بذل القوة تان
سرايا ۽ بعوث
باب ٻيو
هجرت جي سالن ۾ نبي صلي الله عليہ وسلم طرفان موڪليل (سرايا)
فوجي دستن ۽ (بعوث) متفرق لشڪر موڪلڻ جي بيان ۾
سرايا ۽ بعوث کان اهو (فوجي دستو) مراد آهي، جنهن
۾ پاڻ سڳورا حاضر نه ٿيا هجن، پر ان ۾ پنهنجي
صحابين رضي الله عنهم کي موڪليو هجي ”سريہ ۽ بعث“
۾ اصل لغت ڪري اهو فرق آهي جو سريہ ٿورڙي لشڪر جو
نالو آهي، جنهن جي شروعات پنجن کان آهي ۽ ڪن هڪ سؤ
ٻڌايو آهي ۽ ان جي نهايت چار سؤ ۽ ٻئي قول تي پنج
سؤ آهي. بعث متفرق لشڪر کي چئبو آهي. هن باب کي
اسان ڏهن فصلن تي شامل رکيو آهي ۽ هن ۾ ڪل ستهتر
سرايا بيان ڪيا اٿئون.
فصل هجرت جي ٻئي سال جي سرايا
(فوجي دستن ۾)
اسان ٻئي سال کان شروعات هن ڪري ڪئي آهي، جو پهرئين سال ۾ ڪوبه
فوجي دست ۽ متفرق لشڪر نه موڪليو ويو هو، ڇوته ان
۾ لڙائي مباح نه هئي، جيئن اڳ غزوات (لڙاين) جي
باب ۾ گذري چڪو.
هن ٻئي سال جي ربيع الاول ۾ ۽ ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته ربيع
الاٰخر ۾ ۽ ٽئين قول مطابق رمضان ۾ رسول الله صلي
الله عليہ وسلم جن جي چاچي حضرت حمزه بن عبدالمطلب
جي سريہ واقع ٿي. اهو سڀني سرايا ۽ فوجي دستن مان
پهريون دستو هو. حضرت حمزهرضه اسلام ۾ پهريون امير
هو، جنهن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ٽيهن
مهاجر مردن سان سمنڊ جي ڪناري ”عيص“ ڏانهن موڪليو
ته جيئن اهي قريش جي ان قافلي جي ڪڍ لڳن، جيڪو شام
کان مڪي ڏانهن ابوجهل لعين سان گڏ اچي رهيو آهي.
حضرت حمزه اڇو جهنڊو کنيو ۽ اهو پهريون جهنڊو هو،
جو اسلام ۾ کنيو ويو هو. انهن ۾ ڪابه لڙائي نه ٿي،
تنهن ڪري مديني ڏانهن موٽي آيا.
هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته هيءَ سريہ غزوه ابواءَ کان اڳ ٿي يا
پوءِ ٿي، براط جي لڙائيءَ کان اڳ.
”العيُص“ عين جي زير ۽ ي جي سڪون سان ”جهينة“ خطي ۾ هڪ جاءِ جو
نالو آهي. نبي صلي الله عليہ وسلم ڪنهن به انصار
کي ڪنهن به سريہ ۾ نه موڪليو، ايستائين جو انهن کي
ساڻ وٺي بدر ۾ لڙيا ۽ سندن سچائي ۽ بهادريءَ کي
ڄاڻي ورتو.
هن سال جي ربيع الاول ۽ چيو ويو آهي ته شوال ۾ سريہ عبيده
(تصغير جي صيغي تي) بن حارث بن عبدالمطلب بن عبد
مناف قريشي حنظلي رضي الله عنہ واقع ٿي. نبي اڪرم
صلي الله عليہ وسلم کيس سٺ يا اسي سوار مهاجر ڏئي
رابغ جي هيٺاهينءَ ڏانهن موڪليو ته اهي به قريش جي
قافلي جي ڪڍ لڳن. هن قافلي جو اڳواڻ ابو سفيان بن
حرب هو ۽ انهن سان گڏ عڪرمہ پٽ ابوجهل جو به هو.
هي به واپس آيا ۽ ڪابه لڙائي نه ٿي. هن کان سواءِ
جو سعد بن ابي وقاص کي ان ڏينهن تير جو نشانو
بنايو ويو ۽ اهو پهريون تير هو جو کيس اسلام ۾
لڳو.
