ڪريم
بخش نظاماڻي
حيدرآباد جا فنڪار، ميلا ۽ ملاکڙا
اسان وٽ هر روز راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ سکن جي
گوردواري ج ٻائو رتن سنگهه، ميلاپ سنگهه ۽ سندن
گرمک سنگهه، جيڪو وڏو عالم ۽ رشي مني هو. جيڪو
پوءِ ڀائي داسو سنگهه جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڀائي
همت سنگهه جي گوردواري ٽنڊي ڄام جو گادي نشين
بڻيو. حالانڪ ٽنڊي ڄام جي انهيءَ گوردواري جو گادي
نشين، وڏو داس (چيلو) ڀائي داسو سنگهه جو ڀائي
ڀائي لالا سنگهه هو، جيڪو به هڪ وڏو ڪلاسيڪل گويو
هو. پر علمي لياقتن ۽ اخلاقي صلاحيتن کي ڏسندي
گرمک سنگهه کي انهيءَ گاديءَ تي ويهاريو ويو. جيڪو
اصلي سک ۽ منهنجي هاري رتن سنگهه جو پٽ ۽ ماتلي
شهر جو رهواسي هو. پوءِ انهيءَ مامري تي مقدمه
بازيون پڻ ٿيون، پر جيئن ته لالا سنگهه هندو مان
سک ٿيل هو ۽ منجهس شراب سميت ٻين بدعتن هئڻ ڪري،
گرمک سنگهه کي سوڀ ملي، جنهن ۾ ڪابه بدعت قطعي نه
هئي، ۽ سڀني خرابين کان پوتر ۽ صاف هو.
آئون راڳ ۾ ڪافي مهارت ماڻي چڪو هوس. ٿورو ٿورو باجو، ڍولڪ ۽
طبلو وڄائيندو هئس. منهنجي ساٿ ۾ ماسٽر هوتچند،
جيڪو بهترين باجي ماسٽر هو. سو ٻنهي هٿن سان پيرن
وارو باجو پڻ وڄائيندو هو سندس ڳوٺ ٽنڊو محمد خان
هو. گراموفون ۽ ريڪارڊن جون ايجنسيون وٽس هيون، جن
مان سُٺو گذر معاش ٿيندو هئس. ڳائڻ وڄائڻ سندس
شوقيه مشغلا هئا. مهاراج خانچند به ٽنڊي محمد خان
جو هو. راڳ مالا جو گهڻو ڄاڻو هو. پاڻ به ڀڄن ڀاءُ
سان گڏ ڪلاسيڪل، درپت، خيال ۽ ٺُمريون به ڳائيندو
هو. راڳ ۽ راڳڻين جي گهڻي سمجهه هيس.
پرمانند گوسوامي، جيڪو ماتلي شهر جي اڌ کان وڌيڪ هندوئن جو گُرو
هو، تنهن کي گائيڪ، نائيڪ، گني ۽ گنڌرو جي خطابن
سان نوازي سگهجي ٿو. طبلو سندس گهراڻي جو داس هو،
ڪندن گر ۽ چيتن گر مشهور ۽ معروف گر يعني پنڊتن جي
وڏي ۽ قابل فخر گهراڻي جو چشم ۽ چراغ هو.... هتي
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيترو به وقت رهيا، ڳائيندڙن،
فنڪارن ۽ گوين جي پرداخت ڪندا رهيا. محبت ۽ قربت
سان، پئسي ڏوڪڙ سان، عزت آبرو سان، سڀني گوين
ڳائڻن سان ملندا ۽ پيش ٿيندا هئا. مرحوم مبارڪ
خان، بيبو خان، مراد علي خان، عاشق علي خان، اُميد
علي خان ۽ پيارو خان سندس صحبتيءَ ۾ هم جليس ٿي
رهيا.
