان سکر تائين بلڪ ملتان تائين ريل ڪانه
هئي. هتان جهاز ۾ ويندا هئا، پوءِ ريل ۾ به وقت
لڳندو هو ٽي مهينا کن............. تن ڏينهن ۾
سرڪاري عهدن تي هئڻ جي ڏاڍي سڌ هوندي هئي.
ميونسپل ائڪٽ جو سڌارو
آڪٽوبر 1884ع ۾ ميونسپل ائڪٽ جو سڌارو ٿيو. سنڌ سڀا، انهن بلن
تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو هو، تنهن ۾ ڏيارام گهڻو
بهرو ورتو هو. عريضون جيڪي سرڪار کي ڪيون ويئون،
تنهن ۾ به سندس هٿ هو........ سنڌ سڀا تمام گهڻي
ڪوشش ڪئي، ته چڱا ماڻهو چونڊجن. پر هاڻي ته گاڏرن
۽ ويشائن کي به ووٽ مليا هئا. ووٽن وٺڻ لاءِ
مجلسون ۽ ناچ ڪرايا ويا، ۽ ناچ ساري رات هلندا
رهيا، ته صبوح جو ووٽرن کي گاڏي ۾ چاڙهي، سلامتيءَ
سان سندن ووٽ ڏياريو وڃي.
گاڏرن ۾ ويشائن سمجهيو ته سرڪار جو عقل چٽ ٿيو آهي، جو کين ووٽ
مليا آهن، پر ٿي ته کين موج پيئي. قاعدي ۾ ووٽن
خريد ڪرڻ ۽ ووٽرن جي خوشامد ڪرڻ جي برخلا بندش
ڪانه هئي. تنهنڪري ڏاڍيون خرابيون نڪتيون، جيڪي
سنڌ سڀا وارن بنا للي چپيءَ جي اخبارن ۾ ظاهر
ڪيون........ نيٺ چونڊ جو نتيجو 11 ڊسمبر 1884ع
واري گزٽ ۾ ظاهر ٿيو...........
سنڌ سڀا کي زور وٺائڻ، سنڌ سُڌار ۽ سنڌ ٽائيمس اخبارن کي هلائڻ
جي بندوبست ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو وڏو ڪم جيڪو ديوان
ڏيارام، ڪراچي ۾ رهي ڪيو، سو هو سنڌ ڪاليج جي کولڻ
۾ مدد ڪرڻ........ ڏيارام هڪڙي اپيل ڪڍي ته سنڌ کي
ڪاليج جي ڪيتري نه گهرج آهي ۽ هن ڏيارام جيٺمل
ڪاليج کولڻ جي رٿ رکي........... هن ڏيکاريو ته
سنڌ ۾ ڪُل ڏهه گريجوئيٽ آهن. پر سنڌ کي گهُرج آهي
سون، هزارن گرئجوئٽين جي.......... جنهن هيٺ کيس
چوويهه هزار رپيا چندو مليو............ پوءِ
حيدرآبادي هرهڪ عامل تي مهيني جي پگهار چندي طور
ڏيڻ جو بار رکيو ويو، جنهن کي عاملن ايمانداري سان
پورو ڪيو.........
حيدرآباد ۾ سرويرن جي واسطي، هڪڙو ڪلاس انهي جاءِ ۾ هو، جنهن ۾
هاڻي ٽريننگ ڪاليج آهي، انهي ۾ پهريان هري وشنو ۽
پوءِ نارو پنٿ ۽ پوءِ پرڀاڪر ايل سي اي سرويرن کي
اتي پاڙهيندا هئا. اهو ڪلاس حيدرآباد مان ڪڍي
ڪاليج ۾ آندائون. ڪاليج جو نالو ڏيارام اُڌارام
پوڻو هو، پر ديوان ڏيارام جيٺمل جي مرڻ بعد، ديوان
اُڌارام ڪن سببن ڪر نالي واسطي اڌ پئسن جو نه ڏنو.