”رابغ“ ب جي زبر سان مڪي ۽ مديني جي وچ تي جحفہ جي ويجهو هڪ ڳوٺ
آهي ۽ رابغ مديني کي ويجهو جحفہ کان ستن يا اٺن
ميلن تي آهي ۽ ان کي رابق قاف سان به چيو ويندو
آهي.
الجحفہ جيم جي پيش ۽ ح مهملہ جي سڪون سان مديني کان پنجن منزلن
تي هڪ جاءِ آهي.
هن سال جي ذوالقعده ۾ بدر ڪبريٰ جي لڙائي کان پوءِ سعد بن ابي
وقاص رضي الله تعاليٰ عنہ جي سريہ خرار ڏانهن ٿي.
هن لفظ جي ح نقطي واري ۽ ٻن رائن مهملن کي زير
آهي. پهرين ”ر“ شد واري آهي ۽ ٻنهي جي وچ تي الف
آهي. اها جحفہ جي ويجهو حجاز ۾ هڪ وادي آهي. حضور
اڪرم صلي الله عليہ وسلم حضرت سعد کي ويهه مهاجر
سوار ڏئي موڪليو. ٻئي قول تي چيو ويو آهي ته اٺ
ماڻهو هئا. جيڪي قريش جي قافلي پويان موڪليا ويا
هئا، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو قافلو هڪ ڏينهن اڳ اتان
لنگهي ويو هو. ان ڪري موٽي آيا ۽ ڪابه لڙائي ڪانه
ٿي. چيو ويو آهي ته اهي ٽي سرايا ۽ سريہ حمزه،
عبيده ۽ سعد هجرت جي پهرئين سال ۾ ٿيون هيون. ان
ڪري سعد بن ابي وقاص جي سريہ کي ذڪر ۾ محمد بن
مسلمہ جي سريہ کان اڳ آندو ويو آهي. جيتوڻيڪ مشهور
ترتيب ان کان پوءِ آڻڻ جي گهر ڪري ٿي، پر راجح هي
آهي ته اهي ٽيئي سرايا ٻئي سال ۾ ٿيون، جيئن سريہ
محمد بن مسلمہ ۽ ان کان پوءِ جون چار سرايا به ٻئي
سال ۾ ٿيون. ان جو ڪارڻ اهو آهي جو اڳ بيان ڪري
چڪاسين ته لڙائي جي موڪل ٻئي سال ۾ ئي ٿي هئي. تون
ان ۾ فڪر ڪر.
هن سال جي ربيع الاول ۾ غزوه ابواءَ ۽ غزوه عشيره جي وچ تي ڪعب
بن اشرف يهودي ڏانهن جيڪو نضير مان هو، محمد بن
مسلمہ صحابيءَ جي سريہ واقع ٿي. هڪ ٻئي قول تي چيو
ويو آهي ته ڪعب جو پيءُ طئي جي بنو بنهان مان هو ۽
ان جي ماءُ بنو نضير مان هئي. اهو شاعر هو، جو نبي
سائين کي ايذاءُ رسائيندو هو. حضور صلي الله عليہ
وسلم ۽ ان جي صحابين کي گاريون ڏيندو هو ۽ مٿن
ڪافرن کي ڀڙڪائيندو هو. پوءِ ان ڏانهن محمد بن
مسلمہ پنجن صحابين کي ساڻ ڪري نڪتو ۽ هن انهن پنجن
ساٿين کي ته ٻاهران ان جي شهر جي پاسي ۾ ويهاري ۽
پاڻ اڪيلو ان جي ڪوٽ ۾ گهڙي ويو. اتي محمد بن
مسلمہ، ڪعب کي چانڊوڪي رات ۾ ان جي ننڊ ۽ غفلت ۾
قتل ڪيو، اها رات ٻئي سال جي ربيع الاول جي 14
تاريخ هئي. ان تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم
خوش ٿيا. الله جو حمد ۽ محمد بن مسلمہ جي ان جي
چڱي تدبير تي مدح فرمايائون.
