سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :65

 حيدرآباد جي پهرين فيبروري 1851ع تي ٿيل آدم شماري موجب: شهرن ۽ ڳوٺن جو انگ 4977 هو، جن جي ڪُل آبادي 551811 هئي، جنهن ۾ مسلمان مرد توڙي عورتون 410194 ۽ هندو مرد توڙي عورتون 108736 ۽ ٻيا مرد توڙي عورتون 32881 شامل هيون........ هنن انگن اکرن ۾ مردن ۽ زالن جي تعداد ۾ وڏو فرق آهي، ڇو ته اوڀر ملڪ جي ماڻهن ۾ عام طرح ۽ خاص ڪري مسلمانن ۾ زالن يا گهر  جي ماڻهن بابت پوشيدگي رکي وڃي ٿي، ۽ انهن جو نالو به ظاهر نٿو ڪيو وڃي. تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻانهيون هن ۾ شمار نه ڪيون ويون هجن.

سنڌ جي فتح کان پوءِ چارلس نيپيئر طرفان سُڌارن هيٺ سڀ کان پهرين سزاوال، جنهن جي آزمودي ۽ صلاح انگريزن کي ملڪ جي واءُ ساءُ کان واقف ڪيو هو، تنهن جو عهدو گهٽائي کيس ڪاردار بنايو ويو. کين جيڪو پگهار ميرن وٽان ملندو هو، انهي کي گهٽائي پهرين هڪ ڀاڱي پنج ۽ پوءِ هڪ ڀاڱي ڏهه ڪيو ويو، ۽ سندن عهدن تي يورپي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا، جن کي ڪابه تربيت وغيره نه ڏني ويئي. اُهي ايتريقدر ته اڻڄاڻ مقرر ڪيا ويا، جو کين فصلن بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي. اڳين ڪاردارن جو پگهار به گهٽائي اڌ ڪيو ويو، ۽ کين توڙي سزاوالن کلي بنا ڪنهن امتياز جي بي اصول بدمعاش ڪري تصور ڪيو ويو. اهڙي ريت ٿوري وقت ۾ اشراف ماڻهن کي چونڊي ڪڍيو ويو، ۽ سندن جاءِ تي اهڙا هٻڇي مقرر ڪيا ويا، جن کي رڳو ڪمائيءَ جي لڳي پيئي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو اُهي رعيت کي ڪنهن ڊپ بنا گهڻو ڦُرڻ لڳا.

سنڌ جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد ۾ پڻ آگسٽ 1843ع ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. انهي ڏس ۾ لارڊ ايلنبرو 26 آگسٽ 1843ع تي هڪ جنرل آفيسر مقرر ڪيو، جنهن کي اُتر سنڌ توڙي ڏکڻ سنڌ جي ديواني سياسي فوجي ڪنٽرول جا اعليٰ اختيار ڏنا ويا، ۽ ميجر آئوٽرام کي سندس زيردست رکيو ويو. ملڪ ۾ مارشل لا هئڻ ڪري رڳو تهمت لڳڻ سان ماڻهو سخت عذاب ۾ اچي پئي ويو. سزائون ڏاڍيون ڳريون رکيل هيون، جنهن ۾ معمولي سزا ڏهن، پندرهن ۽ ويهن هزار رپين تائين هئي. گڏوگڏ زنجيرن ۾ جڪڙجي قيد ٿيڻ جي به سزا ڏني پيئي وئي جنهن جو مدو ستن يا ڏهن سالن کان به مٿي هو. اُهي سزائون بروقت عمل ۾ آنديون پئي ويون، تنهنڪري ماڻهن جي سخت بيعزتي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ اپيل وغيره جو به حق ڏنل هو، ۽ اهو به ضروري ڪونه هو ته سڀني جي اپيل تي ويچارجي. ميرن جي دور ۾ روينيو (ڍل) جو حساب ڪتاب هڪ خاص مهيني ۾ پورو ڪبو هو، پر هاڻي ته موسم پٺيان موسم گذرندي پئي وئي. پر اڃا تائين ڪابه سيٽلمينٽ نه پئي ٿي سگهي. سزائون ڏاڍيون سخت هيون ۽ جيئن ته يورپي حاڪم اڻڄاڻ ۽ بي آزمودگار هئا، تنهنڪري ڪاردار ۽ سندن زيردست، ماڻهن کي ڦرڻ ۾ ڇڙواڳ ٿي پيا. ساڳئي وقت کاتيدارن تي روينيو في به مقرر ڪئي ويئي. جنهن جو اگهه سڀني کان هڪجيترو اوڳاڙيو هو. انهي نئين ڍل مڙهڻ ۾ زمين جي خاصيت، ۽ ان جي ايراضي ۾ پڻ پاڻي جي سهوليت يا موسم وغيره جو ڪوبه خيال نه  ڪبو هو، سڀني کي هڪ جيتري ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ٿورن ايڪڙن جي زميندار کان به ساڳي ڍل وٺبي هئي. جيڪا دوآبي ۾ سٺي زمين جي مالڪ کان وصول ڪبي هئي. درخواستن ۽ عرضداشتن تي ڪوبه ويچار نه ڪبو هو.