۽ ديوان دولترام جيٺمل ۽ ديوان بولچند ڏيارام
پنجويهه هزار رپيا ڪاليج لاءِ ڏنا ۽ نالو سنڌ آرٽس
ڪاليج مان ڦري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ٿيو.
حيدرآباد جي نيشنل ڪاليج کي ديوان ميٺارام جي ڌرمائو ٽرسٽ مان،
ديوان شيرومل، جيڪو تڏهن ٽرسٽي هو، تنهن هڪ لک
رپئي جي مدد ڏني. انهي مدد ملڻ کان پوءِ يونيورسٽي
اُهو ڪاليج منظور ڪيو، نه ته منظوري ملڻ ناممڪن
هئي. اهو حيدرآباد وارو ڪاليج اڄ تائين سندن مدد
سان پيو تڳي. ويجهڙائي ۾ ديوان ڏيارام جي يادگار
لاءِ ڪيترا پئسا ديوان تاراچند ۽ ڪن ٻين صاحبن
ڪوشش ڪري ڪٺا ڪيا هئا، سي سمورا هن ڪاليج کي ڏنا
ويا؛ ۽ هاڻ انهي ڪاليج جو نالو پڻ بدلائي ڏيارام
گدو مل نئشنل ڪاليج رکيو اٿن.......... انهيءَ طرح
ڪاليج ۽ هاسٽل جو سلسلو هلندو اچي.
حيدرآباد جي سفر ڪندي ديوان ڏيارام، پنجاب پاسي ڪيترا پراويڊنٽ
فنڊ ڏٺا ته دل ۾ خيال آيس ته سنڌ ۾ غريبن لاءِ
اهڙو ڪو فنڊ ڪڍجي. انهيءَ ڪري 1894ع ۾ هن حيدرآباد
۾ پراويڊنٽ فنڊ جاري ڪيو. اصل ۾، سنڌ ۾ پاهت جو
رواجو هوندو هو؛ مٽ مائٽ، ساٿي سنگتي ۽ پاڙي وارا
موت ۽ شادي جي وقت ۾ اچي ڪجهه نه ڪجهه پائي ويندا
هئا. انهي رواج کي قاعدي موجب هلائڻ لاءِ پهريان
ڏيارام، موت فنڊ ڪڍيو، ٽي سئو کن ميمبر ٿيا. فنڊ
هلائن لاءِ هڪ ڪلارڪ رکيو ويو. سو وري اهڙو مليو،
جنهن دفتر ئي ساڙي ڇڏيا. ٻيو ڪلارڪ رکيو ويو، جنهن
وري بي بندوبستي ڪئي. پوءِ نيٺ چڱو ماڻهو مليو.
فنڊ کي ديوان ڏيارام ۽ سندس ڪي دوست هلائيندا هئا.
جهڙوڪ ديوان ڪوڙومل، مسٽر ڪندنمل منگهرسنگ، راءِ
بهادر پرڀداس، مسٽر ڪنولسنگ، پوهومل، ديوان
تاراچند، ديوان بيلارام ۽ ٻيا. ديوان ڏيارام جڏهن
وئڪيشن تي ايندو هو تڏهن گڏجاڻيون ٿينديون هيون.
ڪورم نه ٿئي ته پندرهن منٽ گڏجاڻي مهمل ڪري وري
بنا ڪورم ئي کڻي هلائيندا هئا. ڪي ورهيه ٿيا ته
فنڊ وڃي وڏي اوج تي رسيو هو.
1932ع ۾ هي سوسائٽي ويمي وارين ڪمپنين جي ائڪٽ نمبر 6، 1912ع
هيٺ هند سرڪار جي نظر هيٺ ڪم ڪندي هئي ۽ کيس ٻن
لکن رپين جي امانت رکڻ کان هند سرڪار کان معافي
مليل هئي. سوسائٽي ۾ 31 مارچ 1931ع تي ميمبرن جو
انگ 67034، سال جي وصولي 966507 رپيا، رزروڊ فنڊ
1003139 رپيا، سمانتا فنڊ 75969 رپيا، ڪاروباري
فنڊ 86366 رپيا ۽ سال ۾ سهائتا ڏنل 706143 هئي.
