قلعي ۽ شهر جي انهي مرڪزي آبادي جي چوڌاري نوابن ۽ خاص
ماڻهن جا ٽنڊ هئا. الهندي طرف گدوءَ جو ٽنڊو يا
گدو بندر بدستور موجود هو. جهانيان پوٽه ساداتن
مان سيد ويڌل شاهه بن سيد حامد ڪبير جهانيان رحه،
جو اصل شاهپور جهانيان (تعلقو مورو) مان بڙودي طرف
هليو ويو هو، سو مير صاحبن جي پيغام تي حيدرآباد
آيو ۽ جيئن ته هتي سندس پٽ حاميد شاهه وفات ڪئي،
انهيءَ ڪري صفا الهندي طرف، ٽڪر جي هيٺيان، ”ٽنڊو
جهانيان“ آباد ڪري، هميشه لاءِ ويهي رهيو. ٽنڊي
جهانيان جي اوريان ڏکڻ طرف، ۽ گدو واري رستي کان
اتر طرف، چانگ قبيلي مان هڪ مرداڻي عورت ”مائيءَ
ماهڻ“ جي نالي پويان ”مائي ماهڻ جو ٽنڊو“ مشهور
ٿيو، جتي اڄ تائين ڪي گهر آباد آهن.
مٿي ٽڪر تي يونيورسٽيءَ جي اولهه طرف، ”اميدن ڀرئي“ جي مقبري
کان وٺي ڪليڪٽري تائين، وزيراعظم نواب ولي محمد
خان لغاري جو ”ٽنڊو نواب ولي محمد“ هو. انگريزن جي
قبضي بعد اها آبادي هاڻوڪي ٽنڊي ولي محمد واريءَ
جاءِ تي منتقل ڪيئي ويئي. هيٺ ڏکڻ طرف مير غلام
حسين خان ”ٽنڊو غلام حسين“ ٻڌو. قلعي ۽ شهر کان
اوڀر طرف، مير محمود خان جي حويلين ۽ اوطاقن پويان
”ٽنڊو مير محمود“ قائم ٿيو. ان جي اتر طرف حڪيم ۽
وزير آغا اسماعيل شاهه ۽ سندس اولاد جي پاڙي جي
نالي پويان ”ٽنڊو آغا“ ٿيو. اتان هاڻوڪي ريلوي کان
ڏکڻ طرف، محمد يوسف خدمتگار ”ٽنڊو يوسف“ ٻڌو. ٽنڊي
مير محمود جي اولهه ۾ طيب خدمتگار ”ٽنڊو طيب“
ٻڌو. نواب محمد خان ٽالپر جي نالي پويان. ڦليليءَ
جي اُڀرندي طرف ”ٽنڊو ٺوڙهو“ مشهور ٿيو. مير
شهدادخان جي ماڻهو، الهداد چنڊ، سندس ڳوٺ نسبتا
پوئين دور ۾ ٻڌو. ساڳيءَ طرح، الهندي پاسي ٽنڊي
مير نور محمد خان به پوئين دور ۾ ٻَڌايو.
ٽالپري عهد کان پوءِ هن شهر ٻه وڏا انقلاب ڏٺا آهن: 1843ع ۾
انگريزن جو سنڌ تي غاضبانه قبضو ۽ ان بعد، سئو کن
سال کان پوءِ، 1947ع ۾ پاڪستان جو قيام. انگريزن
جي قبضي، هتان جي نيڪنامي، اخلاق، تمدن ۽ روايات ۾
جيتريقدر ڦيرو آندو، اوتروئي حيدرآباد شهر جي در ۽
ديوار کي تبديل ڪيو. حيدرآباد حڪومت جو تختگاهه نه
رهيو ۽ ڪراچي ٿي ويو. هتان جا حڪمران قيد ٿي وڃي
ڪلڪتي ۾ ڏينهن ڪاٽڻ لڳا ۽ پويان قلعي واريون جايون
ڦٽي ويون. حاڪمن جي وئي کان پوءِ نواب ۽ خدمتگار
پڻ ڌڪاڻجي ويا ۽ ٽنڊن ۾ طراوت ۽ تازگي نه رهي.
