سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :48

 عورتن جي حالت

حڪمران ۽ مقامي ماڻهو پنهنجي عورتن جو وڏو احترام ڪن ٿا. عورتون سندن ذهن، عقل ۽ عمل تي ڇانيل آهن. ميرن سان جيڪي عهدناما وغيره ڪيا ويندا آهن، تن ۾ سندن عورتن جو راضپو به شامل هوندو اٿن ۽ اهڙن واعدن ۽ ٺاهن تي ويساهه ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين سمجهڻ گهرجي ته ڄڻ قرآن شريف وچ تي رکي عهدناما طئي ڪيا ويا آهن.

کاڌو خوراڪ

ماڻهن جي وڏي انگ جو کاڌ خوراڪ مڇي ۽ چانور آهي. پر ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جن جو رسم ۽ رواج کين مڇي کائڻ کان منع ڪري ٿو. اُهي برهمڻ ۽ ڀاٽين مان ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي مڇي ڪونه کائين......... هتي لاهوري گجرون به ٿين، ۽ ماڻهو هن کي گهڻو ڪتب آڻين. پر ذائقو ايڏو سٺو ته ڪونه هوندي اٿس، پر سستو گهڻو هوندو آهي.

ڀاٽيا، لوهاڻا ۽ واپاري

هندن ۾ ڪي ڀاٽيا ته ڪي لوهاڻا آهن، جن جا گروءَ به جدا جدا آهن، جن مان ڪي پوڪرڻ ۽ ڪي سرست برهمڻ ٿين. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت وقت ڀاٽين ۽ لوهاڻن هندن جو ذڪر گهڻو اچي ٿو. انهن ٻنهي ذاتين جو اصل نسل سنڌي آهي. پر تڏهن وڻج واپار ڪارڻ اولهه هندستان جي ٻين ملڪن ۽ عربستان ڏانهن واپار واسطي ويندا هئا. ڀاٽيا قبيلي وارن کي سندن رسم موجب رڳو سائي ڀا‎ڄي کائڻي ڪونه پوندي آهي، پر کين مڇي جي به اجازت آهي. پر هن قبيلي مان ڪي ماڻهو لڏي پلاڻي هندستان هليا ويا آهن ۽ اُتي وڃي وشنو ڌرم اختيار ڪيو اٿن. جنهن ۾ شخصي صفائي ۽ سٺائي تي گهڻو زور ڏنل هوندو آهي. لوهاڻن جو انگ گهڻو آهي. اهي پنهنجي گذر سفر لاءِ هر ڌنڌو ڪن. هنن مان اهي ماڻهو جيڪي ميرن، جاگيردارن سردارن ۽ حڪمرانن وٽ وڏن عهدن تي آهن، تن جو ويس مقامي ٿئي، ۽ ڏاڍا صاف ۽ معزز پيا لڳندا آهن. باقي ٻيا عام لوهاڻا ڏاڍا گدلا ٿين ۽ سندن ڪپڙا به ميرا ۽ ڪنا پيا ڏسبا آهن. پهاڪو مشهور آهي ته: ”فلاڻو اهڙو ميرو جهڙوڪ لوهاڻو.“

ڀاٽيا ۽ لوهاڻا ٻئي جڻيون به پائين ته ڏاڙهي به رکائين. پر (هاڻي) ڏاڙهي ڪوڙائڻ شروع ڪئي اٿن. اهي لوهاڻا يا مسلمان، جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، تن کي حڪومت طرفان ڏاڙهي رکرائڻ جي سختي سان تاڪيد ٿيل آهن. هتان جا مقامي هندو به پاڻئون ڄاڻئون به ڏاڙهيءَ جو گهڻو خيال رکن. لوهاڻن ۾ گهڻين شادين ڪرڻ جو به رواج آهي. اهي پنهنجيءَ زال کي طلاق به ڏئي سگهندا آهن. پر ڀاٽين ۾ گهڻين شادين جو رواج ڪونهي. لوهاڻن جو واسطو سرست برهمڻ سان آهي. لوهاڻن ۽ سندن برهمڻن جي هلت چلت اُٿڻ ويهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آهي. سندن ۽ وهانوَ جي موقعي تي کيس گهڻو ڪجهه ڏنو وڃي ٿو جنهن سان سندن پيٽ گذر پيو ٿئي، اُهي هڪ ديوي ماتا جي پوڄا به ڪن ٿا. سمنڊ يا سنڌوءَ درياهه جي پوڄا واسطي هنن جون ڪيتريون پگوڊائون مڙهيون ٺهيل آهن. سنڌوءَ درياهه جي پوڄا لاءِ ڪنهن ٿانوَ ۾ درياهه جو پاڻي آندو وڃي ٿو. پوڪرڻ برهمڻ، ڀاٽين جا ٻانڀڻ آهن. اهي سرست برهمڻ کان وڌيڪ مذهبي ٿين، پوءِ به اهي هندستان ۾ رهندڙ ٻين فرقي جي هندن کان گهٽ ڪَٽر آهن.

