سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :79

 وري انهن ڏينهن ۾ ڳهه ڳٽا به اهڙا هئا جي زالن واسطي مصيبت هئا. ڪن ۾ ڪرڪيون ۽ نڪ ۾ نٿ بولو، ۽ جنهن جو ڏاوڻ مٿي جي وارن ۾ ڪنڍيءَ سان اٽڪيل، ڄڻ ڪا اُٺ جي مهار آهي ۽ نٿ ناڪيلي آهي. ٻانهن ۾ عاج جون ڳٽيون! شل ڪنهن کي نه پون! ٻانهين پائيندي سوڙها چوڙا هٿن ۾ ڦٽ ڪري وجهندا هئن ۽ کائڻ ۾ تڪليف ڏيندا هئن. وات ۾ گرهه وجهڻ مهل ٻانهن ٽُنڊي ٿي پوندي هين. اڌ ڳهيري ڪري مس وات ۾ گرهه وجهي سگهنديون هيون. ڪراين تي ڳورا جهانجهرا، پيرن جي آڱرين ۾ بندرا، جُتي ڪهڙي، جنهن ۾ چيچ ۽ باچ ٻاهر باقي ٽي آڱريون اندر. پيشگير وري اهڙو جو هلن ته ڏائو هٿ پيشگير ۾ رڌل رهي. پوءِ هڪڙي هٿ سان ڇا ڪري سگهجي.

زماني تعليم جي باري ۾ گهڻو ڪري رڳو گرمکي تي زور هو. ڪا ورلي سنڌي ڄاڻندي هئي، پر مرد چوندا هئا ته جيڪڏهن سنڌي انگريزي سکيون ته حياءَ چٽ ٿي ويندن. قضا سان ڪا وڌوا ٿيندي هئي ته ٻارهن مهينا مُنهن ڍڪي ويهندي هئي ۽ هر روز زالن ۾ ويهي ٽي چار ڪلاڪ پار ڪڍڻا پوندا هيس. ميرا ڪپڙا ڪري پٽ تي سمهندي هئي سادو کاڌو کائيندي هئي. پاڻ پيڪي گهر به ڏينهنڪ نه وڃي سگهي. مطلب ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ويچارين زالن جي حال جون!

تن ڏينهن ۾ سول سروس وارن کي ٻه امتحان پاس ڪرڻا پوندا هئا. ديوان ڏيارام اهي پاس ڪري حيدرآباد ۾ آيو ته سرڳواسي ساڌو هيرانند جي بيٺڪ به حيدرآباد ٿي. حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج، جنهن کي تن ڏينهن ۾ نارمل اسڪول ڪري سڏيندا هئا، تنهن جو پرنسپال ديوان ڪوڙو مل ٿي آيو؛ ٽيئي ڪراچيءَ وارا دوست وري اچي حيدرآباد ۾ ڪٺا ٿيا ۽ پنگتي حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪيائون.

پنگتي سُڌار منڊلي

ديوان نولراءِ، ڪيشب چندر سين، ديوان ڏيارام، ساڌو هيرانند ۽ ٻين ڪن کي شامل ڪري هنن هڪڙي  ’سوشل رفارم ائسوسيئيشن‘ ٺاهي. انهيءَ منڊلي جا ميڙ هفتي هفتي ديوان ميٺارام جي کُليل پٽ ۾ ٿيندا هئا، جتي هينئر ’بندو آشرم‘ آهي. سوين ماڻهو اتي ايندا هئا ۽ ڪيترائي پنگتي سُڌار منڊلي جا ميمبر ٿيا. پر سڌارو ڪو سولو ڪونه هو. ديوان نولراءِ صاحب جو پيءُ ديوان شوقيرام عامل پئنچات جو مُکي هو. هن به ڏيتي ليتي جي باري ۾ گهڻيون ئي پنئچاتون ڪٺيون ڪيون هيون. پر کٿو ڪي ڪين. جنهن رسم جي ڄار لالچ ۾ کُتل آهي، سا سولي ٻاهر ڪين نڪرندي. جيڪا رسم جهوني آهي سا ڪا هڪ اڌ سال ۾ ڪين ڪي ڊهي سگهندي. سو هنن سُڌارڪن کي ڏاڍا ڪشالا ڪڍڻا پيا. ويتر ڪي ماڻهو انهن جي آڏو اچڻ لڳا. جيتوڻيڪ  پنگتي سزا قاعدي جي سزا کان وڌيڪ ليکبي آهي، ته به هتي پنگت ئي پاڻ ۾ ٺهيل نه هئي. سو ڪجي ته ڪجي ڇا؟ هنن تڏهن به همٿ نه هاري، پنهنجي ’پنگتي سُڌار منڊلي‘ جا متا هيٺينءَ طرح مقرر ڪيائون:

- ننڍپڻ جون شاديون روڪجن؛

 - شادي تي ڏيتي ليتي جو خرچ گهٽائجي:

- استريءَ سکيا جو واڌارو ڪجي ۽ استرين جو پنگتي درجو - سڌاري اوچو ۽ اعليٰ ڪجي، ۽

- ڪي به اهڙا ڪم ڪجن يا اُپاءُ وٺجن جن سان مٿين    مقصدن جي پوئواري ٿئي.

ڏيارام جو ارادو ٿيو ته انهيءَ منڊليءَ جي ميمبرن کان اهي پرڻ ڪرائجن ۽ جيڪو به ميمبر انهن پرڻن يا انجامن تي نه هلي. تنهن تي ڪجهه ڏنڊ وجهجي، جو قاعدي موجب وصول ڪري سگهجي. 1860ع جي ايڪٽ نمبر 21 ۾ جو ڌرمي ۽ داني منڊلين کي رجسٽر ڪرڻ جو ائڪٽ هو. تنهن ۾ هڪڙو اهڙو قلم هو، جنهن موجب ميمبرن کان ڏنڊ وصول ڪري سگهجي،  پر ’پنگتي سُڌار منڊلي‘ انهي ائڪٽ جي مدعا هيٺ اچي نه سگهيو. ڏيارام درخواست ڪئي ته 1860ع جي 21 نمبر ائڪٽ ۾ اهڙو سڌارو ٿئي، جو هي پنگتي سڌار منڊليون به انهي هيٺ رجسٽر ڪرائي سگهجن. لکپڙهه بمبئي سرڪار ڏانهن ويئي. انهن چيو ته اهو سڄو قاعدو سڌارڻ لاءِ بيشڪ آهي، پر حال حاضر انهي ڳالهه کي نه ڇيڙيو. تنهنڪري سرڪاري قاعدي دان بمبئي سرڪار کي اها سفارش ڪئي ته هيءَ منڊلي هندستاني ڪمپنين جي ائڪٽ نمبر، 6 سال 1884ع واري هيٺ رجسٽر ڪجي، انهي لاءِ ته داني منڊلين جي ائڪٽ نمبر 21، سال 1860ع واري کي سڌارڻ هي گهرج نه ٿئي. انهي صلاح موجب مڪاني سرڪار کي اها اختياري هئي ته سفارش ڪري ته هيءَ ’پنگتي سڌار منڊلي‘ ڪمپنين جي ائڪٽ جي 26 قلم موجب رجسٽر ٿئي. مڪاني سرڪار کي اهڙي درخواست ڪئي ويئي پر مڪاني سرڪار به چيو ته اڳي ته ڪا اهڙي منڊلي ڪپمنين جي ائڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيڻ لاءِ نه آئي آهي. سو انهن سڀ ڪاغذ ولايت موڪليا. آخر فيصلو ٿي آيو ته بيشڪ موڪل ڏجي ته اها ’پنگتي سڌار منڊلي‘ ڪمپينن جي ائڪٽ هيٺ داخل ٿئي ۽ نيٺ 15 آگسٽ 1888ع جي اها منڊلي رجسٽر ٿي. انهي دير مدر ڪيترن سُڌارڪن جي دلين کي ته ٿڌو ڪري ڇڏيو هو، پر ڏيارام ۽ سندس دوستن (ديوان نولراءِ، ساڌو هيرانند، ديوان تاراچند ۽ ديوان ڪوڙو مل) جو جوش اهڙو ئي قائم رهيو. هنن جي اهائي ڪوشش هئي ته ڏيتي ليتي ۾ جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر سُڌارو ۽ سهوليت ڪجي. تنهن تي پنئچائت جون گڏجاڻيون ڀائي پياري رام جي ٽڪاڻي ۾ ٿيون؛ جتي گهٽين جا پير مرد ۽ بزرگ سڏايا ويا؛ ۽ سڀني جي صلاح ۽ رضامنديءَ سان اهو ٺهراءُ ٿيو ته ڏيتي ليت شاديءَ جي پنج سئو رپين اندر ڪجي، وڌيڪ نه. اهو پئنچاتي ٺهراءُ اٽڪل ٻه اڍائي ورهيه چڱي طرح هليو.