ايترو واڌارو هن ڪم ڪيو هو.
گهڻن فنڊن نڪرڻ ڪري ۽ ڪن اصولي غلطين ڪري ۽ قاعدي ۾ ڦيرڦار ڪري
ٻين فنڊن جيان هاڻي افسوس ته هي فنڊ به سميٽجي
ويو.
يونين اڪيڊمي – آڪٽوبر 1888ع
ديوان ڏيارام، يونين اڪيڊمي جاري ٿيڻ جي مدد ڪئي ۽ اها ڳالهه هن
طرح آهي:
نومبر 1887ع ۾ ساڌو هيرانند ڪراچي مان اخبارن، جي ايڊيٽري ڇڏي ۽
ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويو. اهو به
مطلب هوس ته حيدرآباد جي برهمو مندر ۾ نئين حياتي
ڦوڪيان، ٻيو وڏو مطلب هوس ته اسڪول ڪڍان. ديوان
نولراءِ صاحب، هاءِ اسڪول ۾ اخلاق تي وياکياڻ
ڏيندو هو ۽ 1885ع ۾ پنهنجي ٿوري گهڻي بچت مان ٽي
انعام برپا ڪيا هئائين. پنج سئو رپيا گورنمينٽ
هاءِ اسڪول کي ۽ ٻه سئو رپيا چرچ مشن اسڪول کي ڏنا
هئائين ته انهن جي وياج مان ساليانو انعام انهي
ڇوڪري کي ڏجي، جيڪو انگريزي ۾ پهريون نمبر اچي ۽
سورهن ورهين کان مٿي ۽ ڪُنوارو هجي. اهو هو شاگردن
جو ڌيان برهمچاريه ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ دير سان
شاديون ڪرڻ لاءِ. باقي هڪ سئو رپيا به هاءِ اسڪول
جي هيڊماستر کي ڏنائين ته انهن جي وياج مان هر سال
انعام انهي ڇوڪر کي ڏنو وڃي، جيڪو سڀ کان سچار
سمجهيو وڃي. پر ٻن سالن جي تجربي کان پوءِ هن
محسوس ڪيو ته رڳو انعامن ڏيڻ مان ڪو سڌارو ڪونه
ٿيندو. هاءِ اسڪول ۾ ڌرمي سکيا ڏيڻ کان منع هئي ۽
خود اخلاقي سکيا به درسي ڪتابن کان ٻاهر نه ڏيڻ ۾
ايندي هئي. ٻيو ته سرڪار جو هاءِ اسڪول ۾ سنسڪرت
لاءِ خيال ڪونه هو ۽ هن سمجهيو ته جيستائين سنسڪرت
لاءِ وديا نه ڏبي تيستائين سنڌي جو سڌارو به مشڪل
ٿيندو. انهي ڪري ساڌو هيرانند هڪڙي اسڪول ڪڍڻ جو
پهه پچايو. جتي سڌارن ڪرڻ لاءِ هن کي ڇوٽ ڇڙواڳي
ملي.
ساڌو هيرانند اسڪول کولڻ جو آرنڀ ڪيو ته ديوان نولراءِ ۽ ديوان
ڏيارام پنهنجو ڌن هن جي اڳيان رکيو. هنن جو
هيرانند ۾ پڪو وشواس هو ته هو سکيا دوران ۽ نيڪ
مثالن ۽ اوچن آدرشن سان ڇوڪرن کي ڏاڪو مٿي کڻندو.
اسڪول ۾ هن اخلاقي سکيا ۽ سنسڪرت ٻوليءَ تي مکيه
ڌيان ڏيڻ جو خيال ڪيو.