ٻيلا ۽ عمارتي ڪاٺ

هتي عمارتي ڪاٺ گهٽ ٿيندو آهي، اُن ڏس ۾ هيءَ ملڪ ڄڻ ته ٻين جو محتاج آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيلن جا اهڙا وڻ ئي ڪونه آهن، جن کي عمارتي ڪاٺ جي نالي سان سڏي سگهجي. ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪي پاڻي جون ڇرون آهن، جن ۾ هلڪو سلڪو جهنگ نظر ايندو آهي. اهو ڪاٺ وڍي چيري ٻارڻ جي ڪم آندو ويندو آهي.

پالتو جانور ۽ سندن ڪارج

هتي اٺ جو ڪارڻ گهڻ پاسائون آهي، خشڪي رستي ڏيهي واپاري مال اُٺ وسيلي پيو ايندو ويندو آهي. سامونڊي ڪناري کان وٺي قنڌار تائين تجارتي مال اُٺن ذريعي نيو ويندو آهي. اُٺن وارا قافلا سفر رات جو ڪندا آهن ۽ سورهن يا ويهن ميلن جي منزل ڪري ڏينهن جو آرام ڪندا آهن. اُٺن تي ويهه مڻن تائين وزن سٿيو ويندو آهي. هيءُ جانور جهنگ چري ڍوءُ ڪندو آهي. اُٺ اڃا ننڍو گورو هوندو آهي، جو پاکڙي ۽ پلڻ تي هيرايو ويندو آهي، ۽ پوءِ جيئن گهوڙو هني تي هري ويندو آهي، تيئن اُٺ به پاکڙي تي هري ويندو آهي ۽ ناقابل يقين سفر تي به ويساهه ٿي ويندو اٿس. اُٺ جو وک وک پنڌ سوار لاءِ ٻرو هوندو آهي. پر لس يا ڪاهه وارو پنڌ سهنجو ٿيندو اٿس.

وڏ گهراڻا ماڻهو اُٺ جي سواري مان وڏِ ڪونه ڪڍندا آهن ۽ نه وري اُن کي گهٽ ڄاڻندا آهن. سفر کي سهنجي ڪرڻ لاءِ جتن ۽ جهد ڪيا ويندا آهن. پاکڙي کي سَهنجو ۽ پٽ جهڙو ڪوئنرو رکيو ويندو آهي. اُن کان پوءِ اُٺ جو هلڻ مس وڃي سهڻ جوڳو ٿيندو آهي. ٻين ملڪن جا اُٺ سنڌي اُٺ جهڙا سهنجا ڀلا ۽ شاندار ڪونه آهن. اُٺ جي پاکڙي ۾ ويهڻ جا ٻه خانا ٿيندا آهن ۽ اُن ڪپڙي مان ٺهيل هوندو اٿس، جنهن جو برُ موڪرو هوندو آهي. مٿس ڀرت جو نازڪ ۽ نفيس ڪم ڪيو ويندو آهي. اڳئين خاني ۾ جت ويهندو اٿس. اُٺ کي هلائڻ لاءِ مُهار سندس هٿ ۾ هوندي آهي. اُن مهار جا ٻئي ڇيڙا، اُٺ جي نڪ جي ٻنهي پاسي لڳل اٽين ۾ ٻڌل هوندا آهن، جيڪي ڪاٺ جون هونديون آهن. انهن جي ڊيگهه ٻه انچ کن ٿيندي. مٿان چوٽيءَ وٽ بونبڙي هوندي آهي، پُٺئين خاني ۾ هٿياربند همراهه ويٺل هوندو اٿس، جيڪو پهريدار يا خدمتگار هوندو آهي.

تڏهن ايشيا ۾ لڳندڙ جنگين ۾ ڪتب ايندڙ ”چڪر“ اُٺ تي ويهي سولائي سان ڪم آڻي سگهبو هو. هتي هن جنگي اوزار کي اُٺ تي ويهي استعمال ڪرڻ جو گهڻو رواج آهي. ٻئي پاسي اُٺ کي نار ۾ جوٽي پوکي راهي پڻ ڪئي ويندي آهي. ڪٿي وري هر کيڙيندي ۽ ڪٿي وري گهاڻي ۾ گهمندي ۽ تيل پيڙهيندي به ڏٺا ويا آهن. جن ماڻهن وٽ اوٺا وڳ هوندا آهن، سي ڏاچين جو کير به پئيندا آهن. چوندا آهن ته ڏاچي جو کير نرويو ۽ ڏپ وارو ٿيندو ٿيندو آهي. اوٺو کير ڏُهڻ شرط ڪتب آندو ويندو ته ڀلو، جي گهڻو رکبو ته ٻين کيرن کان جهٽ ڦٽي ويندو آهي. اُٺ جو کير جلاب ۽ بيمارين سميت گڏهن جو کير به دستن کي روڪڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي.