هن منڊليءَ جا اصل منڍ ۾ ڪل 230 ميمبر ٿيا. تمام گهڻي ڪوشش بعد 1200 ميمبر ڪيا ويا، جن اقرار ڪيو ته انهن متن سان ٻڌل رهندا، پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها ئي ته انهن مان هڪڙي نامياري وڪيل، انهن انجامن مان هڪڙو انجام ڀڳو ۽ ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. مٿس ڪيس ڪيو ويو. ڪيس اهڙو قوي هو، جو هن ڏنڊ آخر ڀري ڏنو. انهيءَ ڪري منڊلي جو ڪجهه وقت تائين ڏاڍو مان ٿيو.

پر ٻيون سخت مشڪلاتون پيش آيون. هڪڙو ته عاملن مان 600 گهر کن اڃان تائين اهڙا هئا جو هن منڊلي جا ميمبر ئي ڪين ٿيا هئا، انهن ڏيتي ليتي جام ٿي ورتي. منڊلي جي قاعدن موجب وٺڻ واري تي ڏنڊ هو، نه ڏيڻ واري تي؛ تنهن ڪري منڊليءَ جي ميمبرن کي ٻٽي ڪيس ئي لڳي وٺي سگهن ڪين ۽ ڏيڻو پوين. ٻي گهٽتائي اها هئي جو ميمبرن جا وارث انهن شرطن سان ٻڌل نه هئا، سو ڪن ميمبرن جو چالاڻو ٿي ٿيو ته سندس پوين وري چالو رستو اختيار ٿي ڪيو، ٽيون ته ڪورٽن ۾ دعويٰ ٿي نٿي سگهي. سرڪار کي عرض ڪيو ويو ته منڊلي جيڪو ڏنڊ جو فيصلو ڪري، تنهن جي ڪورٽ مان ڊڪري ملي. اها ڳالهه سرڪار قبول نه ڪئي. تنهن کان سواءِ جيتوڻيڪ ڪيتريون فيون سرڪار معاف به ڪيون هيون، تڏهن به ڪمپنين جي قاعدي موجب جيڪي فيون ڏيڻيون ٿي پيون ۽ ڪاغذ پنا ۽ پرچار لاءِ پستڪ جيڪي ڇپائڻا ٿي پيا، سو ئي خرچ تمام گهڻو ٿي ٿيو. وري ڪيترن ميمبرن چندو ڏيڻ به بند ڪريو ڇڏيو ۽ زالن به قصي کي رولي وڌو. زالون ڏيتي ليتي جي گهٽائڻ جي ايترو ته آڏو آيون جو نيٺ منڊلي فيصلو ڪيو ته پنگتي سڌار جو بنياد پختو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڇوڪرين جا اسڪول کولبا؛ تنهنڪري منڊلي ساڌو هيرانند کي اختياري ڏني ته جدا جدا پاڙن ۾ ٽي ڇوڪرين جا اسڪول کولي.

هن کان اڳ رڳو هڪڙو اسڪول ڇوڪرين جو کليل هو. اهو هو ميونسپل اسڪول. انهيءَ اسڪول لاءِ ديوان نولراءِ 1500 رپيا پاڻ ڪڍيا ۽ 1500 رپيا ديوان سهجرام چانڊو مل آڏواڻي دفتردار کان ورتا ۽ انهي اسڪول تي ديوان نولراءِ جي پتا ديوان شوقيرام ۽ ديوان سهجرام جي پتا ديوان چانڊومل جي يادگيريءَ ۾ ”شوقيرام چانڊومل گرلس اسڪول“ نالو رکيو ويو. اهو اسڪول 1885ع جي ڊسمبر مهيني جي ٽين تاريخ ميونسپل کان کولارايو ويو. پوءِ وري ٻين ڇوڪرين جا اسڪول ’پنگتي سُڌار منڊلي‘ جي سهاري هيٺ کوليا ويا.

