سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :28

جيئن مراد علي جي صحت سُڌرندي وئي، تيئن مير هوريان هوريان منهنجي عزت وڌيڪ ڪرڻ لڳا، مهرباني ۽ شفقت وڌندي وئي. انهن مون کي هر نموني راضي ۽ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن وزير مون کي هر صبح سانجهيءَ درٻار ۾ وٺي ويندو هو. روز ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ هنن جي صحبت ۾ گذاريندو هوس. پڇاڙيءَ جو ته اُهي مون کي پنهنجن شهزادن سمان ليکيندا هئا. هڪ ٻن ملاقاتن کان پوءِ در تي جُتي لاهرائڻ جو رواج بند ڪيو ويو. هنن پنهنجي درٻار جو سمورو انتظام ڦيرائي منهنجي لاءِ ڪرسي رکي.

جڏهن سنڌي درٻارين ميرن جو رخ ڏٺو، تڏهن اُهي به منهنجي خوشامد ڪرڻ لڳا. جڏهن آءٌ حيدرآباد ۾ هوس، تڏهن آءُ ڀانيان ٿو ته سڀني قبيلن جا سردار، جيڪي درٻار ۾ رهيل هئا، سي مون سان گڏجڻ آيا، مير جي صحتيابي بابت سکن ۽ ٻين دوستن ڏانهن خط روانا ڪيا ويا. ٻين کان سواءِ مير سهراب خان ۽ مير ٺاري وٽان به مبارڪباد جا خط آيل هئا. روزانو فارسي قصيدا پڙهيا ويندا هئا، جن ۾ نهايت ڪِريل قسم جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪيل هوندي هئي.

مير مراد علي جي صحتيابي جي خبر ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ باهه جيان پکڙجي ويئي هئي. ماڻهن جا انبوهه لاعلاج بيمارين جي علاج لاءِهر پاسي کان اچي ڪٺا ٿيا هئا. منهنجي باغ جي چوڌاري ڏورانهن ديسن جي ماڻهن جون ڇانوڻيون لڳي ويون. منهنجي در تي صبح کان سانجهي تائين عرضدار بيٺا هوندا هئا. آءٌ جنهن وقت ٻاهر نڪرندو هوس، تنهن وقت دوا ۽ سهائتا لاءِ دک دائڪ پُڪارون ٻُڌندو هوس. مون کي لاچار سڀني لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو هو. مون سنڌ ۾ جيترو پورهيو ڪيو، ايترو مون اڳي ڪڏهن به ڪونه ڪيو هو.

ميرن کي ڪنهن ڄاڻ ڏني ته مون سندن ماڻهن تي چئن هزارن روپين جون دوائون خرچ ڪيون آهن، ته هنن اهي پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون نه ورتا، ڇو ته دوائن تي ڪمپني بهادر کي چئن هزارن جو ته نه، پر چاليهن رپين جوبه نقصان ڪونه پيو هو.

منهنجي محنت ۽ ڪشالي جو نتيجو اهو نڪتو جو مون کي سخت بخار ٿي پيو، ڇا منهنجي تيمارداري ڪئي وئي، سا ته وسارڻ جوڳي نه آهي. اها حقيقت آهي ته ميرن مون کي ڪوئنين کان جواب ڏنو، پر هر وقت منهنجي پڇا ۽ فڪر ڪندا هئا. ولي محمد خان منهنجو دوست ٿي ويو هو، سو جڏهن آءٌ بيهوش هوس ته هو سمورو وقت منهنجي پاسي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن مان هوش ۾ آيس ته منهنجي پهرين نظر انهيءَ بزرگ تي پئي، ۽ ڏٺم ته منهنجي شفا لاءِ دعا ويٺي گهريائين.