هن سال جي جمادي الاٰخرة ۾ ڪعب بن اشرف جي سريہ کان پوءِ ۽ چيو
ويو آهي ته ان کان اڳ بدر پهرئين ۽ بدر ڪبريٰ جي
غزون جي وچ ۾ القردة ڏانهن زيد بن حارثہ رضي الله
تعاليٰ عنہ جو فوجي دستو موڪليو ويو. القرة ۾ قاف
جي زير ۽ ”ر“ جو سڪون آهي. سجده جي هم وزن آهي.
نجد جي چشمن مان هڪ چشمو آهي. رسول الله صلي الله
صلي الله عليہ وسلم ان کي سؤ سوار ڏئي قريش جي
تجارتي قافلي جي ڳولا لاءِ موڪليو هو. هُن قافلي
کي سوگهو ڪيو، کانئن گهڻو غنيمت جو مال هٿ ڪيائين،
جنهن کي اهي رسول الله صلي الله عليہ وسلم وٽ کڻي
آيا، حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم ان مال کي
ورهايو. ڏهن فوجي دستن مان حضرت زيد بن حارثہ رضي
الله تعاليٰ عنہ جو اهو پهريون فوجي دستو هو.
هن سال جمادي الاٰخرة جي پڇاڙيءَ ۾ پڻ بدر پهرئين ۽ بدر ڪبريٰ
جي وچ تي هجرت کان سترهن مهينن تي عبدالله بن جحش
بن رئاب جي سريہ واقع ٿي. هي عبدالله، رسول الله
صلي الله عليہ وسلم جي پڦي الميمنہ جو پٽ ۽ حضرت
زينب بن جحش ام المؤمنين جو ڀاءُ هو. هن کي رسول
الله صلي الله عليہ وسلم نخلة وادي ڏانهن اٺن
مهاجرن سان گڏ موڪليو ۽ چيو ويو آهي ته اهي ٻارهن
هئا. نخلة هڪ جاءِ آهي، جيڪا مڪي ۽ طائف جي وچ تي
مڪي کان هڪ رات جي پنڌ تي آهي. مسلمانن جو ڪافرن
سان هڪ رات ۾ ملڻ ٿيو، جنهن ۾ شڪ آهي ته اها جمادي
الاٰخرة جي آخري رات هئي يا رجب جي پهرئين رات.
مسلمانن انهن سان لڙائي ڪئي ۽ ڪافرن کان مال کسي
ان کي غنيمت بنايو. پوءِ عبدالله بن جحش انهن مان
رسول الله صلي الله عليہ وسلم لاءِ (خمس) پنجين
پتي ڪڍي ۽ باقي اصحاب ۾ ورهايو. اسلام ۾ اهو
پهريون خمس هو، جو ڪڍيو ويو ۽ اهو خمس جي فرض ٿيڻ
کان اڳ هو. پوءِ جڏهن خمس فرض ٿيو ۽ ٻئي قول تي
سارو غنيمت جو مال مديني ڏانهن کڻي ويا ۽ پوءِ
حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن نخلة وارن جي
غنيمت کي موقوف رکيو، ايستائين جو بدر جي غنيمت
سان گڏ ان کي ورهايو ۽ هر قوم کي سندس حق ڏنو.
ان سال ۾ غزوه بدر ڪبريٰ کان پوءِ رمضان جي 25، عمير پٽ عدي
خطمي صحابيءَ کي عصماءَ ڌيءَ مروان جي بني اميہ
مان جيڪا يزيد بن حصن خطميءَ جي زال هئي، ان کي
قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. اُها عورت رسول الله صلي
الله عليہ وسلم جن کي ايذاءَ پهچائيندي هئي، کين
گاريون ڏيندي هئي ۽ هجو ڪندي هئي ۽ ان بابت شعر
چوندي هئي ۽ ڪافرن کي رسول الله صلي الله عليہ
وسلم سان لڙائي لاءِ اڀاريندي هئي. پوءِ عمير ان
کي ان جي غفلت ۾ قتل ڪيو. عمير نابين هو. هن کان
پوءِ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن سندس نالو
بعيد رکيو.