 

ٽالپر عورتن سان برطانوي فوجين جون زيادتيون

”شال مهاراڻيءَ جي شان ۽ شوڪت جو پاڇو پاڪدامن بلقيس جيان وڌندو رهي.“

انهيءَ واقعي کي گذرئي ٻه سال ٿيندا، جو سرچارلس نيپيئر فوج ۽ توبخانو وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي اسان جي گهرن کي لُٽيائين ۽ جيڪي به قيمتي شيون جهڙوڪ؛ پئسا ڏوڪڙ، زر زيور يا هيرا جواهر هن اتي ڏٺا، سي اسان کان کسي ويو. نه رڳو ايترو پر اسان جا مرد ماڻهو، يعني مير ۽ اسان جا ٻار اسان کان کسي، انهن کي قيدي بنائي، هندستان موڪلي ڇڏيائين.

”اسان کان هاڻي اها طاقت کسجي ويئي آهي، جيڪا سر چارلس نيپيئر جي اچڻ کان اڳ اسان وٽ هئي. تنهنڪري اسين هاڻي بيوس ۽ لاچار ٿي ويون آهيون. اهو ڪهڙو طريقو آهي، جو هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي آيو، ۽ اسان جو الهه تلهه ڦري ويو، ۽ ايترو به نه ڇڏيو اٿس، جنهن مان اسين پنهنجو گذرسفر ڪري سگهون. ٻن سالن کان وٺي اسان کي پنهنجي اصلوڪي شهر ۽ گهر کان پري جهوپڙين ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اسان کي ايترو ته بيوس ۽ لاچار ڪيو ويو آهي جو اسان کي پورو کاڌو به نٿو ملي. جيڪو ڀتو اسان کي مهيني لاءِ ڏياريو وڃي ٿو، سو هڪ هفتي ۾ ختم ٿيو وڃي. اسان کي جيڪا کاڌي ۽ ڪپڙي جي تنگي آهي، انهيءَ جي الله کي ئي ڄاڻ آهي. ۽ جيئن ته اسان کي اميرن کان پري رکيو ويو آهي، تنهنڪري اسين ڏک ۽ عذاب ۾ آهيون ۽ جيئڻ مان ڪڪ ٿي پيون آهيون.

”ماڻهو جيڪڏهن الله جي حڪم سان مري ٿو، تڏهن ۾ ان ۾ ڪوبه مهڻو نه آهي، پر هتي ته روزانو نئين موت جي تڪليف ڏسڻ ٿي پوي، جا ڏاڍي بڇڙي شيءِ آهي.“

جيڪو الائونس ميرن کي ڏياريو وڃي ٿو، سو سندن لاءِ ۽ سندن وفادار نوڪرن لاءِ، جن ڏيهه نيڪالي ۾ به ساڻس ساٿ ڏنو آهي، بلڪل اڻپورو آهي. تنهنڪري نوازش روءِ انهي تي ويچار ڪيو وڃي ۽ سندن رتبي ۽ وڏائي موجب وڌائي ڏنو وڃي ۽ پڻ اميرن ۽ سندن گهر وارين کي سندن ملڪ جي رواج موجب رهڻ لاءِ چڱا گهر مهيا ڪري ڏنا وڃن.“

”جيڪي هيرا ۽ جواهر، ۽ بي خانگي ملڪيت، جياڪ ميرن ۽ سندن گهروارين کان ڦري ويئي آهي، کين واپس ڏياري وڃي. گڏوگڏ سر چارلس نيپيئر کي حڪم ڏنو وڃي ته هز هائينسز جا خانگي ڪاغذ ۽ سامان جون فهرستون، کين واپس ڪيا وڃن ته جيئن اُهي ڏسي پنهنجي ملڪيت واپس وٺي سگهن. اُهي سڀ امير جيڪي جدا جدا هنڌن جهڙوڪ پونا، سورت، هزاري باغ ۽ ڪلڪتي وغيره ۾ نظربند آهن، تن سڀني کي هڪڙي هنڌ گڏ رهايو وڃي.