هيرانند جڏهن ڪلڪتي ۾ هوندو هو، تڏهن ٻن جوان بنگالين سان
پنهنجو نينهن هوس. هڪڙو نندلعل سين، جنهن جو
پريمين ۾ نالو هو ڀولو ۽ جيڪو هاڪاري ڪيشب چندرسين
جو ڀائيٽو هو ۽ ٻيو هو ڀواني چرن بئنرجي، جنهن کي
ڀواني ڪري ڪوٺيندا هئا. ڀواني سنسڪرت جو ڪوڏيو هو
۽ ڀولو اخلاقي سکيا ۾ قابل هو. انهن ٻنهي کي
پنهنجي ڪم لاءِ حيدرآباد ۾ گهرائي ورتائين. انهن
ٽنهي پرشن جي ميلاپ ڪري پنهنجي اسڪول کي يونين
اڪيڊمي ڪوٺيائين. هنن ٽنهي نوجوانن سان ديوان
نولراءِ جو شش به شامل ٿيو، اهو هو راءِ بهادر
پرڀداس. هن جي انگريزي انجنئير کاتي ۾ نوڪري هئي ۽
مفت ۾ اسڪول ۾ سکيا ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو. پهريائين
ارادو هون ته جيڪب صاحب سنڌ جو هاڪارو ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر صاحب اسڪول کولڻ جو مهورت ڪري، ته پوءِ
ڪم هڪدم شروع ٿيڻ گهرجي. انهي طرح 28 آڪٽوبر 1888ع
تي اڪيڊمي کُلي.
راءِ بهادر پرڀداس جو چوڻ آهي ته يونين اڪيڊمي نالو انهيءَ ڪري
رکيو ويو جو ان ۾ اوڀر ۽ اولهه جو ميلاپ هو، ڇو ته
ٻه ڄڻا هئا اوڀر جا، يعني بنگال جا، جيڪو اوڀر ۾
آهي ۽ ٻه ڄڻا هئا اولهه جا يعني سنڌ جا، جيڪا
اولهه ۾ آهي. ٻيو ته هن ۾ روحاني، دماغي ۽ جسماني
تعليم جو ميلاپ هو. ٽيون انگريزي ۽ سنسڪرت جو.
چوٿون سڀني ڌرمن جو ميلاپ هو، جيڪو برهمو سماج جو
متو آهي.
خير، مُنڍ کان ئي وٺي ٻئي سنڌي ساڌو هيرانند ۽ مسٽر پرڀداس مفت
۾ پاڙهيندا ۽ هو مسٽر نند لعل سين ۽ بابو ڀواني
چرن نرواهه ماتر خرچ وٺندا هئا. جيڪو ديوان ڏيارام
ڀريندو هو. چئن کي جدا جدا عهدا هئا. ساڌو هيرانند
هو پرنسپال، مسٽر پرڀداس هو مئنيجر، بابو ڀواني
چرن هو راندين مٿان ۽ نند لعل سين هو سپرنٽينڊنٽ.
اُنهيءَ کان اڳ ميشرس کيمچند ۽ پرمانند ميوارام(
جيڪي پوءِ وڃي ڪرستان ٿيا) تن اولهه پوسٽل روڊ وٽ،
ٽن درجن تائين هڪڙو اسڪول کوليو هو؛ تنهن جا ڇوڪرا
به اڪيڊمي ۾ ويا ۽ مسٽر پرمانند به اڪيڊمي ۾ وڃي
نوڪري ڪئي.
پهرين اسڪول اڪيڊمي جو رومن ڪئٿولڪ چرچ جي سامهون، انهيءَ جاءِ
۾ هو جيڪا هاڻي ديوان چانڊو مل گوپالداس جي هٿ ۾
آهي. ڪچي جاءِ هئي، بنگلي جي نموني ۾. انهيءَ ۾
بئنرجي ۽ نند لعل سين به رهندا هئا. پر ڇوڪر وڌڻ
لڳا ۽ پوءِ اها جاءِ ڇڏي ٿورو پرڀرو ڪئنٽونمينٽ حد
۾، جتي هاڻي نور بلڊنگس آهي، اتي اسڪول ڪڍيائون.
