سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :33

 

شاهه عنايت الله شهيد

۽ سندن سهيوڳي ۽ همعصر

 

هرگز نمريد آنکہ دلش زنده شد بعشق،

ثبت است پر جريده عالم دوام ما

حضرت شاهه عنايت الله شهيد سنڌ جو اهو سورهيه ۽ مجاهد مرد ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي آستان ۽ وحدت جي نگريءَ ”جهوڪ“ کي ڪربلا جو ميدان بنجڻ ۽ اتي ڪونڌڙن جي ڪوس ٿيڻ کي ته قبول ڪيو، پر حق تان هٿ کڻڻ ۽ ظالم طاقت اڳيان ڪنڌ نمائڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيو. هونئن به آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي حديث آهي ته: ”جيڪو پنهنجي مال ۽ حق جي بچاءَ ۾ مارجي ويو، اهو شهيد آهي.“(1)

شاهه شهيد جو حسب نسب:

شاهه شهيد ڪو نئين سر لئيءَ مان لٺ ڀڃي فقير نه ٿيو هو، پر سندس خاندان اصل کان رشد ۽ هدايت جو گهراڻو هو. انهيءَ بزرگيءَ ۽ خانداني نجابت هن درويش ۽ صوفي مجاهد لاءِ سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. سندس نسب هن طرح آهي: شاهه عنايت الله بن مخدوم فضل الله بن ملا يوسف بن ملا شهاب الدين بن ملا رجب بن مخدوم صدر لانگاهه.(2) مخدوم صدو لانگاهه سنڌ جو وڏو اهل الله عظيم ۽ شهرت جو مالڪ هو. بٺوري جي ڀر ۾ نصريه ڳوٺ ۾ سندس رهائش هئي. مال ۽ دولت جي محبت کان گهڻو پري رهندو هو، جيڪي کيس ملندو هو يا پاڻ ڪمائي ڪندو هو، ان کي پاڻ وٽ نه رکندو هو، پر فقيرن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ترڪو ڪندو هو. سچن صوفين جي اصل کان ئي اها عادت رهي آهي. مخدوم صدر لانگاهه جي بزرگيءَ جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو جو ان دور جو مڃيل اهل الله ۽ ڀلارو بزرگ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو به سندس متعقد ۽ ارادتمند هو.(1)

مخدوم صدو جو پٽ ملا رجب، نالي ڪاڻ تي ملا هو پر هڪ وڏو ولي ۽ ڪانيءَ ڪرامت جو صاحب هو. سنڌ جي عظيم مؤرخ مير علي شير قانع ٺٽوي هن جي ڪرامتن جو احوال ”تحفة الڪرام“ ڏنو آهي.

ملا رجب جو پٽ، ملا شهاب الدين به پنهنجي دور جو هڪ صالح ۽ محقق بزرگ هو. ملا شهاب الدين جو سڌريل يادگار ملا يوسف، فقيريءَ ۽ توڪل ۾ معرفت وارن ماڻهن ۽ درويشن ۾ وڏي مرتبي جو مالڪ هو.

ملا يوسف جو پٽ شاهه فضل الله پنهنجن وڏڙن بزرگن جي نيڪيءَ ۽ فقيريءَ واري ريت وٺيو آيو ۽ ساري ڄمار خاموشيءَ ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائين.(2)

تعليم ۽ فيض پرائڻ

شاهه عنايت الله جي ٻالجتيءَ ۾ ته پنهنجي گهراڻي ۾ تربيت ٿي. پر باطني علم جي وڌيڪ پياس ۽ وحدت جي توهه طلب هن کي پنهنجي ماڳ کان گهڻو پري، ڏورانهين ديس دکن ۾ پهچايو. ان وقت هي خطو به علم ۽ فيض جو دنيا ۾ وڏو مرڪز هو، پر نه معلوم شاهه شهيد ڇو ايڏي سفر لاءِ ڪشالا ڪڍيا. اهو هڪ روحاني راز ۽ محبت جي مام آهي، جنهن کي پروڙڻ ڏکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته کيس اهڙو اشارو مليو هجي ته توکي علم ۽ فيض شاهه عبدالملڪ دکنيءَ کان ملندو، ان ڪري هو اوڏانهن اسري ويو ۽ شاهه عبدالملڪ دکنيءَ کان فيض وٺي خلافت جو خرقو هٿ ڪيائين.