ٻيو ته مير ڪرم علي خان جي گهر جي معزز عورتن کي ڪجهه جاگيرون هيون، جيڪي سر چارلس نيپيئر انهن کان کسي ورتيون آهن، جيئن ته ڪيترن ٻروچ سردارن کي سندن جاگيرون واپس ڏنيون ويون آهن، تنهنڪري انهن عزت ماب عورتن کي به، جيڪي هاڻي ٽالپر خاندان جون سردار آهن. سندن اصلوڪيون زمينون سندن جواهرن ۽ خانگي ملڪيت سان گڏ واپس ڪيون وڃن.

”وڌيڪ ته انهن اڀاڳين بيواهن کي، رهڻ لاءِ موزون جايون ڏنيون وڃن، (ڇاڪاڻ ته سندن اصلوڪا گهر سرچارلس نيپيئر جي هٿ ۾ آهن) ۽ کين اجازت ڏني وڃي، ته اُهي باقي حياتي جا ڏهاڙا سنڌ ۾ گهارين. ۽ کين پنهنجي ملڪ کان پري، ڌارئين هنڌ رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.

”جيئن ته تون راڻي آهين ۽ اسين به تو جيان ڪنهن وقت راڻيون هيونسين، تنهنڪري اميد ڪريون ٿيون ته اسان تي ڪهل آڻي، اسان سان همدردي جو سلوڪ ڪيو وڃي، ۽ اسان کي اُهي سڀ شيون واپس ڏياريون وڃن، جيڪي سرچارلس نيپيئر اسان کان ڦريون آهن. جيئن ته اسان جون دليون اميرن ۽ پنهنجن پُٽن جي جدائي ۾ ڦٽجي چڪيون آهن، تنهنڪري اسين عرض ٿيون ڪريون ته اسان کي انهي آزار کان نجات ڏياري وڃي، نه ته پوءِ اسين پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ کي هڪ ثواب جو ڪم سمجهنديونسين. شل الله توکي وڏي ڄمار ڏي.

27 شوال 1260 هجري جي حيدرآباد سنڌ ۾ لکيو ويو.

ٽالپر حڪمرانن جي گهروارين جون صحيحون

بيگم مير ڪرم علي، بيگم مير محمد نصير، بيگم مير نورمحمد، بيگم مير مير محمد، بيگم مير صوبدار.“

 

ٽالپرن جي ايلچين طرفان مهاراڻي وڪٽوريا، گريٽ برٽن ۽ آئرلينڊ جي راڻي ڏانهن موڪليل درخواست

سانئڻ!

1809ع کان 1839ع تائين، سنڌ جي درٻار جا، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازمن سان جيڪي به ٺاهه ٿيا، انهن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي ۽ هزهائينس تي سخت شرط مڙهيا ويا، اُهي به ميرن گهرج مهل قبول پئي ڪيا آهن، اهڙو ڪوبه مثال ڪونه آهي، جنهن ۾ اسان جا حاڪم ڪنهن به انجام يا ٺاهه کي پاڙڻ کان ٿڙيا هجن. سر چارلس نيپيئر سنڌ ۾ پهچڻ سان سکر مان هڪ نئون ٺاهه اسان جي حاڪمن ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو هينئر اسان وٽ موجود آهي. اسين نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته حضور اعليٰ جن (ڪائونسل ۾) انهن ٺاهن تي ڌيان ڏيئي، نظر وجهندا ۽ ڏسندا ته حقيقت ۾ انهن انجامن جي ڪنهن ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