جاءِ وڌيڪ ڪشادي هئي. اتي به ٻئي بنگالي رهندا
هئا. هيرانند کي به هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي هئي.
جيئن رومن ڪئٿولڪ ڌرم جي جيزوئٽ پادرين دنيا ۾ تعليم جي ڏاڍي
ترقي ڪئي آهي، تيئن هي به انهن جيان وڙهندا هئا.
ڇا جو کاڌي جو خيال، ڇا جو ڪپڙن جو خيال، ڇا جو
جاءِ جو خيال! ساڳيو ڪمرو ٻٽو ڪم ڏيندو هو. ڏينهن
جو اسڪول ۽ رات جو بئنچ پاسيرا ڪري سمهڻ جي جاءِ
ڪري ڪتب آڻيندا هئا. خانگي وقت ۾ ڏسون ته جتي پيرن
۾ ٺهيئي ڪانه ۽ اسڪول ۾ اچن ته جوراب ڪونه پائين.
اهڙي طرح سادگي ڪري، شاگردن کي به سادو ڪيائون ۽
سادگي جو مزو ڏيکاريائون. اهو زمانو ڪجهه ماڻهن جي
خيال ۾ ڄڻ اڪيڊمي جو سونو سمو هو. اسڪول جي پٺين
پاسي اڱڻ هو، پر فرش ڪونه ٻڌل هوس. اتي ڇڻڪار ٿي
ويندا هئا ۽ ’ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ‘ جا وياکياڻ اتي
ٿيندا هئا. هڪ لڱا اتي راءِ صاحب ديوان اُڌارام جو
چوڻ هو ته ڀڳوان آهي ئي ڪونه. تنهن تي ديوان
ڏيارام اچي پلٽيو. ٻه – ٽي ساندهه انهي وشيه تي
گيان چرچائي. ماڻهن جا ميڙ اچي مڙندا هئا. اهڙن
وقتن تي بعضي رات جا يارهن لڳي ويندا هئا ۽ ماڻهن
جي کچڻي به ٺري ويندي هئي، ته به ڪنهن کي وياکياڻ
ڇڏڻ تي دل نه ٿيندي هئي.
ڇوڪرا ڪو اسڪول جا پنج ڪلاڪ پڙهي ماسترن کان آجا ڪين ٿيندا هئا،
ماسترن جي نظر هردم انهن تي هئي، پر نه سختي جي،
پر پتا ۽ ڀراتا سما، ڏنگائيءَ کي ٽارو به هو ته
اشارو به هو. ماستر جيڪي چوي سو ڄڻ ڪلام انهي
ڳالهه هڪڙي مصيبت اڪيڊمي تي آندي. هڪڙي ڇوڪر هوندي
مل کي پيءُ لکيو ته هيرانند کي تو پنهنجو ڀڳوان
بنايو آهي. انهي ڇوڪر جي پُڦي جو مڙس هڪڙو هاڪارو
ڪائونسل جو ميمبر هو. تنهن هن کان پُڇيو ته پرڻبين
ڪڏهن چيائينس ته مان هاڻي نه پرڻبس، وڏو ٿي کٽي
ڪمائي پوءِ. تن ڏينهن ۾ ننڍي هوندي جي شادي جو
رواج هو ۽ مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ شاگردن کي به هڪ – ٻه
ٻار هوندا هئا. تنهن تي پُڦڙ ڪاوڙجي پڇيس ته اهو
توکي ڪنهن چيو آهي. چيائين ته منهنجي ماستر. تڏهن
پڇيائينس ته جيڪڏهن پڻهي چويئي پرڻج ته پرڻبين؟
چيائين ته نياز سان چوندوسانس ته اهو ڪم ڪين ڪندس.