هر آتوار تي سندس مندر ۾، جيڪو ڇوٽڪي گهٽيءَ کان شاهي بازار
اندر داخل ٿيندي سامهون واري گهٽيءَ کان ٿورڙو
اڳتي هو، ۽ جنهن جي دروازي تي اڄ به پپر جو وڻ
بيٺل آهي. مون اڪثر مشهور ۽ معروف راڳ جي بابي
امير خان کي به وٽس ڪچهري ڪندي ڏٺو. اڪثر ڪري هر
آرتوار تي راڳ منڊلي ٿيندي هئي. جنهن ۾ سندس شاگرد
۽ شاگردياڻيون به موجود هونديون هيون ۽ سڀئي گڏجي
راڳداري ۾ حصو وٺندا هئا.
آءُ مرحوم ڀاءُ ارباب حاجي جمال الدين سان گڏ هاڻوڪي حيدر چوڪ
جي سامهون، ماڙيءَ تي رهندو هوس، جنهن جي هيٺان
قاضي محمد اڪبر جو دواخانو هوندو هو.قاضي محمد
اڪبر جو ڪمپائونڊر فقير محمد شِيدي، جيڪو .
”فقيرو“ جي نالي سان مشهور هوندو هو، تنهن جي
همام دستن سان ڪٽاڪٽ ۽ ڌما ڌم لڳي پيئي هوندي
هئي. قاضي محمد اڪبر کي يوناني حڪمت، سندس والد
صاحب قاضي عبدالقيوم اصل سيوهڻ شريف جو رهاڪو
هو.پر پوءِ اچي حيدرآباد ۾ رهيو... منهنجون قاضي
اڪبر ۽ قاضي عابد سان ڪجھ مجلسون ۽ ڪيئي محفلون
رهيون....... قاضي برادرن وڏا صلاحيت مند ،
باشعور، ملنسار ۽ دوست نواز هئڻ سميت، حسن پرست
۽ رندانه مشرب جا مالڪ هئا. تنهن وقت اسڪاچ
وهسڪي جي قيمت پنج روپيه بوتل هوندي هئي، جيڪا
پوءِ وڌي وڃي ستين رپين تي بوتل ٿي هئي. ايس
.بيئر ۽ بيڪس بيئر، چاٻي ڇاپ، هالينڊ جو ستين
آني في بوتل وڌيڪ ملندو هو. کوکن جا کوکا، بيئر جي
بوتلن سان ڀريا پيا هوندا هئا .......... هم
نوالا ۽ هم پيالا دوستن ۾ قاضي برادرن سميت مسٽر
محمد حسن سومرو، مالڪ زميندار هوٽل اسٽيشن
روڊ حيدرآباد ، ڊينٽل ڊاڪٽر سيپي سان گڏ ٻيا خدا
ڪارڻ اچي گڏ ٿيندا هئا....... قاضي عبدالرحمان چيف
آفيسر دسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچي، جنهن کي حسين ۽
رنگين مجلسن ۽ محفلن جو چيمپيئن چئبو هو،
پنهنجي هندو ڀاڳناڙي ۽ ٻِين دوستن سان گڏ اچي
پهچندو هو. گڏو گڏ ٽيڪم داس وڪيل،سيٺ پرمانند،
جنهن کي پمون پڻ چوندا هئا، سي به اچي شامل
ٿيندا هئا.
قاضي عابد بي اي پاس ڪري حيدرآباد ضلع لوڪلبورڊ جو چيف
آفيسر ٿيو ۽ هو انهي اداري جو ڪرتا ڌرتا هوندو
هو....... جيئن ته مير قائم خان ٽنڊي ڄام واري
پريزيڊنٽيءَ وارو دؤر ختم ٿيڻ وارو هو، سڄي
حيدرآباد ضلعي مان، نئين سر نوان ميمبر چونڊجي آيل
هئا، تنهنڪري نئين پريزيڊنٽ جي چونڊ لاءِ،ٻن
پارٽين کي وجود ۾ آڻي، ”مير پارِٽي“ ۽ ” سيد
پارٽي “ جا نالا ڏيئي، مير پارٽي جي مقابلي ۾ سيد
پارٽي مان ، پير بقادار شاهه مٽيارين واري کي.