سر چارلس نيپيئر جي اها دعويٰ آهي، ته کيس ڪي خط مير نصير خان جي مهر ٿيل هٿ لڳا آهن، جيڪي مير نصير خان، بيبرگ بگٽي (بلوچ ٽڪريون) ۽ ملتان جي گورنر ديوان وسڻ مل کي لکيا هئا. اهو ئي سبب ڏيکاري، هن ميرن تي زيادتيون ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهيو. اسان کي انهي ڪري نهايت نئڙت سان عرض ڪنداسين، ته اسان مان ئي هڪڙي ديوان ميٺارام کي محمد نصير خان، سرچارلس ڏانهن روهڙي ڏياري موڪليو هو، ته انهن ضبط ٿيل خطن بابت پاڇا ڳاڇا ڪري. سر چارلس نيپيئر ان تي جواب ڏنو ته، ’مون کي خطن وغيره جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي خبر لارڊ ايلنبرو کي هجي. آئون به تو جيان هڪ موڪليل وڪيل (نائب يا عيوضي) آهيان ۽ جيڪي به وٽانئن هدايتون پهچن ٿيون، تن جي مون کي پوئواري ڪرڻي آهي.‘ انهي کان پوءِ جڏهن اسان جا حاڪم شهزادا ميجر آئوٽرام حيدرآباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ سان مليا، تڏهن هن به اهوئي ٻڌايو ته کيس ڪا ڄاڻ نه آهي ۽ اهو مامرو هن سرچارلس ڏانهن ڏياري موڪليو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن اهي شهزادا قيد ٿيا تڏهن هنن ڪئپٽن گارڊن کان انهن خطن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن وراڻيو ته کيس پوري خبر آهي ته اهي خط گورنر جنرل وٽ هن پاڻ ڏٺا هئا. نيٺ جڏهن اهي قيدي شهزادا ڪلڪتي پهتا، تڏهن هنن گارڊن تي زور آندو ته انهن خطن ۽ مهرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، جن جي ڪري کين تڪليف پهتي آهي، ٻن ڏينهن کان پوءِ هن اچي ٻڌايو ته اهي خط لارڊ ايلنبرو انگلينڊ ڏانهن اختياري وارن کي موڪليا آهن. انهي واقعي کان ٿورو پوءِ لارڊ ايلنبرو کي واپس گهرايو ويو، ۽ سندس جاءِ نشين سر هينري هارڊنج اچي ڪلڪتي پهتو. جنهن ميرن طرفان موڪليل خط جي موٽ ۾ ڄاڻايو ته هو انهي ڏس ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهي. جيئن ته اسان جي رئيسن جو هندستان ۾ ڪوبه داد نه ٿيو، تنهنڪري هنن اسان کي هن ملڪ ڏانهن ڏياري موڪليو آهي. اسان اميد ٿا ڪيون ته انهن خطن ۽ مهرن بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي ۽ اسان جي شهزادن جي بيگناهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ مٿن ٿيل ظلم ۽ ستم پڌرو ٿي پوندو.

اسان ارل آف رپن، بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وغيره کي درخواستون ڪيون آهن، پر هنن اسان کي ٻڌڻ کان نابري واري آهي. تنهنڪري هاڻي رڳو مهاراڻي جي رحم جي آرزو آهي. اسين انهي ڪري عرض ٿا ڪريون ته هي بختاور تخت ڌياڻي، انهي مامري تي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي، ته جيئن انصاف پلئه پوي.

آخوند حبيب، ديوان ميٺارام، ديوان ڏيارام

30 مارچ 1845ع، 19 هارلي گهٽي، لنڊن

 

ٽالپر اميرن جي حڪم سان ديوان مهتارام طرفان ٺاهيل بيان

سانئڻ!

پهريائين لارڊ منٽو 1809ع ۾ ميرن سان ٺاهه ڪيو ۽ کانئس پوءِ گورنر وليم ڪاوينڊش بينٽڪ به ٺاهه ڪيا، پهريون 1832ع ۾ ۽ ٻيو سر هينري پاٽنجر جي معرفت 1834ع ۾. انهن ٺاهن ۾ لکيل هو ته انگريز سرڪار جو سنڌ ڏانهن دوستي جو رستو، قيامت تائين رهندو، ۽ انگريز حڪومت ميرن جي ملڪ مان هڪ فوٽ زمين جي به خواهش ڪانه ڪندي.