شاهه شهيد ظاهري علم ڪنهن کان پرايو؟ هن سوال جو جواب اسان کي سيد علي شير ”قانع“ کان اهو ٿو ملي ته پنهنجي مرشد شاهه عبدالملڪ جي حڪم موافق شاهه شهيد دهليءَ آيو ۽ اتي مولانا شاه غلام محمد جي خدمت ۾ پهچي، ظاهري علم جي تڪميل ڪري، ٺٽي واپس وريو.

مير علي شير ”قانع“ شاهه غلام محمد لاءِ لکي ٿو ته هو جيتوڻيڪ ظاهري علم ۾ شاهه عنايت جو استاد هو، پر سلوڪ جون منزلون هن شاهه عنايت جي تلقين سان طي ڪيون هيون. هو به شاه عنايت سان ٺٽي ۾ آيو ۽ هتي شاه عنايت الله جي آڏو ايڏو ادب ۽ نياز جو اظهار ڪندو هو جو ان کي هتي جا عالم چڱو نه ڀائيندا هئا. ان ڪري شاهه عنايت کيس واپس دهليءَ وڃڻ لاءِ چيو ۽ اهو بزرگ اُتي ئي دهليءَ ۾ فوت ٿيو.(1)

شاهه عنايت شهيد جي استاد، شاهه مولانا غلام محمد بابت هتي جي تذڪره ۽ تاريخ ۾ رڳو ايترو احوال ملي ٿو، جيڪو اڌ ڪچو ۽ اڌ پڪو مير علي شير ”قانع“ ڏنو آهي. شاهه عنايت جي سوانح ۽ حالات تي لکندڙ ٻيا مقاله نگار به شاهه غلام محمد جي احوال کان بيخبري ڏيکاري رهيا آهن. مولانا غلام رسول صاحب ”مهر“ به وڌيڪ احوال نه ڏئي سگهيو آهي. اسان کي هن سلسلي ۾ صحيح تحقيق هٿ آئي آهي، جا دور حاضر جي عظيم محقق مولانا سيد عبدالحي حسنيءَ پنهنجي مشهور عربي تاليف ”نزهة الخواطر“ ۾ ”الشيخ غلام محمد القدوائي“ جي عنوان هيٺ آندي آهي. اهو بزرگ لکي ٿو ته: شيخ صالح غلام محمد القدوائي السرسنڊوي الاودي (اودهه جو) ٺٽوي، دهليءَ ۾ دفن ٿيل وڏن مشائخن مان هو. لکنؤ جي هڪ ڳوٺ سرسنڊه (سين جي زبر سان) ۾ پيدا ٿيو. علم لاءِ سنڌ جو سفر ڪيائين ۽ شيخ عنايت الله ٺٽويءَ کان علم پرايائين. ان کان پوءِ شيخ عبدالملڪ دکنيءَ جي خدمت ۾ پهچي، گهڻي وقت رهي کانئس طريقت هٿ ڪيائين ۽ دهليءَ ڏانهن اسريو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. وجد ۽ حالت جو صاحب هو. سندس ڪشف ۽ ڪرامتن جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. دهليءَ ۾ ئي 1152هه ماهه رجب تاريخ 12 وفات ڪيائين. ”بحر ذخار“ واري اهڙيءَ طرح احوال ڏنو آهي.(2)

