ڊاڪٽر نبي بلوچ
حيدرآباد شهر
شهر حيدرآباد، جنهن جي والادت سنڌ جي قديم تاريخ تي شاهد آهي؛
جنهن جو ٻاروتڻ سنڌ جي اسلامي تاريخ جي اوائلي دور
۾ درويشن جي دعائن ۽ ڇانون هيٺ گذريو؛ جنهن جي بخت
کي درياء بادشاهه پنهنجي وهڪري جي هندورن ۾ لوڏيو؛
جنهن جي بلوغت ۽ نئين جواني جي سنڌ جي آزاد
حڪمرانن پرورش ڪئي؛ جنهن جي اخلاق ۽ اطوار جي نيڪ
خصلت سردارن ۽ راڄن جي رڄ چڱن مڙسن تربيت ڪئي، ۽
جنهن جي شعور ۽ هنر کي هتي جي عالمن، اديبن، شاعرن
۽ هنرمند ڪاريگرن فروغ ڏنو. اهڙو ميزبان جنهن جي
شخصيت خود معزز مهمانن جي تاريخ، تمدن، ۽ تهذيب جو
نشان هجي، ان جي سوانح جا ڪي باب بيان ڪرڻ هن
موقعي لاءِ مناسب ٿيندا ۽ اميد ته بار خاطر نه
بنبا.
آڳاٽي تاريخي روايت موجب، هن بستيءَ جي آبادي جو سلسلو ”نيرون
جي قلعي“ جي بنياد کان شروع ٿئي ٿو. اُهو قلعو
ڇهين صدي عيسوي ڌاري، راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾
برهمڻ آباد جي گورنر جي هٿ هيٺ هو. ستين صدي عيسوي
جي آخر ڌاري هن قلعي جو حاڪم ٻُڌ ڌرم جو هڪ (شمني
يا ڀڪشو) هو، پر قلعي جي فوجي اهميت سببان راجا
ڏاهر جو پٽ جئسينه پڻ وقت بوقت هتي اچي ٿي رهيو.
اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾، محمد بن قاسم ديبل
فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي لشڪر سان هتي پهتو ۽ ان
وقت کان تصديق سان معلوم ٿو ٿئي ته جنهن ٽڪر تي
قلعو ٻڌل هو، ان ٽڪر جو نالو ”نيرون“ هو ۽ انهي
لحاظ سان ان قلعي کي ”نيرون ٽڪر وارو قلعو“ ”قلعه
نيرون“ ڪري ٿي سڏيو ويو. اهو ”قلعه نيرون“ يعني
”نيرون ٽڪر وارو قلعو“، پوءِ ”نيرون ڪوٽ“ جي مقامي
نالي سان مشهور ٿي ويو. اُهو خيال ته هيءُ قلعو
’نيرون‘ نالي هڪ ڪافر ٻڌايو هو ۽ انهيءَ ڪري ان کي
”نيرون ڪوٽ“ چيو ويو، محض ڏند ڪٿا آهي، جيڪا پوئين
دور ۾ رائج ٿي.
محمد بن قاسم جي اچڻ وقت ، هتان جو اکين ڏٺو احوال، جيڪو فتح
نامي عرب چچ نامي ۾ ڏنل آهي، ان جو خلاصو هن طرح
آهي، ته محمد بن قاسم قلعي نيرون جي ٻاهران
’بروري‘ جي پٽ ۾ هڪ چراگاهه ۾ اچي منزل ڪئي، جنهن
کي ”بلهار“ ٿي چيائون. مهراڻ (سنڌوءَ ندي) جو پاڻي
اڃان هتي ڪونه پهتو هو، جنهن ڪري لشڪر کي پاڻي جي
سخت تڪليف ٿي، پر پوءِ مينهن وسي پيو ۽ شهر جي
ٻاهران جيڪي به تلاءُ هئا، سي پاڻيءَ سان ڀرجي
ويا. شهر جي آبادي قلعي جي اندر هئي ۽ دروازن بند
هئڻ سببان شهر وارن سان ڪابه خريد فروخت ٿي نٿي
سگهي.