تنهن تي ديوان کي ڪاوڙ لڳي ته اڪيڊمي ۾ بي ادبي ٿا
سيکارين، اهو خيال مٿئين صاحب ڪائونسل ۾ ويندي
ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سان ظاهر ڪيو؛ جنهن
هيرانند کان ان بابت سبب پُڇيا هيرانند کي پنهنجو
ڪم ڪار حيدرآباد ۾ ڇڏي بمبئي ڊوڙڻو پيو؛ پر جيڪب
صاحب ڳالهه کي کڻي ورتو؛ لکيائين ته هيءَ اسڪول
سڄي سنڌ ۾ سڀني کان سُٺو آهي.
ساڌو هيرانند ۽ ٻين بنگالين پنهنجي پيار ۽ قرباني جي ڪري پنهنجي
چوڌاري چڱا ماستر ۽ چڱا شاگرد ڪٺا ڪيا ۽ اسڪول ويو
وڌندو. 1891ع ۾ چئٽفيلڊ ڊائريڪٽر ٿي آيو. سرڪار
جي اها نيتي ٿي ته سرڪاري اسڪول بند ڪجن ۽ خانگي
اسڪولن کي همٿائجي. احمد نگر جو اسڪول هڪڙي
سوسائٽي کي ڏنو ويو. حيدرآباد ۾ به چاهيائون ٿي ته
سرڪاري اسڪول بند ڪري ساڌو هيرانند جي هٿ ۾ ڏيئي
ڇڏجي. ڪجهه وقت سڀني جو خيال ٿيو ته ائين ڪجي تنهن
ڪري ايڊوڪيشن سوسائٽي به ٺاهي ويئي، ۽ رجسٽر ڪرائي
ويئي. ۽ رجسٽر ڪرائي ويئي. ستن ڄڻن جن سوسائٽيءَ
جي قاعدي تي صحيح ڪئي، سي هئا چار اڪيڊمي وارا ۽
ديوان ڏيارام، ديوان تاراچند ۽ ديوان نولراءِ.
شهر وارن کي اها ڳالهه قبول نه هئي. ديوان ميٺارام جو خيال
انهي جي برخلاف هو. ڪيترائي حيدرآبادي ته خود
برهمن جي به خلاف هئا. جو سمجهيائون ٿي ته برهمو
ڌرم آهي ڪرستاني ڌرم جو پهريون ڏاڪو؛ تنهنڪري
ماڻهن جي مرضي ٿي ته ٻه اسڪول هجن ته چڱو. پوءِ
هڪڙي عام گڏجاڻي ٿي ۽ ماڻهن سرڪاري رٿ جي برخلاف
ٺهراءُ ڪيو؛ تنهنڪري ائڪڊمي وارن هاءِ اسڪول ڪين
کنيو. مسٽر چئٽفيلڊ البت ڏوراپو ڏنو، پر ساڌو
هيرانند چيو ته شهر جي برخلاف ڪم ڪرڻو چڱو نه آهي.
جيڪب صاحب به البت ناراض ٿيو. هاءِ اسڪول جي جاءِ پوري نه هئي.
هن سمجهيو ٿي ته سوسائٽي وٺندي ته ماڻهن جي مدد
ملندي. سا ڳالهه ته پوري ڪانه ٿي؛ تنهن تي جيڪب
صاحب لنگهي آيو ديوان ميٺارام صاحب جي اوطاق تي.
چيائينس ته هاءِ اسڪول جي جاءِ سوڙهي آهي.
ايگزئمينيشن هال گهرجي، جنهن تي اٽڪل ٻارهن هزار
رپيا لڳندا، جي اوهين مهرباني ڪري ڇهه هزار ڏيو ته
اڌ سرڪار کان وٺي اوهان جي نالي تي هال ٺهرائجي.