پهرين ڇوڪرين جو اسڪول هن منڊلي جي پاران، جيڪو ساڌو هيرانند کوليو سو هو ’دونهين گهٽي وارو اسڪول‘ راءِ بهادر پريتم داس حڪومتراءِ شهاڻيءَ (عامل ڪوآپريٽو بئنڪ واري) مهرباني ڪري پنهنجي هڪڙي مسواڙ اسڪول کي ڏني، جنهن ۾ پهريائين نڪي هيون بئنچون، نه ٻيو سامان؛ رڳو تڏا هوندا هئا. ماسترياڻيون ته پوري پني سنڌي ڄاڻنديون هيون. باقي گرمکي اکر پڙهي سگهنديون هيون. ٿورن ڏينهن ۾ ٻه ٻيا اسڪول به پنگتي سُڌار سڀا جي سهاري هيٺ جاري ٿيا. انهن اسڪولن جي نگهباني ساڌو هيرانند ۽ ديون پرڀداس ڪندا هئا. انهن اسڪولن جو چيئرمين ديوان تاراچند صاحب هو.

ٻيو اسڪول، سنسڪرت اسڪول جي خالي ڪيل جاءِ ۾ ڪيو ويو. ٽئين اسڪول لاءِ وري ٻائي هرڀڄن صاحب، جو ٻائي گرپت صاحب جي ٽڪاڻي جو گادي نشين هو، تنهن کي ديوان ڏيارام صاحب، ٻائي جڳتراءِ صاحب جي ٽڪاڻي جي سامهون جو پٽ پيل هو، جو ڏنل ئي منشي گدومل جوهو، تنهن تي اسڪول جي جاءِ ٺهرائڻ لاءِ چيو. ٻائي صاحب چيو ته اها جاءِ ئي توهان جي ڏنل آهي، سو ٺهرايو به اوهين؛ پيسا مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اها اسڪول جي جاءِ، جنهن ۾ هاڻي ’لالواڻي اسڪول‘ آهي، سا ديوان شيرو مل ٺهرائي........... اهڙي طرح پنگتي سُڌار سڀا جا ديوان خانچند جي ڏينهن ۾ هيٺيان پنج اسڪول هئا:

دونهين گهٽي وارو اسڪول؛ لالواڻي گهٽي وارو اسڪول؛ چنديراماڻي گهٽي وارو اسڪول؛ کيانتي ٽنڊو وارو اسڪول؛ ۽ جواهرن جي گهٽي وارو اسڪول.

پوءِ 1924ع ڌاري ديوان شيرومل جي صلاح تي، ديوان ڏيارام، ليلي صاحب ميونسپل انجنيئر کان هيرآباد ۾ هڪڙو پٽ نشان ڪرايو ۽ نيلام ڪرڻ کان روڪائي ڇڏيو. اهو پٽ نيٺ اسڪول کي مليو. پر اڏائڻ لاءِ پئسا ڪٿا اچن؟ سُڌار سڀا وٽ جيڪي پئسا هئا، سي سڀ جدا جدا ڪمن لاءِ اڳيئي پاسيرا رکيل هئا. ماڻهو چندو به ڪين ڏين ها، ڇو ته اڃا هيرآباد وسي ڪانه هئي. گهر به اڃا هئا تڪ ۾ ٽي. تنهنڪري ’ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ‘ جي هيرآباد واري جاءِ ۾ هڪڙو نئون اسڪول کوليو ويو، جنهن ۾ پهريائين پنجويهه – ٽيهه ڇوڪريون مس هيون، سي به ديوان شيرومل ۽ ديوان چئنراءِ واري اسڪول مان اٿي وڃي ويٺيون. پر جيئن هيرآباد ويئي وسندي تيئن اسڪول ويو ڀربو ۽ هيرآباد واري جاءِ جيڪا 4500 فوٽن کان به مٿي آهي، سا به سوڙهي ٿي پيئي......... پوءِ ديوان پرڀداس صاحب جي حياتي واري ويمي جا مليل ڏهه هزار رپيا ۽ اڍائي هزار رپيا ديوان تاراچند صاحب پنهنجي ماتا جوهرٻائي جي پوتر يادگيري ۾ ڏنا ۽ ٻيا ٿورا ’سوشل رفارم فنڊ‘ مان ۽ چندو وغيره وٺي، 18000 رپيا ڪيائون ۽ ارڙهن هزار رپيا سرڪار کان بلڊنگ گرانٽ وٺي، خاصو ڪشادو ديداري اسڪول 1928 ڌاري ٺهرايائون، جيڪو ’جوهر ٻائي اسڪول‘ جي نالي سان مشهور آهي. پوءِ جون واري مهيني ۾ ٽرسٽ واري جاءِ ڇڏي ڏنائون اهو سُڌار سڀا جو ڇوڪرين لاءِ ڇهون اسڪول ٿيو.