ٻي جاءِ تي ڄاڻايل آهي ته ”قلعو نيرون ٽڪر تي آهي، ان جي ويجهو
هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان
وڌيڪ صاف ۽ جنهن جو چراگاهه آرام جي باغ کان وڌيڪ
وڻندڙ آهي.“
هنن بيانن مان ظاهر آهي ته اهو هتان جو ئي ذڪر آهي، هڪ ٽڪر ۽ ان
تي قلعو، چوڌاري تلاءُ ۽ ٻاهران ميدان، جنهن ۾
سرسبز چراگاهه- ڄڻ حيدرآباد جي جاگرافي ۾ فرق ئي
نه آيو آهي. البت ان وقت مهراڻ، شهر جي ويجهو ڪونه
ٿي وهيو ۽ گهڻو پري اُڀرندي طرف وهندڙ هو. اندازي
مان ڀانئجي ٿو ته محمد پٽ قاسم هتي فيبروري – مارچ
مهينن ڌاري پهتو هو، جو ان وقت اڃا درياهه ۾ چاڙهه
ڪونه آيو هو، جو واهه وهي اچن. انهي ڪري تلاءَ
خالي پيا هئا، البت بهار جي موسم وارو مينهن پيو ۽
تلا تار ٿي ويا. جنهن چراگاهه ۾ محمد بن قاسم منزل
انداز ٿيو، ان کي ”بلهار“ ڪري ٿي سڏيائون.
”بلهار“ ساڳيو سنڌي لفظ ”ولهار“ آهي. جنهن جي
معنيٰ آهي وس واري سرسبز جُوءِ؛ ”ولهار“ اصل ۾
”برهار“ آهي، سو پڻ اڄ تائين سانوڻ جي وس جو
اصطلاح آهي. ڀاڳيا چوندا ته ”هن سال برهارا لڳي
ويا آهن.“ يعني ته گهڻا مينهن پيا آهن ۽ وسون
لڳيون پيون آهن.
بهرحال نيرون جي جنهن چراگاهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو غالبا
انهن ميدانن ۾ هو، جيڪي ٽڪر جي هيٺان، اولهه توڙي
ڏکڻ طرف ٽنڊي جهانيا کان گدوبندر، ٽنڊي مير غلام
حسين، ۽ ويندي اسٽيشن جي ڏکڻ طرف پکڙيل آهن. محمد
بن قاسم ڏکڻ ديبل طرف ايندي شايد انهي ايراضي ۾
اچي منزل انداز ٿيو هوندو، ان وقت ”نيرون قلعو“
خاص طرح ٻُڌ ڌرم جي پوئلڳن جي بستي هئي ۽ اتي جو
حاڪم، جنهن جو نالو فتحنامي ۾ اسان کي ”بهندرڪو“
جي صورت ۾ لکيل ملي ٿو، سو اصل ۾ غالبا ”ٻُڌ
رکيو“ هوندو. هن حاڪم، عراق جي گورنر حجاج سان
لکپڙهه ڪري دوستي جا ناتا قائم ڪيا هئا. انهي ڪري
محمد بن قاسم ۽ سندس وچ ۾ صلح جو معاهدو ٿيو. قلعي
جا دروازا کوليا ويا ۽ محمد بن قاسم پنهنجي سردارن
سان گڏ معائني لاءِ آيو. اندر هڪ مسجد جي تعمير جو
حڪم ڏنائين، ۽ شڪريي طور ٻه رڪعتون نماز ادا
ڪيائين. اهو فيبروري- مارچ، 712ع هو. ان بعد
”نيرون ڪوٽ“ جو اسلامي تاريخ وارو دور شروع ٿئي
ٿو.
اٺين صديءَ کان وٺي ويندي ارڙهين صدي عيسوي تائين نيرون ڪوٽ
بابت عرب راوين جهڙو اکين ڏٺو احوال ڪونه ٿو ملي.