هن سال جي شوال مهيني ۾ سالم بن عمير بن ثابت صحابيءَ کي (جيڪو
بدر ۽ ٻين جاين تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم
جن سان گڏ حاضر رهيو) ابو عفڪ يهوديءَ ڏانهن
موڪليو. هن ۾ ع ۽ ف کي زير آهي. اهو يهودي گهڻو
پوڙهو هو، هو هڪ سؤ ويهن سالن جي عمر جو هو. ماڻهن
کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي خلاف اڀاريندو
هو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي، شعر ۾ گلا
ڪندو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. ڪن عالمن ٻڌايو آهي
ته هيءُ موڪلڻ، عصماءَ ڏانهن موڪلڻ کان اڳ جو آهي،
جيڪو اڳ بيان ٿيو.
فصل ٽئين سال هجرت جي سرايا (فوجي دستن) ۾
هن سال 1 محرم ۾ بدر ڪبريٰ ۽ غزوه فرع جي وچ تي ابو سلمہ
عبدالله بن عبدالاحد مخزومي رضي الله عنہ کي قطن
ڏانهن موڪليو ويو. هن لفظ ۾ قاف ۽ طي تي زير آهي،
پوءِ نون آيو آهي اِهو نجد ۾ بنو اسد جو جبل يا
چشمو آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ابو
سلمہ کي ڏيڍ سؤ ماڻهن سان گڏ موڪليو. انهن سان گڏ
هڪ شخص طائي (طيءِ قبيلي جو) هو، جيڪو سندن رهبر
(رستو ڏيکاريندڙ) هو. هنن غنيمت جي مال کي هٿ ڪيو.
ابو سلمہ ان مال مان رسول الله صلي الله عليہ وسلم
لاءِ ”صفي“ ڪُجهه چونڊ شيءِ ۽ خمس يعني پنجين پتي
ڪڍي ۽ باقي مال پنهنجي ساٿين ۾ ورهايو. پوءِ انهن
مان هر هڪ کي ست اٺ ۽ ٻڪريون مليون.
هن سال جي محرم مهيني ۾ عبدالله بن انيس اسلمي رضي الله تعاليٰ
عنہ کي سفيان پٽ خالد پٽ نسيج هذلي ۽ ان جي ساٿين
ڏانهن عرنة واديءَ ۾ موڪليو ويو هو ۽ اڪيلو هو.
عرنة جي عين کي پيش ۽ ر کي زبر آهي. پوءِ نون آهي
اها عرفات جي ويجهو هڪ جاءِ آهي. عبدالله اوڏانهن
سومر ڏينهن 5 تاريخ محرم ۾ ٽئين سال هجرت جي نڪتو
هو. عبدالله بن انيس سفيان کي قتل ڪري ان جو سر
رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڏانهن کڻي آيو ۽
ڇنڇر ڏينهن محرم جي 23 تاريخ موٽي آيو.
هن سال صفر مهيني ۾ رجيع جي سريہ واقع ٿي. اهو عاصم بن ثابت بن
ابي الافلح انصاريءَ جو ڏهن صحابين سان گڏ فوجي
دستو هو، جن کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم عضل
۽ قاره ڏانهن موڪليو. عضل ۾ ع ۽ ض کي ٻه زير آهي.
اهي الياس بن مضر جي اولاد مان ٻه قبيلا آهن. جڏهن
اهي رجيع وٽ پهتا ته ٻه سؤ تير انداز ڪافر هنن تي
اچي ڪڙڪيا. انهن هنن مان اٺن کي قتل ڪيو ۽ ٽن کي
قيد ڪيو ۽ اهي زيد بن دثنہ، خبيب بن عدي ۽ عبدالله
بن طارق هئا، پوءِ انهن کي مڪي ڏانهن وٺي ويا،
جڏهن اهي مر الظهران وٽ پهتا ۽ اها مڪي کان هڪ
منزل تي آهي، تڏهن عبدالله بن طارق پنهنجو هٿ انهن
کان ڇڏايو ۽ انهن سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن
ان کي ماري ڇڏيائون، باقي انهن مان ٻه ڄڻا رهيا.