اميدوار بيهاريو ويو. سيد پارٽي کي وجود ۾ آڻڻ
وقت، سائين جي ايم سيد جون صلاحون ۽ مشورا به
شامل هئا. پير بقادار شاهه ڪافي جدوجهد
کانپوءِ، قاضي ڀائرن، ادي ارباب حاجي جمال الدين
۽ سيد قبول محمد شاهه سعيدپور ٽڪر واري جي مدد
سان اڪثريت ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿيو. مير پارٽي جي
اميدوار، مير قائم خان سان سڀني مير صاحبن جي مدد
هئي، جن ۾ خاص ڪري مير حاجي علي احمد خان
محموداڻِي اڳيان اڳيان هو، جنهن نه ٿي چاهيو ته
پير بقادار شاهه نالي جو پريزيڊنٽ ٿئي ۽ ضلعي
لوڪلبورڊ حيدرآباد جو جملي ڪاروبار، سندس نعم
البدل ٿي، قاضي’عابد‘ هلائي، جنهن کي اڳيئي چيف
آفيسري جا گھڻا اخيتار مليل هئا.
مير غلام علي ٽالپر، جيڪو تڏهن تعليم وٺڻ ڪارڻ اڃان سياست کان
ٻاهر هو، پر جيئن ميرصاحب جن سان، مدد ۾ رڳو
ڌُڪائي، ڏنڊي باز ۽ قانون نه ڄاڻندڙ هئا، ۽ پير
بقادار شاهه سان سيد پارٽي جا موقعي شناس، قاضي
ڀائرن جون صلاحيتون، وقت جو فائدو وٺندڙ ترتيب
يافته ۽ ماهر قانون هئا،جن ۾ مسٽر ٺاڪرداس جھڙو
ڄاڻو قانون دان ماهر به شامل هو. مسٽر ٺاڪرداس
وڪيل، جيڪو انهيءَ ووٽنگ گڏجاڻِي جي وقتي صدارت
ڪري رهيو هو، جتي مير صاحبن جي ماڻهن، ووٽنگ
دوران جھيڙو فساد ڪري وڌو هو، تنهن ڪري ٺاڪراس
وڪيل، منٽ بُڪ تي اڪٽريت سان پيربقادار شاهه کي
ڪامياب قرار ڏيندي منٽ بُڪ سوڌو انهي ٽيبل
هيٺيان، تيستائين لڪل رهيو، جيستائين امن ۽ امان
کي منهن ڏيندڙن جھيڙو نه ٽاريو. تنهن کانپوءِ هر
ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ۽ جاءِ پهچي ويو ۽ شام جو
قاضِي ڀائرن جي بيٺڪ تي گڏ ٿي،پير بقادار شاهه ،
قاضي عابد ۽ ٻين ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، جن
انهيءَ اليڪشن ۾ حصو ورتو هو.
هر شام انهي ڪري رنگين هوندي هئي، جو کائي پي مست ٿي، پنهنجن
دوستن ۽ احبابن، هم مشرب ۽ هم پيالن سان گڏجي،
انهن عبادتگاهن تي پهچبو هو، جن کي پري آستان
(پرستان) به چئي سگهجي ٿو. اتي فقير کان امير
تائين، شاهه کان گدا تائين، رند کان زاهد تائين،
عابد کان متقي ۽ پرهيزگار کان روسياهه تائين، ڪلين
شيو کان دراز ريش تائين، مسجدن جا پيش امام، قوم
جا اڳواڻ، وڏا وڏا نقاد، سماج جا معزز ٺيڪيدار،
نقطه چين ۽ قانون ساز ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ
عملدار اهي سڀ اتي سربسجود هوندا هئا.......