نيرون جو قلعو اڳ برهمڻ آباد جي گورنر جي هٿ هيٺ
هو. عربي دور حڪومت ۾، محمد بن قاسم جي فتح کان
اٽڪل ويهه ٻاويهه سال کن پوءِ، برهمڻ آباد جي
ڀرسان، محمد پٽ قاسم جي پُٽ عمرو هڪ نئين تختگاهه
”منصوره“ جو بنياد رکيو هو، جنهن جا کنڊر هتان کان
پنجيتاليهه ميل کن اُتر- اوڀر ۾ دلور وٽ موجود
آهن. اسلام کان اڳ سنڌ جو تخت گاهه، موجوده
روهڙيءَ کان ٿورو مفاصلي تي ڏکڻ طرف، ”اروڙ“ جو
شهر هو، انهيءَ ڪري دور دراز قلعن کي وڏي اهميت
هئي. نئون تختگاهه ”منصوره“ ايترو وڌيو ويجهيو جو
نيرون قلعي جي اڳوڻي اهميت باقي نه رهي. انهيءَ
هوندي به عربي دور حڪومت ۾ نيرون جو قلعو انهيءَ
وڏي شاهراهه تي واقع هو، جيڪا عراق، ايران ۽ مڪران
مان ديبل بندر تي پهچندي هئي. ۽ ديبل کان وري
نيرون ڪوٽ، منصوره ۽ اروڙ کان ٿيندي، ملتان ويندي
هئي.
ڏهين صدي هجري ۾ عرب سياحن اصطخري، ابن حوقل ۽ مقدسي، جن سنڌو
ماٿري کي پنهنجي سياحت ۽ جغرافيائي تحقيق جو مقصد
بنايو. تن جو چوڻ هو ته نيرون جو قلعو، ديبل کان
منصوره واري شاهي رستي جي وچ ڌاري واقع آهي، پر
البته منصوره کي ويجهو آهي.
انهي شاهراهه تي واقع هئڻ سببان، وقت بوقت هتي مسلم سياح، محقق
۽ عالم پئي آيا هوندا. پر اٽڪل ٻارهين صدي عيسويءَ
جي پوئين اڌ ڌاري هڪ هڪ درويش مڪي شريف مان آيو.
جنهن هن وسندي کي پنهنجو گهر ٺاهيو. اهو درويش شيخ
سيد محمد مڪي، جنهن جي درگاهه ”شاهه مڪائي“ يا
”جِئي شاهه“ جي نالي سان مشهور آهي.
ٻارهين صديءَ بعد سيد محمد مڪيءَ جي درگاهه، نيرون ڪوٽ جو
نمايان نشان رهي. قلعي واري ايراضي ۾ ۽ ان جي
آسپاس اوائلي عربي دور جا بزرگ به دفن ٿيل هئا. ٿي
سگهي ٿو ته قلعي جي سامهون اصحابي جي قبر، انهن
آڳاٽن بزرگن مان ڪنهن جي هجي. نسبتن پوئين دور ۾
بخاري ساداتن مان به ڪي بزرگ اچي نيرون ڪوٽ ۾
رهيا. شايد انهن مان سڀ کان آڳاٽو شاهه بخاري،
قلعي واري ايراضي ۾ ڏکڻ- اوڀر طرف مدفون هو ۽ سندس
قبر قلعي واري نئين ڪالوني ٺهڻ وقت به موجود هئي.
ٻيو شاهه بخاري، ڪليڪٽريءَ کان اڀرندي طرف دفن ٿيل
آهي، جيڪو پڻ شايد آڳاٽو آهي. حضرت سيد عبدالقادر
جيلانيه رح جي اولاد مان سيد عبدالوهاب جيلاني،
جنهن جي مزار قدمن جي ڀرسان آهي، اهو پڻ هتي جي
آڳاٽن بزرگن مان آهي.مخدوم احمد نالي هڪ درويش
936هه (1529ع) ۾ هتي نيرون ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. پر
جيئن ته هو ٻاهر جو هو، انهي ڪري هتي دفن ڪونه
ٿيو. اهو سورهين صدي عيسويءَ جي اوائل جو واقعو
آهي. اهڙي طرح ٻارهين صدي جي آخر کان وٺي سورهين
صدي جي اوائل تائين بزرگن جا حوالا ملن ٿا ۽ کڻي
چئجي ته انهيءَ عرصي ۾ درويشن جي دعائن سان نيرون
ڪوٽ جي بستي آباد رهي.