هڪ خبيب ٻيو زيد. انهن ٻنهي کي مڪي ۾ وڪيائون. اهي
ٻئي انهن وٽ هڪ ڊگهي مدت رهيا، جنهن کان پوءِ ٻنهي
کي چوٿين سال جي صفر مهيني ۾ هڪ ئي ڏينهن قتل
ڪيائون. الله ٻنهي کان ۽ سڀني صحابين کان راضي
ٿيو. الرجيع ر جي زير سان فعيل وزن تي هڪ پاڻيءَ
جو نالو جيڪو حجاز جي پاسي ۾ مڪي ۽ عسفان جي وچ تي
آهي ۽ اهو عسفان کان 8 ميلن تي آهي. هيءُ واقعو ان
جي ويجهو ٿيو، ان ڪري ان نالي سان سڏيو ويو. ٻئي
قول تي الرجيع سريہ جي ابتدا چوٿين سال جي صفر ۾
ٿي هئي.
فصل چوٿين سال هجرت جي سرايا (فوجي دستن) جي بيان ۾
هن سال جي صفر مهيني ۾ حمراءَ الاسد ۽ بني النضير غزون (لڙاين)
جي وچ ۾ منذر بن عمرو صاعدي رضي الله تعاليٰ عنہ
جو بير معونة ڏانهن فوجي دستو موڪليو ويو. ان کي
”سرية القراءَ“ قارين جو دستو سڏيو وڃي ٿو. اهي
صفي وارن مان ستر ماڻهو هئا. رسول الله صلي الله
عليہ وسلم کين رسل، ذڪوان، عصية ۽ بنو لحيان قبيلن
ڏانهن موڪليو ته کين اسلام جي دعوت ڏين. انهن هنن
مبلغن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ماڻهوءَ کان سواءِ
جيڪو انهن کان بچي ويو، ٻيا سڀ شهيد ٿي ويا. ان
رهيل جو نالو عمرو پٽ امية هو. هو موٽي آيو ۽ رسول
الله صلي الله عليہ وسلم کي پنهنجي ساٿين جي قتل
ٿي وڃڻ جي خبر ڏني. ان کان اڳ جبرئيل عليہ السلام
حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن کي جنهن ڏينهن
اهي قتل ٿي ويا هئا، تنهن ڏينهن ئي خبر ڏني هئي.
نبي صلي الله عليہ وسلم مديني ۾ پنهنجي اصحاب کي
ٻڌايو هو ۽ اهو حضور صلي الله عليہ وسلم جن جو
معجزو هو. ان خبر کان پوءِ نبي صلي الله عليہ وسلم
انهن ڪافرن تي ڏاڍو ناراض ٿيا. سارو مهينو فجر جي
نماز ۾ دعا قنوت پڙهيائون، جنهن ۾ انهن ڪافرن کي
بددعا ڪيائون، پوءِ ان بددعا کان الله تعاليٰ
پنهنجي هن قول سان نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم کي
روڪيو: ليس لک من الامر من شيءِ الاية. ان کان
پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم ان قنوت کي
پڙهڻ ڇڏي ڏنو، جيئن صحيح بخاري ۾ ۽ ٻين ڪتابن ۾
آيو آهي.
بير معونة لفظ ۾ ميم کي زير ۽ عين مهملي کي پيش آهي، واؤ ساڪن
آهي ۽ نون ۽ هه تانيث سان هذيل قبيلي جي مڪي ۽
عسفان جي وچ تي هڪ جاءِ آهي. اهڙي طرح حافظ فتح
الباري شرح بخاريءَ ۾ چيو آهي ۽ شامي سندس تاليف
سيرت ۾ سندس ڪڍ لڳو آهي. باقي ابن اسحاق پنهنجي
سيرت ۾ چيو آهي ته بئر معونة بنو عامر جي زمين ۽
بنو سليم جي آباديءَ جي وچ تي آهي ۽ بنو سليم کي
وڌيڪ ويجهو آهي. زرقاني، مواهب لدنيہ جي شرح ۾
پنهنجي استاد کان نقل ڪندي چيو آهي ته ”ان فرمايو
ته مٿين ٻن قولن ۾ ڪابه منافات نه آهي، ڇوته ٿي
سگهي ٿو ته اها جاءِ جيڪا هذيل ڏانهن منسوب آهي،
سا مڪي ۽ عسفان جي وچ تي هجي ۽ بنو آمر ۽ بنو سليم
جي زمين ۽ وادي جي وچ تي به هجي.“ (پوري ٿي تحقيق
زرقاني جي).