هن تحقيق مان اسان کي شاهه عنايت الله جي مرشد ۽ استاد، هر هڪ شاهه عبدالملڪ دکنيءَ ۽ مولانا شاهه غلام محمد جي زندگيءَ تي روشني پوي ٿي. هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شاهه غلام محمد ٺٽي ۾ عنايت الله شهيد کان فيض پرائڻ نه آيو هو، پر ان کان اڳي ظاهري علم پرائڻ لاءِ شيخ عنايت الله ٺٽويءَ وٽ آيو هو. مخدوم عنايت الله بن فضل الله ٺٽوي سنڌي، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جو استاد هو. معقول ۽ منقول ۾ وڏو ماهر هو. هن مولانا احمد بن اسحاق ٺٽويءَ کان علم پرايو هو ۽ مخدوم ضياءَ الدين بن ابراهيم ٺٽي (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو استاد) ۽ مخدوم محمد معين بن محمد امين ٺٽوي سنڌي، ٻئي مخدوم عنايت الله جا شاگرد هئا. ٻين به ڪيترن عالمن مخدوم عنايت الله کان علم پرايو. هن جي 1114هه ۾ سنڌ ۾ ئي وفات ٿي.(1)

هتان معلوم ٿيو ته شاهه عنايت الله شهيد، مخدوم عنايت الله ٺٽويءَ جي شاگرد، مولانا غلام محمد جو شاگرد آهي. ان لحاظ سان ظاهري فيض وري به سنڌ ڏانهن موٽي اچي ٿو. مولانا غلام محمد جڏهن ته ٺتي ۾ پڙهيو ۽ گهڻو زمانو اُتي علم جي تحصيل ۾ گذاريائين. ان ڪري ان کي ”سرسنڊوي“، ”اوڌي“ ۽ ”دهلويءَ“ سان گڏ ”ٺٽوي“ به لکيو ويو آهي. هن تحقيق مان شاهه عبدالملڪ جي، شاهه عنايت کي مولانا غلام محمد وٽ حاضر ٿي ظاهري علم پرائڻ واريءَ وصيت جو راز به کلي پوي ٿو، ڇوته اهو به شاهه عبدالملڪ دکنيءَ جو فيض يافته روحانيت ۾ ريٽي وانگر رتل هو. تڏهن مير علي شير ”قانع“ جو اهو لکڻ ته مولانا غلام محمد شاهه عنايت الله شهيد وٽ آيو ۽ سندس ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿيو، اهو سڀ غير تحقيقي مواد معلوم ٿئي ٿو. هو هتي مخدوم مولانا عنايت الله بن فضل الله ٺٽويءَ جي خدمت ۾ علم پرائڻ آيو هو، باقي شاهه عنايت الله بن فضل الله ميرانپوري يا جهوڪ وارا ته ان جا شاگرد هم مرشد هئا ۽ ٻنهي هڪ ئي بزرگ شاهه عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني فيض پرايو هو.

شهادت

سنڌ ۾ مخدوم بلال جي خوني واقعي کان پوءِ هي ٻيو عظيم حادثو هو، جو هڪ اهل الله، صوفي ۽ مجاهد عالم کي پيش آيو. هن ۾ نه رڳو زميندار ۽ سرمائيندار سندس دشمن ٿي بيٺا، پر ڀروارا ڪي سجاده نشين ۽ پير فقير به رقابت ۽ حسد جي جوش ۾ زميندارن ۽ سرمائيندارن جا ساٿي ٿيا. هن سلسلي ۾ اسان کي ڪابه اهڙي تاريخي شهادت نٿي ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ته وقت جي عالمن به مخالفت ۾ فتويٰ ڏئي پاڻ ملهايو هجي. ان وقت ٺٽي جي عالمن جي سربراهي مخدوم ضياءَ الدين کي هئي، جيڪو مخدوم محمد هاشم صاحب سنڌيءَ جو استاد ۽ شاهه عنايت الله شهيد جي استاد مولانا شاهه غلام محمد جو ساٿي هو. ٻيو بزرگ هو مخدوم محمد معين سنڌي ٺٽوي، جنهن جي شاهه جي شهادت وقت ڇٽيهه سال عمر هئي. هيءُ بزرگ ته پاڻ وڏو صوفي ۽ حضرت ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ جو وڏو خليفو شاهه ڀٽائي عليہ الرحمة جو خاص معقتد ۽ دوست هو. اهڙو ماڻهو ڪيئن ٿي شاهه عنايت جي مخالفت ڪري سگهيو؟

بلڙيءَ جو ڀلارو ۽ صابر اهل الله، شاهه ڪريم ته شاهه عنايت جي وڏي جد امجد جو معتقد ۽ مخلص دوست هو، پر پوين رقابت ۾ اچي انهيءَ پراڻي تعلق جو به خيال نه ڪيو ۽ زميندارن سان ٻٽ ۽ هڪ ٿي ويا.