حيدرآباد پهچي، ٻن گهوڙن واري ٻگهيءَ جي ڪوچوان کي گهرايم، جيڪو
برجس لانگ بوٽ، گيٽرس ۽ باوردي هوندو هو. سندس مٿي
تي رجواڙن جي باڊي گارڊن جهڙو مارواڙي پٽڪو ٻڌل
هوندو هو. ٻن گهوڙن واري لينڊو باڊي ٻگهيءَ جو به
عجيب رعب ۽ دٻدٻو هوندو هو. آئون جڏهن به حيدرآباد
ويندو هوس ته چوويهه ڪلاڪ اها سهڻي ٻگهيءَ ۽
ڪوچوان مون لاءِ ئي مخصوص هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن
شام جو انهي گهوڙي گاڏي ۾ سوار ٿي ڪيپيٽل سئنيما
مارڪيٽ واري تي پهتس، جنهن جو اڄڪلهه نالو
ايلائيٽ سئنيما آهي، ان وقت ميٽني شو ختم ٿيو هو.
ڪيئي سهڻيون ۽ ٺاهوڪيون صورتون کيل مان، سمنڊ جي
لهرن ۽ ويرن جيان، ڇوليون کائينديون، قسم قسم جي
رنگين ساڙهين ۽ ويسن ۾ ويڙهيل، ٻانهون مٿي کڻي
آرسون ڀڃينديون. اٽڪلون ڪنديون سينما مان ٻاهر
نڪتيون. انهن ٽولن ۽ ٽولين منجهان ، ڪي هيرآباد ۽
عامل ڪالوني جي سهڻن علائقن ڏانهن ورهائجي ويا ته
ڪي وري ٻگهين، گهوڙي گاڏين ۽ ٽانگن ۾ سوار ٿي، پري
آستانن (چڪلي) تي پهچي رقص گاهن ۽ فني آستانن کي
سينگارڻ، سجائڻ سنوارڻ ۽ چارچنڊ لڳائڻ ۾ مشغول ٿي
ويا.
رات جو ڏهين بجي ڌاري کائي پي ٽاٽ ٿي، پري آستاني پهتاسين، جنهن
کي سڄي دنيا ’چڪلي‘ جي نالي سان ياد ڪندي آهي. اهو
پري آستان ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو هو، جنهن جي
وچان وڏو روڊ ويندو هو، جتي کاڌي کائڻ جي عمر شاهه
جي نالي سان هڪڙي مشهور هوٽل هوندي هئي. انهي روڊ
تي ٻيون به ڪيئي هوٽلون هونديون هيون، پر سونهن،
شهرت ۽ کاڌي توڙي خوراڪ ۽ عمر شاهه هوٽل جي مقابلي
۾ ٻي ڪابه هوٽل ڪانه هوندي هئي. چڪلي جا چئمپيئن ۽
داداگير انهيءَ هوٽل تي ويهي ٻٽاڪون هڻندا هئا ۽
پنهنجون پنهنجون اسڪيمون ٺاهيندا هئا. گڏوگڏ ڪيئي
شريف النفس ۽ معتبر به، اُتي ڪچهريون ۽ رهاڻيون
ڪندا رهندا هئا.
انهيءَ وچان لنگهندڙ رستي جي اُترئين پاسي ”ماڪو جو چڪلو“ مشهور
هوندو هو. ماڪو هڪ کدڙي جو نالو هو، جنهن جي نالي
سان ئي مشهور هو، جيڪو وڃي ميمڻ پاڙي سان لڳندو
هو. انهيءَ چڪلي ۾ گهڻو ڪري ڪڇياڻيون، ڪولهياڻيون
۽ مُهاڻيون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي عزت ۽ عصمت
جو گهڻو سستو سودو ڪري، پنهنجي معاش ۽ پيٽ جو
پورائو ڪنديون هيون. مٿي ماڙين تي، ڪي مختصر ديرا
رهندا هئا. ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا، ٻين ٻين ڌارين
شهرن مان اچي، اهي ماڙيون مسواڙ تي وٺي ٽائيم
لڳائي گراهڪن، ۽ تماشبينن کي خوش ڪندا هئا.