هتان جا عالم، اديب، آخوند ۽ طبيب ڏتڙجي ويا. نئين
دور ۾ نوان قانون ۽ نوان لاڙا پيدا ٿيا. پراڻي
آبادي مان رڳو هندو عامل ۽ ڀائيبند اوج کي پهتا ۽
سندن دولت سببان نيون جايون ۽ نوان پاڙا وڌيا. ڏکڻ
طرف هيرآباد ٺهيو. جاءِ جي تنگي سببان قلعي جهڙي
تاريخي يادگار کي پڻ هڪڙي پاسي کان ڊاهي، نيون
جايون جوڙايون ويون. الهندو ڪچو ۽ صدر ٻئي نئين
دور ۾ آباد ٿيا. سرڪاري آفيسون، اسڪول، اسپتالون ۽
ڪاليج نئين دور جي ترقيءَ جا نشان بنيا. حيدرآباد
جو شهر ريلوي ذريعي ڪراچي ۽ سکر، بلڪ بمبئيءَ ۽
لاهور سان ڳنڍجي ويو. 1947ع ۾ هندو عامل ۽
ڀائيبند، تن هي خالي ڪيو ۽ ڌرتي ڌڪاڻجي انڊيا هليا
ويا ۽ سندن جاءِ اچي مهاجر آبادي اردو ڳالهائيندڙ
آبادي والاري. 1947ع کانپوءِ حيدرآباد جي آدمشماري
ايترو ته وڌي جو ان جو گذريل تاريخ ۾ مثال ئي
ڪونهي. شهر جي گوشي گوشي ۾ نئين آبادي وڌڻ سان گڏ
”شاهه لطيف آباد“ جهڙو حيدرآباد جو نئون ڀاڱو آباد
ٿيو. ڪوٽڙي براج جو ٺهڻ، وڏن ڪارخانن جو قائم ٿيڻ،
سنڌ يونيورسٽيءَ جو حيدرآباد ۾ منتقل ٿيڻ، ريڊيو
اسٽيشن کلڻ ۽ ڪمشنري پوڻ، هن نئين دور جا نمايان
نشان آهن.
البته هن ڪانفرنس ذريعي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو هيءُ ميڙ
حيدرآباد جي اڳئين علمي روايتن جي هڪ ڪڙي آهي.
’حيدرآباد‘ کان اڳ به، هيءَ ’نيرون ڪوٽ‘ واري
ننڍڙي بستي شاعرن جو گهر هئي. مير علي شير قانع
پنهنجو ڪتاب ”مقالات الشعراء“ حيدرآباد جي ٻڌجڻ
کان اٺ سال اڳ 1174هه ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ هتان
جي ڪن نالي وارن شاعرن جو ذڪر موجود آهي: مثلا
محمد احسن نيرون ڪوٽي، مُلا بهاءالدين نيرون ڪوٽي،
مُلا رحيم الله نيرون ڪوٽي، مُلا شهاب نيرون ڪوٽي،
عبدالجميل نيرون ڪوٽي، عبدالقادر نيرون ڪوٽي ۽
مُلا محمد (سيار) نيرون ڪوٽي، جنهن چيو ته:
گر سوي حقيقت نبود راهِ مجاز، در دامنِ گل دست چرا زد شبنم.
ان بعد ڪلهوڙن جي دور جي ادبي مجلسن جو نمائندو، فارسيءَ ۾ صاحب
ديوان ۽ سنڌي توڙي اردو جو شاعر، ميان سرفراز،
هتان اسان کان چار فرلانگ کن اتر طرف آرامي آهي، ۽
ڄڻ زماني جي بي ثباتيءَ ۽ مسلسل تبديلي بابت
پنهنجو اردو فرد پيو پڙهي ته:
اري بلبل، ڪسي پر باندهتي هو آشيان اپنا،
نه گل اپنا، نه باغ اپنا، نه لطفِ باغبان اپنا.