نيرون ڪوٽ بابت تاريخي اشارا وري سورهين ۽ سترهين صدي عيسويءَ ۾
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دو ۾ ملن ٿا؛ مرزا محمد
باقيءَ نيرون ڪوٽ وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽
قاسم علي سلطان ساربان جي حوالي ڪيو. مرزا غازي
بيگ جي عهد ۾ ٺٽي جي نواب خسرو خان جو ڏوهٽو نيرون
ڪوٽ جو حاڪم هو. خواجه عبدالله احرار جي اولاد مان
خواجه ڪمال الدين، جو ارغونن سان گڏ آيو ۽ اچي ٺٽي
۾ رهيو، ان جو پوٽو خواجه مير ابوتراب بن خواجه
مير شهاب الدين نيرون ڪوٽ ۾ پنهنجي جاگير تي
گذاريندو هو، ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين ۽ دفن ٿيو.
ظاهر آهي ته ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ”نيرون ڪوٽ“ به ضلعي مثل
هڪ علائقو هو، جو تختگاهه ٺٽي جي تابع هو. جڏهن
مرزا غازي بيگ، اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ نواب هو،
تڏهن نيرون ڪوٽ جي انتظامي صورت اها ئي هئي.
جهانگير جي ڏينهن ۾ شهزادي خرم ڀڄي اچي سنڌ ۾
پناهه ورتي هئي، انهيءَ ڪري جڏهن هو ”شاهجهان“ جي
خطاب سان بادشاهه ٿيو. تڏهن سنڌ کي ڪين وساريائين.
ٺٽي ۾ جامع مسجد کان سواءِ سيوهڻ ۾ قلندر شهباز
توڙي ڇٽي امراڻي جي مزارن لڳ شاهجهان جي نوابن
مسجدون ٺهرايون، ساڳيءَ طرح شاهجهان جي عهد ۾ ٺٽي
جي نوابن درگاهه سيد محمد مڪيءَ ڏانهن به توجهه
ڪيو، ۽ فرمان جاري ڪري، مخدومن جا پاڻ ۾ اختلاف حل
ڪيائون. شاهجهاني عهد ۾ انهيءَ قسم جو پهريون
فرمان 1038هه ۾ صادر ٿيو. ٻيو فرمان نواب ابوالبقا
امير خان طرفان 14 شعبان 1052هه ۾ جاري ٿيو. ۽
ٽيون نواب محمد رضا طرفان 1061هه ۾ جاري ٿيو.
ساڳيءَ طرح، عالمگير جي عهد ۾ پهريون فرمان نواب
عزت خان طرفان 1076ع ۾ جاري ٿيو ۽ ٻيو نواب غضنفر
علي خان طرفان 1077هه ۾ صادر ٿيو. پنجن سالن
کانپوءِ 1082هه ۾ شايد نواب عزت خان جي ڪوشش سان
بزرگ جو روضو جُڙي راس ٿيو: جيئن روضي جي آڏو،
اُلهندي طرف، ڪچي قلعي جي ديوار ۾ لڳل ڪُتبي مان
ظاهر آهي:
ز عزّت بنا يافت خوش منظري، ڪہ از فيضِ حق ميزند موجِ نور،
بهشت آستان بوس خُداّمِ او، ز خاڪ درش سرمہ ء چشمِ حُور،
بجستم ز دل سالِ تعمير او، بگفتاَ خرد: زيبِ بزم حضور.
1082هه
انهن فرمانن مان لڳي ٿو ته سترهين صدي عيسويءَ ۾، مغليه سلطنت
واري دور ۾، نيرون ڪوٽ جي آبادي قائم هئي، پر هڪ
علائقي جي طور تي ان جي اڳئين حيثيت ختم ٿي چڪي
هئي. ڇاڪاڻ ته انهن فرمانن ۾ ”نيرون ڪوٽ جي جاءِ
تي ”چاڪر هالا پرڳڻو“ ڄاڻايل آهي.