فصل هجرت جي پنجين سال جي (سرايا) فوجي دستن جي بيان ۾
آئون چوان ٿو ته اڳ گذري چڪو آهي ته هن سال ۾ غزون مان دومة
الجندل، بنو المصطلق، غزوه خندق، غزوه بنو قريظہ
(اهي سڀ) غزوا ٿيا هئا، جن ۾ حضور اڪرم صلي الله
عليہ وسلم شريڪ رهيا، پر ڪوبه سريہ فوجي دستو نه
موڪليو ويو هو. سيرت ۽ مغازيءَ جي اڪثر ڪتابن مان
ائين معلوم ٿئي ٿو، پر زرقاني مواهب لدنيہ ڪتاب جي
شرح ۾ حافظ ابن حجر کان نقل ڪندي لکيو آهي ته هن
سال يعني هجرت جي پنجين سال جمادي الاٰخر ۾ زيد بن
حارثہ رضي الله تعاليٰ عنہ جي سريہ واقع ٿي، جا
نجد ڏانهن هئي، سؤ سوار ان سان ساڻ هئا (پوري ٿي
تحقيق حافظ ابن حجر جي).
آئون چوان ٿو ته زيد بن حارثہ جي رهيل سرايا (فوجي دستن) جو
بيان هن رسالي ۾ پنهنجي جاءِ تي ايندو. انهن مان
سڀ کان پوئين لڙائي موتہ جي هئي، جنهن ۾ هو شهيد
ٿي ويو، جيئن انشاءَالله ان جو جلد بيان ايندو.
علامہ ابن اثير ڪتاب اسد الغابة ۾ ٻڌايو آهي ته هن سال ۾ بلال
بن مالڪ مزني صحابيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ فوجي دستو
بنو ڪنانہ ڏانهن موڪليو ويو. انهن کي هن جي ڄاڻ ٿي
وئي، ان ڪري پنهنجون جايون ڇڏي ويا. انهن کان
مجاهدن کي رڳو هڪ گهوڙو هٿ آيو. پورو ٿيو.
فصل ڇهين سال هجرت جي (سرايا) فوجي دستن جي بيان ۾
هن سال محرم مهيني ۾ محمد بن مسلمہ رضي الله تعاليٰ عنہ کي ٽيهه
سوار ساڻ ڏئي ”القرطا“ ڏانهن موڪليو ويو. هن انهن
کي ڏيڍ سؤ اٺن ۽ ٻڪرين کي غنيمت بنايو ۽ ٻڪريون ٽي
هزار هيون. رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم انهن مان
خُمس پنجون ڀاڱو ڪڍيو ۽ باقيءَ کي سريہ وارن
مجاهدن ۾ ورهائي ڇڏيو، هر ڏهن ٻڪرين کي هڪ اُٺ
برابر مڃيو ويو. محمد بن مسلمہ رضي الله عنہ چوي
ٿو ته مان القرطا ڏانهن 10 تاريخ محرم جو نڪتس ۽
اڻويهه راتيون برابر ٻاهر رهيس ۽ مديني ۾ تڏهن
داخل ٿيس، جڏهن محرم جي رڳو هڪ رات وڃي بچي هئي.
هن لڙائي ۾ يمامہ جي سردار ثمامة بن اثال حنفي کي
گرفتار ڪيو ويو هو. پڇاڙيءَ ۾ هو مسلمان ٿيو ۽ ان
جو اسلام چڱو رهيو، جيئن انشاءَالله ڇهين سال جي
واقعن ۾ ان جو بيان ايندو.
”القرطا“ قاف جي پيش، راءِ مهملہ جي سڪون ۽ ط ۽ الف مقصوري سان
آهي ۽ زرقاني هن الف کي ممدوده (مَد وارو) ڳڻيو
آهي. اهو هڪ قبيلو آهي، جيڪو بنو عبد بن بڪر قيس
عيلان مان آهي. اهي ”ضرية“ جي پاسي ۾ ”البڪرات“ جي
ويجهو رهندا هئا.