ساداتن جي مخالفت جو ظاهري سبب ته اهو هو جو انهن جا مريد ۽ معتقد، بلڙيءَ کان جهوڪ ڏانهن جُهڪي رهيا هئا ۽ ٻيا ماڻهو به شاهه شهيد جي ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿي رهيا هئا. باقي رهيا زميندار، سو انهن جي ناراضگي ۽ مخالفت جو وڏو سبب اهو نظر اچي رهيو هو جو شاهه عنايت الله جي مريدن ۽ فقيرن ۾ گڏيل کيتيءَ جو رواج هو. جيڪي ڪمائيندا پوکيندا هئا، تنهن کي گڏجي کائيندا هئا، لاپو لڙو ڪ ونه هو. شاهه شهيد رڳو پاڻ لاءِ قوت لايموت رکندو هو، ٻيو سڀ فقيرن ۽ هارين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. اها روش ڀر وارن زميندارن لاءِ هاڃيڪار هئي. ان طرح سندن زمينداري خطري ۾ هئي. هن حقيقت ڏانهن ”تحفة الڪرام“ ڪتاب جي هڪ عبارت ”در زمين ايشان فقرا رگ و ريش دوانده بودند“ مان اشارو ملي ٿو ۽ ساڳيو مؤلف ”مقالات الشعراءَ“ ۾ به فقيرن جي اجتماعي يا گڏيل پوک ڪرڻ جو بيان ڪري رهيو آهي.(1)

وقت جو حاڪم

نواب اڪبر خان جي شهادت واري واقعي کان پوءِ هن علائقي جي ڪا خوشبختي نه هئي، جو ان جي جاءِ تي اعظم خان بن صالح خان بن فدائي خان صوبي ٺٽي جو مغلن طرفان 1128هه ۾ ناظم ٿي آيو. اهو صوبو ڪلهوڙن حاڪمن ۽ اميرن جي دسترس کان ٻاهر هو. اعظم خان جو سنڌ ۾ اچڻ سنڌي سٻاجهڙن لاءِ مختلف تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن جو ڪارڻ بڻي. هن جو قدم ڪو اهڙو منحوس هو جو هن جي هتي اچڻ سان ڏڪار پيو ۽ اَنُ گهٽجي ويو. ٻيو واقعو آهي شاهه شهيد جي شهادت ۽ ڪيترن سنڌي ڪونڌرن جو ڪوس.

شهادت

شاهه عنايت الله، ميرانپور، جهوڪ ۾ بٺوري علائقي ۾ مولا جي ياد ذڪر فڪر ۾ حياتيءَ جا ڏينهڙا گهاري رهيو هو. آسپاس وارين زمينن جي آباديءَ ۽ پوک تي فقيرن جو گذران هوندو هو. تيموري (مغل) حڪومت کانئن محصول معاف ڪري ڇڏيا هئا. هنن درويشن ۽ فقيرن تي اڳ به جي صوبيدار لطف علي خان جي دور ۾، بلڙيءَ جي ساداتن نور محمد پليجي ۽ حمل جت طرفان وڏو حملو ٿيو هو، جنهن ۾ ويچارا ڪيترا هاري ۽ فقير مارجي ويا هئا. پر تڏهن به مخالفن درويشن کي ستائڻ کان بس نه ڪئي، ڇوته سندن مقصد پورو نه ٿيو. ويتر آسپاس جا گهڻا هاري فقيرن سان گڏجي ويا ۽ انهن زميندارن کان پنهنجي بچاءَ جي ”جاءِ جهوڪ“ کي سمجهيو، جتي کين دل جي اطمينان، عبادت ۽ ذڪر فڪر سان گڏ محنت جو ڦل به ملي رهيو هو ۽ ظالمن جي ظلم کان ڀڄي اُتي پناهه وٺي رهيا هئا.(1)