ٽالپري عهد جي علمي ۽ ادبي مجلسن جو باني مباني، حافظ قرآن ۽
شاعر سخندان، مير ڪرم علي خان ”ڪرم“ به هتان کان
ڇهه فرلانگ کن اتر طرف ” ميرن جي قُبن“ واري مرڪزي
قبي ۾ آرامي آهي. پاڻ پنهنجي وقت جي فارسي شاعرن
جي ڪلام جو انتخاب ”محڪم ڪمال“ جي نالي سان مرتب
ڪرايائين. سندس ديوان، خود پنهنجي هٿ لکيل ديباچي
سان يادگار آهي.
جيئن سندس درٻار شاعرن ۽ اديبن جو مرڪز هئي، تيئن هن وقت سندس
مرقد پڻ شاعرن ۽ سخن سنج صاحبن جي هڪ گروهه جو
مرڪز آهي. جن ۾ مير مراد علي خان ”علي“، مير نصير
خان ”جعفري“، مير حسين علي خان ”حسين“، مير
شهدادخان ”حيدري“، ۽ مير عباس علي خان ”مومن“ کيس
چوڌاري ويجها ستل آهن. باقي مرزا خسرو بيگ ”غلام“
(صاحبِ ديوان) ٻاهران اوڀر طرف هڪ چارديواري ۾
چوکنڊي هيٺ آرامي آهي، ته آغا زين العابدين
”عابد“، مرزا خسرو بيگ واري احاطي کان ٻاهر ڏکڻ
طرف، ۽ هير آباد واري رستي کان اولهه طرف، ميدان
تي، پنهنجي پيءُ حڪيم ۽ وزير آغا اسماعيل شاهه جي
ڀرسان، واري وسائي سُتل آهي. ٽالپري عهد جا ٻيا
شاعر ۽ اديب ٻين جاين تي آرامي آهن. حڪيم، شاعر،
مصنف، سپهه سالار ۽ وزيراعظم، نواب ولي محمد خان
لغاري ”ولي“، ميان سرفراز جي قُبي کان ڪجهه فاصلي
تي اُتر طرف هڪ ننڍي گنبذ ۾ آرامي آهي؛ ملا محمد
يوسف خدمتگار ”يوسف“ پنهنجي ٽنڊي يوسف ۾ ستل آهي؛
سرائي محبوب علي حبشي ”احقر“ ٽنڊي مير نور محمد
کان ڏکڻ، ڪامل شاهه جي مقام ۾ آسودو آهي؛ سنڌيءَ
جو شاعر سيد خير شاهه سندس پڙ ۾ سُتل آهي؛ ۽ مرزا
فريدون بيگ ”قانع“ مرزائن جي مقام ۾ خوابيده آهي.
ٽالپري عهد کان پوءِ وارين علمي ۽ ادبي مجلسن جا مُور به ڪي
گهڻيئي هئا، پر اُهي جيڪي هن شهر جي خاڪ ۾ خوابيده
آهن، تن مان غلام محمد شاهه ”گدا“. ٽنڊي مير نور
محمد کان ڏکڻ طرف، ڪامل شاهه جي مقام ۾ قراريل
آهي؛ سيد فاضل شاهه ٽنڊي مير محمود ۽ ٽنڊي آغا کان
الهندي طرف واري ”پراڻي مقام“ ۾ آرامي آهي؛ ۽
چوڌاري سندس سٿ جا ٻيا ساٿي شاعر ۽ اديب- آخوند
لطف الله شيراڻي، آخوند محمد لقمان شيراڻي، آخوند
فقير محمد شيراڻي ”عاجز“، ميان محب علي ٺاٺارو-
سُتل آهن. انهي ساڳئي خاموش بستيءَ ۾ ان وقت جو
وڏو علم دوست ۽ سخن شناس بزرگ مرحوم قاضي امام علي
آرامي آهي. انهي دور جي ٻين ٻن وڏن شاعرن ۽ مصنفن
مان، مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ڀٽائي صاحب جي
سايي ۾ وڃي ستو، ۽ مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙي ۾
پنهنجي بزرگن جي مقام ۾ آسودو آهي. انهيءَ دور جا
درويش، صوفي شاعر، قطب علي شاهه، روشن علي شاهه،
توڙي سندن ٻيا عزيز جهانيان پوٽا شاعر، شمس الدين
شاهه، هادي بخش شاهه ۽ غلام شاهه، هتان کان
اُلهندي ، ٽنڊي جهانيان ۾، پنهنجن بزرگن جي مقام ۾
آرامي آهن.