نيٺ هال ٺهرايو ويو ته ٻارهن بدران پندرهن هزار
لڳا. انهن جو اڌ سرڪار ڏنو، باقي اڌ ديوان ميٺارام
پاڻ ۽ دوستن کان ڪٺو ڪري ڏنو، جنهن مان اهو هال
ٺهيو، جنهن تي سندس نالو پيل آهي. ديوان ميٺارام
اهو به شرط جيڪب صاحب قبول ڪيو. انهي شرط ڪري هڪ
ٻه ڀيرا جڏهن سرڪار اسڪول بند ڪرڻ جو ارادو ڪيو
هو، تڏهن به انهيءَ هال جي اٽڪ ڪري بند نه ڪري
سگهيا هئا. هاڻي انهيءَ ساڳئي اسڪول ۾ مدرسو آهي.
ساڌو هيرانند کي گهڻا ڪم هوندا هئا، تنهن ڪري هن اسڪول جو ڪم
مسٽر سين کي سونپيو هو. نندلال سين سان ايتر ته
پريت هيس جو هڪ ڀيري چيائينس ته آئون ”هيران“ ۽
تون ”نند اسين ٻئي گڏجي ٿيون ٿا ”هيرانند“. بابو
ڀواني چرن بئنرجي کي به ڏاڍو ڀائيندو هو. پر 1892ع
۾ هيءَ دکدائڪ ڳالهه ٿي جو ڀواني چرن بئنرجي وڃي
ڪرستان ٿيو. ساڌو هيرانند هن کي ڏاڍو سمجهيايو.
ديوان ڏيارام به بائيبل کي کولي هن کي ٻڌائڻ لڳو
ته جيڪڏهن تون چئين ٿو ته هندو ڌرم ۾ ڪي ناممڪن
ڳالهيون ته بائبل ۾ به آهن. پر بابو ڀواني ڪو
پڙهيل ڪونه هو، سو پنهنجي خيال تان ڪين هٽيو ۽
اسڪول مان هليو ويو. سندس وڇڙڻ ڪري هيرانند کي ڏک
ٿيو جو روئي ڏنائين.
ساڌو هيرانند پوءِ ويو پنجاب مان ٻيو ماستر وٺڻ سنسڪرت سيکارڻ
لاءِ. تيستائين سسنڪرت سيکارڻ جو ڪم مسٽر پرڀداس
ڪندو هو، جو پاڻ وڃي مهاراج جئڪرشن کان روز ٻه چار
سبق اڳواٽ سکي اچي شاگردن کي پاڙهيندو هو. نيٺ
پنجاب مان هڪڙو ساهتيه آچاري آيو، جيڪو سنسڪرت
سيکارڻ لڳو. ديوان ميٺارام پيسا انهيءَ شرط سان
ڏيندو هو ته سنسڪرت سيکارڻ جو بندوبست ٿئي.
تڏهن ڇوڪرين جي پڙهائڻ جو اڃا پورو بندوبست حيدرآباد ۾ ڪونه
هو....... جولاءِ 1893ع ۾ ساڌو هيرانند جي ديهانت
کان پوءِ سندس اسڪول جو نالو بدلائي رکيائون.
’هيرانند اڪيڊمي‘ پر اهو نالو به ٿورو وقت هليو.
پنج مهينا ڪين گذريا جو 22 نومبر 1893ع تي ديوان
نولراءِ جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ هيرانند ائڪڊمي
ڦري ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ جي نالي سان سڏجڻ
لڳي. 1901ع ڌاري هاڻوڪي نئين عمارت جو هڪ ڀاڱو ٺهي
تيار ٿيو ۽ اڪيڊمي مسواڙي جاءِ مان کڄي هاڻوڪي
پڪيءَ جاءِ ۾ آئي.