سنڌ جي قسمت جون واڳون ٻن جيئرن ننڍن ڀائرن مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي جي هٿن ۾ آهن. جيڪي سنڌ ۾ توڙي ٻاهر مکيه اميرن جي نالي سان سڏبا آهن، جن جون مهرون سڀني سرڪاري دستاويزن تي لڳنديون آهن. ائين ڪونه هو ته سندن سياسي اقتدار ۾ ڪو ثاني ڪونهي، پر خاندان جا ٻيا به ڪيترائي ڀاتي آهن، جن جو حيدرآباد جي درٻار ۾ انهن کان گهٽ مرتبو نه آهي. فتح علي ۽ غلام علي ٻنهي پٽ ڇڏيا، جن جو حڪومت ۾ حصو هو. سندن ننڍپڻي ۽ سندن چاچن جي دٻاءُ ڪارڻ، هنن جو نالو ڪونه ٻُڌبو هو، پر هنن هاڻي زور ورتو آهي. منهنجي وڃڻ کان پوءِ فتح علي جو پٽ مير صوبدار، جنهن جو نالو نشان ڪونه هو، ۽ جو مکيه اميرن جي ڄڻ چاڪري ۾ گذاريندو هو، تنهن بغاوت ڪري پاڻ کي هنن جو ثاني ڪيو آهي. غلام علي جو پٽ مير محمد کي به جيڪڏهن همت ۽ مرضي هجي ته هو به اهڙو ئي سوڀارو ٿي سگهي ٿو. مراد علي جا ٻه پٽ مير نورمحمد ۽ مير نصير خان به ملڪ جي والين ۾ شمار ٿي سگهن ٿا.

حڪمران ٽالپرن کان سواءِ ٽالپر قبيلي جا ٻيا به ڪيترا سردار، ميرن جي درٻار ۾ دائمي رهندا آهن؛ جيتوڻيڪ اُهي ’مير‘ يعني واليءَ جي لقب سان سڏبا آهن، پر کين حڪومت جي ڪاروبار ۾ هٿ چُراند ڪرڻ جي اختياري ڪانه هوندي آهي. هنن جو رُعب تاب ان ڪري هوندو آهي، جو شاهي گهراڻي سان مائٽي اٿن.

مراد علي اٽڪل پنجونجاهه ورهين جي ڄمار جو آهي. هن جو رنگ گورو آهي، ۽ هن جي شڪل سندس ملول ۽ اداس دل جو آئينو آهي. هو خشڪ ۽ شُوم طبيعت جو آهي، ۽ سندس مُنهن تي ورلي مُشڪ نظر ايندي آهي. هو ڪڏهن به دل کولي ڪونه ڳالهائيندو آهي.... هو پنهنجي زور ۽ زبردستيءَ ۽ رعيت جي ڊپ ۽ حراس سان سنڌ جي قسمت تي قبضو ڪيو ويٺو آهي...... هن کي هر وقت موت جو ڀئو رهي ٿو........ سندس رعيت جا ڪي ماڻهو ته چوندا آهن، ته هو بهادر به نه آهي.......... مون پاڻ به ڏٺو آهي، ته هن کي ڪا معمولي بيماري ٿيندي آهي، ته ڳڻتيءَ ۾ کيس ڪيتريون راتيون ننڊ نه ايندي آهي.......... هن کي لوڀ جو مرض آهي....... هو ورلي ڪو وچن ڪندو  آهي ته پاڙيندو نه آهي...... هو طاقت جي زور تي حڪومت ڪري ٿو ۽ سندس دل ۾ ڪي به نازڪ انساني جذبا ڪونه آهن.