انهي کان پوءِ سر هينري پاٽنجر سنڌ ۾ گورنر جنرل طرفان ايلچي بڻجي آيو، ۽ عرض ڪيائين ته واپارين کي ۽ واپاري ٻيڙن کي سنڌو درياهه مان جهاز راني ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کانئن ڪوبه محصول وغيره نه اوڳاڙيو وڃي. جيئن ته سنڌ جي ميرن کي دوستي انگريزن سان نڀائڻي هئي. تنهنڪري هنن انهي گذارش جي اجازت ڏني. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت جي هٿ هيٺ علائقن ۾ سڀني واپارين کي بنا ڪنهن رنڊڪ يا تڪليف جي اچ وڃ جي اجازت ڏني ويئي. پاٽنجر جڏهن ٻيون ڀيرو هتي آيو، تڏهن اچي چيائين ته انگريز فوجون ڪابل ۽ افغانستان وڃڻ خاطر، سنڌ مان گذرنديون. انهي تي به ميرن اجازت ڏيئي ڇڏي.انگريز فوجون جڏهن سنڌ ۾ پهتيون، تڏهن ميرن کي چيو ويو ته اهي پنهنجن ڪاردارن ڏانهن حڪم جاري ڪن ته اُهي انگريزن کي ٻيڙيون، ڪاٺ ۽ اُٺ وغيره پهچائي ڏين. جيتوڻيڪ اهڙو ڪوبه شرط ٺاهه ۾ ڪونه هو، پر ان هوندي به ميرن انهي دوستي کي پڪو ڪرڻ لاءِ، جيڪا انگريزن ساڻن سڄي عمر لاءِ رٿي هئي. ٻيڙيون، اٺ، اناج، ڪاٺ ۽ ٻيون ضروري شيون انگريزن کي مهيا ڪري ڏنيون، جن کين خراسان واري مهم لاءِ گهربل هيون. اميرن جي انهي قدم تي، ته انگريزن کي ضروري شيون مهيا ڪري ڏجن. قبيلائي سردار سخت ناراض ٿي پيا. ساڳئي وقت اميرن انهي ڪم جي ڪري پٺاڻن سان به دشمني ڪري وڌي. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به انهي دائمي دوستي کي پڪو ڪرڻ لاءِ، امير قبيلائي سردارن کي حڪم جاري ڪيا ته انگريز فوج جي ڪابه مخالفت نه ڪن. ۽ اهو به اعلان ڪيو هئائين ته جيڪو به انگريز فوج جي واڌ ۾ رڪاوٽ يا هراس وجهندو، انهي کي سخت سزا ڏني ويندي. انهي حڪم جي ڪري سنڌي قبيلا ماٺ ۾ رهيا، ۽ انگريز فوج کي ڪابه تڪليف نه ڏنائون.

جڏهن سر جان ڪئن جهرڪن وٽ پهتو، جيڪو حيدرآباد کان ٻارهن ڪوهه پري آهي، تڏهن هُن ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي، ڪئپٽن ايسٽوڪ جي هٿان هڪ ميمورنڊم ڏياري موڪليو، انهي ۾ هن لکي موڪليو ته هن کان پوءِ انگريز لشڪر جي رهائش جي سالياني خرچ لاءِ ٽي لک رپيا ڀري ڏين ۽ انهي کان سواءِ ايڪيهه لک رپيا هڪدم خرچ ڀري ڏين، نه ته انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن! اهو شرط زوري قبول ڪرائڻ، ميرن سان نسورو ناحق ظلم هو. پر ان هوندي به انهن دوستيءَ جي ناتي جي خيال کان ناموزون ۽ بي انصافي جي اصول تي ٻڌل هوندي به، ميرن نيٺ اهي پئسا به ڀري ڏنا، جي آڪلنڊ کانئن گهريا هئا، ۽ اهي پئسا ميرن پنهنجي خانگي خزانن مان ڏنا. جڏهن سرجان ڪئن ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو، تڏهن ميرن رستا ۽ لنگهه کولي ڇڏيا ۽ انگريزن جي اسٽيمرن جي اچ وڃ ۾ ڪابه رنڊڪ نه وڌي. انهي جي شاهدي ليفٽيننٽ پوسٽنس ۽ ٻيا ڏيندا، جي ان وقت اُتي موجود هئا. جيڪڏهن مير، انگريزن جي اهڙي طرح مدد نه ڪن ها ته پوءِ انگريزن جي ڪابل واري مهم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿئي ها. اهو سڀ ڪجهه ميرن انهي لاءِ ڪيو ته کين انگريز حڪومت وٽان انهن خدمتن جو پورو پورو معاوضو ڏنو ويندو ۽ نه انهيءَ لاءِ ته کين اهڙي مصيبت ۾ وڌو ويندو جنهن ۾ هينئر گهيريل آهن.