تڏهن ڪوٺي کي سينگاري سجائي، ڪاروبار شروع ڪرڻ کي ”ٽائيم“ چوندا
هئا. ماڪو جي چڪلي کي ڪا ايڏي اهميت ڪانه هوندي
هئي. رڳو معمولي، گهٽ درجي ۽ مزدوري ڪندڙ تماشبين
ئي اتي نظر ايندا هئا. ڏاکڻين پاسي کان ماڙيچيءَ
چڪلو چئبو هو، جنهن جي وسعت واڍن جي پڙ کان ڪورين
جي پڙ تائين، کاهي روڊ کان، موچيءَ بازار ۽ سري
گهاٽ تائين وڃي پهچندي هئي. انهيءَ ماڙيچي چڪلي
جون حسينائون، جن کي ديويون چئجي ته سُٺو ٿيندو،
گهڻو ڪري مارواڙ جي علائقن جون هونديون هيون. اهي
ديويون ايڏو ته وفادار هونديون هيون، جو جن سان به
تعلق ٿيندو هون ته جيستائين اڳلو بي وفائي ڪري
دوکو ڏيئي ڪناره ڪشي نه ڪري تيستائين انهن لاءِ
جان جي بازي به داءُ تي لڳائي ڇڏينديون هيون، عاشق
کي پران ناٿ ۽ سرتاج سمجهي، داسيءَ جيان سندس شيوا
۽ خدمت ڪنديون هيون.
اڪثر ڪري انهن جو تعلق وڏن وڏن اميرن، ميرن ۽ پيرن سان هوندو
هو. ڪروڙپتي هندو سيٺين ۽ سنڌورڪين کي گهڻو پسند
ڪنديون هيون ۽ سندر سُريتون ٿي رهنديون هيون.
سنڌورڪي سيٺ آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، آفريڪا،
جاپان، هانگ ڪانگ، شنگهائي ۽ سنگاپور ۽ ٻين ڌارين
بين الاقوامي ملڪن مان ڪمائي، حيدرآباد جي انهن
عشرت ڪدن ۾ ويهي عيش ڪندا هئا. کاڌي کائڻ جا حد
کان وڌيڪ شوقين هوندا هئا. رسوئين، بورچين ۽ ڀئين
هوندي به اڪثر هٿن سان رڌي پچائي کائڻ ۾ وڌيڪ مزو
۽ لطف محسوس ڪندا هئا. پيسي ڏوڪڙ جي ڪيڏي به خرچ
کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا هئا. موسيقي ۽ راڳ رنگ
سان ڏاڍي محبت هوندي هين. هميشه کائڻ پيئڻ سان گڏ
راڳ رنگ جون محفلون به گرم رهنديون هيون. ڳائڻن ۽
گوين کي، وسيع القلبيءَ جو ثبوت ڏيندي، انعامن
توڙي اڪرامن سان خوب نوازيندا هئا. کين خوش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندي، پاڻ سان گڏ ويهاري، کارائيندا پياريندا
هئا. ورلي مستي ۽ سرشاريءَ ۾ اچي ساڻن گڏ ڳائڻ،
وڄائڻ ۽ نچڻ ٽپڻ ۾ به شروع ٿي ويندا هئا. منجهانئن
به گهڻا ڪلاسيڪل ۾ چڱي ڄاڻ ۽ ڪلا رکندا هئا. اُهي
ماڙيچي ديويون، ساڻن دل کولي پريم پيار ڪنديون
هيون. اُهي به کين ديويون سمجهي، سندن پوڄا ڪندا
هئا.
اهڙي طرح مسلمانن، اميرن، ميرن ۽ پيرن کان به کين نفرت ڪانه
هوندي هئي. اتي مون سر صاحبن ۽ خانبهادرن، نوابن ۽
نوابزادن، راءِ صاحبن ۽ راءِ بهادرن، سيدن، پيرن ۽
جيلانين کي عشق جي لپيٽ ۾ ايندي ۽ منجهانئن اولاد
ٿيندي ڏٺو ۽ اهو اولاد اڄ به پنهنجي پيءَ جي نالن
سان منسوب ۽ پيءَ جي ذاتين سان معروف ۽ مشهور آهن.