ٺٽي جي نواب اعظم خان کي مخالفن پنهنجو ڪري ڇڏيو. ان ڇا ڪيو جو پنهنجي روءِ سوءِ اهو حڪم جاري ڪيو ته شاه عنايت الله ۽ ان جي فقيرن جي زمينن تان محصول ۽ ٻيا مواجب وصول ڪيا وڃن. صوفي شاهه عنايت جهڙو عالم ۽ اولياءَ ڪيئن ٿي ظالمانه حڪم کي مڃي سگهيو. سو جواب ڏياري موڪليائين ته جڏهن خود بادشاهه وٽان محصول معاف ڪيو ويو آهي ته پوءِ ناظم کي ان جي وصول ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟

هن جواب مغرور ۽ ظالم حاڪم اعظم خان کي جوش ڏياري ڇڏيو. هن انهيءَ حق جي ڪلمي کي پاڻ لاءِ بيعزتيءَ جو ڪارڻ ڄاڻي، ڪن چاپلوس درٻارين جي صلاح سان، بادشاهه جي خدمت ۾ اهو عرض رکيو ۽ منصوبو بنايو ته جهوڪ جا فقير پنهنجيءَ حڪومت ۽ بادشاهيءَ جي دعويٰ ڪري، الله جي خليفي (بادشاهه) جي حڪم مڃڻ کان نابري واري ويٺا آهن! ان تي اهو حاڪم صادر ٿيو ته فقيرن جو اتان تڏو پٽيو وڃي. فقيرن جي مخالف پيرن، زميندارن ۽ انهن جي چاپلوس ڇاڙتن کي وجهه ملي ويو ۽ فقيرن تي هڪ وڏي حملي جي تياري ۾ لڳي ويا.(2)

ڪلهوڙن مان ان وقت ميان يار محمد، لقب ”خدايار“ پٽ نصير محمد، پٽ الياس، پٽ دائود، پٽ آدم ڪلهوڙو، مغل حڪومت طرفان ناظم هو، پر ٺٽو ان جي حڪومت جي دائري کان ٻاهر هو. نواب اعظم خان ميان يار محمد کان به فوجي مدد گهري، جا ان ڏني ”تحفة الڪرام“ جي روايت پٽاندر، ميان نور محمد به شاهه عنايت الله شهيد جو هڪ مخالف هو. ان کي ڪن پوين مؤرخن صحيح نه ڄاتو آهي ميان يار محمد کي مدد ڏيڻ تي مجبور سمجهيو آهي. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ميان يار محمد جي سرد مهريءَ کي معاف نٿو ڪري سگهجي. هوبه چڱيءَ حيثيت ۾ هو، وقت جي مغل حڪومت کي حقيقت حال کان واقف ڪري، شاه عنايت ۽ ان جي فقيرن جو بچاءُ ڪري ٿي سگهيو، جو ان نه ڪيو. تنهن مان اهو انومان نڪري ٿو ته صوفي شاهه عنايت جي طاقت ۽ وڌندڙ قوت کان پري وارا حاڪم به خوف کائي رهيا هئا.

حڪومت زميندارن طرفان، هڪ تمام وڏو لشڪر وٺي، جهوڪ تي چڙهائي ڪئي وئي. هن فوج ۾ يار محمد خان جو خاص ماڻهو، مير شهداد بلوچ ۽ ميان يار محمد جو پٽ محمد خان به هو. هنن اچي جهوڪ کي گهيرو ڪيو. هي گهيرو چار مهينا جاري رهيو.