مير ڪرم علي، ڀاءُ جي بلڪل اُبتڙ آهي. هن جي بهادري تسليم ٿيل آهي. هو درٻار جي آدابن رسمن مطابق کلڻو ملڻو، ٻاجهارو ۽ مهربان آهي. هو چڱي پوشاڪ ۽ ڏيک ويک جو شوقين آهي ۽ عام ماڻهن جي خوشامد پسند ڪندو آهي....... ٿورو وقت اڳ مير ڪرم علي گهڻو هٿ ڦاڙ هوندو هو، پر هاڻي پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو اٿس. مون ڏٺو ته حيدرآباد ۾ خلق جو آواز هن جي فائدي ۾ هو. ڇو ته هو پنهنجي رعيت ۽ زيردستن تي مهربان، ۽ واعدي جو پڪو آهي. هو قد جو لاٺيرو آهي، شڪل موچاري ۽ عادتون وڻندڙ اٿس. هو مراد عليءَ کان رڳو پنج ورهيه وڏو آهي، پر هن جي مُنهن ۾ گهنج ۽ جوانيءَ جي غلطين جا نشان آهن.

ڪرم عليءَ ۾ گهڻو حوصلو ڪونه آهي، جيتوڻيڪ هن کي چڱي تعليم مليل آهي. هو اهڙو ته ضعيف ۽ طبع ۽ آسائش پسند ماڻهو آهي، جو هن حياتيءَ ۾ هميشه ٻين جي صلاح ۽ مرضي تي هلڻ جو پاڻ کي عادي ڪري ڇڏيو آهي..... هن کي اولاد ڪونه آهي، ۽ نه وري کيس پنهنجن ڀائيٽن کي قبضي ۾ رکڻ جي طاقت ۽ همت آهي؛ پر جيڪڏهن هو پهرين فوت ٿي ويو ته ڀائرن ۾ ايتري ٻڌي ۽ محبت آهي، جو هن جي خزاني ۽ ملڪيت جو وارث مراد علي ٿيندو ۽ حڪومت جون واڳون اڪيلي سر سنڀاليندو.

مکيه ميرن کان پوءِ ٻيو نمبر درجو آهي، مير غلام علي جي پُٽ مير محمد خان جو. هن جي اٽڪل ٽيهه ورهيه ڄمار ٿيندي. هو هڪ ٺاهوڪو جوان آهي، چپ لڙڪيل اٿس، جن کيس ڪجهه بدزيبو ڪيو آهي. هن کي پنهنجي پيءُ کان گهڻي دولت ۽ اثر ورثي ۾ مليو هو. ڪجهه وقت ته هو پنهنجن چاچن سان گڏ مسند تي ويهندو هو، ۽ جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، تڏهن کيس سندس چاچن جيان حيدرآباد جي قلعي جي ديوارن تان سلامي ملندي هئي؛ پر هو هڪ نرم دل ۽ گهٽ حوصلي وارو ماڻهو آهي، ۽ کيس عزت يا مرتبي جو ڪو خيال ڪونه آهي. هن جي ملڪيت جي وڏي حصي تي مراد علي ۽ هن جي خاص نوڪرن قبضو ڪيو آهي، ڇو ته هن جو مٿن رعب ڪونه آهي ۽ هن ۾ پنهنجي ڪاروبار سنڀالڻ جي لياقت ڪانه آهي......... هن جا جيڪي خاص خدمتگار آهن، تن جي ساڻس ڏاڍي محبت آهي. هنن مان ڪيترن سندس نوڪريءَ مان وڏيون ملڪيتون ٺاهيون آهن.

مير محمد کي ٻار ٻچو ڪونه آهي........ سنڌ جي درٻار جو رواج آهي ته حاڪمن کي جيڪي ٻانهين مان ٻار ٿيندا آهن، تن کي ماريو ويندو آهي. هن خوفناڪ رواج ڪري نهايت بي قياسيءَ سان ظلم ٿيندا هوندا. مون کي ڄاڻ آهي ته هن گهراڻي جي رڳو هڪ ڄڻي امير، گهٽ ۾ گهٽ ستاويهه نڪاح بنا ٻار قبر داخل ڪيا هئا.