البڪرات شمغ جبلن جو نالو آهي. اهي اتي اچي لهندا هئا. ”ضرية“
ضاد معجمہ جي زبر، ري مهملہ جي زير ۽ ي جي شد سان
ان کان پوءِ ت تانيث آهي. اهو بني ڪلاب جو هڪ ڳوٺ
آهي. بصري کان مڪي ڏانهن جيڪو رستو وڃي ٿو، ان تي
اهو ڳوٺ واقع آهي. ضرية ۽ مديني جي وچ تي ستن
راتين جو پنڌ آهي.
هن سال ربيع الاول ۾ عڪاشہ بن محصن رضي الله تعاليٰ عنہ کي رسول
الله صلي الله عليہ وسلم ”غمر مرزوق“ ڏانهن چاليهه
سوار ڏئي موڪليو. پوءِ اهي دشمنن کان ٻه سؤ اُٺ هٿ
ڪري واپس وريا لڙائي نه ڏٺائون ۽ نه وري انهن مان
ڪو زخمي ٿيو، مديني ۾ صحيح سلامت آيا.
”غمر“ ۾ غين معجمہ کي زير ۽ ميم کي سڪون آهي. مرزوق جنهن جو
صرفي وزن مفعول آهي، ان ڏانهن منسوب آهي. مضاف ۽
مضاف اليہ کان اهو مرڪب ٺهيو آهي. مڪي جي رستي تي
بنو اسد جو هڪ چشمو آهي.
هن سال ربيع الاول ۾ ۽ ٻئي قول تي ربيع الاٰخر ۾ محمد بن مسلمہ
رضي الله تعاليٰ عنہ جي سريہ بنو معويہ ڏانهن واقع
ٿي. هن لفظ ۾ ميم کي زبر، عين مهملہ کي سڪون، واو
کي زير، ان کان پوءِ ي ۽ آخر ۾ تاءَ تانيث جي آهي.
ان ڏانهن ۽ بنو عوال ڏانهن به واقع ٿي. عوال ۾ عين
مهملہ کي پيش ۽ واو مخفف آهي. اهي ربذه جي واٽ تي
ذي القصہ جا رهاڪو هئا. رسول الله صلي الله عليہ
وسلم کيس ڏهه ماڻهو ڏيئي موڪليو. ڪافرن هنن تي
غلبو آندو ۽ انهن مان گهڻن کي ماري ڇڏيو. پوءِ
جڏهن سندن خبر رسول الله صلي الله عليہ وسلم کي
پهتي ته انهن جي پويان ابو عبيده بن جراح رضي الله
تعاليٰ عنہ کي موڪليو، جنهن انهن کان وير ورتو،
جيئن سگهوئي ان جو بيان ايندو.
ذوالقصة قاف جي زبر ۽ صاد مهملہ جي شد سان مديني جي ويجهو هڪ
جاءِ آهي. ان ۽ مديني جي وچ تي 24 ميلن جو پنڌ
آهي.
”الربده“ ۾ مهملہ، ب هڪ نقطي واري ۽ دال کي زبر آهي. پوءِ تاءَ
تانيث جي آهي اها به مديني جي ويجهي هڪ جاءِ آهي.
جيڪا عراق کان ايندڙ حاجين جي واٽ تي ذات عرق کان
ويجهو آهي.
هن سال ربيع الاٰخر جي پڇاڙيءَ ۾ ابو عبيده بن الجراح رضي الله
تعاليٰ عنہ جي پڻ ”ذات القصہ“ ڏانهن سريہ واقع ٿي.
کيس رسول الله صلي الله عليہ وسلم چاليهه سوار
ڏيئي روانو ڪيو. جڏهن کيس اها خبر پهتي ته محمد بن
مسلمہ جي ساٿين تي ڪافرن غلبو لڌو آهي ۽ انهن مان
گهڻن کي ماري ڇڏيو اٿن. حضرت ابو عبيده جو نڪرڻ
ڇنڇر جي رات، ربيع الاٰخر جون ٻه تاريخون بچيون
هيون، تڏهن ٿيو ۽ اهو هجرت جو ڇهون سال هو. حضرت
ابو عبيده انهن جي گهڻي چوپائي مال کي غنيمت
بنايو. جن مان رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنجون
ڀاڱو (خمس) ڪڍي باقي کي انهن مجاهدن مٿان ورهائي
ڇڏيو.