فاضل شاهه ۽ گدا کاپوءِ واري شاعرن ۽ اديبن جي گروهه مان ”گدا“
جو شاگرد مرزا دوست محمد ۽ سندس ساٿي مرزا ٻُڍل
بيگ ٻئي ٽنڊي آغا ۾ پنهنجي وڏن جي مقام ۾ سُتل آهن
۽ آخوند فقير محمد عاجز جو شاگرد رشيد، شاعر ۽
اديب محمد بخش ”واصف“ ٽنڊي يوسف لڳ ”نئين مقام“ ۾
آرامي آهي. حافظ حيات شاهه پڻ انهي نئين مقام ۾
آسودو آهي. مرزا مدد علي ٽنڊي آغا ۾ پنهنجي وڏن جي
مقام ۾ مقامي آهي، ته مرزا همايون بيگ همايون
پنهنجن بزرگن جي مقام ۾ وڃي ستو آهي. ان کان اڳ
سنڌ جي نامياري اديب لعلچند امرڏني مل جيتوڻيڪ
بمبئي ۾ گذاريو، تڏهن به سندس وصيت موجب، سندس
خاڪ جي پڃري کي هتي حيدرآباد ۾ آڻي مهراڻ جي لهرين
۽ لولين ۾ لوڏيو ويو.
انهن سڀني شاعرن ۽ اديبن هن ساڳئي شهر ۾ ادبي محفلن ۾ ايئن حصو
ورتو، جيئن اڄ اسين وٺون پيا. البته اڄ اُهي خاموش
آهن- پر ڪيئن چئجي ته اسين بيدار آهيون! بهرحال
اُهي شاعر ۽ اديب، جيڪي هتي جي خاڪ ۾ خوابيده آهن،
تن کي هن مجلس جي موقعي تي پاڻ ياد ڪرڻ مناسب هو.
ڪن جو ذڪر رهجي ويو آهي، ۽ پڻ ڪي اهڙا شاعر ۽
اديب، جيڪي هتان جي ادبي مجلسن ۾ شامل رهيا، پر
هُئا ٻاهر، تن جو ذڪر خير ڪونه ڪيو ويو آهي.
انهيءَ هوندي به ظاهر آهي ته قومي آزادي کسجڻ ۽
انگريزن جي تسلط قائم ٿيڻ بعد هتان جي علمي ۽ ادبي
روايتن کي تهه و بالا ڪرڻ جي باوجود، هيترن سارن
اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ذوق، سعيي ۽ همت سان هتان جي
علمي ۽ ادبي مجلسن کي قائم رکيو. ٽالپر دور جي
خاتمي بعد، مير عبدالحسين خان ”سانگي“ جي مجلس
موروثي طور شاعرن ۽ اديبن سان سينگاريل رهي.
ٻاهر شهر ۾ نئين سر زمين تي ادبي ذوق جاڳائڻ خاطر، هتان جي توڙي
ٻاهر جي شاعرن ۽ سخن سنج صاحبن کي هڪ جاءِ تي گڏ
ڪري ادبي محفلن قائم ڪرڻ ۽ مشاعرن منعقد ڪرڻ جي سڀ
کان اول ڪوشش غالباً مرحوم قاضي امام علي صاحب جن
ڪئي. نواب جي چاڙهي تي سندن اوطاق 1870ع کان 1880ع
واري عرصي ۾ خاص طرح انهن ادبي محفلن ۽ مشاعرن جو
مرڪز هئي. قاضي صاحب جن وقت بوقت شهر جي شاعرن کي
دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهُرائيندا هئا ۽ اتي نهايت
دلچسپ مشاعرا ۽ شعر بازيون ٿينديون هيون. حيدرآباد
جا هيٺيان شاعر انهن شاعراڻي مجلسن ۾ خاص حصو
وٺندا هئا. آخوند ميان محمد قاسم مرحوم هالا، سيد
فاضل شاهه، سيد غلام محمد شاهه ”گدا“، مرزا عباس
دهلوي ”خورشيد“ جيڪو حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ فارسي
جو استاد هوندو هو ۽ سنڌيءَ ۾ چڱو شعر چوندو هو:
حافظ عبدالله معذور، اصل ميرپور ساڪري تعلقي جي
ويٺل، پر جنهن حياتي جو پويون وڏو حصو حيدرآباد ۾
گذاريو؛ آخوند محمد لقمان شيراڻي ”لقمان“، آخوند
لطف الله شيرواڻي لطف“، آخوند فقير محمد شيراڻي
”عاجز“ ۽ ميان محب علي ”محب“ ٺاٺارو. بعضي ٻاهريان
شاعر به اچي مشاعري ۾ شامل ٿيندا هئا.