مکڪي پاڙي ۾ ڪن سنڌورڪين ۽ ڀائيبندن ”سُڌار سڀا“ کي سندن پاڙي ۾ اسڪول ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ ٻه جاين جا ٽُڪر هڪ گهٽي جي، هڪ پاسي ۾ ۽ هڪ ٻئي پاسي، جن ۾ گهڻي روشنائي ڪانه هئي. بنا مسواڙ ائسوسئيشن کي ڏنائون، جنهن ۾ ڪجهه سال اسڪول هليو، پوءِ اڳيئن وارن ورتي ۽ پنهنجو مکڪي گهٽي وارو اسڪول اتي ڪيائون. هي ٿيو ستون اسڪول سڌار سڀا جو. هاڻي اهو اسڪول اتان به کڻي ويا آهن. جو هڪڙي مائي پنهنجي پتي جي نالي جي پوتر يادگيري ۾ جاءِ به ڏني آهي ۽ مرمت لاءِ ٻارهن سئو رپيا به ڏنا اٿس. مرمت ڪرائڻ کان پوءِ اسڪول انهيءَ جاءِ ۾ آهي.

سُڌار سڀا جي بانيڪارن کي اسڪولن ڪڍڻ جون ٻه مرادون هيون. هڪڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ ۽  ٻي اها ته وڌوائن لاءِ روزگار جي واٽ کولين. پهريائين ماسترياڻيون گهڻو ڪري وڌوائون هيون؛ پر جيئن تعليم وڌي تيئن ماسترياڻين ۾ لياقت ۽ هوشياري وڌيڪ گهربل هئي.  انهن لاءِ هڪ ’ناري شالا‘ ڪڍي ويئي. جتي سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم ٿيندو هو. اُتي به ديوان ڏيارام ڪيئي مشينون وٺي ڏنيون. گرو گرنٿ صاحب، صاحبن لاءِ صندل ۽ چندو وغيره ڏنائين.............. سرڪار جي گرانٽ نه هئڻ ڪري، هينئر اها شالا بند ٿي ويئي آهي.

هن ’ناري شالا‘ جو مثال وٺي ٻه ٻيون ناريون شالائون جاري ٿيون آهن، جي چڱيون پيون هلن هڪڙي ڊاڪٽر وليرام واري، جيڪا دادي ڀوڄي ٻائي ڪڍي آهي ۽ ٻي ڀائيبندن جي جهوڙي ملاڻي گهٽي ۾ آهي ۽ هاڻي هنري شالا به پيئي هلائي.

پليگ ۽ ڏڪار

جنوري 1897ع ۾ پليگ جا ڪجهه ٻاهران آيل ڪيس حيدرآباد ۾ ٿيا. 8 جنوري کان 19 فيبروري تائين 33 ڪيس، 28 موت ٿي ويا. مسٽر ڊاجسن صاحب، حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي سرڪار حڪم ڪيو ته پنهنجو دور بند ڪري، حيدرآباد کي پليگ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪر. هن گهر گهر جي چڪاس شروع ڪرائي ۽ بيمارن کي لانڊين ڏانهن کڻايو. 23 فيبروري تي هڪڙو پاڙو سڄو ئي خالي ڪرايائين. اٽڪل سئو کن گهر لڏارايائين، جو اُتي پليگ جا ڪيس وڌندڙ هئا.