مير مراد علي جو وڏو پٽ نور محمد اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر جو آهي. هو هوبهوءَ پيءُ جو نقل آهي. هن ۾ پيءُ جون سڀ خراب خصلتون ۽ هن جا ٿورا چڱا لڇڻ آهن. هن کي ماڻهو ڌڪاريندا هئا........ سڄي خاندان ۾ هي هڪڙو سردار آهي، جيڪو اڻپڙهيل آهي. هن کي هڪ رواجي خط پارسيءَ ۾ لکي پيءُ ڏي موڪلڻو هو. مون ڏٺو ته هن اهو به هڪ منشيءَ کان لکارايو. هن کي مير شهداد نالي هڪ ڳٽڪو پُٽ به آهي، جنهن جي عمر ٻارهن ورهيه ٿيندي.

مير محمد نصير خان، مراد عليءَ جو ٻيو پٽ آهي. شاهي گهراڻي ۾ هو سڀني کان وڌيڪ رلڻو ملڻو ۽ خوش خلق آهي. هو پنجويهن ورهين جي عمر جو آهي. شڪل جو سهڻو پر ڪجهه ٿلهو ۽ نهايت فضيلت وارو آهي. هن جي ٺاهوڪي صورت آهي ۽ پيءُ ۽ ڀاءُ سان ڪابه مشابهت ڪانه اٿس.......... نصير خان اهڙو ئي سخي آهي، جهڙا اُهي ڪنجوس آهن. هن پنهنجي دولت نهايت فراخدليءَ سان اڏائي آهي.

حيدرآباد ايندي، مون رستي ۾ مير صاحبن جي خصلتن ۽ شاعراڻي شعور جي گهڻي واکاڻ ٻُڌي هئي......... تنهنڪري مون پهرينءَ ئي ملاقات جي وقت وجهه وٺي، مير صاحب جن کان ”ديوان جعفري“ نالي سندن تصنيف جي گهُر ڪئي. جنهن جي شُهرت لاءِ مون کيس چيو ته سڄي هندستان ۾ پکڙجي وئي آهي. اها ڳالهه کين نهايت پسند آئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي انهي تصنيف جو هڪ نهايت سهڻو ۽ باتصوير نسخو ڏنو ويو، جنهن جي پهرين صفحي تي سندن هٿ اکر هئا. ديوان جعفريءَ کان پوءِ مون کي ٻين ميرن کان وڌيڪ قيمتي سوکڙيون مليون. هنن وٽ پنهنجون تصنيفون ته ڪونه هيون، پر هنن مون کي حافظ ۽ سعديءَ جي ديوانن جا نهايت سهڻا نسخا ڏنا، جن مان ڪي ڪيتريون پيڙهيون ڪلهوڙن جي ڪتبخاني ۾ رهيا هئا، ۽ نه رڳو قيمتي هئا، پر ايراني انداز جا بهترين مثال هئا......... ولي محمد خان مون کي ڪابل جي بادشهه شاهه شجاع الملڪ جي پيرن جي هڪ سهڻي سائي رنگ جي جُتي ڏني، جنهن لاءِ هن کي اهڙي عزت هئي، جا هڪ وزير کي بادشاهه لاءِ هئڻ گهرجي.

نصير خان کي انگريز سرڪار لاءِ هميشه عزت پئي رهي آهي. حيدرآباد ۾ جيڪو اسان جو ڏيهي وڪيل رهندو آهي، انهيءَ جي هن هميشه عزت پئي ڪئي آهي.......... هو مردانگيءَ ۾ ٻين سڀني کان سرس آهي، جنهنڪري سپاهين ۾ ڏاڍي عزت اٿس......... چئي نٿو سگهجي ته جيڪڏهن کيس ميدان صاف ٿي مليو ته ان جو سندس طبيعت تي ڪهڙو اثر پوندو، خاص ڪري جڏهن عوام جو رايو سندس فائدي ۾ آهي.