سر جان ڪئن جي وڃڻ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر 11- مارچ 1839ع تي هڪ ٻيو ٺاهه آڻي ڪڍيو، جنهن تي لارڊ آڪلنڊ جي صحيح ۽ مهر پيل هئي. جهڙي طرح، اڳين ٺاهن ۾ لکيو ٿي ويو، اهڙي طرح هن ٺاهه ۾ به ايئن لکيل هو ته هي ٺاهه سڪندر جي ديوار جيان سگهارو ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي تائين محڪم رهندو! انهي کان پوءِ سر هينري پاٽنجر چين ڏانهن اُسهيو ۽ سندس جاءِ ميجر آئوٽرام ورتي، جيڪو حيدرآباد جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ميرن کي وري به انهي نئين ريزيڊنٽ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو. ميجر آئوٽرام ٿوري وقت کانپوءِ بلوچستان هليو ويو، ۽  سندس جاءِ تي سندس نائب مسٽر ليڪي حيدرآباد  جي درٻار تي مقرر ڪيو ويو. مسٽر ليڪي کي مير محمد خان اطلاع ڏياري موڪليو ته حيدرآباد جا مير پنهنجي طرفان هڪ عيوضي لنڊن جي درٻار ڏانهن موڪلڻ چاهين ٿا، ته جيئن پنهنجا ڏک سُور ۽ اهنج ايذاءُ وغيره اُتي پهچائي سگهن. مسٽر ليڪي، منشي ساڌورام جي معرفت، جو پڻ انگريز سرڪار جو هڪ نوڪر آهي. جواب ڏياري موڪليو ته مير پنهنجو عيوضي شايد ڪمپنيءَ جي خلاف شڪايت ڪرڻ لاءِ ٿا موڪلين، انهي تي ڪمپني ناراض ٿي پوندي، ۽ انهي جي ميرن سان دشمني ٿي پوندي. ميرن کي انهي تي لاچار پنهنجي عيوضي موڪلڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻو پوي. انهي واقعي کان ٿورو پوءِ مسٽر ليڪي بيمار ٿي پيو ۽ ڪراچي هليو ويو، ۽ سندس جاءِ تي مسٽر مائلن حيدرآٻاد ۾ مقرر ٿي آيو.

1842ع ۾ سر چارلس نيپيئر پهرين ڪراچي پهتو ۽ بيماري سبب ڪجهه وقت اتي رهي پوءِ حيدرآباد آيو. ميرن سندس ڏاڍي شان ۽ مان سان استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪيون، ۽ سندس چڙهڻ لاءِ هڪ پالڪي موڪلي، جنهن تي سون ۽ چاندي جو ڪم ٿيل هو. سندس ساٿي آفيسرن لاءِ پڻ سون ۽ چاندي سان سجايل اُٺريون موڪليون ويون، ته جيئن اُهي مٿن چڙهي اچن. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين مکيه ميرن کي سندس آجيان لاءِ اڳواٽ موڪليو ويو ته جيئن اُهي کين وٺي اچن. اهڙي شان، دٻدٻي ۽ ٺٺ سان سرچارلس نيپيئر ميرن سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ واپس ڪئمپ ۾ وڃي، ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيمر تي چڙهي سکر هليو ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ ڪئپٽن اسٽينلي، سکر مان حيدرآباد پهتو، ۽ پاڻ سان هڪ نئون ٺاهه خط سميت کڻي آيو ميرن جڏهن خط ۽ ٺاهه ڏٺو؛ تڏهن حيران ٿي ويا. ۽ احتجاج طور ٻه ڀيرا سر چارلس نيپيئر ڏانهن قاصد ڏياري موڪليائون، ته انهي نئين ٺاهه ۾ ميرن جي تباهي آهي. انهي ۾ ڪيترائي اهڙا شرط هئا جن موجب ميرن کي پنهنجي ملڪ جا ڪيترائي علائقا انگريزن کي ڏيڻا ٿي پيا. سي چارلس نيپيئر بچايو ته کيس ڪابه ڄاڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته کيس رڳو لارڊ ايلنبرو جا حڪم مڃڻا آهن. هن قاصدن کي وڌيڪ ٻڌايو ته، ”آءُ رڳو اوهان جيان هڪ وڪيل آهيان، ۽ منهنجو ڪم آهي ٻين جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org