”عيدالضحيٰ جي ڏينهن قاضي امام علي مختيارڪار پنهنجيءَ اوطاق تي
مشاعري جو ميڙاڪو ڪرايو. ميڙاڪي ۾ سيد محمد تقي
شاهه قنڌاري ”تائب“، لس ٻيلي جي ڄام جو مير منشي،
مرزا عباس ”خورشيد، منشي محمد قاسم ”قاسم“ ۽ سيد
محمد فاضل شاهه ”فاضل“ شريڪ ٿيا. عيد سڳوري ڪري
اتي هڪڙو گويو به حاضر هو...... کائڻ پيئڻ بعد
قاضي صاحب ”مفرح القلوب“ اخبار جو فائل پيش ڪيو.
قاضي صاحب فرمايو ته: اڄ هتي بديهه ڪلام ٺاهي
ڏيکاريندا. نيٺ ٺهراءُ ٿيو ته هرهڪ شاعر واري
وٽيءَ تي هڪڙي هڪڙي مصرع چوندو ويندو، جيئن سڄو
غزل تيار ٿي پوي. پهرين سيد تقي شاهه ”تائب“ مصرع
چئي............
انهي طرح سڄي مشاعري جي تفصيلي ڪاروائي ڏنل آهي. جيڪا بحيثيت
هڪ ميزبان ۽ سخن شناس جي، مرحوم قاضي امام علي
صاحب جي انهن ادبي ڪوششن کي روشن ڪري ٿي. بهرحال
ادبي محفلن جي ذوق وارو اهو ابتدائي ٿڏو ڦُٽي
آهستي آهستي وڌي وڻ ٿيو، جيڪو هن وقت ٻين ادارن
سان گڏ هڪ مسقتل اداري يعني ته ”ڪل سنڌ ادبي
ڪانفرنس“ جي صورت ۾ ثمردار آهي. قاضي صاحب مرحوم
وٽ آهي علمي ۽ ادبي محفلون جاري هيون. جو کين هتي
حيدرآباد ۾ ئي هڪ فرزند ڄائو جنهن خانداني تربيت
جي فيض سان سنڌ جي فضيلت، شرافت ۽ صداقت واريون
خوبيون پنهنجي شخصيت ۾ پيدا ڪيون؛ جنهن علم کي علم
خاطر پرايو ۽ ان کي پنهنجي ذاتي فخر سان پختو ڪيو؛
جنهن مشرق ۽ مغرب جي علم ۽ حڪمت جي حقيقتن کي
سمجھيو؛ جنهن انساني معاشرت توڙي نظام فطرت جو
مطالعو ڪري قرآن جي حڪمت عملي کي پروڙيو؛ ٿورن
لفظن ۾ ته جو”اڃا ڪي افضل ، آهي چوڻ کان چوڻو
گھڻو“ سو آهي سنڌ جو صالح فرزند صاحب فضيلت عالي
وقار، علامه امداد علي صاحب قاضي، جيڪو خوش قسمتي
سان اڄ هن ڪانفرنس جي صدارت پيو فرمائي.........
آخر ۾ آءُ مڙني معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪي هن
اجلاس ۾ اچي شريڪ ٿيا آهن (8)
(ارڙهين ڪُل صدي ادبي ڪانفرنس؛ 31 مئي ۽ پهرين جون
1958ع، سنڌ يونيورستي حيدرآباد ۾ پيش ڪيل مقالو) |