مون کي مير صوبدار خان سان ملاقات ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو هو. مان جڏهن حيدرآباد ۾ هوس، تڏهن مٿس مير صاحب وڏي جو ناراضپو هو. هن مون ڏي نياپا موڪليا، پر ميرن ان ڳالهه تي اعتراض ورتو. هو فتح علي جو پٽ آهي، جيڪو ٽالپر گهراڻي جي عظمت جو باني هو. هو 1801ع ۾ پي جي وفات کان ٻه چار ڪلاڪ اڳ ڄائو هو. فتح علي، ڀائرن کي معصوم ٻار جي پارت ڪري گذاري ويو. صوبدار ڪيترا سال ڪرم عليءَ جو گود پٽ هو، پر هن کي مرگهيءَ جو مرض هوندو هو. هڪڙي ڏينهن کيس انهيءَ بري مرض جي دوري ۾ ڌڪ لڳو، ۽ هو بيهوش ٿي درٻار ۾ ڪري پيو. مراد عليءَ، ڀاءُ کي چيو ته انهيءَ اڀاڳي مان ڪي ڪين ورندو. انهي وقت کان وٺي، هو غربت ۽ گمناميءَ ۾ گذاريندو آهي، ۽ کيس پنجويهن هزار رپين جو ساليانو وظيفو ملندو آهي.

مير صوبدار سمجهي ٿو ته سندس مصيبتن لاءِ مراد علي جوابدار آهي. جڏهن مراد علي بيمار ٿيو، تڏهن صوبدار ۽ هن جا دوست خوش ٿيا ته اجهو ٿو مري. تنهن کان سواءِ، هن پنهنجي حقن لاءِ کليو کلايو گهُر ڪئي. ان تي مراد علي کي مٺيان لڳي. صوبدار لاچار ميرن جي دٻاءُ ڪري، درٻار ۾ حاضر رهندو هو، پر مون ڏٺو ته هن سان ڪوبه ڪونه ڳالهائيندو هو، ۽ نه هن کي ڪنهن به قسم جي عزت ڏني ويندي هئي.

پر مراد عليءَ، صوبدار چڱي طرح ڪونه سڃاتو هو، هن پنهنجي موروثي حقن وٺڻ لاءِ پنهنجي پيءُ جي باقي بچيل دوستن ۽ مير ٺاري جي سرڪش پُٽ مير علي مراد سان سازش ڪرڻ شروع ڪري ڏني. منهنجي هئڻ ڪري هو پنهنجون رٿون عمل ۾ آڻي نه سگهيو، پر مان حيدرآباد مان نڪتس، تنهن کانپوءِ هو جلد ئي اسلام ڪوٽ جي قلعي ڏانهن ڀڄي ويو، جتي اٽڪل پندرهن سئو ماڻهو گڏ ڪري هن حيدرآباد تي چڙهائي ڪئي........ پر ميرن مصلحت کان ڪم وٺي صلح ڪيو. صوبدار خان کي ملڪ جو حصو ڏنائون ۽ کيس حڪومت ۾ شريڪ ڪيائون.

مير صوبدار شڪل جو موچارو آهي. هن جو قد وچولو آهي ۽ هو البت ٿولهه ڏانهن مائل آهي. هن جو اُٿڻ ويهڻ پر تڪلف آهي،پر هن تي گهڻو وقت چوڪسي رهي آهي، جنهنڪري هن مامري ۾ صحيح اندازو نٿو ڪري سگهجي. مون ٻڌو آهي ته هن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو هو. هو بيشڪ هيڻي طبع جو ماڻهو آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن فرقي جي اثر ۾ اچي ويندو.