ارڙهين صدي ۾ جڏهن مغليه سلطنت جو تسلط ختم ٿيو ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن
پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، ته نيرون ڪوٽ جو سُتل بخت
به بيدار ٿيو. ڪلهوڙن کي تخت گاهه جي تلاش هئي، ته
سنڌوءَ ندي کي وري پنهنجي نئين وهڪري لاءِ لوڇ پوڇ
هئي. جڏهن سنڌو نديءَ اچي نيرون کي نوازيو ۽
اُلهندي طرف کان گدو بندر وٽان گس ڪيو. تڏهن غلام
شاهه به اچي قديم نيرون ڪوٽ واريءَ جاءِ تي نئون
قلعو جوڙايو. اهو دلچسپ داستان هن طرح آهي:
ڪلهوڙا فقيري مان اميري کي رسيا. موروثي طور سندن سڪونت ڪنهن
اهڙي شهر ۾ ڪانه هئي، جو ان کي پنهنجي گادي بنائين
ها. ميان يار محمد سان بخت ياوري ڪئي. جو هن
هاڻوڪي دادو ضلعي جي هيٺئين ڀاڱي ۾ پنهورن جي ملڪ
تي قبضو ڪيو، ۽ پنهورن جي ئي مرڪزي شهر شڪارپور کي
”خدا آباد“ جو نالو ڏيئي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو
هنڌ بنايو. انهي خدا آباد جا کنڊر دادوءَ جي
اوريان، خدا آباد جي اسٽيشن کان الهندي طرف
شاهراهه تي موجود آهن. ميان نور محمد هڪ مستقل
تختگاهه قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ هاڻوڪي موري جي
شهر کان ست- اٺ ميل اوڀر طرف ”محمد آباد“ نالي شهر
ٻَڌائين. ان ۾ حياتيءَ جا پويان ٻه سال کن مس
گذاريائين، جو احمد شاهه ابداليءَ جي حملي جي خبر
ٻُڌي، پاڻ جيسلمير طرف نڪري ويو ۽ اتي ئي وفات
ڪيائين. سندس لاش آڻي ”محمد آباد“ ۾ دفن ڪيائون،
جيڪو بعد ۾ رڳو بزرگن جو قبرستان بنجي ويو.
ميان نور محمد جي وفات وقت ڪلهوڙن جي طاقت، هيٺ لاڙ طرف به
مضبوط ٿي رهي هئي. ميان نور محمد جو پٽ محمد
مرادياب، عمرڪوٽ ۾ هو، جو گدومل، احمد شاهه ابدالي
وٽان گادي جي سَند آڻي کيس پيش ڪئي. پوءِ محمد
مرادياب عمرڪوٽ کان ايندي، نصرپور شهر جي سامهون
هڪ ايراضيءَ کي پنهنجي نئين گادي لاءِ منتخب ڪيو،
ڇاڪاڻ ته ان وقت درياهه به نصرپور وٽان ٿي وهيو ۽
اهو ئي ملڪ سرسبز ۽ آباد هو. اتي هڪ وڻندڙ شهر
تيار ٿي ويو ۽ ان جو نالو ”مراد آباد“ رکيو ويو.
شايد اهو شهر 1753ع جي پڇاڙي يا 1754 جي شروع ڌاري
تيار ٿيو.
هي شهر درياهه جي سَٺي سان ٻَڌرايو ويو هو، پر ساڳئي وقت درياءُ
رخ بدلائي پنهنجي نئين راهه قائم ڪرڻ لاءِ بيتاب
هو، ۽ انهي ڪري نوان ڦاٽ ڦاڙي ٻوڏون پئي ڪيائين، ۽
سيپٽمبر 1757ع ۾ مراد آباد کي درياهه ٻوڙي ڇڏيو.
ميان محمد مرادياب ٻيو هڪ شهر سڪرنڊ پرڳڻي جي
اُڀرندي ڀاڱي ۾ ٻڌرايو ۽ ان جو نالو ”احمد آباد“
رکيائين. اها وسندي اڃا تائين احمد آباد جي نالي
سان شاهپور چاڪر جي ويجهو موجود آهي.
ميان محمد مرادياب جي قيد ٿيڻ ۽ ميان غلام شاهه جي طاقت ۾ اچڻ
کان پوءِ مهينو مس گذريو هو، جو مراد آباد 10 محرم
1171هه ۾ ٻُڏي ويو. انهي ڪري ميان غلام شاهه وري
مٿي موري طرف، پنهنجي والد جي ٻَڌايل محمد آباد
ڀرسان، ساڳئي مهيني محرم 1171 هه ۾ ”الله آباد“ جو
نئون شهر ٻڌائي اُتي رهيو. ربيع الثاني 1127هه
(ڊسمبر 1758ع) ۾ غلام شاهه پنهنجي عيال سان هيٺ
کاري ڏانهن روانو ٿيو ۽ اورنگا بندر، ”ڪجي“ جي
بستي تي ”شاهه ڳڙهه“ نالو رکيائين، ۽ پوءِ ان جي
سامهون بند ٻڌرائي، مٿس ”شاهه بندر“نالو رکيائين ۽
اتي پنهنجو عيال رهيائين.