شاه شهيد ۽ سندس فقيرن جو جڏهن ته هڪ وڏي لشڪر سان مقابلو هو، ان ڪري انهن موجوده دور جي گوريلا جنگ اختيار ڪئي. ان خيال سان سنڌ جا اهي پهريان سورما هئا، جن پاڻ کان وڏيءَ طاقت جي مقابلي ۾ گوريلا جنگ ڪئي. هڪ حملي ۾ ڪنهن فقير جي پير تي ڪو ڌڪ لڳو، جنهن بي اختيار ”الله“ جي ضرب لڳائي. ان کي ٻڌندي، ٻين فقيرن به ”الله، الله“ چوڻ شروع ڪيو. ان مان مخالفن کي فقيرن جي سڌ لڳي وئي، جن کين ڏاڍو نقصان پهچايو. نيٺ سرڪاري لشڪر جي ڪن اميرن، جن ۾ ميان يار محمد جو پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ به شامل هئا، فقيرن جي گوريلا جنگ جي مقابلي جو تاب نه آڻي، اهو حيلو هلايو جو قرآن شريف وچ ۾ رکي صلح جي آڇ ڪيائون ۽ قرآن شريف تي اهو عهد ڪيو ويو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي ڪوبه جوکو نه پهچندو. ان طرح هنن جوڌن درويشن، گوريلا لڙائيءَ کي ڇڏي، قرآن مجيد کي مهت ڏنو.

ٻئي پاسي سرڪاري ماڻهن ۽ ٺٽي جي حاڪم اعظم خان جي اندر ۾ ته نسورو ڊوهه هو ۽ درويشن کي دوکو ڏيڻ مقصد هو. شاهه عنايت الله صفر مهيني جي 15 تاريخ اعظم خان وٽ حاضر ٿيو. سرڪاري ڇاڙتن جا سمورا عهد ۽ انجام گڏهه جي گوز ثابت ٿيا. شاهه عنايت جهڙي صوفي، مجاهد الستي عاشق کي قيد ڪري، قتل ڪرايو ويو! شهادت کان اڳ اظم خان ۽ شاهه شهيد جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ سوال جواب هليا، سي تمام دلچسپ آهن. هر سوال جي جواب ۾ شاهه شهيد ڪانه ڪا قرآني آيت يا صوفين سڳورن جو فارسي شعر پڙهي رهيو هو. مناسب آهي ته انهن بيتن کي سنڌي ترجمي سان هت درجي ڪيو وڃي:

اعظم خان: تو ڇو هي هنگامو ۽ شورش برپا ڪئي هئي؟

شاه شهيد:

آن روز که تو سن فلک زين کردند

آرايش مشتري ز پروين کردند

اين بود نصيب ماز ديوان قضا

ماراچه کند، قسمت ما اين کردند

(جڏهن آسمان جي گهوڙي تي زين رکي وئي، مشتري تاري کي ڪتيءَ وارن تارن سان سينگار بنايو ويو ته اسان جي حق ۾ قضا ۽ قدر طرفان اهوئي مقدر هو (جيڪو تو ڏٺو) ان ۾ اسان جو ڪهڙو گناهه؟ اسان لاءِ قسمت ۾ اهوئي لکيل هو.

اتي شيخ محمد رضا شاعر، جيڪو نواب اعظم خان جي ساٿين مان هو، شاهه شهيد کي خطا ڪندي، درٻاري هجڻ جو هن طرح حق ادا ڪيو:

دوست! بيدار بشو، عالمِ خابست اين جا،

حرف بيهوده مگو، پاي حسابست اين جا!

(هيءُ ننڊ جو جهان آهي، اي دوست! ذرا سجاڳ ٿي هوش ڪر، هي ته حساب جي جاءِ آهي، بيهودي ڳالهه ڪري حيلو نه هلاءِ.)

شاهه شهيد:

در کوئ نيکنامي مارا گذر نه داند،

گر تو نمي پسندي، تغيير کُن قضا را!(1)

(نيڪيءَ واري ڳليءَ ۾ اسان کي پير پائڻ نه ڏنو ويو، جي اها ڳالهه توکي پسند نه آهي ته قضا قدر کي تبديل ڪر!)

اعظم خان: مصيبت لاءِ تيار ٿي!

شاهه شهيد: البلاءَ للولاءَ کاللهب للذهب(1)

(مصيبت خدا وارن کي ان جي محبت ۾ ائين اڇو اُجرو ڪندي آهي، جيئن باهه سون کي صاف ڪندي آهي.“

اعظم خان: تو پاڻ کي ڇو بدنام ڪيو ۽ ڇو مصيبت جو نشانو بڻئين!