انهن سڀني ماڙيچاڻي ديوين جا انهيءَ ماڙيچيءَ چڪلي
۾ پنهنجا ذاتي پڪا گهر، جايون، بنگلا ۽ ماڙيون
هونديون هيون، جيڪي اڄ به قائم ۽ دائم
آهن.......... جڏهن اسين انهن عبرتگاهن ۾ اچي،
ڪنهن ڪوٺيءَ تي وڃي رس ڄمائيندا هئاسين، ته انهيءَ
جڳهه جو ٻاهريون دروازو جيستائين اسان اُتي موجود
هوندا هياسين ٻين تماشبينن لاءِ بند ٿي ويندو هو.
انهيءَ وقت گهڻو ڪري، ڪوٺن تي سارنگين جو رواج هوندو هو. باجي
جو استعمال گهٽ ٿيندو هو. جيڏانهن به وڃبو هو، ته
اهو سئو تارن جو ساز سئو رنگ پيدا ڪري سوز ۽ بيراڳ
جي چترڪاري ۾ ٻڌبو ۽ ڏسبو هو. هارمونيم جو استعمال
انهي ڪري گهٽ هوندو هو، جو انهن جاين تي هارمونيم
گهڻي دير سان پهتو هو. تنهن کانسواءِ اڳتي هلي
زيڊ. اي. بخاريءَ جي قيادت هارمونيم جو جنازو
ڪڍائي، هميشه لاءِ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو
انهيءَ ۾ ناڪام ويو.
تنهن دور ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين دوستن گڏجي ”ميوزيڪل لورس
ڪلب“ ٺاهيو هو، سو هنن مون کي ان ۾ شرڪت جي دعوت
ڏني. آئون سندن دعوت قبول ڪري پروگرام موجب پنهنجن
فنڪارن سميت جڏهن اتي سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهتس، جيڪو
مخدوم صاحب جي بنگلي ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ آفيس جي
پٺيان رکيل هو، انهيءَ بنگلي جو وڏو هال آيل
مهمانن ۽ معززين سان مڪمل ڀريل هو، جن ۾ اديب،
شاعر، صحافي، آفيسر ۽ قلمڪار شامل هئا. اتي جو
جائزو وٺندي ۽ معائنو ڪرڻ کانپوءِ حيدربخش جتوئي،
علي احمد بروهي ۽ شيخ اياز سميت ٻين به اهڙن ڪيترن
ئي ڄاتل سڃاتل معززين کي اتي موجود ڏٺم. منهنجي
اتي پهچڻ تي، غلام رضا ڀُٽي ۽ ابراهيم جويي گڏجي
آجيان ڪئي. حيدربخش جتوئي معمول موجب معصوماڻي
انداز ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، ڀاڪر پائي مليو.
تنهن کانپوءِ سازينو شروع ڪرائي، محفل جي ابتدا ڪيم، جنهن ۾
شاهو خان ڪلوئي ۽ امير بخش ميراثي باجن تي، بينجو
نواز بلاول بيلجم بينجي تي، استاد بيبي خان جي پُٽ
ماسٽر نياز حسين وائلن تي، سنڌ جو پهريون نمبر
ڍولڪ نواز علڻ فقير ۽ شيخ عبدالله ڍولڪ نواز ڍولڪن
تي ۽ مون پنهنجي ڊفلي سنڀالي، جهانجهر مان ڇڻڪاٽون
ڪڍي، تيو وٺي، محفل کي گرم ڪري، ڀر واري ڪمري ۾
هليو ويس، جتي منهنجي سرشاري جو انتظام رکيل هو.
واپس اچي حيدر کوسي کان سنڌي لوڪ ڪافيون ڳارايم.
تنهن کان پوءِ وري سيد قاسم علي شاهه کي وارو ڏنم.