گهڙا ڏکن ڏاکڙن جا هيراڪ هوندا آهن ۽ مسافري ۾ پنهنجو پاڻ ۽ سوار واسطي ڏاڍا سهنجا هوندا آهن. سوار هن لاءِ جيڪي رلا مُن سيکاريندو آهي. تنهن تي پيو هلندو آهي. گهوڙا به جهجهي انگ ۾ ڏسبا آهن. وڏ گهراڻا ماڻهو، جنگي جوڌا ۽ ڏاڍا ويڙهاڪ هوندا آهن، تنهنڪري گهوڙن جا ڏاڍا شوقين هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٺاهوڪڙو گهوڙو  اک تي چڙهندن ته بها کي ڪونه ڏسندا. قلال جو گهوڙو وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. ايران ۽ قنڌار جي گهوڙي کي به گهٽ ڪونه سمجهندا آهن. گهوڙن جي جوڙن مان جيڪي ٻهاڻ پيدا ٿيدا آهن، سي اهڙا ته ڀلا ٿيندا  آهن، جو نه ڏي ڏس.......... ملڪ ۾ خچر جو نسل به سُٺو ٿيندو آهي. هندستان جي خچر کان هتان جو خچر وڌيڪ ڀلو ٿيندو آهي، هت جا خچر پانجيرا، قداوار، سگهارا ۽ ڏاڍا سهڻا ملوڪڙا ٿيندا آهن. سفر ۾ سامان سڙو به گهڻو کڻي سگهندا آهن. نوڪرن چاڪرن جي استعمال واسطي به ڏاڍو سولو هوندو آهي، جيڪي پنهنجي مالڪن سان گڏ ڊگهن سفر تي هوندا آهن.

هتي جيڪا جُوءِ درياهه کان دور هوندي آهي، اُتي به ڳائو مال جام هوندو آهي. خاص ڪري ملڪ جي اوڀارئين دنگ سان هڪ وسيع ڪشادو علائقو جالاري جُوءِ اٿس، جتي هر جنس جو ڳائو مال پيو ڇيڪ چرندو آهي. مسلمان روزانو خاص ڪري عيدن براتن تي ڪُهي کائيندا آهن. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جا واپاري هيءَ مال خريد ڪري اوڏانهن ڪاهي ويندا آهن. ڏاند قد جو پورو پنو، سگهو متارو، ۽ ڪم جو پهلوان ٿيندو آهي. ماهيو مال به تمام گهڻو هوندو آهي. غريب ۽ شاهوڪار وٽ هيءَ مال ملندو، پر ماڻهوءَ جي شاهوڪاريءَ جو اندازو مينهن، اُٺن ٻڪرين رڍن جي انگ مان ڪري سگهبو آهي.......... ڪُڪڙ به ماڻهن وٽ پاليل هوندا آهن.

شڪاري جانور به گهڻا آهن. پاڻي جا پکي ايترا ته گهڻا آهن، جو ڍنڍون، ڍورا، تلاءُ، ڇرون، سڀ هنن پکين سان ڀريل ڏسڻ ۾ اينديون ۽ هتان جي پورهيت طبقي جي پيٽ پالڻ جو ڄڻ هڪ وسيلو آهن. شڪاري جانورن مان بگهڙ ۽ گدڙ ته تمام گهڻا آهن. پر مير سهراب خان واري حصي ۾ چيتا به ڏٺا ويا آهن. هتي واڳون جام آهن، ۽ ماڻهو واڳوئن جو احترام ڪن ٿا. کلن واسطي بيجر ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. مٿي ڄاڻايل جانورن جي کلن جو اترين علائقن ۾ وڏو اگهه آهي. هتي سوئر به جام ٿين. هتان جي شهزادن ۽ وڏ گهراڻن ماڻهن جو ڌنڌو ئي سوئر جو شڪار ڪرڻ آهي. هن جانور جي شڪار واسطي گابن جيڏا وڏا ڪتا پاليندا آهن، جو ڏٺي پيو ڏيل ڏڪندو. درياهه ۾ سبيل مڇي ٿيندي آهي. جيڪا يورپي ڏاڍي پسند ڪندا ٿا. سنڌي هن مڇي کي ”پلو“ سڏيندا آهن. جيتوڻيڪ پلي جو ساءُ سواد ’سامن يا رانوس مڇي‘ جهڙو ٿيندو آهي، پر ٻسانگن ڪنڊن سان ڀريل هوندو آهي، جيڪي پلي کائڻ ۾ تڪليف ڏيندا آهن. (16)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org