شاهه شهيد:

عاشق چه کند گر نکشد بارِ ملامت،

باهيچ دلاور سپر، تير قضا نيست.(2)

(جي ملامت جو بار نه کڻدو ته پوءِ عاشق ڇا ڪندو. قضا جي تير آڏو ڪنهن به بهادر جي ڍال بيڪار آهي!)

اعظم خان: هاڻي توکي اجهو تو قتل ڪيو وڃي، پوءِ ٻڌاءِ ته تنهنجيون ڊگھيون اميدون ۽ آسرا ڪيڏانهن ويا؟

شاهه شهيد:

هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق،

ثبت است بر جريده عالم دوام ما!(3)

(جنهن جي دل عشق سان جيئري ٿي، اهو ڪڏهن به مرڻ وارو نه آهي. دنيا جي دفتر تي ان جو نالو هميشه لاءِ امر رهندو.)

اعظم خان: تون حاڪمن ۽ اولي الامر جي اطاعت ۽ مڃتا کان ڇو ٻاهر نڪتين؟

شاهه شهيد:

ما مريد رُو بسوئ کعبه چون آريم،

رُو بسوئ خانه خمار دارد پير ما.(1)

(اسين مريد ماڻهو ]هٿراڌو بيت بڻيل[ ڪعبي ڏانهن ڪيئن منهن ڪنداسون، جڏهن ته اسان جو مرشد (هادي) (وحدت واري) شرابخاني ڏانهن رخ رکي ٿو.]

اعظم خان: توکي پنهنجي اميدن نه ملڻ تي ڪو ڏک به آهي؟

شاهه شهيد:

من ازان دم که وضو ساختم از چشم عشق،

چار تکبير زدم يکسر بر هرچه که هست.(2)

(جڏهن مون عشق جي چشمي مان وضو ڪيو آهي ته ان کان سواءِ ٻين سڀني شين تي جنازي واريون چار تڪبيرون پڙهي ڇڏيون اٿم. ]وساري ڇڏيون اٿم[).

قيد ٿيڻ وقت شاهه شهيد هي بيت پڙهيو:

ساقيا، برخيز درده جام را،

خاک برسر کن غم ايام را.(3)

مٿيون نواب گهٽ وڌ چار سال ٺٽي ۾ حڪومت ڪري، ظالمانه ڪاررواين ۾ نالو ڪڍي، شاهه شهيد جي شهادت کان پوءِ سن1132هه ۾ رخصت ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي نواب محبت خان ڪاظم مقرر ٿي آيو.(1)

شاهه شهيد جا همعصر

شاهه عنايت شهيد جو دور سنڌ ۾ وڏو علمي ۽ ادبي دور هو. ان ڪري سندن سهيوڳي يا همعصر به سوين هوندا، جن مان هتي ڪن ٿورن جو ذڪر ڪجي ٿو:

(1) مخدوم عنايت الله ٺٽوي:

هي بزرگ جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي، شاهه شهيد جي استاد مولانا غلام محمد جو استاد هو. ٺٽي جي عالمن جو وڏو هو. مخدوم ضياءَ الدين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد معين سنڌيءَ جهڙا وڏا محدث به هن جا شاگرد آهن. وفات 1114هه يعني شاهه شهيد کان 16 سال اڳ گذاري ويو.

(2) مخدوم ضياءَ الدين سنڌي ٺٽوي بن ابراهيم بن هارون بن عجائب بن الياس صديقي:

هي بزرگ شيخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ جي اولاد مان هو. سن1091هه ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. مخدوم عنايت الله سنڌيءَ وٽ پڙهي فارغ ٿيو. علم ۾ وڏي ڪمال هوندي به تواضع سان گذاريندو هو ۽ وڏو با اخلاق هو. اسي ورهيه عمر لڌائين. سن1171هه ۾ وفات ڪيائين.(1) هن جي سن ولادت مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه شهيد جي واقعي وقت هو چاليهن سالن جو هو. جڏهن ته شاهه شهيد جي استاد غلام محمد جو همدرس هو، ان ڪري هن سان شاهه شهيد جو گهاٽو لاڳاپو هوندو.