مٿئين ادب جي لورس ڪلب واري راڳ رنگ جي ثقافتي کان پوءِ، ٻئي
ڏينهن شام جو جڏهن شيخ اياز ۽ ابراهيم جويي سان
رٽز هوٽل جي لان ۾ ملاقات ٿي، ته شيخ صاحب پنهنجي
نظم توڙي نثر جا ٻه ڪتاب مون کي سوکڙي طور ڏنا، جن
کي شڪريي سان قبول ڪندي، کين ماتليءَ هلڻ جي دعوت
ڏنيمانءِ، جنهن کي قبوليندي ٻئي ڏينهن هلڻ جو
فيصلو ٿيو.
رٽز هوٽل کي آئون پنهنجي عزيز دوست شفيع سيٺ جي ملڪيت هئڻ ڪري،
پنهنجي بيٺڪ طور استعمال ڪندو هوس، ڇو ته منهنجي
گهر جي جاءِ رٽز هوٽل جي بلڪل ويجهو ۽ سامهون هئي.
جتان محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، مولوي محمد
عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نياز همايوني،
غلام رباني، امداد حسيني، ۽ ٻيا اسان شام جو پنجين
وڳي موٽرن رستي روانا ٿياسين. مون پنهنجي ساٿين ۽
نوڪرن کي اڳيئي امام واهه ريگيوليٽر تي موڪلي ڇڏيو
هو..... ٻيڙين کي حرڪت ۾ آڻي، لهوارو لوڙهيو ويو
ته جام ۽ پيمانا به گردش ۾ اچي ويا. گڏوگڏ باجا،
طبلا، ڍولڪون، ۽ ساز کولي، فنڪارن به پنهنجي فن کي
وائکو ڪيو ته وري ٻئي پاسي ڦليليءَ ندي جا ور وڪڙ
کائيندڙ ڪنارا ۽ نظارا به جهومڻ لڳا.
تڏهن ميڙاڪن ۾ ايندڙ طائفا پکن سان لانڍي نما
هانڊو ٺهرائي ٻنهي پاسن کان کٽون رکرائي، انهن تي
فراسيون ۽ چادرون وڇارائي، ٻي ٻي آني ۽ چئين چئين
آني، جا ٽڪيٽ وٺارائي، ماڻهن کي ويهاريندا هئا.
ٻنهي پاسن کان کٽن جي وچ ۾ باقي پيل خال تي، صاف ۽
خالي زمين يا ان تي گاهه وڇارائي انهي پٽ تي به
ماڻهن کي ويهاريندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن ڪڃريءَ جو
طائفو هوندو هو ته سندس پوڙهي ماءُ يا خرانٽ ناني،
هانڊي ٻاهران دروازي تي ٽٽل ڦٽل کٽ رکائي، ٽين جي
هڪڙي ننڍڙي رنگ آلود پيتڙي، جنهن جي مٿان پيسن
وجهڻ لاءِ ٽنگ ڪيل هوندو هو، آنو – ٻه آنا چار
آنا، هانڊي منجهه وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ جا وٺي، انهيءَ
ڀڳل ٽٽل پيتڙي ۾ وجهي، دفترين مان ٺهيل ٽڪيٽ ماڻهن
کي ڏيندي رهندي هئي، جيڪي ٻن قسمن ۾ استعمال ٿيندا
هئا. جن مان هڪڙي ٽڪر تي ”کٽ“ ۽ ٻيءَ تي ”پٽ“ لکيل
هوندو هو. ماڻهن کي ٽڪيٽ طور ڏيندي. کٽ تي ويٺي
ويٺي بيزار ٿيندي. چيچڙاٽ ڪري چرٻاٽون ڏيندي رهندي
هئي. هميشه هانڊي جي پڇڙي تي ٺهيل دروازي لڳ
ٻاهران، جتي به اڪثر ڪري پٽ تي ئي ماڻهو ويٺل
هوندا هئا، کٽولي تي ڀولڙيءَ جيان کيکاٽ ڪندي
رهندي هئي. |