عورتن سان ظلم
انهن ڏينهن ۾ سنڌي پنگت ڏاڍي پُٺتي پيل هئي؛ خاص ڪري زالن سان
ته قسم جا اتياچار هئا، جيئن ديوان ڏيارام پنهنجي
هڪڙي ڳٽڪي ۾ ڏيکاريو آهي: اسين زالن جي باري ۾
سندن ڄمڻ کان وٺي موت تائين ستن قسمن جا پاپ ٿا
ڪريون. جن جو پراشچت ڪرڻ گهرجي. پهريون پاپ اهو ته
اڃا ٻارڙيون آهن ۽ اوئان اوئان ڪن ته هنن کي سورهن
کان وٺي ويهن تائين سُيون هڻايون ۽ ڪُڻ ٽوپيون.
اڃا ٿوريون وڏيون ٿين ته نڪ ۾ بولڙيءَ واسطي هنن
کي سئي هڻايون. ٻيو پاپ اهو ته هنن کي ننڍڻ ۾ راند
جي راحت وٺڻ نٿا ڏيون. ٽيون ته وديا پرائڻ جو
ويجهه به ڪونه ڏيون. ٻانهن ۾ هنن کي ڳڀي جون ڳٽيون
وجهون، چوڙيون ۽ چوڙا پارايون، چوٿون پاپ اهو ته
ننڍي هوندي ئي هنن کي مڱائي پرڻائي ڇڏيون. پنجون
اهوته هنن کي سسن جي سهمن ۾ سُڪائي سوڙهو ڪريون.
منو سمرتيءَ وارو خيال ماڻهن ۾ ويٺل هو ته جنهن نياڻيءَ کي
رتودان اچي وڃي ۽ اڃا مائٽ کيس نه پرڻائين ته اهي
مائٽ نرڳ ۾ ويندا. پر حقيقت ۾ رتودان ڪو سامائجڻ
جي نشاني نه آهي. رڳو اوائلي چتاءُ آهي ته هاڻ
جواني ايندي. زالن سان ڇهون اتياڇار اهو ٿا ڪريون
ته اڃا پاڻ ٻار هجن ته هنن کي ٻار ٿين. ٻالڪ زالون
۽ ٻالڪ ماتائون! وري سندن ويم لاءِ ڪو جوڳو
بندوبست نه، جو هزارين زالون ويم ۾ موت جو شڪار
ٿيو پون. مرد پنهنجو فرض نٿا سمجهن. وڏي، عمر وارا
ننڍي عمر وارين سان شاديون ڪن. گرڀ هوندي به گرهست
ڪن. نتيجو اهو ته انهن جا ٻار ضعيف يا روڳي مائرون
به جلد مريو وڃن. وري هڪڙي زال مئي نه آهي ته ٺڪ
ٻئي سان شاديءَ وري ڪنياءُ ڪهڙو جو ننڍي هوندي
ڪنهن استري جو پتي مري ته ان کي سڄي عمر زوريءَ
وڌواپڻي ۾ رهايون ۽ چئون ته زال کي ڪو حق ڪونه
آهي، هڪ مرد جي مرڻ کان پوءِ ٻئيءَ سان شادي ڪرڻ
جو، باقي مرد ڀل ڪيتريون به شاديون ڪري.
ديوان ڏيارام چوندو هو: ”هندن جو قاعدو گهڻو ئي
چڱو، پر زالن جي باري ۾ ڪٺور آهي. ڪجهه قاعدي جون
سختيون ته ڪجهه وري پنگتي سختيون ۽ ڪجهه ڪرمن جو
قيد. پتي کي ڏينديون هيون پٺي ۽ سهرو ۽ ڏير جي
پيءُ ۽ ڀاءُ سمان آهن. تن کان ڍڪينديون هيون
مُنهن. باقي بازارن ۾ باڪرين اڳيان بيشڪ منهن کولي
ڳالهائين! هو وڌيڪ چوندو هو ته انهن رسمن ۽ پردي
جي رواج ۾ ڪي گڻ به آهن، جن جو ڪنهن وقت اسان چڱو
فائدو ورتو، پر هاڻوڪي زماني ۾ انهن جي گهرج نه
آهي.“ |