(3) مخدوم محمد معين سنڌي:

هن بزرگ بابت وڌيڪ ڇا لکجي. وقت جو محدث، فقيہ، متڪلف، مناظر ۽ صوفي هو. مخدوم عنايت الله وٽ پڙهيو. شاهه ولي الله دهلويءَ کان به حديث جي سند ورتائين. شاهه ڀٽائيءَ جو وڏو دوست ۽ معتقد، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو وڏو خليفو هو. شاهه شهيد جي شهادت وقت سندس عمر ڇٽيهه سال کن هئي ۽ ٺٽي ۾ ئي مقيم هو.

(4) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

(5) شاه اسماعيل صوفي:

هي بزرگ شيخ عبدالله انصاري هرويءَ (وفات 481هه) جي اولاد مان آهي. شاهه عنايت الله شهيد جو خاص مخلص ۽ متعقد هو. مير علي شير جي لکڻ موافق، ويجهڙائيءَ ۾ ڪوبه ان جهڙو باڪمال بزرگ نه هو. هميشه استغراق ۾ رهندو هو. ”مثنوي مولانا روم“ جو درس به ڏيندو هو. وحدت وجودي صوفي هو.(3)

(6) شاهه عبدالرحيم دهلوي:

شاهه عبدالرحيم، شاهه ولي الله جا والد آهن. دهليءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي پرورش لڌائين ۽ تعليم ورتائين. اڪثر ڪتاب پنهنجي ڀاءُ شاهه ابوالرضا کان پڙهيو ۽ تڪميل مير زاهد هرويءَ وٽ ڪيائين. سيد عبدالله اڪبر آباديءَ کان خلافت جو خرقو لڌائين. شاهه شهيد کان هڪ سال پوءِ، دهليءَ ۾ وفات ڪيائين.(1) شاهه شهيد جڏهن دهليءَ ۾ رهيو هوندو ته هن صوفيءَ ۽ بزرگ عالم سان ضرور سندس رهاڻ ٿي هوندي. پر افسوس جو تاريخ ۽ تذڪرا ان جي بيان کان قاصر آهن.


(1) مشڪواة شريف

(2) مقالات الشعراءَ ص30

(1) مٿيون حوالو.

(2) تحفة الڪرام فارسي ج3 ص169

(1) مٿيون حوالو.

(2) ڏسو ”نزهة الاخواطر“ عربي ج6 ص209، ڇاپو حيدرآباد دکن. سال 1957.

(1) ڏسو ”نزهة الخواطر“ عربي ج6 ص194، ڇاپو حيدرآباد دکن، سال 1957.

(1) ”تحفة الڪرام“ فارسي ج3 ص170.

(1) تحفة الڪرام ج3 ص170

(2) تحفة الڪرام فارسي ج3 ص170، ”مقالات الشعراءَ“ ص31.

(1) ديوان حافظ جي چوٿين غزل جو ستون بيت.

(1) صوفياڻو مقولو.

(2) ديوان حافظ جي قصيده تائيه ”کس نيست که افتاده آن زلف دوتا نيست“ جو هيءُ 12 بيت آهي. ڏسو ديوان حافظ ص53، ڪريمي ڇاپو بمبئي.

(3) دين حافظ جي غزل چوٿين جو چوٿون بيت، ص4 بمبئي ڇاپو.

(1) ديوان حافظ جي غزل ستين جو ٽيون بيت. ڏسو ”ديوان حافظ“ ص13 ڪريمي ڇاپو.

(2) هي بيت ”ديوان حافظ“ ۾ نه مليو.

(3) ديوان حافظ جي غزل 13 جو پهريون بيت.

(1) ڏسو مقالات الشعرات ص36 ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ.

(1) ”نزهہ“ ج6 ص117

(3) ”مقالات الشعراءَ“ ص72

(1) ”نزهہ“ ج6 ص144.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com