هتي خالص فوجي حڪومت آهي. ماڻهو، حاڪمن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن........ مير رعيت جي ڀلائيءَ جو اونو ڪونه رکن.......... سندن گهراڻي جي استقلال ۽ شان جو آڌار خزاني جي گڏ ڪرڻ تي آهي........ محصول ۽ ڍلون اهڙيون ته موتمار آهن، جو واپار کي سخت نقصان رسائين ٿيون، ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري، جو ملڪ جي صنعت تي ان جو بُرو اثر پوي ٿو. ڍلون ان کي ٺيڪي تي ملنديون آهن. جيڪو وڏو واڪ ڏيندو آهي. ٺيڪيدارن کي ٺيڪا حاڪمن جي مهربانيءَ سان ملندا آهن ۽ کين ڪنهن به صورت معافي ڪانه ملندي آهي.......

خوشقسمتي سان مالي انتظام ۾ اهڙيون پابنديون آهن، جي ڪجهه قدر رعيت کي فائدو رسائين ٿيون. حڪومت کي رعيت کان وڌيڪ ٺيڪيدار سان همدردي ڪانه هوندي آهي. تنهنڪري ٺيڪيدار خلاف، جيڪي پُڪارون ٿينديون آهن، سي حڪومت خوشيءَ سان ٻُڌندي آهي، ۽ اڪثر ڌرين جا تڪرار مفتيءَ ڏانهن شرعي فيصلي لاءِ موڪليندي آهي...... فوج ۾ گهڻو ڪري مسلمان آهن....... ڍلون اوڳاڙڻ جو نظام گهڻو ڪري هندن جي هٿ ۾ آهي. هندن جي طبقي کي درٻار ۾ ٿورو اثر رسوخ آهي.

هتي جي حاڪمن لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي، ته هنن سنڌ کي گذريل ٽيهه ورهيه ساندهه امن ۽ صلح سانت ۾ رکيو آهي........ ٻين ملڪن جيان سنڌ ۾ گوڙ فساد ۽ وڳوڙ کان پوءِ آهستي آهستي حڪومت اندر اهڙو انتظام ۽ استقلال پيدا ٿيو آهي، جيڪو سنڌ اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.

ٽالپرن آبادي لاءِ زمينون ٺيڪي تي ڏيڻ بدران سڀ کان وڌيڪ زرخيز ضلعن جون وڏيون ايراضيون پنهنجي شڪار لاءِ جهنگ ڪري ڇڏيو آهن..... مير فتح علي پاڻ کي ساليانو ٻن- ٽن لکن رپين جي ڍل جو نقصان پهچائي، حيدرآباد جي ڀرسان هڪڙو تمام زرخيز علائقو ويران ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته ان ۾ ڪوٽا پچا نالي هڪ قسم جو هرڻ رهي ٿو، جنهن جي شڪار جو کيس شوق آهي. ٿورو وقت ٿيو ته هن جي ڀاءُ مراد علي هڪڙي قديم ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪڍي ڳوٺ ڊهرائي ميدان ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڪُڪڙن جي ٻانگن ۽ مال جي چرائيءَ ڪري، سندس ڀاءُ جي جاگير ۾، جيڪا ان ڳوٺ جي لڳ هئي، شڪار ٽَهي ويندو هو.

ٽالپرن جو سمورو گهراڻو مذهبي حڪمن جو پابند آهي. .... اُهي عام درٻار ۾ گوڏا کوڙي نماز تي بيهي ويندا آهن........ ٽالپر عام سنڌين جيان سُني هئا. پرهنن جو ايران سان لاڳاپو رهيو آهي، جنهنڪري ايران جي رسمن کي سندن درٻار ۾ جاءِ ملي آهي. مراد علي ۽ صوبدار کان سواءِ، سڀ شيعا يعني حضرت علي رضه جا معتقد آهن.

جڏهن مون حيدرآباد ڇڏيو تڏهن ميرن مون کي ٻه واچون مرمت لاءِ ڏنيون......... ميرن مون کي هڪڙي نهايت قيمتي تلوار سوکڙيءَ طور ڏني هئي، جنهن تي سندن وزير جو هڪ ڪتبو لکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org