انهي بعد غلام شاهه وري نصرپور کان چار ميل اولهه طرف نئون شهر
ٻڌايو، جنهن جو نالو شاهپور رکيائين ۽ 25 محرم
1173هه 20 ڊسمبر 1759ع ۾ اچي ان نئين وسايل شهر
شاهپور ۾ منزل انداز ٿيو. پر جيئن ته انهي
پسگردائي ۾ درياهه پئي پنهنجو رخ بدلايو، انهي ڪري
ٿوري وقت ۾ شاهپور جي چوڌاري واري لڳي ويئي. شايد
پوءِ هڪ ڀيرو وري مٿي وڃي ميان غلام شاهه ڪنهن ٻي
ايراضي جي ڳولها ڪئي. ۽ اولهندي پاسي جبلن جي
ڪنارن سان ”خانوٽ“ جو شهر ٻڌايو جو شهر ٻڌايو، پر
آبڪلاڻيءَ ۾ درياهه جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري ان
جو آسرو لاٿائين. ٻئي پاسي شاهپور کي درياهه جي رخ
بدلائڻ سببان اچي واءَ ۽ مٽي کنيو، انهيءَ ڪري وري
انهي طرف ٻي نئين ”شاهپور“ ۽ چار سال کن ٻيا اُتي
گذاريائين. پر جيئن ته درياهه هميشه لاءِ رخ
بدلائي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري ميان غلام شاهه کي پڻ
نئين تختگاهه جي تلاش ڪرڻي پيئي.
اُهو 59 – 1758ع وارو وقت هو جو سالن جي بيتابي
کانپوءِ درياءُ، هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ
تائين، اٽڪل هڪ سئو ميل، پنهنجو اصلوڪو ٻيٺ ڇڏي،
هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رخ رکي، نيرون ڪوٽ جي الهندي
کان وهڻ لڳو، جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو.
انهي ءَ تبديلي سببان ڏکڻ طرف درياهه جو ست ميل
ڊگهو ”ريڻ“ پاٽ سُڪي ويو، ۽ نئون ”ڦليلي“ ڦاٽ،
نيرون ڪوٽ کان سترهن ميل کان اُتران نڪري، انهيءَ
وسندي جي اوڀر کان وهڻ لڳو. نصرپور واري ڇڏيل پيٽ
۾ شايد آبڪلاڻي وقت اُٿل جو پاڻي ايندو رهيو، پر
جيئن عرصو گذرندو رهندو، تيئن اهو پٽ ڦٽندو ويو.
انهيءَ ڪري نصرپور وٽان درياءَ جي رخ بدلائڻ کان
چار سال کن پوءِ، جڏهن ميان غلام شاهه ”شاهپور“ کي
ڇڏي پنهنجي گاديءَ لاءِ نئين جڳهه جي ڳولها ڪئي ته
قديم نيرون ڪوٽ، واري وسندي کيس هر خيال کان
موزون لڳي. اُلهندي طرفان درياءَ جو نئون پيٽ، ته
اڀرندي طرف ڦليلي جو ڦاٽ هئس. ٽڪر واري ايراضي
مٿان هئي، انهي ڪري ٻوڏ جو جوکو بلڪل ئي ڪونه نظر
آيو. انهي ڪري مهيني ذي القعد 1182 هه (جنوري
1789ع) ۾،قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي نئين قلعي
ٻڌائڻ جي تجويز ڪئي ويئي هئي ۽ يڪدم ڪم شروع ٿي
ويو. همعصر مورخ مير علي شير قانع ٺٽوي نيرون ڪوٽ
تي نئين قلعي ۽ شهر ٻڌجڻ بابت پنهنجي ڪتاب”تحفة
الڪرام“ ۾ هيٺيان حوالا ڏنا ويا. |