پليگ جي بيمار نئين هئي ۽ نه سرڪار کي، نڪي ماڻهن کي ڪا پوري پروڙ هئي ته ڇا ڪجي. سرڪار جي گهرن خالي ڪرائڻ جي سخت ڪارروائي ڪري، ماڻهن ۾ هراس پيدا ٿيو. حيدرآباد گهڻي قدر خالي ٿي ويئي. ٽي مارچ تي ظاهر ٿيو ته شهر ۾ به ڪيس ٿيڻ لڳا آهن. ٻين شهرن ۾ پليگ نه ڦهلي، تنهنڪري ريلوي اسٽيشن تي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر رکيا ويا، جن بيمارن کي ٻاهر نه ٿي وڃڻ ڏنو. ميڊيڪل اسڪول جي سورهن شاگردن کي مکيه رستن تي بيهاريو ويو ته متان ڪو بيمار شهر ڇڏي وڃي، ٻين شهرن ۾ اها بيماري پکيڙي.

جيڪي گهر خالي ڪرايا ويا هئا، تن مان تمام گهڻو مئل ڪئا لڌا، حيدرآباد جو جج مسٽر ارنائيٽ ۽ ڪراچي مان سنڌ ڪاليج جو پرنسپال مسٽر هيسڪيٿ، ۽ شڪارپور جو جج ڏيارام گدومل سويم شيوڪ ڪٺا ڪري، اچي ڪليڪٽر صاحب جي مدد لاءِ بيٺا........ ڏيارام ٽي مهينا موڪل وٺي آيو. هڪڙي خانگي اسپتال تلڪ چاڙهي جي هيٺان، قيمتراءِ ورنيڪيولر اسڪول نمبر هڪ ۾، جتي هاڻي ڪندنمل گرلس اسڪول آهي، اتي چار جاري ڪيائين. اسپتال هلائڻ ۾ ريورنڊ ڪئني صاحب ۽ مس پگٽ ڊاڪٽري ڪم ۾ مدد ڪئي. مٿان هڪ ڀيرو نگهباني ڪرڻ لاءِ سول سرجن ڊاڪٽر هينڊرسن صاحب به ايندو هو. ماڻهن کي محبت سان کاڌ خوراڪ پهچائڻ لاءِ ۽ لاوارث هندو متاثرين کي هندو ڌرم موجب سنسڪار ڪرڻ ۾، ڀائي مولچند عاج وارو به تن، من، ۽ ڌن، ڏيئي ديوان ڏيارام سان شامل ٿي بيٺو هو. ڀائي ڪلاچند وري ڀڄن ٻڌائي بيمارن جي روح کي راحت ڏيندو هو.

شهر خالي ٿي ويو. مارڪيٽ کان قلعي تائين ڪڪڙو ڪُو لڳي پيئي هئي.......... ڏيارام پليگ هاسپيٽل ۾ ڪم ڪندو هو. سڀني سويم شيوڪن جيان چار ڪلاڪ مقرر ڊيوٽي اسپتال اندر  مريضن جي شيوا ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو. هر روز نائين بجي صبح کان هڪ بجي تائين مريضن جي مدد ڪندوهو ۽ کين کير  دوا پنهنجن هٿن سان پاڻ پياريندو هو. هڪ بجي مارڪيٽ واري بنگلي ۾ وڃي، ڪپڙا لٽا ڊسنفيڪٽ (ڪپڙن کي ڦوهارو هڻي جيوڙن کي مارڻ) ڪندو هو ۽ پوءِ سنان پاڻي ڪري ۽ ڊسنفيڪٽ ٿيل نوان ڪپڙا پائي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين سان ملڻ ويندو هو.

پليگ ڪارڻ بازار بند ٿي ويئي، سيڌو پاڌو ۽ ڀاڄي نه ٿي ملي سگهيا. تنهنڪري پليگ اسپتال ۾ ڀانڊو کوليو ويو. بيمارن ۽ سندن مائٽن ۽ ٻين لاءِ سپرنٽينڊنٽ گهُرج آهر سيڌي ۽ ڀاڄين لاءِ چٺيون ڏيندا هئا ۽ انهي موجب هرهڪ کي پيو سامان ملندو هو. سدا ورت پيو هلندو هو.