هن سال ربيع الاٰخر جي آخر ۾ ۽ چيو ويو آهي ته ربيع الاول ۾
جموم جاءِ ڏانهن بنو سليم ڏانهن زيد بن حارثہ جي
فوجي دستي کي موڪليو ويو. ”الجموم“ جيم جي زير سان
مديني کان چئن منزلن تي بطن نخل جي ويجهو هڪ جاءِ
آهي. هن ڪافرن جا گهڻا ماڻهو قيد ڪيا ۽ انهن جي
مال اُٺن ۽ ٻڪرين کي هٿ ڪري پوئتي وريو.
هن سال جي جمادي الاوليٰ ۽ ٻئي قول تي جمادي ا لاٰخر ۾ حديبيہ
جي لڙائي کان اڳ پڻ زيد بن حارثہ رضي الله تعاليٰ
عنہ جي سريہ ”العيص“ ڏانهن ٿي. هن لفظ جي عين
مهملي کي زير ۽ ياءِ کي سڪون آهي. ان کان پوءِ صاد
مهملو آهي. مديني کان چئن راتين جي پنڌ تي ”ذي
المروه“ جي ويجهو اها هڪ جاءِ آهي. هن فوجي دستي
کي ”سرية القردة“ به نالو ڏنو ويو آهي. اهو لفظ
قاف جي زبر ۽ ري جي سڪون يا ٻنهيءَ جي زير سان ذي
المروه جي ويجهو نجد جي چشمن مان هڪ پاڻيءَ جو
چشمو آهي. رسول الله صلي الله عليہ وسلم زيد بن
حارثہ کي هڪ سؤ ستر سوار ساڻ ڏئي موڪليو. انهن
قريش جي ان قافلي کي هٿ ڪيو، جيڪو شام کان موٽي
رهيو هو. ان ۾ جيترو به مال متاع هو، سو سڀ ورتو.
گهڻي چاندي هٿ لڳن. رسول الله صلي الله عليہ وسلم
جن هن غنيمت کي خمس ڪڍي باقي سڀ مجاهدن ۾ ورهائي
ڇڏيو. رڳو خمس (پنجون ڀاڱو) ئي پنجويهه هزار درهمن
جو هو.
هن سال جمادي ا لاٰخر ۾ ۽ ابن ڪثير چيو آهي ته جمادي الاوليٰ ۾
پڻ زيد بن حارثہ جي سريہ ”الطرق“ ڏانهن ٿي. هن لفظ
جي طاءَ ۽ راءَ کي زبر آهي. زرقاني پهرئين حرف کي
زبر ۽ ٻئي کي زير ٻڌائي آهي. اهو مديني کان ڇٽيهن
ميلن تي ۽ ٻئي قول تي پنجويهن ميلن تي عراق جي واٽ
تي بنو ثعلبہ بن سعد جو چشمو آهي. حضرت زيد،
پندرهن ماڻهو ساڻ ڪري ويو ۽ ويهه اُٺ آندائين.
ڪابه لڙائي نه ٿي.
هن سال جمادي الاٰخر ۾ پڻ زيد بن حارثہ رضي الله تعاليٰ عنہ جي
بني جذام ڏانهن سريہ واقع ٿي. اهي وادي القريٰ کان
پريان حسميٰ ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا. رسول الله صلي عليہ
وسلم کيس پنج سؤ ماڻهو ڏئي موڪليو. هنن اتان هزار
اُٺ، پنج سؤ ٻڪريون ۽ هڪ سؤ عورتون ۽ ٻار قيدي
بنايا. تڏهن سندن سردار رفاعہ بن زبيد جذامي
پنهنجي قوم جي ڏهن ماڻهن کي ساڻ ڪري رسول الله صلي
الله عليہ وسلم وٽ آيو. انهن حضور اڪرم صلي الله
عليہ وسلم جي آڏو اسلام آندو ۽ پاڻ سڳورن سندن
زالن ۽ قيدين کي واپس ڪري ڇڏيو.
حسميٰ ح جي زبر سان ٻهراڙيءَ ۾ زمين آهي. اتي وڏا جبل آهن، جن
جا پاسا خشڪ آهن. |