ڀائي مولچند جا ماڻهو ڪٿان به سيڌو، ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون پيدا ڪري آڻيندا هئا، انهي لاءِ هو پنهنجا توڙي پنهنجي مائٽن جا پئسا خرچيندو هو، اسپتال مان ڪين وٺندو هو. ماڻهن ڏٺو ته ديوان بيٺو آهي پاڻ، سو گپت دان به اچڻ لڳو. ڪن دوائون موڪليون، ڪن ايلسي مڻن جا مڻ، ڪن ڪفن، ڪن باسن ڀرتي ڪيا. کڻڻ وارا به مشڪل ملندا هئا؛ سو ڪن اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ ماڻهو مقرر ڪري ڏنائون........... اسپتال ۾ چار ڊاڪٽر ۽ چوڏهن پندرهن نرسون هيون. انهن سڀني جي پگهار جو بار ديوان تي هو.

هوڏانهن هڪڙو ڪاٺين جو ٺيڪيدار اچي بيمار ٿيو. ڏٺائين ته سندس بچڻ جو چاڙهو ڪونهي. سواءِ چڱي سمجهه ٻوجهه ۾ هو ته ديوان ڏيارام کي سڏي چيائين، ته منهنجو سڄو ڪاٺين جو ڪارخانو هاڻي اوهان جو ٿيو؛ سو سندس سموريون چار يا پنج هزارن جون ڪاٺيون ڊسنفيڪٽ وغيره ڪرائڻ لاءِ سڀني جي ڪتب آيون.

پليگ اسپتال کولڻ ڪري هڪڙي عملدار ۽ غير عملداري گڏيل ڪاميٽي ٺهي. زوريءَ گهر خالي ڪرائڻ ۽ صفا ڪرائڻ ماڻهن کي تمام ستايو هو. منجهن هائيدوس مچي ويو هو. ميونسپالٽيءَ به نوي هزار رپيا خرچ ڪري ڇڏيا هئا. نيٺ ڊاجسن ويو ۽ سٽيل صاحب ڪليڪٽر ٿي آيو. هن خرچ به گهٽ ڪيو ۽ زوري وارا اُپاءُ به ديوان ڏيارام ۽ سندس سنگتين جي صلاح سان گهٽايائين، جنهنڪري ماڻهن تان گهڻي قدر آزار لٿو.

اسپتال جو بندوبست بلڪل سٺو رکيل هو، هڪ بيمار سان رڳو هڪ هڪ خدمت ڪندڙ اندر رهندو هو. جيڪي مٽ مائٽ بيمارن جا کين ڏسڻ ايندا هئا، سي به جد لانڍين ۾ ورهايا ويندا هئا، جيڪا ’ڇوت لڳلن جي ڇانوڻي‘ سڏبي هئي......... وري جيڪي خوش ٿين ۽ جيستائين وري سگها ٿين تن لاءِ هئي ’خوش ٿيندڙن جي ڇانوڻي‘ سڀني هنڌ چڱو بندوبست هو ۽ سپرنٽينڊنٽ مقرر هئا.

هن اسپتال جو نتيجو چڱو نڪتو ۽ سئو مريضن مان اٽڪل ٻائيتاليهه ڇُٽي ٿي ويا. يعني جهڙا نتيجا ڪراچي ۽ سکر جي سرڪاري اسپتالن جا هئا، اهڙائي ڏيارام جي اسپتال جا هئا........... پوءِ 24 مارچ تي سرڪار به سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر هينڊرسن جي نظرداري هيٺ سرڪاري پليگ اسپتال کولي ٻئي اسپتالون 15 جون 1897ع تي بند ڪيون ويون.

اسپتال بند ٿيڻ کان پوءِ به ڊسنفيڪشن ڊيپوز(صفائي جا مرڪز) جاري رهيا. وري جڏهن 1899ع ۾ پليگ پيئي، تڏهن به ديوان ساڳي طرح مدد ڪئي. تنهن کان پوءِ 1901ع ۽ 1903ع ۾ ڪجهه قدر پليگ ڏيکاري ڏني، ته به جيڪا ٽولي ديوان ڏيارام ٺاهي هئي، تنهن ئي ماڻهن جي پئي خدمت ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org